سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :23

ٻيو نه تو ريءَ واهرو، وارث وسيلو ڪو ولهن،

هر دو عالم ۾ بنا تو، ماڙ ٻيو ڪونهي مُنجهن،

تو سنديءَ درگاهه مؤن، سڀ دان دانهين ٿا وٺن،

تون اجهو آڌار اڙين، يار ياور بيڪسن.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

سيّدا! سوالي سوين، محتاج تو در لک هزار،

سڀ اُڀا آهون ڪرن، بدڪار بلڪ بيشمار،

سيگهه ۾ سردار سيّد! تون لهين سڀني سنڀار،

معاف تن تؤن ڀِيڙَ ڀُلَ، جي لڙهه لڳا تو عيبدار.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

جي سندءِ پينام پيا، تهدل وٺي تنهنجو تڪيو،

ڀؤ نَڪو ڀلڪار جو، توڙئون نه تن کي غم رهيو،

درد دک تن جا دفع ٿيا، خوف تن خطرو ويو،

هوت! منهنجي ڪر حمايت، داد ڪر درويش جو،

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

آن آيس تو در سوالي، ٿي سندم مشڪلڪشا،

واهه ڪر بيواهه جي، گمراهه جو ٿيءُ رهنما،

سام پيو تنهنجي سڄڻ! دل جان سان گولو گدا!

ٿي مدد محتاج جي، سڻ سيّدا، منهنجي صدا.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

مون مُنجهو مظلوم آهيان، بيوسيلو بيشتر،

دربدر دانهون ڪيان، روئندو وتان سڀ جهنگ جهر،

جيءُ اندر جهيڙو ايهو، ۽ ساهه کي سوداء اَپَر،

دوست! ري تنهنجي دلاسي، ڪين ٿيان خوش خوبتر.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

در گهميس دلبر گهڻا، ڪاٿي نه واهر ور ڏٺم،

منجهه مصيبت رنج محنت، سال سورن ۾ لنگهيم،

دائما دل درد کؤن، واندي نه ٿي ورلي سندم،

احمد! ايذاءَ کؤن، هيءَ دانهن تنهنجي در ڏنم.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

دسُ دلبر! درد ۾، ڏاڍا پون دل کي دليل،

واهه ويچاري نَڪا، ريءَ در تنهنجي سهنجي سبيل،

سڏ سڻج سڀ سيّدا! جي عرض عاجز ڪيا عليل،

قرب ڪاهل ساڻ ڪر تون، خاص خاوند جا خليل!

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

ڪئن ڪيان ڪاڏي وڃان، توريءَ ٻڌايان ڪنهن کي حال؟

ماهيت مذڪور جي، ڄاڻي سندم رب الَجلال

گنج تنهنجي فيض جو، بي انت آهي بيمثال،

سيگهه ۾ ڪرٽيدا! سائل سندو خوش خوب خيال

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

حال منهنجي جي حقيقت، حضرتا! آهي گهڻي،

سڀ قبوليم سر مٿي، جا ڳالهه واحد کي وڻي،

ڪاڻ ڪرمن ۾ اصل هئي، ڳالهه مون دل ۾ ڳڻي،

پيش پئي پنهنجي پلئي جا باب هئي بلڪل بڻي.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

دانهن ٻڌ، ڪرڪا دريافت، شاهه تو منهنجي شتاب،

حاسدن کؤن ڏي وٺي، حضرت! سندم حق جو حساب،

شرمندو تن کي شقي ڪر، خلق ساريءَ ۾ خراب،

ريءَ بنا ڪنهن دير جي، بدڪار کي ڪر بهره ياب.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

دين دنيا آخرت جا، بار کڻ بدڪار جا،

لاهه ڀوريءَ جي مٿئون، تون ڀؤ سڀئي ڀُلڪار جا،

سام عاصي سڀ پيا، پينام تو سردار جا،

وس مڙئي توکي ڏنا، آگي اصل اختيار جا.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

رهبرا! گمراهه کي، حاصل هدايت ڪيو مدام،

توڙ کؤن تنهنجو تڪيو ۽ توهه جو تُرهو تمام،

رُستگاريءَ لئي رسولا!، تنهنجو عاصين سان انجام،

لاڳ لنگهي کي ڏيو، مقصود جو مرسل! انعام.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

عرض عاجز جا مڙئي، مقبول ڪر سڀ مستجاب،

جي ڪيون ڪمذات تو در، التجائون بي حجاب،

حضور مؤن پنهنجي ڪيو، في الحال فائق فيضياب،

هردو عالم ۾ هجان، تنهنجي ڪرم سان ڪامياب.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

