سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :2

 

شاھھ جي زندگي ۽ ان دؤر بابت ڄاڻ

سوال:  شاھھ صاحب جي زندگيءَ جو احوال سڀ کان اول ڪھڙي ڪتاب مان مليو؟

جواب:  فارسي ٻِوليءَ جي مشھور ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾.

سوال:  ”تحفة الڪرام“ ڪتاب ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  مير علي شير قانع جو.

سوال:  ڪتاب تحفة الڪرام جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪنھن ڪيو ۽ ڪھڙي اداري ڇپرايو؟

جواب:  ھن ڪتاب جو ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو.

سوال:  علي شير قانع کان پوءِ ڪھڙي ليکڪ شاھھ صاحب جو ذڪر پنھنجي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو؟

جواب:  سر رچرڊ برٽن.

ِسوال:  سر رچرڊ برٽن پنھنجي ڪھڙي ڪتاب ۾ شاھھ صاحب جو احوال ڏنو آھي؟

جواب:  پنھنجي ڪتاب ”سنڌو نديءَ جي واديءَ ۾ رھندڙ قومون“ ۾.

سوال:  ڇا رچرڊ برٽن جو مٿيون ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو آھي ۽ ڪھڙي اداري ڇپرايو آھي؟

جواب:  ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ حنيف صديقي ترجمو ڪيو آھي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو آھي.

سوال:  شاھھ جي زندگيءَ متعلق پھريون ڪتاب ڪھڙو ڇپيو ۽ ڪھڙو ڪارڻ، ان جي لکڻ جو سبب بڻيو؟

جواب:  سر بارٽل فريئر، جنھن جي نالي سان ڪراچي ۾ فريئر حال آھي، ان جي ڌيءَ جي وندر لاءِ شاھھ جي سوانح عمري لکائي وئي.

سوال:  مٿيون ڪتاب ڪڏھن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو؟

جواب:  مٿيون ڪتاب ڇپجي نھ سگھيو، ان جو مسودو سنڌي ۽ انگريزي زبان ۾ ڪمشنر صاحب جي ڪتب خاني ۾ موجود آھي.

سوال:  اھڙي ڪنھن ٻئي اوائلي ڪتاب بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ شاھھ صاحب جي زندگيءَ جو احوال ڏنل ھجي؟

جواب:  شاھ صاحب جي زندگي بابت ديوان ڏيارام گدومل پنھنجي ننڍڙي رسالي ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ ۾ گھڻو تڻو شاھھ جي زندگيءَ بابت احوال ڏنو آھي.

سوال:  شاھھ جي زندگيءَ بابت اھو ڪھڙو پھريون ڪتاب آھي جنھن ۾ شاھھ جي زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي مواد ملي؟

جواب:  مرزا قليچ بيگ جو لکيل ڪتاب ”احوال عبداللطيف“

سوال:  شاھھ صاحب جا وڏڙا ڪٿان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا؟

جواب:  شاھھ صاحب جا ابا ڏاڏا ھرات (موجوده افغانستان جي شھر) مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا.

سوال:  شاھھ صاحب جي وڏڙن مان ڪھڙي بزرگ جو احوال معلوم ٿي سگھيو آھي؟

جواب:  سيد مير عليءَ جو.

سوال:  سيد مير علي جي ڏينھن ۾ افغانستان تي ڪھڙي حاڪم جو راڄ ھو.

جواب:  امير تيمور جو.

سوال:  امير تيمور، شاھھ صاحب جي وڏڙن مان ڪھڙن کي برصغير جي الڳ الڳ پرڳڻن جو حاڪم مقرر ڪيو؟

جواب:  امير تيمور 1398ع ۾، شاھھ صاحب جي ڏاڏنگ مان سيد مير علي جي ڇھن پٽن مان ١. مير عبدالباقيءَ کي اجمير جو حاڪم، ٢. مير عبدالواحد کي ملتان جو حاڪم، ٣. مير عبدالرزاق کي بکر جو حاڪم، ٤. مير ابوبڪر کي سيوھڻ جو حاڪم مقرر ڪيو، جڏھن تھ مير شرف الدين خانگاھھ ۾ رھڻ پسند ڪيو ۽ مير حيدر شاھھ کي پڻ حڪومت آڇي وئي، پر ھن انڪار ڪيو.

