سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :10

شاھھ جي شاعريءَ ۾ وکرن

۽ وڻج واپار بابت ڄاڻ

سوال:  شاھھ صاحب سر يمڻ ڪلياڻ ۾ دڪان لاءِ ڪھڙا لفظ استعمال ڪيا آھن؟

جواب:  ھٽ ۽ دکاڻ.

سوال:  سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙي خوشبوءَ جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  مشڪ، عطر، ڪپور، (ڪافور)، کٿوري ۽ چندن (خوشبودار گاھھ).

سوال:  شاھھ سائين سر سريراڳ ۾ وڻج واپار لاءِ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟

جواب:  ويمو.

سوال:  شاھھ سائين ڪھڙن سرن ۾ چرخي جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  سر ڪاپائتي ۽ سر حسينيءَ ۾.

سوال:  شاھھ سائين نار جي چرخي لاءِ ڪھڙو لفظ ڪتب آندو آھي؟

جواب:  ٻائـڙ.


 

 

شاھھ تي لکيل ڪتاب ۽ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز

سوال:  ڪھڙي انسائيڪلوپيڊيا ۾ شاھھ سائين جو نالو وڏي عظمت سان ورتو ويو آھي؟

جواب:  اطالوي انسائيڪلو پيڊيا.

سوال:  ڪتاب شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ مطالعو ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڀيرومل جو.

سوال:  ڪتاب ”آديسي اٿي ويا“ ۾ شاھھ لطيف کانسواءِ ڪيترن شاعرن جو تذڪرو ٿيل آھي؟

جواب:  ٽيٽيھھ شاعرن جو.

سوال:  ڪتاب ڪشف الابيات ۾ ڪيترن رسالن جو مواد ترتيب ڏنل آھي؟

جواب:  يارھن رسالن جا بيت ترتيب ڏنل آھن.

سوال:  ڪتاب ”ڀٽائي تحقيقي جرنل“ شمارو ٢ ڪھڙي سال ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  جولاءِ 1992ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”سنڌ جو لال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ڇاپو ٻيو، ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٻٽيھن صفحن تي.

سوال:  ڪتاب ”عڪس لطيف“ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جو اردو ترجمو ڪيل آھي؟

جواب:  فقط ھڪ سر ڪلياڻ جو.

سوال:  ڪتاب اعتراف شاھھ جي فلسفھ جي مومل جو مجازي رخ، ان ڪتاب جا ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟

جواب:  سراج قريشي.

سوال:  ڪتاب ”سنڌ جو لال شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ھڪ انقلابي شاعر جي حيثيت ۾“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  مولوي عبدالرحمان ڀٽي جو.

سوال:  ڪتاب ”اوسيئڙو کاھوڙي ۽ پنڌ“ ڇا بابت آھي؟

جواب:  ھن ڪتاب ۾ شاھھ صاحب جي ھنگلاج ياترا واري گس سان ليکڪ جي ڪيل سفر متعلق آھي.

سوال:  ڪتاب ”اوسيئڙو، کاھوڙي ۽ پنڌ“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  ڊسمبر 2003ع ۾.

سوال:  سفرنامو ”اوسيئڙو کاھوڙي ۽ پنڌ“ ڪنھن ترتيب ڏنو؟

جواب:  زوار عبدالستار درس.

سوال:  ڪتاب ”باھيون بيراڳين جون“ (شاھھ ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جو اڀياس) ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  تاج جويو.

سوال:  ڪتاب ”باھيون بيراڳين جون“ ۾ ڪيترا مضمون ۽ مقالا ترتيب ڏنل آھن؟

جواب:  يارنھن مضمون ۽ مقالا.

سوال:  ڪتاب ”باھيون بيراڳين جون“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  اسي صفحن تي.

سوال:  شاھھ سائين تي لکيل مقالن جو مجموعو ”باھيون بيراڳين جون“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  پھريون ڇاپو نومبر 1991ع ۾.

سوال:  غلام نبي سڌايو شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ڪڏھن مڪمل ڪئي؟

جواب:  1989ع ۾.

سوال:  ڀٽائي جرنل شمارو پنجون ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  سال 1955ع ۾.

