سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :7

شين شال اسان جي سهڻا! اڱڻ تي ايندين،

ويهي ورُوهان ڪندين، يار ورتيون مون ويندين،

نازڪ لڳم نينهڙو توسان نباهيون نيندين،

ڏسڻ سان ڏيندين، دارون درد فراق جو.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

صاد صاحب سپرين! اچ تون پير ڀري،

هج هميشہ مون اڱڻ، جاني! وڃ نه پل پري،

دانهون درد فراق جون، ٻُڌِج ڌيان ڌري،

تنهنجي ذوق ذري، دلڙي ديواني ڪئي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

ضاد ضايع نه ٿئي، منهنجي عمر اجائي،

تو ڏٺي ڏکڙا لهن، ٿئي سڀئي سهنجائي،

دلبر! دلاسو ڏجان، ٿئيم دل کي دلجائي،

پرور پڄائي، آس ته اندر جي اچي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

طوئي طلب توهان جي، آهي مون کي مدامي،

ساهه منهنجو سپرين! ٿيو تو در سلامي،

ڪريان تنهنجي در جي، گولپ غلامي،

آهي ته انجامي، ايندو ملندو مون پرين.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

سگهڙو اچج سپرين! سهجَ منجهون سعيو،

نه ته آهي اجايو، جالڻ جدائيءَ ۾.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

غين غمن گوندرن ڪئي آهي پلپل پورن پر،

حيلي هٽي ڪين ڪي، دل ۾ سڪ ٿي ويتر،

مصلحت محب ملڻ جي، مون ڪاوڙ ڇڏي ڪر،

وهلو ڪجانءِ ور، نازڪ نينهن نهڙيو.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

في فڪر فراق ۾ ٿي آهي دلڙي اُداسي،

پرين بنا هينئڙو ٿيو آهي پلپل پياسي،

راتيان ڏينهان ٿو ڪري، آهون هيءُ عاصي،

سڪ ۾ سناسي ٿي، گهَرَ گهمي گهٽيون.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

قاف قرب پانهنجو، ڪر تون يار سڃاڻي،

گهر ته گهوريءَ جي اچي، سائين! نواز نماڻي،

ڪر نه پاسي پاڻ کؤن، سهڻا! پنهنجي پاڄاڻي،

ڪَئِي جا اياڻي، آهي عشق اوهان جي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

ڪاف ڪانگل موڪليو، آهي مون ڏي قربين،

خبر مان کي خوشيءَ مؤن اڄ آئي عجيبن،

مرض هو ملڻ جو ڪيهي ڪَل تان طبيبن،

هَنيو ڪان حَبيبن، ويڙا سور سَنڌو ڪري.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

لام لالڻ تولئي، ويٺي فالون مون پيان،

ويهي آتڻ وچ ۾، آءٌ ڪانگل اُڏايان،

پانڌي پرينءَ پيار جا آيا، پلپل پڇايان،

من نه مُنجهايان، اٿم آس اچڻ جي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

ميم معلوم توکي، آهي ”همت علي“ حال،

ڪري ٻُڌايان ڪيترو، مِٺا! مشڪل آهي محال،

سائل سندو تون سڻج، سڀئي حال احوال،

ڀلائي ڪري ڀال، آجو عيبن کؤن ڪريو.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

نون ننگ پالج تون منهنجو، سيّد! سدائي،

دلبر! تنهنجي در جو، آهيان گولو گدائي،

مرشد ڏني من کي، اچي منهنجي واڌائي،

مڙئي مدائي، معافي محمّد مير ڪئي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

واو ورق وصال جو، اڄ واءُ کڻي آيو،

من جون مرادون پُنيون، ٿيو سڀ ڪم سجايو،

دلبر ڌيان ڌري، اڄ اچڻ مون آيو،

موليٰ ملايو، جئري جانب يار سان.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

هي ”همت علي“ جي، مون کي گهرجي حمايت،

مرسل محشر ۾ ڪندو اچي شال شفاعت،

جن کي حب حيدر جي، تن ڪاڻ نه قيامت،

هادي هدايت پرور پاڪ ڌڻي ڪندو.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