سوال:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سيد مير عليءَ جي ڪھڙي پٽ جي اولاد مان آھي؟

جواب:  سيد حيدر شاھھ.

سوال:  سيد حيدر شاھھ ھرات کان پنڌ ڪري سنڌ جي ڪھڙي شھر  ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي؟

جواب:  پراڻن ھالن ۾.

سوال:  سيد حيدر شاھھ سنڌ جي ڪھڙي ذات مان شادي ڪئي؟

جواب:  ھالا ذات جي شخص شاھھ محمد ھالي وٽان.

سوال:  سيد حيدر شاھھ کي ھالا ذات جي گھرواريءَ مان جيڪو پٽ ڄائو ان جو نالو ڇا ھو؟

جواب:  سيد مير علي (جيڪو سندس ڏاڏي جو بھ نالو ھو)

سوال:  حيدر شاھھ جي پٽ سيد مير عليءَ پنھنجي پٽ جو نالو ڇا رکيو؟

جواب:  سيد احمد شاھھ.

سوال:  شاھھ صاحب جا وڏڙا ڪھڙي نک سان مشھور آھن؟

جواب:  ميرڻ پوٽا.

ِسوال:  ميرڻ پوٽن ڪٿي رھائش اختيار ڪئي؟

جواب:  مٽياريءَ (متعلوي) ۾.

سوال:  ميرڻ پوٽن مان ڪھڙي سنڌ جي مشھور بزرگن جو احوال ملي ٿو؟

جواب:  شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو.

سوال:  شاھھ عبدالڪريم بلڙي واري جو تفصيلي احوال ڪھڙن ڪتاب ۾ ملي ٿو.

جواب:  ”بيان العارفين“ ۾ جو ميان محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽويءَ سن 1628ع ۾، شاھھ ڪريم جي وفات کان فقط ڇھھ سال پوءِ لکيو.

سوال:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاھھ ڪريم تائين شجري جو سلسلو ٻڌايو؟

جواب:  شاھھ عبداللطيف سيد حبيب الله شاھھ جو پٽ سيد عبدالقدوس جو پوٽو، سيد جمال شاھھ جو پڙ پوٽو ھو ۽ سيد شاھھ جمال وري شاھھ عبدالڪريم جو ٽيون نمبر پٽ ھو.

سوال:  شاھھ صاحب جي والد جو نالو ڇا ھو؟

جواب:  شاھھ حبيب.

سوال:  شاھھ صاحب جي والده سڳوري سنڌ جي ڪھڙي مشھور خاندان مان ھئي؟

جواب:  مخدوم ڌياڻيءَ جي خاندان مان.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي ڏاڏي کي سنڌ جو چاسر سڏيو ويندو آھي؟

جواب:  شاھھ ڪريم بلڙي واري کي.

سوال:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ڪٿي ڄائو؟

جواب:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي، ھالا تعلقي جي ھالا حويلي ڳوٺ ۾ ڄائو، جيڪو ڀٽ شاھھ کان ارڙھن ميل پري آھي.

سوال:  ٽرمپ جي لکت موجب شاھھ صاحب جو جنم ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  ٽرمپ پنھنجي ترتيب ڏنل شاھھ جي رسالي جي ديباچي ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ شاھھ صاحب 1680ع ۾ ڄائو ۽ 1747ع ۾ وفات ڪيائين.

سوال:  شاھھ صاحب جي جنم بابت اڪثر محقق ڪھڙيءَ راءِ تي متفق آھن؟

جواب:  ان راءِ تي تھ شاھھ صاحب 1689ع يا 1690ع ۾ ڄائو ۽ چوڏھن صفر 1752ع تي وفات ڪيائين.

سوال:  شاھھ سائين ڪھڙي بزرگ ھستيءَ جي دعا سان جنم ورتو؟

جواب:  سيد ھاشم شاھھ جي دعا سان.

سوال:  شاھھ صاحب آخوند احمد وٽ ڪيترا سال قرآن شريف پڙھيو؟

جواب:  ھڪ سال.

