سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :6

 

شاھھ جي راڳ،راڳين ۽ سازن بابت ڄاڻ

سوال:  شاھھ سائين جو راڳ ڪوھياري ڪھڙي علائقي جو نغمو آھي؟

جواب:  خزدار جو.

سوال:  عبدالعزيز شيخ جي تحقيق مطابق ڪارايل جي لغوي معنيٰ ڇا آھي؟

جواب:  حور.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪيترن سرن کي سنڌي موسيقيءَ ۾ ڳايو ويو آھي؟

جواب:  پندرنھن سرن کي.

سوال:  شاھھ سائين جي ٽيھن سرن مان ڪيتريون راڳيڻيون ڪلاسيڪي سنگيت مان مقرر ڪيون ويون؟

جواب:  سورنھن راڳڻيون.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪلام ۾ سنڌي موسيقيءَ جي نمائنده راڳڻي ڪنھن کي چيو وڃي ٿو؟

جواب:  ڪوھياريءَ کي.

سوال:  ڪوھياريءَ جي ڇيڙ ڪيئن ڪئي ويندي آھي؟

جواب:  آروھي، ساڌاني، ساري، گ، ساري، گ، ساني، ساني سا، امروھي، ساني، ڌپ، م، م م پ، م پ م، گ، ني (ڪومل) ڌپ م گ ري گ ري سا.

سوال:  سورٺ راڳڻي جي امروھي ڪيئن آلاپي ويندي آھي؟

جواب:  ساني ڌپ ڌپ م ري تي سا.

سوال:  پرڀاتي راڳڻيءَ جي آروھي ڪھڙيءَ طرح آھي؟

جواب:  آروھي: م گ، م پ پ، ڌتي، سا، ساري، ني سا.

سوال:  شاھھ سائين جي اھا ڪھڙي راڳڻي آھي، جيڪا بلاول ٺاٺ ۾ آھي؟

جواب:  معذوري.

سوال:  ديسي راڳڻي جي ڇيڙ ڪھڙي ريت ڪئي ويندي آھي؟

جواب:  ساري، ري ري، ڌپ ڌپ، م پ، ري، ري، سا.

سوال:  شاھھ صاحب جي راڳ ۽ راڳڻين جي ڇيڙ، آروھي ۽ امروھي سان ٿئي ٿي، آروھي ۽ امروھي جي معنيٰ ڇا آھي؟

جواب:  آروھي معنيٰ ھيٺين سرن کان مٿي ۽  امروھي معنيٰ مٿين سرن کان ھيٺ.

سوال:  گائڪي جي قانون مطابق ڪنھن بھ راڳ جي آروھي ۽ امروھيءَ ۾ ڪھڙا سر ضرور لڳندا آھن؟

جواب:  کرج، رکب ڪومل، گنڌرا، تيور، ڌيوت، ڪومل ۽ نکاد تيور.

سوال:  شاھھ سائين جي راڳڻي، آسا جي ڇيڙ ڪھڙي طرح ڪئي ويندي آھي؟

جواب:  آروھي: ساري گ، م گ پ، ڌني سا.

امروھي: ساني ڌپ، ڌني ڌپ، م، گ، ري سا.

سوال:  راڳڻي سامونڊيءَ جي ڇيڙ ڪھڙيءَ طرح ڪئي ويندي آھي؟

جواب:  ساساري ساني ڌني ڌپ پ، م م ري، پ م گ، ري ري سا.

سوال:  مارئي راڳڻي سرن جي اصول تي ٺھڪائڻ سان ڪنھن سان مشابت رکي ٿي؟

جواب:  مانجھھ (کماچ ٺاٺ) سان.

سوال:  شاھھ سائين جي راڳڻي رپ جي ڇيڙ ڪھڙي ريت ڪئي ويندي آھي؟

جواب:  ساني، ساري، گ م گ پ ڌسا.

سوال:  ڪارايل جو سر گم، ڪيئن آلاپيو ويندو آھي؟

جواب:  ساماما، پاپاسا، ماني، ڌي ني، ڌي پا، ڌي، ماپا، گاماپا، گا ري، سا.

سوال:  شاھھ سائين جي راڳ کمباوتي جي امروھي ڪھڙي ريت ٿيندي آھي؟

جواب:  امروھي: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، ما، گا، ما، سا.

سوال:  شاھھ صاحب جي رسالي ۾، ڪيترن قسمن جا راڳ، استعمال ڪيا ويا آھن؟

جواب:  ٽن قسمن جا.

سوال:  شاھھ صاحب جا اھي ڪھڙا راڳ ۽ راڳڻيون آھن جيڪي فن موسيقي جي ڪتابن ۾ نٿا ملن، پر سنڌ ملڪ ۾ اھي رائج ھئا؟

جواب:  مارئي، ليلان، ڪاپائتي، ڏھر، مومل ۽ ڪارايل.

سوال:  اھي ڪھڙا راڳ ۽ راڳڻيون آھن، جيڪي حضرت شاھھ صاحب جن جي ايجاد آھن؟

جواب:  سامونڊي، آبري، معذوري، ڪوھياري، حسيني، گھاتو، ڪيڏارو، رپ، کاھوڙي ۽ بروو.