سڪ سدائين طلب تنهنجي، آ اندر ۾ آرزو،

پنڌ ڪري، پيرين پيادي، تُرت پهچان تنهنجي سُو،

حال هيڻو هاشمي! توکي ڪيان سڀ روبرو،

ٻاڏائيان ٻانهون ٻڌي، اَن نِزد تنهنجي ڪُوبڪُو،

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

من گهڻو مشتاق تولئي، ٿئي نه هي سَرهو سرير،

عشق تنهنجي ۾ اداسي، دوست! منهنجي دل ڪثير،

ريءَ ملڻ ماندو مران، هينئڙي اندر حُب بي نظير،

تات تنهنجي توڙ کؤن، آهي سندم دل کي پذير.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سونهان سڀن!

 

سگ سڃاڻي سيّدا! بِالله ڪر تون بهرور،

پسڻ ڪارڻ تو پرينءَ جي، دمبدم آهي فڪر،

سوز سڪ ۾ تو سڄڻ جي، ٿو سڙي سينو جگر،

مينهن سانوڻ جئن وهايان ٿو، اکين مؤن جال جَر،

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

مير مادح کي مدينو، جلد تون جانب ڏيکار!

حج پڙهان عرفات تي ۽ آب زم زم جو پيار!

تهدليون طواف ڪيان، ڪعبي سندو آءٌ بار بار!

سِير سمنڊن کؤن سلامت، لَڪ لنگهائي نيج پار!

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

قرب ڪوهيارا ڪري، تون پاڻ پورهيت کي پساءِ!

ننڊ ۾ نروار پنهنجِي، زود ۾ زيارت ڪراءِ،

طرف يَثرب ترت تڪڙو، يا نبي! مون کي سڏاءِ!

حرم پنهنجي جِي، پرين پيغمبرا! چائنٺ چُماءِ!

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

ڏيان ٻهاري ريش سان، شل حرم تنهنجي کي حبيب!

در مٿي دربان جئن، حاضر هجان هردم عجيب!

اَهنج ڏک معافي ٿين، تنهنجي ڏٺي مرسل مجيب!

من مرادون سڀ پڄن، ٿين ڀاڳ مون اعلى نصيب!

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

آن اصل بدڪار بيحد، ڏوهه منهنجا ڪين ڏس!

سِر مٿي غالب هميشہ، هر گهڙيءَ شيطان نفس،

ڪين مون هرگز رکيو، پنهنجي خدا جو خوف ترس،

ڪم ڪيم چڱو ڪونڪو، جنهن مان رسي ڪو زودجس.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

بيڪمو بيڪار آهيان، سست دل غافل گندو،

ڏڏُ ڏوهاري ڏَڙُ ڏنگو، ڪوڙو ڪچو قولن سندو،

لام لائق ٿي لڳس، ڪر معاف سڀ ميرو مندو،

سام پيو تو در اچي، سردار! هي بيوس بندو.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

هر طرح ڪر حضرتا! صالح سندم نُورالبصر،

نيڪ طالع بخت عالِي، ڪج سدا منهنجو پسر،

بافضيلت فيضور هوءِ، خضر جئن اَفزون عمر،

دائما ان کي نه ڪج محتاج ڪنهن جي دوست! در،

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

سيّدا! سڀ ڪار ۾، ان کي سعادتمند ڪيو،

دين ۽ اسلام پنهنجي تي، پرين! پابند ڪيو،

در مٿي مخلوق جي، هرگز نه حاجتمند ڪيو،

ساڻ عزّت آبرو، خوشحال ۽ خورسند ڪيو.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

ظاهري سرڪار مؤن، ماڻهو گهرن ٿا مرتبا،

مون سندءِ درٻار مؤن، گَهَرا گهُريا نافع! نفعا،

ٻيا سڀ سانگا سٽي، تو در ڪيم سڀ استدعا،

ڪر هٿئون پنهنجي هدايت، احمدا! مون تي عطا.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

لڳ خدا، خيرالورى! تون ڪر نوازش جي نگاهه!

ڪر اِجابت ۾ سگهو تون، مصطفى منهنجي مداح!

اَن اجهي تنهنجي لِڪُس، ڏي پشت پورهيت کي پناهه!

اصل کؤن احمد ڏني، هيءَ ڏات ڏس توکي الله!

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

خانہ ويران ڪر معمور، مرسل مجتبى!