سوال:  حسن بانو سومرو، شاھھ عبداللطيف ڀٽائي تي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ڪھڙي سال ۾ ڪئي؟

جواب:  1989ع ۾.

سوال:  سنڌ اطلاعات کاتي ڪتاب ”آواز لطيف“ سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪرايو؟

جواب:  ٻھ سئو ٽيتاليھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.

سوال:  ڪتاب ”ڀٽائي جا بيت“ ڪنھن لکيو ۽ اھو ڪتاب ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  جيوتي آسراڻي جو 1966ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”لطيف ذھني چٽا ڀيٽي“ ڪنھن لکيو؟

جواب:  ڪمال ڄامڙي.

سوال:  ڪتاب ”لطيف ذھني چٽا ڀيٽي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  آگسٽ 2004ع ۾.

سوال:  شاھھ صاحب جي سوانح بابت صحيح معنيٰ ۾ تحقيقي ڪم ڪڏھن شروع ٿيو؟

جواب:  1880ع ۾.

سوال:  لطيف سرڪار ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي مبني ڪتاب ”ڪلاسيڪي شاعري“ پھريون ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1981ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

سوال:  ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ ۾ ڪھڙين ٽن عظيم شخصيتن جو ذڪر ٿيل آھي؟

جواب:  شاھھ  عبداللطيف ڀٽائي، ڪوي ڪاليداس ۽ وليم شيڪسپيئر جو.

سوال:  ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ جو پھريون ڇاپو ڪٿي شايع ٿيو؟

جواب:  ھندستان ۾.

سوال:  ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ جو پھريون ڇاپو ۽ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  پھريون ڇاپو 1991ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  ھولرام ھسن.

سوال:  ڪتاب ”ٽي عظيم شاعر“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٻھ سئو تيرنھن صفحن تي.

سوال:  ھولا رام ھنس جي تحقيق مطابق شيڪسپيئر ستٽيھھ ڊراما لکيا آھن، توھان اھو ٻڌايو تھ شاھھ لطيف نظم ۾ ڪيتريون ڪھاڻيون لکيون آھن؟

جواب:  نو ڪھاڻيون.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف جي شاعري ۽ ڪارناما“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  موتي لال جوتواڻي جو.

سوال:  شاھھ صاحب تي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“ جي محقق جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  ج – ع منگھاڻي.

سوال:  شاھھ سائين تي لکيل ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  مئي 2000ع تي.

سوال:  ڪتاب ”سر سارنگ“ (لطيفيات) ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  تاج صحرائيءَ جو.

سوال:  اردو ڪتاب ”عڪس لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1951ع ۾.

سوال:  حاجي حقير بن مڱڻ جو شاھھ جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل ”سھڻي ميھار “منظوم قصو، ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1964ع ۾.

سوال:  شاھھ جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ ”مومل ۽ مينڌرو“ منظوم قصو ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  حاجي حقير ابن مڱڻ جو.

سوال:  حاجي حقير جو شاھھ جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ لکيل ڪتاب ”عمر مارئيءَ جون ٽيھھ راتيون“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1955ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”بزم لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1954ع ۾.

سوال:  بزم لطيف جو ليکڪ ڪير  آھي؟

جواب:  محبوب علي چنا.

سوال:  محمد حسين ڪاشف کي ڪھڙي ڪتاب تي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، طرفان سنڌي ادب جو ”شاھھ لطيف ايوارڊ“ ڏنو ويو؟

جواب:  ”ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن“ ڪتاب تي.

سوال:  محمد صديق مسافر جو لکيل ڪتاب ”سر آسا“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1968ع ۾.

سوال:  محمد صديق مسافر جو 1948ع ۾ شاھھ جي ڪھڙي سر تي ڪتاب شايع ٿيو؟

جواب:  سر سسئي آبري.

سوال:  1980ع ۾ شاھھ جي ٻن ڪردارن سان منسوب سھڻي ميھار ايوارڊ ٿر جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟

جواب:  موھن ڀڳت کي.

