سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :1

لطيفي معلومات

راھب علي لاڙڪ

 

مرتب پاران

حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو بي مثال شاعر آھي. ان متعلق جيڪو بھ لکجي اھو تمام گھٽ آھي. ھن ڪتاب کان اڳ ۾ ھن موضوع تي جناب عبدالجبار جوڻيجي، راز شر ۽ ڪمال ڄامڙي سٺو ڪم ڪيو آھي. پنھنجي ڪم کي انھن جي ڪم سان نٿو ڀيٽي سگھان. پر گھڻن سالن کان اندر ۾ اڻ تڻ ھئي تھ مان بھ لطيف سائينءَ جي عاشقن ۾ نالو ڳڻايان.

استاد عبدالقادر کوسي صاحب، شاھھ سائين متعلق سوال ۽ جواب ترتيب ڏيڻ جي صلاح ڏني، پوءِ سچل فقير لاڙڪ جي اوطاق ۾، مرحوم محمد مٺل فقير کان، شاھھ سائين جي بيتن جي تشريح ڪرائيندو ھئس ۽ شاھھ سائين جي ڪلام جي انوکن لفظن جون معنائون بھ فقير صاحب کان پڇندو ھئس. ان سان گڏ شاھھ بابت ڇپيل ڪتابن جو مطالعو بھ ڪندو رھيس. اھڙي طرح ٻن ٽن سالن ۾ ٿورو ٿورو مواد سھيڙي شاھھ سائين جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ سان گڏ ھمعصرن، شاھھ جي دور، شاھھ متعلق اديبن جي تحقيق ۽ لکيل مضمونن ۽ مقالن مان موضوع وار سوال جواب سھيڙي ڪتاب ترتيب ڏيندو رھيس.

اميد تھ منھنجو ھيءُ پورھيو پڙھندڙن اڳيان قبول پوندو ۽ منھنجي غلطين کي نظرانداز ڪندا تھ سندن ٿورائتو رھندس.

مون کي پڪ آھي تھ موضوع وار معلومات تي مبني ھيءُ ڪتاب ”لطيفي معلومات“ اسڪولن ۾ ڪوئيز پروگرامن ۾ حصو وٺندڙ شاگردن توڙي ذھني چٽاڀيٽيءَ وارن مقابلن ۾ حصو وٺندڙ دوستن لاءِ نھايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.

 

فقط

راھب علي لاڙڪ

کاھي راھو

ضلعو نوشھرو فيروز

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com