سوال:  شاھھ صاحب جو والد شاھھ حبيب، ھالا حويلي کان لڏي ڪٿي اچي آباد ٿيو؟

جواب:  ڪوٽڙيءَ ۾.

سوال:  شاھھ صاحب جي والد  شاھھ حبيب ڪڏھن وفات ڪئي؟

جواب:  ١١٥٥ ھجري مطابق 1742ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي محبوب لاءِ ڪھڙو رنگ پسند ڪيو ھو؟

جواب:  ڳاڙھو رنگ (لالڻ)

سوال: انگريز ڪمشنر سر بارٽل فريئر شاھھ سائين جي زندگيءَ جو احوال ڪھڙيءَ سن ۾ لکڻ جو حڪم ڏنو؟

جواب: 1851ع ۾، اھو ڪم 1851ع کان 1859ع تائين جاري رھيو.

سوال:  ڪتاب ”ھندستاني مسلمان“ جي صفحي 323 تي شاھھ لطيف جو احوال ڏنل آھي، اھو ڪتاب پھريون ڀيرو ڪڏھن شايع ٿيو؟

جواب:  1966ع ۾.

سوال:  2 ۽ 3 مارچ 1973ع تي شاھھ صاحب جي سوانح حيات تي لکيل ڪتابن جي نمائش سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟

جواب:  حيدرآباد شھر ۾.

سوال:  1973ع ۾ لطيف سرڪار جي شاعري ۽ زندگيءَ تي لکيل ڪتابن جي نمائش جي صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟

جواب:  پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھھ.

سوال:  سنڌي نظم ڪتاب ۾ شاھھ لطيف جي سوانح ۽ شاعري ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  نون صفحن تي.

سوال:  شاھھ صاحب کي مجازي عشق ڪھڙيءَ عمر ۾ لڳو؟

جواب:  ويھن ورھين جي عمر ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي دور ۾، سنڌي زبان لاءِ ڪھڙو پھاڪو مشھور ھو؟

جواب:  سنڌي وائي قلم نھ آئي.

سوال:  شاھھ سائين کاھوڙي ٿيڻ لاءِ ڪيترن اھم اصولن کي اپنائڻ جي ھدايت ڪئي آھي؟

جواب:  ٻن اھم اصولن کي.

سوال:  سر کاھوڙيءَ جا سڀ کان وڌيڪ بيت ڪھڙي شاھھ جي رسالي ۾ ڏنل آھن؟

جواب:  بمبئي واري ابوالحسن جي سنڌي ڇاپي ۾.

سوال:  شاھھ صاحب ويڙھي جھپ واري ڏھر مٿان اتر اولھھ طرف ھڪ ڄار جي ويڙ ۾ چلو ڪڍيو ھو، ان جاءِ تي پوءِ سندس ڪھڙن فقيرن چلھ ڪشي ڪئي؟

جواب:  يارو فقير ۽ پارو فقير.

سوال:  حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ ڪڻڪ ھڪ رپئي جي ڪيتري ملندي ھئي؟

جواب:  اڍائي مڻ.

سوال:  شاھھ صاحب جي وفات وقت ميان سرفراز ڪلھوڙي جي عمر ڪيتري ھئي؟

جواب:  ھڪ سال.

سوال:  شاھھ حبيب پنھنجي پٽ شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ڪھڙي شھر ۾ ڪپڙي رڱڻ جو ھنر سکڻ لاءِ ويھاريو ھو؟

جواب:  مٽيارين ۾.

سوال:  شاھھ سائين جي دور ۾ سنڌ تي سالياني ڪيتري ڍل مڙھيل ھئي؟

جواب:  ويھھ لک روپيا.

سوال:  شاھھ سائين جي دور ۾ نادر شاھھ سنڌ مان ڪيترا ڪروڙ ڦرلٽ ڪري پاڻ سان کڻي ويو؟

جواب:  ھڪ ڪروڙ.

سوال:  احمد شاھھ ابداليءَ جڏھن سنڌ تي ٻيو ڀيرو حملو ڪيو تھ شاھھ صاحب ڪيترن سالن جو ھو؟

جواب:  ان حملي کان اڳ شاھھ صاحب ھن دنيا مان برقعو مٽائي چڪو ھو.