سوال:  محفل سماع جي ابتدا شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳ سان ڪئي ويندي آھي؟

جواب:  ڪلياڻ (شڌ ڪلياڻ) سان.

سوال:  صبح جي پھرئين پھر ۾ شاھھ سائين جي، ڪھڙي راڳڻي ڳائبي آھي؟

جواب:  بلاول.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳڻي سج اڀرڻ کان اڳ ڀيرو ٺاٺ جي راڳڻين کانپوءِ ڳائبي آھي؟

جواب:  ڌناسري

سوال:  ڇا شاھھ صاحب جي ڪلام جو ڪجھھ حصو ڪونسيو راڳڻي ۾ ڳايو ويندو آھي؟

جواب:  ھا.

سوال:  سر ليلان جي ڳائڻ جو وقت ڪھڙو آھي؟

جواب:  پوئين رات ۽ صبح صادق.

سوال:  شاھھ صاحب جو ڪھڙو راڳ، قديم گائڪي جي گرنٿن ۾ بھ ملن ٿا؟

جواب:  بروو، کنڀات.

سوال:  عيد جي موقعي تي شاھھ سائين جا فقير ڪھڙا سر ڳائيندا آھن؟

جواب:  سسئي جا سر، سورٺ، ڪاموڏ، ڪارايل، پورب.

سوال:  شاھھ سائين جو ڪھڙو سر محرم ۽ ذوالحج مھيني ۾ ڳايو ويندو آھي؟

جواب:  سر ڪيڏارو.

سوال:  سنڌ ۾ ڪيترن ۽ ڪھڙن قسمن جي موسيقي موجود آھي؟

جواب:  ٽن قسمن جي. ھڪ ڪلاسيڪي، ٻي علائقائي يا سرن واري، ٽين سنئين سڌي لوڪ گيتن واري.

سوال:  شاھھ سائين پنھنجو ڪلام ڪھڙيءَ موسيقيءَ جي آڌار تي ترتيب ڏنو؟

جواب:  موضوعاتي موسيقي يا علائقائي موسيقي.

سوال:  مقالو ”سنگيت ساز، سرود ۽ سنڌي ثقافت“ ڪنھن جو لکيل آھي؟

جواب:  ڊاڪٽر غلام علي الانا جو.

سوال:  سيد منظور نقوي جي تحقيق مطابق شاھھ سائين جي ڪھڙي راڳ کي حضرت يا جناب راڳ، چيو ويندو ھو؟

جواب:  سريراڳ کي.

سوال:  شاھھ جي ڪھڙي راڳ کي پوربي ٺاٺ جو راڳ تسليم ڪري ڳايو ٿو وڃي؟

جواب:  سريراڳ.

سوال:  ھي جملو شاھھ صاحب ڪنھن کي چيو تھ ”منھنجي دل ۾ بھ الاھي محبت جو ھڪ وڻ آھي، جو سماع بنان سڪيو ٿو وڃي“؟

جواب:  مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ کي.

سوال:  ڪتاب “شاھھ لطيف جي موسيقي“ ڪيترن حصن تي مشتمل آھي؟

جواب:  ٻن حصن تي.

سوال:  راول فقير جي وفات کانپوءِ، لطيفي راڳ جي چارج ڪنھن سنڀالي؟

جواب:  لال فقير ۽ احمد فقير.

سوال:  ويڙھي جھپ واري ايراضيءَ ۾  لطيفي راڳ جو بنياد ڪنھن وڌو؟

جواب:  راول فقير.

سوال:  اسماعيل فقير کان پوءِ، لطيفي راڳ جي چارج ڪھڙي فقير کي ملي؟

جواب:  درس باجيت فقير کي.

سوال:  شاھھ صاحب رڳن کي ڪھڙي ساز سان تشبيھھ ڏني آھي؟

جواب:  رباب ساز سان.

سوال:  شاھھ سائين سسئي جي رڙين کي ڪھڙي سازن سان ڀيٽ ڏني آھي؟

جواب:  سارنگي ساز ۾.

سوال:  شاھھ جي راڳڻي معذوري ڪھڙي علائقي جو ديسي نغمو آھي؟

جواب:  لس ٻيلي جو.

سوال:  ڪھڙي بزرگ شاھھ سائين جي راڳ جي اڳواڻي، سال 1974-75ع کان سنڀالي؟

جواب:  سيد نور محمد شاھھ.

سوال:  محمد حسين ڪاشف جي تحقيق مطابق، شاھھ صاحب ڪھڙي سر ۾ اويسي طريقي جو ذڪر ڪيو آھي؟

جواب:  سر کاھوڙيءَ ۾.

سوال:  سر ليلا چنيسر جا ڪيترا بيت شيخ اياز، اردو ترجمي سان شاھھ جي رسالي ۾ ترتيب ڏنا؟

جواب:  سورنھن بيت.

سوال:  ڪھڙي ڪتاب ۾، شاھھ صاحب جا چونڊ بيت، چئن دؤرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو ويو؟

جواب:  ڪتاب ڪامل جو ڪلام.