لام لڳس تنهنجي، آءٌ لاري پناري،

سڀئي ڪم سولا ڪندين، منهنجا ساري سنڀاري،

گڏجي گناهن وڌو آهي من منهنجو ماري،

پيالو پياري، لاهج ڪس قلوب تان.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

الف اسم اوهان جو، ٿي اندر ۾ اوريان،

اوري اور اندر ۾، ٿي چرخو مون چوريان،

بَديون جي بيحد ڪيم ڏسي ڏک ويٺي ڏوريان،

تُڪ اِها توريان، لطف سان لنگهي پوان.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

يي ياور ٿج تون، اچي سدا سويلي،

ڪلمو چوان چاهه سان، مان مرڻ جي ويلي،

مدد ڪجانءِ اتي جا ٿي پڇندا اڪيلي،

ماڳ انهيءَ ميلي، رسج ڪاهي ڪارڻي!

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

ٽيهه اکري: مدح شاهه قائم الدين قلندر رحه بڪيرا

(چيل ميان نور محمد ”نور علي“ جي)

]ميان نور محمد، ولد خليفو ميان شفيع محمد خانقاهه، راڄوخاناڻي تعلقي ٽنڊي باگي جو رهاڪو هو. پير محمد اشرف شاهه ڪاماري وارو ۽ پير اميد علي شاهه سندس همعصر هئا. ميان نور محمد سهروردي طريقو رکندڙ هو. سندس ڪافي ڪلام چيل آهي، جنهن مان هتي هيءَ ٽيهه اکري ڏجي ٿي. سنه 1290هه/1873ع ڌاري وفات ڪيائين.[

 

الف الله ڪيئي عزّ عطا، خادم جي بخشاءِ خطا،

ڏي تون مريدن کي متاع، دين ايمان جو تون دريا،

ظاهر باطن بخش ضياع، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

بي باطن ۾ اولي الا الباب، ڪافر نفس ڪيوءِ آڪباب،

رکئي هوا مان حب حباب، دين ۽ دنيا جا مهتاب،

صاحب پنهنجا ڪيئي اصحاب، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

تي تو تابع منجهه تجلات، شاغل آهن ڏينهن ۽ رات،

ذڪر تنوارن مڱن بابت، وائِي آهين وحدت وات،

ڇڏيو صفات، ڳولين ذات، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

ثي ثالث تون ثلث ثلاث، سير فنا ارڙهن اوراث،

مردي بخشي ميٽ اناث، جيءَ جلي مون جيئن ڪُرّاث،

رس فرياد غوث غياث، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

جيم [2] جياپو جان علاج، ڏاتر کان ڏياريو ڏاج،

سو سقلات سڄر ساج، ڪڍ غوطن کان هيءُ جهاج،

سب سعيد سنوارين ڪاج، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

 