سوال:  ڪماري رڪمڻيءَ، شاھھ لطيف تي ڪھڙي ٻوليءَ ۾ ٿيسز لکي؟

جواب:  ھندي ٻوليءَ ۾.

سوال:  ڪماري رڪمڻي شاھھ تي ڪھڙي موضوع  تي ٿيسز لکي تيار ڪئي؟

جواب:  ”سسئي اور شاھھ عبداللطيف ڪي ڪوتا ۾ پريم ڪي ڀاونا“.

سوال:  ڪتاب ”سر ڪلياڻ عرف تصوف جو آئينو“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  رشيد احمد لاشاريءَ جو.

سوال:  رشيد احمد لاشاري جو لکيل ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1955ع ۾.

سوال:  1962ع ۾ رشيد احمد لاشاري جو شاھھ جي ڪھڙي سورميءَ تي لکيل ڪتاب شايع ٿيو؟

جواب:  مارئيءَ تي.

سوال:  شاھنواز سوڍر، شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪنھن جي رھبريءَ ۾ ڪئي؟

جواب:  علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي جي رھبريءَ ۾.

سوال:  سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي زبان ۾ سڀ کان پھريائين شاھھ لطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪنھن ڪئي؟

جواب:  ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر.

سوال:  شاھنواز سوڍر شاھھ لطيف تي ٿيسز ڪڏھن مڪمل ڪئي؟

جواب:  1988ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”سنڌي ثقافت ۽ شاھھ لطيف“ ڀٽ شاھھ ثقافتي مرڪز حيدرآباد، ڪڏھن شايع ڪيو؟

جواب:  1991ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”اشارات شاھھ“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو.

سوال:  ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”لطيف ڪوئيز“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1978ع ۾.

سوال:  لطيفي داستانن بابت اردو ۾ لکيل ڪتاب ”ماروي ڪي ديس ۾“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  شيخ عبدالرزاق راز جو.

سوال:  فھميده حسين کي شاھھ صاحب تي لکيل پي. ايڇ. ڊي ٿيسز تي پھريون ڀيرو ڪڏھن لطيف ايوارڊ مليو؟

جواب:  1993ع ۾.

 سوال: ڪتاب ”ڀٽائي ميسيج آف ماسٽر“ جي مصنف جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  حميد سنڌي.

سوال:  1953ع کان 1962ع تائين محڪمھ اطلاعات کاتي شاھھ صاحب تي لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مبني ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا؟

جواب:  ڇھھ ڪتاب.

سوال:  ڪھڙي انگريزي ڪتاب ۾ فيض بخشا پوريءَ شاھھ لطيف کي خراج عقيدت پيش ڪيو آھي؟

جواب:  ڪتاب Poet laureate of Sindh ۾.

سوال:  ڪتاب ”بنگال جو لطيف رابندر ناٿ ٽيگور“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  منصور قادر جوڻيجو جو.

سوال:  ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال“ ڪھڙي اداري شايع ڪرايو؟

جواب:  اسلامي اڪيڊمي لطيف آباد، حيدرآباد.

سوال:  ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ھڪ سئو سورھن صفحن تي.

سوال:  ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو.

سوال:  ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1987ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”اسان جا ٻھ عظيم شاعر شاھھ لطيف ۽ علامھ اقبال“ ڪيترن بابن تي مشتمل آھي؟

جواب:  پنجن بابن تي.

سوال:  سالياني ”لطيف مخزن“ 1977-78ع جي ايڊيٽر جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  سليمان سولنگي.

سوال:  سالياني ”لطيف مخزن“ 1977-78ع ڪنھن جي سرپرستيءَ ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  پروفيسر علي محمد انصاريءَ جي سرپرستيءَ ۾.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ادا قاضي جو.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو، ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ايڪھٺ صفحن تي.

سوال:  مضمون شاھھ جو غيب تي ايمان ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ادا قاضي.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي فن، فڪر ۽ شخصيت جديد مطالعو“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  ڇاپو پھريون ڊسمبر 2000ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”لغات لطيفي“ جو ٽيون ڇاپو ڪھڙي ھجري سن ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  ١٤١٥ ھجري ۾.

سوال:  ”لغات لطيفي“ جو پھريون ڇاپو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1914ع ۾.

