سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :45

کٽي کهنباٽي ناهه ڪي جني رنگ رتا،

ڏنا پاهه پَڙن کي ٻهم ٻگيئڙا،

ڇيٽون چڱيون چاهه سين ٻهڳڻ ٻانڌوڻو،

وئا ويچارا نڪري کڻي پور پُرئا،

هاڻي رڱين رنگريز ٿا ڪوڙا ڪريانا،

انڌا اکر جن جا ڪر اڳهين اُٻاٽيا،

پاڙي پرٽن جي، جو پيومِ تان نه پڙاءُ،

صبح جيئن ثَوبن کي[1] سٽيندا هئا،

تڙ تڙ تنوارون ناهه ڪي، ڪنڌيءَ نه ڦرها،

نه سي کار کڏن ۾، صابڻ ناهه صفا،

کُنڀ نه ڪَلپُ کيسيئين[2] نه سو تڙڪِيءَ تاءُ،

اڇا چٽا سڦرا ڪپڙا، اڄ ڌوٻيءَ ڪئن ڌوندا،

جن ميرئين موچاريون ڪيون سي گاذر گذريا،

قالَ عَليہ الصّلواةُ والسّلام ”الفقير قصّارالغنى“ ڪٿي ڪاهه ٿئاءِ،

ڪُٽ ڪنڀارين ناهه ڪا، نه سو مَن مِٽياء،

ڪنڙا ڦرهيون ناهه، نه سو چَڪييٖن چاهه،

ڪُنا ڪُنيون ناهه ڪي، نه سو گهَڙن گهاءُ،

جِني ڪوڏ گهڙن جو، اوءِ اڄ نه استادا،

نرتئون نهاين کي جن ڏني مڱر باهه،

نظر اڳيان پانهنجي، ڪچائي پڪا.

جي لياڪا لوڪ جا، جان جان سي نه لِتاءِ،

اندر اورڻ پرينءَ سين تان تان ٿئي نه ماءِ،

پُڻ پُري پؤ پرين سين تاڻي مور مِ لاهه،

جُنہ ڪا لِک لڪائين، ته ڪم نه ايندءِ ڪا.

خي ئي کُهيءَ کِل نه اُجهي، ڏکيءَ ڏمر ناهه،

ويو ورونهڻ وسري اُگهاڙيءَ وهياء،

ڇاکي ڀُڻٖي ڇڪئو هئي هاريا هنيا!

مُرڪيٖن مَرڪيٖن ان ۾ جئن ماڙهو چونئي ميان،

هلين هٺ نه ڪنهن تون سيڙهي سنڌ سِياء،

لذت مٺا لقما ڀانييٖن، خرچيان کاڄ کِيان،

ٿڌو ٺاريو ٿانءِ ۾ پاڻي پاڻ پِيان،

ميڙيان سانڍيان مال کي، ڪنهن کي ڪين ڏيان،

هڻان هميشہ هتهين جانڪي تان جيان،

ڪارسازيون ڪريان، ويٺو هت وهانءِ،

راتين سمهين ننڊ ۾، ڪريين ڏوهه ڏينهان،

ايءُ مرڻ حياتي پاڻ ۾ ’هالا‘ جيئن ’ڀيان‘،

تن تنهنجا ڪيترا چاري چو چياء،

ڪپر ٿو ڪوڪون ڪري، مٿي موت ميان!

نه سيارو، نه وسڪارو، نه ڪا مند نيهان،

اچي وڄندو اوچتو جُهه پساهين پُناءِ،

ايءُ هٺ ويندءِ مري، سڙي خاڪ ٿي، کيندءِ ماهه ڪيئان،

ٻُڏا ڪج ٻئن سين، جان ڀانئيين ٿانء ٿيان،

”خَيرُالنّاسِ مَن يَنفَعُ النّاسَ“ سڻج هنييٖن ڪنن سين، هيءُ پيغامون پريان.