سوال:  شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جون ڪھڙيون راڳڻيون آريائي دور جا راڳ ھئا؟

جواب:  سر ڏھر ۽ گھاتو.

سوال:  ھيءَ ڪافي ”ھت روئان زاور زار، شال ملان“

ڪھڙيءَ راڳڻيءَ ۾ ڳائبي.

جواب:  روپ جوڳ.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪافي ”تو ڪيئن دلڙي مٽائي، ھن پاڙيچي پرينءَ کان“ ڪھڙيءَ راڳڻي ۾ ڳائبي آھي؟

جواب:  روپ پھاڙيءَ ۾.


 

 

لطيفي لغتن ۽ لفظي معناعن بابت ڄاڻ

سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ اٺ لاءِ بختي لفظ استعمال ڪيو اھي؟ بختي ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آھي؟

جواب:  عربي ٻوليءَ جو.

سوال:  ڪتاب غريب اللغات ۾ شاھھ سائين جي ڪھڙن سرن جي معنيٰ ڏنل آھي؟

جواب:  سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات.

سوال:  شاھھ صاحب جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ ’فاڪه‘ جي معنيٰ ڇا آھي؟

جواب:  ميوو.

سوال:  شاھھ جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جي لغات ”سلڪ مر واريد“ ڪنھن تيار ڪئي؟

جواب:  قاضي فقير محمد قانع.

سوال:  ’سلڪ مرواريد‘ جي معنيٰ ڇا آھي؟

جواب:  موتين جي لڙھي.

سوال:  شاھھ جي رسالي ۾ آيل ڏکين لفظن جي لغات ’سلڪ مرواريد‘ ڪل ڪيترن سرن تي مشتمل آھي؟

جواب:  فقط اوڻيھھ سرن تي.

سوال:  قاضي فقير محمد قانع شاھھ جي ڏکين لفظن جي لغات ’سلڪ مرواريد‘ ڪڏھن لکي؟

جواب:  15 مئي 1936ع ۾.

سوال:  سڀ کان پھريائين شاھھ سائين جي رسالي مان ڏکين لفظن جي معنيٰ ڪھڙي اديب پنھنجي ڪتاب جي آخر ۾ ڏني؟

جواب:  ديوان ليلارام سنگ.

سوال:  ديوان ليلارام سنگ، شاھھ جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ تيار ڪرڻ لاءِ ڪنھن کان مدد ورتي؟

جواب:  آخوند احمدي کان.

سوال:  ڀيرومل ڪيترن ورھين جي محنت کانپوءِ ”غريب اللغات“ تيار ڪئي؟

جواب:  ٻارھن ورھين جي محنت کانپوءِ.

سوال:  مرزا قليچ بيگ کي ”لغات لطيفي“ تيار ڪرڻ ۾ ڪيترا سال لڳي ويا؟

جواب:  ست سال.

سوال:  لغات لطيفي جي ٽئين ڇاپي جو پيش لفظ ڪنھن لکيو؟

جواب:  ڊاڪٽر نواز علي شوق.

سوال:  مرزا قليچ بيگ شاھھ سائين جي رسالي جي ڪيترن سرن جي لغت تيار ڪئي؟

جواب:  ستٽيھن سرن جي.

سوال:  لطيفي لغات جو ديباچو ڪنھن لکيو؟

جواب:  مرزا قليچ بيگ.

سوال:  رسالي جي ڏکين لفظن تي لکيل ڪتاب ”ٻاروچي ٻولي“ ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي؟

جواب:  چار سئو ٽيٽيھن صفحن تي.

سوال:  ڪتاب ”ٻاروچي ٻولي“ ڪھڙي ھجري سال ۾ شايع ٿيو؟

جواب:  ربيع الثاني، ١٤٠٥ ھھ ۾.

سوال:  ڪتاب ”ٻاروچي ٻوليءَ“ جو مھاڳ ڪنھن ۽ ڪھڙي تاريخ تي لکيو؟

جواب:  سيد نجف علي شاھھ ڪمتر نقويءَ پھرين سيپٽمبر 1984ع تي.

سوال:  ويجھر ۾ شاھھ لطيف جي شاعريءَ جي جامع لغت ڪھڙي ڇپي آھي؟

جواب:  روشني.

سوال:  روشني لغت ڪنھن جي ترتيب ڏنل آھي؟

جواب:  نبي بخش خان بلوچ.

سوال:  ھيءَ لغت ڪھڙي اداري ڇپرائي پڌري ڪئي؟

جواب:  سنڌي ٻولي اٿارٽي.

سوال:  مخدوم فضل الله شاھھ جي رسالي جي شرح ڪڏھن لکي؟

جواب:  ١٢٧١ھھ مطابق 1855ع ۾.

سوال:  شاھھ سائين سسئي جي پيرن کي ڇا سان تشبيھھ ڏني آھي؟

جواب:  پٽ سان.

سوال:  ”ٻارن جو شاھھ“ ڪتاب ۾ ڪيترن سرن جي چونڊ لفظن جون معنائون ڏنل آھن؟

جواب:  سترنھن سرن جون.

            

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com