سوال:  سنڌالاجيءَ شاھھ سائين متعلق ھڪ سئو ٻارنھن نمبر ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟

جواب:  ڪتاب ”ٻاروچي ٻولي.“

سوال:  رابيل پبليڪيشن، شاھھ سائين متعلق ارڙھون نمبر ڪتاب ڪھڙو شايع ڪرايو؟

جواب:  شاھھ سچل سامي.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ سچل سامي“ ڪنھن مرتب ڪيو؟

جواب:  اي. جي. اتم.

سوال:  اي. جي. اتم جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھھ سچل سامي“ ۾ شايع ٿيل مقالو، شاھھ تي تنقيد ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  موھن گيھاڻيءَ جو.

سوال:  غلام مصطفيٰ کھڙو جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاھھ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو“ ڪڏھن مڪمل ٿي؟

جواب:  1977ع ۾.

سوال:  مقالو ”علامھ اقبال ۽ ڀٽائي  جو عشق رسول '“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڪريم بخش نظاماڻيءَ جو.

سوال:  ٻھ – ٽي مارچ 1973ع تي شاھھ صاحب جي سوانح حيات تي لکيل ڪتابن جي نمائش سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟

جواب:  حيدرآباد شھر ۾.

سوال:  1973ع ۾ لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۽ زندگيءَ تي لکيل ڪتابن جي نمائش جي صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟

جواب:  پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھھ.

سوال:  ميمڻ عبدالغفور جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ڀٽائي“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1969ع ۾.

سوال:  ليلارام خاڪي لطيف سائين جي حياتيءَ، فڪر ۽ فن بابت ڪتاب ڪڏھن  مڪمل ڪيو؟

جواب:  چوڏھن مارچ 1889ع تي.

سوال:  ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ جا ٻھ اکر ڪنھن لکيا؟

جواب:  سيد غلام مصطفيٰ شاھھ.

سوال:  ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ڪڏن شايع ٿيو؟

جواب:  اپريل 1955ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين تي لکيل ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  ڊاڪٽر اياز حسين قادري.

سوال:  ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ۾ ڇا جو ذڪر آھي؟

جواب:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو اڀياس.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ عبداللطيف ۽ نوجوان“ ڪھڙي اداري شايع ڪرايو؟

جواب:  شاھھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي.

سوال:  ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ۾ شاھھ جي ڪلام جو اڀياس ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٻھ سئو چوويھن صفحن تي.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ لطيف جي موسيقي“ جي نظرثاني ڪنھن ڪئي؟

جواب:  استاد محمد حسن.

سوال:  ڪتاب ”شاھھ آفاقي شاعر“ ڪھڙي اديب ۽ محقق جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ جو.

سوال:  ڪتاب ”ڀٽائي جي وطن جو مستقبل“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1972ع ۾.

سوال:  رام پنجواڻي جو لکيل ڪتاب ”لطيف“ ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1945ع ۾.

سوال:  ڪتاب ”سر کنڀات ۽ قرآني تعليم“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  پروفيسر اڪرم انصاري جو.

سوال:  ڪتاب ”ڀٽ جو گھوٽ عرف پارکو پارس جا“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو.

سوال:  ڀارت ۾ سڀ کان پھريائين ڪھڙي عالم شاھھ عبداللطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي؟

جواب:  موتي لال جوتواڻي.

سوال:  موتي لال جوتواڻيءَ شاھھ عبداللطيف تي پي. ايڇ. ڊي ڪڏھن ڪئي؟

جواب:  1972ع ۾.

سوال:  ”ڀٽ جو شاھھ“ ڪتاب جو مھاڳ سورلي ڪھڙي تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟

جواب:  ايڪٽيھھ مارچ 1938ع ۾.

سوال:  ”اوجاڳي اجاريا“ ڪتاب ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر شاھنواز سوڍو جو.

سوال:  شاھھ لطيف جي فن ۽ فڪر تي لکيل مقالن تي مبني ڪتاب ”اوجاڳي اجاريا“ ڪھڙي اداري شايع ڪيو؟

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com