سوال:  شاھھ صاحب جي ڏينھن ۾ سنڌ جي سالياني اپت اٽڪل ڪيتري ٿيندي ھئي؟

جواب:  اٽڪل اسي لک رپيا.

سوال:  شاھھ صاحب جي دور (1739ع) ۾ ميان نور محمد ڪلھوڙي، نادر شاھھ کي ڪيترو ساليانو خراج ڏنو؟

جواب:  ايڪيھھ لک رپيا.

سوال:  شاھھ صاحب جي دور ۾ ڪلاچي بندر مان اٽڪل سالياني اپت ڪيتري ٿيندي ھئي؟

جواب:  ڇھھ لک سورنھن ھزار روپيا.

سوال:  جڏھن نادر شاھھ ھرات تي قبضو ڪيو تھ شاھھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟

جواب:  اٺٽيھھ سال.

سوال:  جنھن وقت نادر شاھھ، سلطان اشرف غلوئيءَ کان ايران آزاد ڪرايو تھ ان وقت شاھھ صاحب جي عمر ڪيتري ھئي؟

جواب:  ٽيٽيھھ سال.

سوال:  جڏھن نادر شاھھ ڪابل تي قبضو ڪيو تھ ان وقت شاھھ صاحب ڪيترن سالن جو ھو؟

جواب:  ڇٽيھھ سالن جو.

سوال:  شاھھ صاحب جي دور ۾ سنڌي ماڻھن جا عام ڌنڌا ڪھڙا ھئا؟

جواب:  ھارپور، مال چارڻ، مڇي مارڻ، ڪنڀارڪو ڪم ڪرڻ، چرخو ھلائڻ.

سوال:  شاھھ سائين جي دور ۾ ڪھڙو شاھي رستو حيدرآباد کان دھليءَ تائين ويندو ھو؟

جواب:  راوري نالي رستو.

سوال:  شاھھ صاحب جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ احمد شاھھ ابداليءَ ديرھ جات جو علائقو، ميان غلام شاھھ ڪلھوڙي جي حوالي ڪيو؟

جواب:  وفات کان ڏھھ سالن کان پوءِ.

سوال:  شاھھ جي ڏينھن ۾ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا ھزار ڪوري، ڪپڙي اڻڻ ۽ رنگ سازي جو ڪم ڪندا ھئا.

جواب:  ويھھ ھزار.

سوال:  شاھھ صاحب جي ڏينھن ۾ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا اسلامي مدرسا ھئا؟

جواب:  چار سئو مدرسا.

سوال:  جنھن وقت نور محمد ڪلھوڙي کي خدايار جو لقب مليو، ان وقت شاھھ سائين جي عمر ۾ ڪيتري ھئي؟

جواب:  ٽيھھ سال.

سوال:  شاھھ سائين جي دور ۾ سنڌ سان ڪھڙن ڪھڙن ملڪن جا واپاري تعلقات ھئا؟

جواب:  سلون، بنگال، ھندستان، چين ۽ عرب دنيا سان.

سوال:  لاکيڻو لطيف ”بڊام“ جي ڪھڙن بزرگن جي مزارن تي فاتح خواني ڪري، پوءِ پراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي سما ننگر جي کنڊرن ۾ پھتو؟

جواب:  جھڏي فقير، خاڪي پير ۽ ڦل فقير جي مزارن تي.

سوال:  لطيف سائين جي دور ۾ ڪھڙي عورت ٺٽي جي دبير مسجد جھڙي ھڪ مسجد جوڙائي؟

جواب:  مائي ڄامان.

سوال:  شاھ صاحب جي دور ۾ پراڻ نديءَ جا ڪھڙا پتڻ مشھور ھئا؟

جواب:  ڪاھوءَ جو پتڻ، ڪاڪ جو پتڻ، جھلوري، واگھريجي ۽ اٻھاري جو پتڻ.

سوال:  شاھھ سائين جي دور ۾ بدين جي سرزمين کي ڪھڙي نالي سان سڏيو ويندو ھو؟

جواب:  چا چڪاڻ.

سوال:  شاھھ صاحب کي سنڌ جي ڪھڙي شھر سان خاص لڳاءُ ھو؟

جواب:  بدين شھر سان.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com