حرمَتِ شَبير شبّر حرمتِ خَير النسا،

سرخرو سرسبز رک، مون کي نبي نُورالهدى!

ڪر سندم سولي، بحرمت شاهه حيدر مرتضى.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

سِڪ صحابن جي رکان ٿو، ساهه ۾ ثابت صفا،

غار جو سنگتي سچو، صدّيق اڪبر باوفا،

هو ٿنڀو اسلام جو، ٻيو عمر عادل بي ريا،

صاحبِ ذوالنّور عثمان ۽ علي مشڪلڪشا.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

آسرو آهي سڀن ۾، ڀروسو بيشڪ بحال،

سي ڪندا مون لئي سفارش، سيّدا! توکي سوال،

قرب سان ڪامل! ڪندين، تون نيٺ ناقص کي نهال،

ريءَ مدد تنهنجي مِٺا! مقصود کي پهچڻ محال.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

تون ڌُئل درگاهه جو، پرور سندو توتي پيار،

سڀ رکيو دارين جو، مولى مٿي تنهنجي مدار،

گنج غيبي مؤن وٺي ڏي، رزق مون کي بيشمار،

جا ڪئي منظور تو، سا پڻ ڪري صاحب ستار.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

يا شفيع المذنبين! اي شافعِ روزِ جَزا!

ذوق ذاتي جو ذرو ڏي، قلب ڪيو ڪارو صفا!

مون سندي حق ۾ گهرو، دل سان ڌڻيءَ جي در دعا!

ٿين مدايون معاف منهنجون، ڪم ڪيم جيڪي ڪچا!

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

عشق ۾ الله جي ٿئي، صرف ساري زندگي،

رَبّ پنهنجي جي ڪيان، تهدل عبادت بندگي،

اسم ذاتي سان هميشہ، دل هجي پيوندگي،

سان سچائي ساهه جي، حاصل عقيدتمندگي.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

شر شيطان نفس جي کؤن، دل سندم آزاد ڪر،

ٿي ستت ساڻي سچا، جي نحس ڪم، سڀ سعاد ڪر،

قرب مؤن ڪاهي قريشي! جلد مون ارشاد ڪر،

خوف سڀ لاهيو خلل، بلڪل بديون برباد ڪر.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

حڪم حاڪم جي ڪنان، ڏَنهه ظلم ظالم جي ڍڪيج،

در بنا پنهنجي ڪٿي، ٻئي در نه ڪاڻيارو ڪريج،

سوڙهه سختيءَ ۾ سدائين، سيّدا سڌ تون لهيج،

ڪر ستت ساعت سڻائي، هردو عالم هٿ وٺيج.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

سيّدالڪونين! توکي، سڀ سُپاريم ڪاربار،

ناهه طاقت ڇا چوان، تعريف تنهنجي بار بار،

داد ڪر بيداد جو، تون جلد جانب! جيءُ جيار،

تان ڏين ماڻهو مبارڪ، مير! مادح کي هزار.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

معجزو تنهنجو ڏسي، مر آدمي عبرت وٺن،

جي هميشہ مون مٿي هَجوان کِلان ٽوڪان ڪرن،

ريءَ واهر، ويري وڍيل، هردم حقارت سان ڏسن،

سي ڪيو سڀ معاف ميران، بهرِ اَيزد ذوالمنن.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

دين ۽ ايمان ڪامل، شان شوڪت رک شرم،

قبر جي ڀل ڀيڙ کؤن، بدڪار تي ڪج ڪو ڀرم،

اَمن ”عاصي“ ٿو گهري، روزِ حشر لطف و ڪرم،

سيّدا! سڪرات ۾ ڪج، ساڻ ڪلمي جي ختم.

الغياث اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!

دانهن ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!

 

لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله

 

(2)

ٽيهه اکري: مناجات بادشاهه پير جي درگاهه ۾Ä

الف الله لڳ سندم فرياد سڻ راههِ خدا،

مال مڏيون تو مٿئون، جند جان ڪيان پنهنجي فدا،

جا حقيقت حال جي، ٻُڌ ماجرا سڀ سيّدا،

ڪن ڏيئي ڪُوڪان سڻج، سائل ڪري جيڪا صدا.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

بي بدين جا بار آهن، سي مٿي منهنجي انبار،

ناهه ڪو ليکو لکڻ جو، جي ڳڻيان ٿين لکن هزار،

آءٌ لڄي آهيان گهڻو، پنهنجي شرم ۾ شرمسار،

ڏوهه ڍڪ منهنجا مڙيئي، بلڪل برايون بيشمار.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

تي تڪيو تنهنجو اصل کؤن، آسرو آهي مدام،

درد مؤن دانهون ڪريان، شب روز تو در صبح شام،

سگ اوهان جي در سندو، آهيان سدا گولو غلام،

ڏي مدد محتاج کي، ڪر دل سندا مطلب تمام.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ثي ثابوتي صدق سان، تو ڏي اٿم دل جي اڪير،

دانهن ٻڌ درويش جي، دلگير کي ڏسي ڪا سڌير،

معلوميت مذڪور جي، توکي سڀئي آهي دستگير!

