سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :13

سوال:  مضمون ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي اور منظر ڪشي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  پروفيسر غلام مصطفيٰ اعواڻ جو.

سوال:  اردوءَ ۾ مضمون ”شاھھ لطيف ڪا طرز احساس“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  ڊاڪٽر تبسم ڪاشميري.

سوال:  مضمون ”شاھھ لطيف ڀٽائي کا پيغام“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  الطاف احمد.

سوال:  ”نذر لطيف“ ۾ مولانا غلام رسول مھر جو ڪھڙو اردوءَ ۾ مضمون شايع ٿيو؟

جواب:  مضمون ”احوال شاھھ عبداللطيف“.

سوال:  مضمون ”شاھ ۽ سر ڪيڏارو“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  ايس. تبسم.

سوال:  1988ع ۾ چوٿين شاھھ لطيف ڪانفرنس ۾ اردو مقالو ”شاھھ لطيف آفاقي مفڪر“ ڪنھن پڙھيو؟

جواب:  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

سوال:  مقالو ”شاھھ لطيف سائسندان جي نظر ۾“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  ايم. آءِ رياض عمراڻي.

سوال:  ”سنڌيڪا پڌرنامو“ فيبروري 1994ع ۾ ھدايت پريم جو شاھھ سائين تي لکيل ڪھڙو مضمون شايع ٿيو؟

جواب:  سنڌي ٻوليءَ جا لھجا ۽ شاھھ.

سوال:  ”سچل جي ڪلام ۾ شاھھ وارا مضمون“ مضمون ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ عبداللطيف اينڊ سچل“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  آفتاب ابڙي جو.

سوال:  ماھوار سھڻي حيدرآباد، پرچو ڇھون - ستون 1991ع ۾ مضمون ”شاھھ سچل سامي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  مرليڌر جيٽلي جو.

سوال:  روزانو جاڳو ڪراچي 24 اپريل 1991ع ۾ مشتاق مغل جو سچل سائين ۽ شاھھ سائين تي لکيل ڪھڙو مضمون شايع ٿيو؟

جواب:  مضمون ”سچل سائينءَ جي شاعريءَ تي لطيف سائين جي شاعريءَ جو اثر“.

سوال:  ايڪيھھ سيپٽمبر 1995ع ۾ مضمون ”شاھھ عبداللطيف اينڊ سچل“ ڪھڙي انگريزي روزنامي ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  انگريزي روزنامھ ”مارننگ نيوز“ ڪراچي ۾.

سوال:  ملڪ نديم جو چوويھھ اپريل 1991ع تي، روزانو جاڳو ۾ سچل ۽ شاھھ سائين جي شاعريءَ تي ڪھڙو مضمون شايع ٿيو؟

جواب:  سچل سائين جي شاعريءَ تي لطيف سائين جي شاعريءَ جو اثر.

سوال:  مقالو ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪي انسان دوستي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  پروفيسر يوسف شيدا جو.

سوال:  ماھوار نئين زندگي مئي 1993ع ۾ مضمون ”شاھھ لطيف مصوري جي روپ ۾“ ڪنھن جو شايع ٿيو؟

جواب:  پروفيسر مظھر علي قريشيءَ جو.

سوال:  ماھوار نئين زندگي ڊسمبر 1993ع ۾ مضمون ”شاھھ جي سسئي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر فھميده حسين جو.

سوال:  انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ”ابيات عبداللطيف“ جي ليکڪ جونالو ٻڌايو؟

جواب:  گدومل ھرجاڻي.

سوال:  ”تقرير تعمير ۽ ترقي شاھھ لطيف جي وطن ۾“ 1960ع تي ھي عنوان ڪنھن جي تقرير جو ھو؟

جواب:  جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تقرير جو.

سوال:  ڪتاب ”آواز لطيف“ (سنڌي اردو) شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟

جواب:  243 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.

سوال:  محڪمھ اطلاعات واري ڪتاب ”عرفان لطيف“ ۾ ڪھڙي وزير جو پيغام شايع ڪيو ويو؟

جواب:  غلام نبي ميمڻ، وزير اطلاعات قانون ۽ پارلياماني امور جو.

سوال:  محمد خان غني جي ھديھ عقيدت ”شاعران سنڌ جو تون آھين رھبر يا لطيف“ ڪيترين سٽن تي مشتمل آھي؟

جواب:  نوي سٽن تي.

سوال:  مضمون ”شاھھ جو عشق“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي.

سوال:  اردو ۾ مقالو ”شاھھ لطيف کان تصوف“ ڪنھنجو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر محمد اجمل جو.

سوال:  چار آگسٽ 1993ع ۾ تاجدار عادل جو لکيل مضمون ”شاھھ لطيف شاعر ڪامل“ ڪھڙيءَ اخبار ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  روزانھ جنگ ۾.

سوال:  مئي 1993ع ۾ علي مير شاھھ جو لکيل مضمون ”لطيفي لات“ ڪھڙي رسالي ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  ماھوار ” آبادگار“ ۾.

سوال:  ماھوار رسالي ”پيغام“ جولاءِ آگسٽ 1991ع ۾ مضمون ”شاھھ جو رسالو سنڌيءَ ٻوليءَ جو شاھڪار“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  نصرت حسين ابڙي جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ لطيف ھڪ سيلاني جي حيثيت ۾“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  علي احمد بروھيءَ.

