سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :33

قاف قادر جي اڳيئون، ڪردار آهين قربدار،
محترم مَنّان جو ۽ پيش مرسل جي موچار،
پاڪ پيغمبر ڪَيوُ عالم جي عينن جو اوجار،
”منگتو“ مَرڪاءِ، پهراءِ پوشاڪ ڏيئي پيار-
آغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

ڪاف ڪَل ڪمذات جي لهه سيگهه ۾، سائين سُبحان!
تون ڀلارو ڀرجهلو بي شبہ، بي زورن ضمان!
مُشفقت سين شرّ شيطان کؤن الله لڳ ڏيو اَمان،
ڏاڻ ڏيو پينام کي، تان مَر ڏسي جملي جهان-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

لام لَڙهه تنهنجي لڳس لَڄ شرم رک شہ شير تون!
ڏي وٺي روزي رزق، سنجهي صبوح سوير تون!
اڱڻ آسروند جي پڳدار! پائج پير تون!
هن بندي بيڪار کي، ڏي دان دهرا دلير تون-
آغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

ميم معنى جا ڌڻي، لائق! لطيفن کي اُجار،
ڪوڏ موءن قلبي ڪثر ڪر، صاف سَّري کي سڌار،
نيڪ نفسيءَ تي نگهه ڌر، رمز رُوحيءَ جي ڏيکار،
خوش خَفيءَ جو خيال ڏي، انعام اَخفى جو ڏيار-
آغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

نون ناهي تو سوا ڪو ٻيو وسيلو واهه ور،
تون ٿَڪن ٿوڻي ٿنڀو ياور، يتيمن جو سڌر،
تو سندو واليءَ وڌايو، ڪل وليّن ۾ قدر،
پوش پينوءَ کي ڏيو، ڪا خاص خلعت خوبترَ-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

واو ويچارن ولهن کي پشت پاکر پير ڏي!
عقده مشڪل کول تون دلگير کي دل ڌير ڏي!
ٿي مدد مسڪين جي، تنهن شهد شڪر شيِر ڏي!
ڪر ڀلائي مون ڀلا! مطلوب مشفق مير ڏي!
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

هي هميشه حضرتا! شافع شريعت ڪر نصيب،
تر طريقت ۾ رکج، عزت ڏئي اعلى عجيب،
همہ حقيقت حال ڏي، تان شاد ٿئي عاصي غريب،
مهر سان مشتاق کي ڪج منجهه معارف جي قريب-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

لام لائق لک توکؤن، ٿا نافع نفعا وٺن،
تو درئون تحقيق، سڀ دان دهرا ٿا لهن،
مون جها مهجور سهسين، آس اميدون پَسنَ،
تَن وڳو پاکر ڍڪايو، تان اَپر عالم ڏسن-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

الف اوريان عرض پنهنجا، پيش تنهنجي ڏينهن رات،
ڪانه ڪامل! قلب کي تڪرار توريءَ طلب تات،
روز شب ريءَ شڪ اٿم، وائي اوهان جي آهه وات،
”حاجي عبدالله“ عاجز کي ڏيو، ڏاتار! ڏات-
اَغثني يا مرشدا، اي نور ”نئين ديري“ ڌڻي!
ٿي مريدن جي مدد، نروار نَر نعرو هڻي.

 

يي رکي ڪا يادگيري، کان بَدن باري بچاءِ!
سيدا! سڪرات ۾ رس، سوڙهه سختي کان ڇڏاءِ!
هي بندو ايمان سان دلدار! دنيا مون لڏاءِ!
ويل چالاڻي جي مهدي! ڪوڏ مؤن ڪلمون ڪهاءِ!
        لا اِله اِلا الله محمد رسول الله

(3)

ٽيهه اکري: نصيحت*

 

·        الف اُٿي آڌي رات،
سيّد تي پڙهه تون صلوات،

·        ڪر اَلله جي وائي وات

·        ٿيندءِ نيٺ نصيب نجات،

·        اهڙي هٿ نه ايندءِ ڪار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        بي بدبخت بديءَ جو واءُ،
ڪاهل! ترڪِ سمهڻ جو ساءُ،

·        تنهن جو اوڳا! رک سماءُ،

·        هستي، هَٺ خوديءَ کي کاءُ،

·        هردم هيڻي حال گذار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        تي تُندي ڪر ڪنهن سان ڪين،

·        محڪم مرد! مٿي رهه دين،

·        ڪُڇ پُڇ ڪامل! ٻولي ٻي نه،

·        ٿيندين ترت بهشت نشين،

·        غافل غفلت ساڻ نه گهار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        ثي ثابت ٻَڌ ڪمر،

·        تنهن کان ڀڄڻ ڀلو بهتر،

·        نفس ٿئيِ اَبتر،

·        پاڻ پراهون پاسي ڪر،

·        عيب ڏسيو روءُ زارو زار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        جيم جُوان! اَسُر جو جاڳ،

·        نندڊ ڦٽي ڪر نحس نڀاڳ

·        اندر اور رڳن جو راڳ،

·        آخر تنهنجو مِٽيِ ماڳ،

·        دل سڀ وسواس وسار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        حي وٺ حق جي راهه سولِي

·        لکين لوڪ هتان ويا چَليِ،

·        ربّ سوا ٻي ڪانهي ڳَليِ

·        دنيا آهه درنگي دليِ،

·        تنهن ۾ حق جي ڪر ڪا ڪار!

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        خي ڇڏ سڀئي خطرا خام،

·        موت سندو پر پئندين جام،

·        ياد سدا ڪر محب مدام

·        ڪانه هلي ٿي اُن سان هام،

·        ڏاڍي صاحب جي سرڪار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        دال دنيا تي عاشق ٿي نه،

·        مال مڏيون ڪم ايندءِ ڪِي نه،

·        هرگز هنڌ رهڻ جو هي نه،

·        ٻار ٻچا گڏ هلندئي نَه،

·        نائي نيڻ وجود نهار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        ذال ذڪر سڻ بات بيان،

·        اڳيؤن سجهي ٿو سخت مڪان،

·        ڄاڻج فاني هيءُ جهان،

·        سرس ثمر جو کڻ سامان،

·        آهين هت ڏهاڙا چار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        ري ڇڏ ريجهه دنيا جي جاءِ،

·        سنگتي تنهنجا پيءُ نه ماءُ،

·        آهه زماني کي نه بقاءُ،

·        مائٽ مِٽَ سڳو نا ڀاءُ،

·        ويهي آب اکين مان هار-

·        خوف رکي ڪجهه من کي مار.

·         

·        زي زر، سيم سندي ڇڏ وائي،

·        رکجان دل تي خيال خدائي،

·        ڪندا توسان ڪانه وفائي،

·        لَٽ ڪرين ٿو عُمر اجائي،

·        نٿو سمجهه رکين نادان،

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        سين سدا ڏس چشم کڻي،

·        جڏهين پوندءِ موت ڦَڻِي،

·        قادر ربّ قهار ڌڻي،

·        ٿيندين تَڏ پيمال پَڻِي،

·        ڪندين پوءِ گهڻو ارمان-

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         


*  اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org