حي حاضر تون سنجهه صباح، مڪي مديني منجهه مباح،

راضي تنهنجي کان ارواح، ڪرسي عرش قلم الواح،

مديون اسان جون ڪار مباح، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

خي خدا جو ملڪ فراخ، اڀ زمينون ڪرسي ڪاخ،

تنهنجي مهندان اسفاناخ [3]، تون شجر ولايت شعير شاخ،

عيسيٰ ثاني منجهه انفاخ، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

دال ديانت صدق سجود، توکي مولي ڪيو موجود،

مهربان مٿئه معبود، واصل حق ڪيئي وجود،

دين دنيا ۾ بخشين سود، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

ذال ذڪر تنهنجو لذيذ، شهد شڪر نبار نبيذ،

توکي آگي ڪيو عزيز، ترڪ هوس جو طول تميز،

حڪم حقيقي ڪيئه نفيذ [4]، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

ري رهبر پانَوَ پير، ڏاڏو تنهنجو شيخ ڪبير،

ڪاهل تي ڪر قرب ڪثير، ڏي دلاسو دل کي ڌير،

تنهن جو نظر آهي اڪسير، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

زي زمين زمن جو راز، معلوم توتي خق مجاز،

سالڪ، سمجهين هر آواز، دلگيرن سين تون دمساز،

ڪر سائل کي سرفراز، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

سين سڀن ۾ تون سرس، جئن حرپرن ۾ اطلس،

قلب سندو تو لاٿم ڪس، جامع بخش جماعت جس،

نازل نورئون ڪر قلبس، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

شين شرع جو تون مَي نوش، منجهه محبت تون مدهوش،

حال حقيقت هم آغوش، اندر جانِ جلالت جوش،

هن هيڻي کي بخشين هوش، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

صاد [5] صفا تنهنجو اخلاص، خلقت ۾ تون خاص الخاص،

بحر معاني جو غواص، ڪر مبدل هي رصاص،

تحت قبا تو کان قصاص، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

ضاد ضعيفن ميٽ مرض، تو در ڪوڙئين آڻڻ عرض،

ڪاهل تان تون لاهه قرض، حاصل ڪرئين غوث غرض،

تو کان توهه مڱان ٿو محض، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

طوئي طالب کي ٿيج محيط، قسط ڪندو جت رب قسيط،

لائق لاهج تون تفريط، خوف رجا ۾ تون وسيط،

فيض قلوبي ڪر بسيط، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

ظوئي ظاهر جا سڀ لفوظ، باطن جا بيراهه لحوظ،

مهر ڪر مون من محفوظ، بخش مريدن نقد نقوظ،

حاصل ڪر تون حق حفوظ، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

عين علم تون شير شجاع، مانجهي مير مطيع مطاع،

روشن تنهنجو شاهه شعاع، توکي علم سندا انواع،

گوهر لائين ڪول شعاع، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

غين [6] غريبن چشم چراغ، منجهه انڌاري علم اياغ،

تنگيءَ ۾ تون بخش فراغ، حاصل ڪرين بهشتي باغ،

لاهه ڪفر جو دل تان داغ، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

في فائق تون لطف لطيف، ذات صفت ۾ شاهه شريف،

منجهه حقيقت حال حريف، ظاهر باطن تون ظريف،

قادر جي منجهه قرب ڪشيف، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

قاف قريشي! لاهه فراق، مون من تو لئي جو مشتاق،

خادم خيانت مون اخلاق، روشن توکي سبع طباق،

تون هشيار همہ آفاق، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

ڪاف ڪفايت عزّ لولاڪ، کنيو اوهان کي پرور پاڪ،

شجر طوبيٰ تو مسواڪ، داٻو تنهنجو دهشت ناڪ،

دشمن منهنجو ڪر هلاڪ، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

لام لويٰ علم اجلال، آگي ڪيوءِ وڏو اقبال،

هادي! بخشين مون کي حال، لاهه قلب تان قيل مقال،

مغرب مشرق جنوب شمال، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

ميم  مڪرم جسم جسيم، آگي سندي علم عليم،

ڪامل منجهه ڪلام ڪليم، توکي بخشيو نور نعيم،

تنهنجو آهي لطف عميم، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

نون نهايت سر سبحان، خاص خلقيو شهه سلطان،

باطن ظاهر جو برهان، توکي معلوم سڀ بيان،

بخش اسان کي دين ايمان، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

واو ولهي جو واهه وسيلو، مون تان لاهين هادي حيلو،

دلگيرن تان لاهه دليلو، ناهم آڌر ڪڙم قبيلو،

تون مولي جو خاص خليفو، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

هي هادي! ڏس رب جي راهه، شمس ولايت شاهنشاهه!

آهين اسان جو پشت پناهه، دشمن منهنجو ڪر تباهه،

اسرارن جو تون آگاهه، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

همزو لف هدايت لاءِ، دين دريچو ڪشف ڪشاء،

ناهيم تو ري ڪا ماواءِ، ڪانهي ڪا ٻي مون ملجاء،

عرض عليلن جو اوناءِ، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

لام الف ڪيئي باري بالا، مون تان لاهه قريش! ڪشالا،

صالح منهنجا ڪر اطفالا، سرور سَر سُڪا ڪر آلا،

بخش برهنن دوست! دوشالا، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

يي ياور! منجهه ذڪر جلَي، نظر مڱي ٿو ”نور علي“،

حامي حضرت ٿيءُ هلي، مهندان محشر ماڳ ملي،

باب بهشتي کول ڳلي، ڪامل پير قلندر سائين!