 

478 ۽ 479 صفحا موجود نه آهن

دال ئون دنيا مَ چو هئي هئي جا هيٖهِي،

اِن دُنِيَ گهڻا ڌوتيا، ڏيئي ڄڀ مٖيهي،

ڄم ڄمارو پانهنجو ميڙئين مڙيئي،

جني ڀانئين پانهنجي، سين تني نه ويئي،

ننڍي ماءُ نه پلي، وڏي ور سين نه ويئي،

اوچتي اوڙاهه ۾ تيلانهين پيئي،

تو سڄي سين ڦيريو ڀڳيءَ ڀر ڏيئي،

هٿ نه اينديئي هيڪڙي،لٿيءَ لِؤ ڏيئي،

تون رنڌيندين ڪيترو، لٿيءَ لِؤ ڏيئي،

”وَمَن ڪان يُريد حَرثَ الدّنيا نؤتہ مِنها وَمالہُ في الاخِرَةِ مِن نّصِيب“ ويا تيڏاهون پيهي.

ذال ئي ذليل جندڙا جي سڃاڻين سو، 

منجهان جنہ پيدا ڪيو خلق خلقي تو،

سوجٖي ڏجي وجهي رڇ ۾، ته ڪُتو چَٽي نه ڪو،

کارو کِکو، ڪِنو، پٽڙو ۽ پاکو،

سو ڪوهه وڏايون ڪري حال جنہ جو اهو،

ڪئن شي، هو ڪهڙو، ڪٿان، ڪڄاڙو؟

ايءَ پروڙي ڳالهڙي، سائين سڃاڻو.

تنہ وصف وڏائي ربّ کي جنہ منجهان ’ڪين‘ ڪيو،

”من عَرفَ نَفسَہ فَقَد عَرَفَ رَبَّہ“ جنہ سڃاتو پاڻ کي تنہ سائين سڃاتو.

ذال ئون ذليل جندڙا پڇين پند نه پار،

اَڻ کاڌي تون بڇڙو، کاڌي تون خوار،

ڀُڻي ڀَتيٖين بڇڙو هٺ تنهنجو هار،

ڊهي پئو ڏونہ اکييٖن، ڦوڪيندي ڦلهيار،

ٿين ڪارا هٿ ڇپٽيون، او رَڱي اڱار،

”وَالذين ڪَسبُو السَّيئاتِ جزآءُ سيّئةِ بِمِثلها“ ڪڏهن ڪئي نه چيو ڇا رکي موچار،

ذال ئي ذڪر ڪر تون ري ئون روءِ نه رتُ،

ري ئون رهه رحمٰن جي پڇ شريعت جو پنڌ،

ڪر وظيفو وجود جو سندو توبهه تند،

[سچ] سچو ئي سندرو ٻهڳڻ ٻيلي ٻنڌ،

هل هَرين، ڊڄ ڊاء ڌڻيءَ جي، ڪيو هيٺانهون ڪنڌ،

سڪائج سرير کي بدن ڏيئي بند،

لڳو وَهي لَڏ جو راتو ڏينهان رند،

ڪانهي بس بهير کي نڪو سيهو سنڌ،

”ڪُلُّ نَفسِ ذائقةالموت“ مرڪي پيئندو سڀڪو موت پياليٖ منڌ،

 

زي ئون ڏيو زڪواة کي مٿان مالن مَٿ،

کائي هڏ حرام جو گهوڙا گهاءُ مَ گهت،

ڦيريو ڦير چَرکڙو ڪاپائتي ڪت،

مَڇڻ وهين ويسري، اولاڻيٖ اَرٽ،

تان تان ڏي سڀڪهين جان جان ڪي هلي هٿ،

سڱ سڌئيٖن نه ٿئي پريان سي پهت،

ويٺِهِن ويندءِ نڪري ساهه سَنڌنئون ست،

جيءَ ڏني ري نه جُڙي سِسِي سَنڌنئون ست،

”لن تَنالوا البِرَّ حَنّي تُنفِقُوا ممّا تُحِبّون“ سان ئي ٿئي سڄڻين، اهڙيءَ پَر پرت،

کرئا کِلين جندڙا ڊڄي روئيٖن نه رت!

482 ۽ 483 پيج مس آهن

رنج رواسي راهه ۾، ڏونگر ڏُجاري،

پاڻي ناهه، پنڌ گهڻو بِڪَتُ[3] برباري،

لوڙها ڪانجا لَڪيون، وَرَ جهجها واري،

سُڄي سُڃ سبيل ۾، تاڪُئيٖن تنواري،

ڀيل ڀٽئان[4] ڀولڙا ڪارا ڪوڪاري،

چيهون، چٻون، چيٽا، چمڙا ڀڻڪن ڀَواري،

سُڄي سوڙهي هيڪلي اوجهڙي قبر ڪنڀاري،

سُڄي سَڏ نه مَڏ ڪو، تتي تنواري،

ميڙو مَکين ماڪوڙييٖن، ڪِيئن قطاري،

گس سدائين گڏريٖن، بُجرن بازاري،

سا ڪر سوکِي، سُرهِي، سوجهري، آگا! انڌاري،

ري ثمر سوڙهيءَ منجهه، جو ويندو واپاري،

اُو ڪر ري مڪڙي مِهران ۾، لڙهيو لاهاري.