داد ڪر بيداد جو، خوشحال ٿيان سرهو سرير.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

جيم جيڪو وقت گذريو سڀ گناهن ۾ ويو،

نفس ۽ شيطان هردم، سر مٿي غالب رهيو،

حرص دنيا جي هَوَس ۾، خوف خاوند جو نه ٿيو،

عيش عشرت ۾ ولهي جو، وقت سڀ ويٺي ويو.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

حي حقيقت حال منهنجي جي، سڀئي توکي عيان،

در مٿي دلبر اوهان جي، درد کؤن دانهون ڪيان،

دانهن پنهنجي درد جي، توريءَ سڄڻ ڪنهن کي ڏيانم،

دک دفع دلگير جا ڪر، توهه تنهنجي سان تڳان.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

خي خطائون ڏوهه منهنجا، معاف مولى کان ڪراءِ!

ڀو انهيءَ ڀُلڪار کؤن، بدڪار کي بلڪل بچاءِ!

ڪرم ڪاهل تي ڪري هي لڪ مڙئي لطفئون لنگهاءِ!

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، توريءَ نه ٻي ڪا واهه آءِ!

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

دال دردن ۽ ڏکن ۾، ٿو گذاريان ڏينهن رات،

سوز سڪ مان ٿو سڏيان، توکي سدا ٿم ٻي نه بات،

اهنج کؤن آهون ڪريان، اچي معاف ڪر سڀ مشڪلات،

غور ڪر غمگين جو، ڏاتر ڏني آ توکي ڏات.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ذال ذلت دور ڪر، مغموم کي مسرور ڪر،

خانہ ويران کي، ميران! اچي معمور ڪر،

غير جو قطرو ڪڍي، منهنجي قلب مؤن دور ڪر،

سوال سائل جا سڻي، سڀ اِستدعا منظور ڪر.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ري رباني راز غيبي، ٿيا سڀئي توکي عطا،

جي لڳا لڙهه لام تنهنجي سي ڇِيَن کؤن سڀ ڇُٽا،

ٻار مؤن ٻهڳڻ ٻُڏن جا، تو سوين ٻيڙا ڪڍيا،

بي وڙن سان سَوَ هزارين، لطف تو لائق ڪيا.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

زي زمانو تنگ آهي، وقت اڄ اوکو لڳو،

قرب ڪُڙمئون ويو ڇڏائي، ساءُ ۽ سڪ جو مزو،

مهر وئي ماڻهن منجهان، ٿيو پُٽ نه ڀائي پيءُ جو،

سيّدا! هُن سوڙهه ۾ تو کؤن بنا ڪونهي اَجهو.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

سين سڪ مؤن سڏ ڪري ۽ درد کؤن دانهن ڪريان،

جوش ۽ جذبي منجهئون ، سڀ  حال مان توکي چوان،

دانهن دانهينءَ جي ٻُڌي، چڙهه سيگهه ۾ بغداد مان،

رس وسيلا راهه ۾، ٿِيءُ اَهنج ۾ آڏو اسان.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

شين تنهنجي شوق جي، لنءَ لنءَ اندر آهي لغار،

شل چميان چائنٺ چپن سان ۽ پرين! تنهنجي پيزار،

زود ڪيان زيارت اوهان جي، سڀ دفع ٿين انتظار،

تون ولهن واهر وسيلو، بيوسيلن جي آڌار.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

صاد صاحب! تون ڪرامت ۽ عنايت جو اَبر،

ٻيا پليٖ سڀ آسرا، تهدل وَتو ٿم تنهنجو در،

آءُ اصل بدڪار بيحد، دل حزين ناقص نِٻرَ،

ڪر سڻائو سيّدا! اڳتؤن ٻُجهي اوکو سفر.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير.

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ضاد ضد سڀ دور ٿين، مردود مدعي مون سندا،

پاڻ ڇڏ تن جي پٽي، جيڪي رهن مون ڏانهن مَندا!