ڪر اسان تي ڪرم سدائين.

ڪلمون ڪامل قلب ڪهائين.

لااِلہ الا الله محمد رسول الله.

 

ٽيهه اکري: مناقبو حضرت علي

(چيل حمل فقير جو)

]حمل فقير ولد رحيم خان لغاري، سنه 1225هه/1809ع ۾ ڄائو، حمل فقير جا وڏا خيرپور رياست جا رهاڪو هئا، پر پاڻ لڏي اچي ڳوٺ مير خان لغاري، لڳ تعلقي سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ رهايش اختيار ڪئي هئائين. هن کي ننڍي هوندي کان چڱي تعليم ۽ تربيت ملي هئي، ۽ پاڻ به پڙهائي جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. وقت جي خاندان جهڙوڪ مير علي مراد خان، مير شاهه نواز خان کيس قدردانيءَ جي نگاهه سان ڏسندا هئا. هو لُواري وارن بزرگن جو مريد هو ۽ انهن جي تعريف ۽ عقيدت ۾ قصيدا چيائين. حمل فقير وڏي عمر ۾ 2- صفر سنه 1296هه/1878ع ۾ وفات ڪئي. سندس قبر ڳوٺ محمود لغاري (تعلقي سڪرنڊ) لڳ ”ابراهيم شاهه واري مقام“ ۾ آهي.[

 

الف احمد ڄام جو اعليٰ اسد اڪبر علي،

افضل و اڪمل امام العارفين اڪثر علي.

 

بي بهادر بادشاهه بي غرض ۽ بي ريا،

با بلاغت باب علم و بوالحسن بهتر علي.

 

تي توڪل ساڻ تقويٰ ترڪ دنيا کي تمام،

ترڪ طمع و ترڪ ترڪو، ترڪ ڪيو تڪبر علي.

 

ثي ثنا ڇا چئي سگهان صاحب آهي ثقلين جو،

ثاني سليمان جو چوان يا ثانِي سڪندر علي.

 

جيم جنگ جو پهلوان، جنگ جاءِ ۾ بيهي جڏهن،

جمله جبل جنبش اچن جذبو پسي جابر علي.

 

حي ”حمل“ حيدري رک حب تون حسنين جي،

تو سان هوندو حامي حمايت منجهه حشر حاضر علي.

 

خي خدا جو خاص پيارو خود خدا عاشق مٿس،

تنهن خدا کي خوش ڪيو، جنهن خوش ڪئي خاطر علي.

 

دال در درياءِ رحمت دردمندن جي دوا،

دين پرور دستگير و دادگر داور علي.

 

ذال ذي شان ذوالحيا ذي هوش و حشمت ذوالمنن،

ذوالذّڪا ذاتي ذڪر جو ذوق کان ذاڪر علي.

 

ري رضا رحمان جي تي روز شب راضي رهيو،

راحم رحيم و رهنما ره راست جو رهبر علي.

 

زي زمين و آسمان زِهِ زِهِ! چون بر زور او،

”زال“ و ”زراچه“ زير او بر زابران زابر علي.

 

سين سارو سر الاهي سيف زن سالار دين،

سورهه سخي سيّد سچو سر سرورن سرور علي.

 

شين شهه مردان، شجاع، شيرِ خدا شمشير زن،

شادي غمي ۾ شڪر گو، شَر خير تي شاڪر علي.

 

صاد صادق صاف سيني صاف دل صافي نهاد،

صاف صوفي صوم ۾ صائم دهر صابر علي.

 

ضاد ضد ضايع تنهنجو منجهه ضلالت پيو ضليل،

ضامن ضعيفن جو هوندو منجهه آخرت احضر علي.