”من دخل بلازادِ فڪاءيَّما رڪب البحربلاسفينة“ اِن خبر کڻي کيرو ڪي اسونہ ويچاري.

 

سين ئون سفر ساٿيا! سڄي سٽاڻو،

وَسين ناهه وچ ۾، پاڻي نه پاڻو[5]،

ڏِسيٖ ڏاڍو ڏُهلو ڏونگرو ڏور ٿيا، بربڪت بيباڻو،

نڪو ساٿي ڏِسيٖ[6] سڃ ۾، پانڌي نه پرياڻو.

اوڏانہ ٿيندو اوچتو، هڻي هٺ هالاڻو،

هيءَ ڇڏيندين هِتهين، هُن نه تون هاڻو،

راتو ڏينهان ريب ۾ وتين ويڳاڻو،

وَتين پئو ويڙييٖن، هيڪل حيرانو،

توشو تِر نه جيترو، سمر نه ساڻو،

ساريان ڪونه ڪريم ڌڻيءَ ري، ڪوهه ۾ ڪيڪاڻو[7]،

لڪُ جنهين سين لنگهيان جبل جوراڻو،

ڪوهه ڄاڻان ڪٿهين، ٿيندو مون ٿاڻو،

”القبر روضةِ مّن رّياضِ الجنة اَو حفرة مّن حُفر النّيران“ مان کي مادر! ماريو اهڙي اُهڃاڻو.

تنہ اُني اڳئين پنڌ جو ڪر پہ پرياڻو،

کڻو وهٽَ، پيٽيون پاڻي، سمر سُڌ ساڻو،

ڏينہ ٿيندو، تِک وهندي، کَل کُنڀ کاماڻو،

صور ڪريندو[8] سڃ ٿيندي، بر بِڪت بيباڻو،

لاهي ڪريندو لَس سڀيئي ڏونگر ڏناڻو[9]،

نڪو وڻ، نه ورک ڪو، ڇمر نه ڇاڻو،

اجهو ناهه اجهار ۾، لئِي نه لاڻو،

اُت سڀڪو پنهنجي ڏکن ۾، هوندو حيراڻو،

ڏاهن ڏاهپ وسري، هاتڪ حيرانو،

نڪا ڏاڏاڻِي ڏيهه ۾، نڪو نسب ناناڻو،

ذات ضايع ٿيندي، نانءُ نه نيشانو،

ڪونه چوندو ڪنہ کي، ته فرزند فلاڻو،

”فَاذا نُفخ في الصّور فلا اَنسابَ بينهم يَومئِذ ولا يتسائلون“ ڪرييٖن آستانو.

 

سين ئون سُڻي سمنڊ سڏ، جني ٻَڌ تُرها،

هڻي.........................................

486 ۽ 487 صفحو کُٽل آهن

 

حي هچارو جو ڦِريو، سو خوار ٿيو خارج خراب،

ٿا لُچَن لعنت وجهن، ماڻهو ملڪ جِنّ و جناب،

جي غلط ماڻهو، خدا آخر ڪندو تن تي عذاب،

تخم ۾ تن جي تفاوت، جي گلا جا ٿيا غوراب،

تڙ تني کي توڙ کؤن، بيدين ٿيا جي بي حساب،

شرم ناهي شاهه! جن کي، ڪونه ڪن تنهنجو حجاب،

يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،


[1] ثوبن کي=ڪپڙن کي

[2] اصل =کسئَي.

[3] اصل ائين

[4] اصل ڀترئا

[5] اصل= پاڻي ناهه نپاڻو

[6] ڏسي= ڏسائجي، سجهي، ڏسجي،

[7] ڪيڪاڻو= ڪيڪان، گهوڙو، سواري،

[8] يعني حضرت اسرافيل صور ڦوڪيندو.

[9] ڏنا نوڻيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org