سوال:  مضمون ”شاھھ لطيف جو زندگيءَ بابت نظريو“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  عبدالحميد آخوند جو.

سوال:  لطيف ڊائجسٽ ۾ شايع ٿيل مضمون ”شاھھ لطيف ۽ سندس شاعري“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  منظور پٺاڻ جو.

سوال:  تقرير ”لطف اللطيف تي محققانھ نظر“ يارھين ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ڏھھ نومبر 1950ع تي ڪنھن ڪئي؟

جواب:  جناب محبوب علي چنا.

سوال:  مقالو ”ڀٽائي گھوٽ ۽ حافظ شيرازي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  الله بخش سرشار عقيليءَ جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ جي شاعريءَ ۾ سماج سڌار سوچ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  نور محمد واڍي جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ ڀٽائي ايڪ تجزياتي مطالعا“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  قاضي جاويد جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ لطيف ڪي شاعري“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  وقار عظيم جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ لطيف سچو سيلاني“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  قاضي عبدالحئي قائل جو.

سوال:  مضمون ”فھم لطيف اور ھم“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  صوفي قمرالدين.

سوال:  مقالو ”سنگيت ساز، سرود ۽ سنڌي ثقافت“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر غلام علي الانا جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شعر جا تاريخي واقعا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  خادم حسين مستوئيءَ جو.

سوال:  اينميري شمل جرمنيءَ ۾ شاھھ سائين جي فن ۽ فڪر تي ڪيترا ليڪچر ڏنا؟

جواب:  يارنھن.

سوال:  مقالو ”شاھھ عبداللطيف جو مذھب ۽ فلاسافي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر ايس ايم جھانگياڻيءَ جو.

سوال:  مضمون ”ڪلام لطيف اور عصر حاضر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر قمر واحد جو.

سوال:  اردو مضمون ”شاھھ لطيف تاريخ سنڌ ڪا زنده شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  قاسم ٻگھيو جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ جو عرفان تمثيل جي روشنيءَ ۾“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  گل حسن لغاري.

سوال:  مئي 1967ع تي نئين زندگي ۾ شايع ٿيل  مضمون ”شاھھ جو شيدائي نارو ڀڳت“ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  شيخ عزيز جو.

سوال:  مقالو ”ساھتي پرڳڻي ۾ شاھھ لطيف جا ھمعصر شاعر“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  حامد علي قريشي جو.

سوال:  مھراڻ اخبار ۾ 5 جنوري 1962ع تي شايع ٿيل مقالو ”شاھھ جي دور ۾ شاعرانھ محفلون“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  محمد سومار شيخ جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ جي حياتيءَ تي نئين روشني“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي.

سوال:  ”شاھھ جون ملاقاتون“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  محمد سومار شيخ جو.

سوال:  مضمون ”شاھھ جي حياتي تي نئين روشني“ پھريون ڀيرو ماھوار سنڌوءَ ۾ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1933ع ۾.

سوال:  مقالو ”شاھھ جي سر ڪلياڻ ۾ جسماني عضون جو ذڪر“  ڪنھن ترتيب ڏنو.

جواب:  ارشاد حسين سومري جو.

سوال:  لطيف ڪانگريس ۾ آڪٽوبر 1978ع ۾ مضمون ”رحمان بابا ۽ لطيف محبت جا شاعر“ ڪنھن پڙھيو؟

جواب:  تاج جويو.

سوال:  ڪينجھر تحقيقي جرنل، شماري ڏھين ۾، شايع ٿيل مضمون، لاکيڻي لطيف جي سر ڪاموڏ جو جو اڀياس ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جو.

سوال:  مقالو ”سر ليلا چنيسر ۾ ريتن رسمن بابت اشارا ۽ نصيحتون“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  احمد خان آصف مصراڻيءَ.

سوال:  مقالو ”او ڪو ٻيو فھم“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  شيخ عبدالحليم جو.

سوال:  ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ ۾ شايع ٿيل مضمون ”حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  پروفيسر محمد معين الدين جو.

سوال:  ڪھڙيءَ اخبار ۾ نورالدين چنا جو تحرير ڪيل مضمون ”شاھھ لطيف عظيم رھبر ۽ لافاني شاعر“ آچر تيرنھن فيبروري 1994ع تي شايع ٿيو؟

جواب:  عبرت اخبار ۾.

سوال:  مضمون ”شاھھ جا پورھيت“ ۽ ”شاھھ جا پکي“ ڪنھن جا لکيل آھن؟

جواب:  سيد ماڪن شاھھ رضويءَ جا.

سوال:  مقالو ”سارنگ سائي سٽ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  شاھنواز سوڍر جو.

سوال:  جنوري 1934ع ۾ ماھوار سنڌوءَ ۾ مضمون ”شاھھ عبداللطيف جو ھمعصر خواجھ محمد زمان“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر ھوتچند گربخشاڻيءَ جو.

سوال:    مضمون ”سر مارئي ۾ ٿر جي جھلڪ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  بشير احمد ميمڻ جو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com