 

طوئي طلب حق جي ڪندڙ طالب خدا جو بي طمع،

طبع طينت پاڪ طلعت پاڪ تر طاهر علي.

 

ظوئي ظلم کي زد ڪيائين زور سان ظالم هڻي،

زوج زهريٰ جو ظفر مند ظللہُ ظاهر علي.

 

عين عابد با عبادت علم جو عالم عظام،

عروة الوثقيٰ وسيلو عاصين عسڪر علي.

 

غين غازي سر غزه جو غير حق ڪنهن جو نه غرض،

غور غمخواري ڪندڙ غمخوار منجهه غَر غَر علي.

 

في فضيلت ڇا چوان فياض، فرخند، فيض بخش،

فوج جو فرمانروا فائق فتحمند فر علي.

 

قاف قائم دين تي قاري سدا قرآن جو،

قوّت قوي ڪل ڪفر تي قادر ڪيو قادر علي.

 

ڪاف ڪلمي گو ڪيائين ڪل ڪٽي ڪوفي ڪفار،

ڪلمي ڪنان منڪر ٿيا سي ڪئين ڪُٺا ڪافر علي.

 

لام ليکي ڇا ”لغاري“ لکڻ تنهن لکپال جا،

لا لڳاپي لوڪ ڪل کان، لوڪ ڪل لشڪر علي.

 

ميم مصلي مصطفيٰ جي مُلڪ مالڪ مختيار،

مؤمنن جو مرتضيٰ مهندار منجهه محشر علي.

 

نون نيڪو روءِ نبيءَ جو نُور نيڻن نيڻ ٺار،

نُور اسمش، نُور جسمش نُور مُنهن منور علي.

 

واو وسيلو بيوسيلن جو ولي والا نِثار،

وصف واصف ڇا ڪندو وارث ولهن واهر علي.

 

هي همت جو هاڪ هيبت هر طرف هرجا هلي،

هرڪو چوي ههڙو نه ڪو ٻيو منجهه همت همسر علي.

 

لا لاحد صفت تنهنجي ڇا ڪندو شاعر شمار،

لِکڻ ليکو ناهه ڪو لاشڪ لڳاسين لَڙ علي.

 

الف الفت رک انهيءَ سان جو امامن جو امام،

اول و آخر امت جو اڳوان ۽ آڌر علي.

 

يي يقيناً ياد ڪندن جو يقيني يار آهه،

ياد ڪر تان ياوري تو سان ڪري ياور علي.

 

ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم جي درگاهه ۾

(چيل دلاور فقير جي)

دلاور ولد رستم خان، روهڙيءَ جي ويجهو ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۾ 1260هه/1844ع ۾ ڄائو. تعليم ڪا خاص ڪانه ملي هيس، البت قصا ۽ ڪهاڻيون پڙهي سگهندو هو. دلاور فقير جا وڏا ڪن مجبورين سبب لڏي خيرپور رياست ۾ تعلقي ميرواهه ۾ اچي رهيا. دلاور فقير رات جو پاڙيسري ڳوٺاڻن کي “داستان امير حمزو” پڙهي ٻڌائيندو هو، اتان ئي کيس شعر و شاعريءَ جو شوق جاڳيو. دلاور فقير ڳوٺ تجل شريف تعلقي ناري ۾ سنه 1884ع ۾ وفات ڪئي.


[1] .“اذڪار قلندري” مطبوعه ڀارت پريس پونا سنه 1921ع تان ورتل (ب)

اصل: رکئي مان حب حباب.

[2] . جيم : جهاج = جهاز.

[3] . اسفاناخ = پالڪ؛ شعير = جوَ.

[4] . نبيذ = شراب.

[5] . (صاد) رصاص = شيهو، پختو.

[6] . (غين) اياغ = شراب پيئن جو جام، پيالو.

[7] .ڪليات حمل مطبوعہ سنڌي ادبي بورڊ (حيدرآباد) تان ورتل.

[8] . اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org