جي وڍيل ويري سندم، سي ڪر اکين کؤن سڀ انڌا،

غيبتي ڪر غار سي، لچ لعنتي غافل گَندا.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

طوئي تمامي طلب تنهنجي، من اندر محبت گهڻي،

سڪ اٿم تنهنجي سدا، ٻيا خيال وئي سڀ دل کڻي،

ٻيو ته اجهي ڪار ڪم، وِهه ويس ٿيو سرمون ڦڻي،

لهه سڪاين سار سُڌ تون، سيگهه ۾ سڏڙا سُڻِي.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ظوئي ظاهر تو ڪرامت، ٿي هلي سڀ مُلڪ ۾،

شاهه ثاني تو سندو، پيدا نه ٻيو ٿيو خلق ۾،

پَرتوو تنهنجو پرين، آهي ارض ۽ فلڪ ۾،

ڪر سندم آسان مشڪل، پير صاحب! پلڪ ۾.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

عين عالي تو نسل، اولاد تون حسنين جو،

ڇانوَ ڇورن جو ڇپر ۽ آسرو دارين جو،

تُرت رس تِکِ تارَ ۾، ٿيءُ ماڙ تون مسڪين جو،

تون يتيمن يار ياور، غور ڪر غمگين جو.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

غين غفلت ۾ گذاريم، زندگاني سر بسر،

وقت سڀ ويهي وڃايم، روز شب شام و سحر،

عمر سڀ افراد ويئي، منجهه بُراين جي بَتر،

لام لَڙهه تنهنجي لڳي، نرمل ننگي نافع نِٻَر.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

في فضل تو کؤن مڱان، ٻي واهه تو ري نا ڏسان،

ڪر ڀلايون ڀال پنهنجا، آءٌ بِلي تنهنجي بچان،

سور ڏک سختيون سڀئي، ڪر معاف سڀ بدڪار تان،

ٻانهن ڏئي ٻهڳڻ! ٻڏيءَ جو، تار ٻيڙو ٻاجهه سان.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

قاف قربئون ڪج ڪميني سان اچي، ڪامل! ڪرم،

درد دل جا دور ڪر، تون شاهه! رک منهنجو شرم،

معاف ڪر مسڪين تؤن، سڀ آفتون رنج و الم،

ننگ کڻ ناقص نڌر جو، ڪر ڀلا پنهنجو ڀرم.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ڪاف ڪاهل سست آهيان، عيب مون ۾ لک هزار،

ڏس نه ڏوهن ڏانهن منهنجي، قرب ڪر تون قربدار،

سي سڀئي آزاد ٿيا، جي لڙهه لڳا تو عيبدار،

هڪل ۾ همراهه ٿج، تون ترت نِيري جا سُوار.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

لام لک احسان تنهنجا، بيڪسن تي بيڪِران،

ناهه طاقت تو برابر، ٻئي ڪنهين کي ڪا توان،

ڪر مدد مون سان، محي الدين جيلاني جوان!

سوال منهنجا ڪر سجايا، ڏيار دهرا دُرس دان.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ميم مولا کؤن ڪرائج، معاف سڀ ميريون مَنديون،

ڪر مڙئي مقصود حاصل، جي مرادون دل سنديون،

هوت! تون پنهنجي هٿن سان، ڳنڍ اچي منهنجو ڇِنيون،

آءٌ اوهان جي آسري، ويٺو آهيان توڪل رکيون.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

نون ناقص مان نڌر کي، ٻي نه توريءَ واهه ڪا،

منهنجو وارث تون وسيلو، لاهه غم گمراهه جا،

جن مٿي تنهنجي نظر، سي در نه ٻئي محتاج ٿيا،

جي پيا هِن سام تنهنجي، سي لنگهي سڀ پار پيا.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

واو وارث تون وسيلو ۽ ضعيفن جو ضمان،

بي پسر کي ڏيج فرزند، ٿو گهري دلگير دان،

ڪر سڀئي سولي سڻائي، شاهه! رکجانءِ منهنجو شان،

واڳ سڀ وس ۾ اوهان جي، آءٌ ڪيان ڪهڙو بيان؟

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

هي همت هيڻن سندي، ٿي هوت! هڪواري هلي،

ناهه مون مسڪين کي، توريءَ سڄڻ! ٻي ڪا ڳلي،

سور سختين ۾ سدا ويو، جيءُ سندم جوشئون جلي،

دل ڦٽي دانهون ڪري، ڪج تون ڀلا، منهنجي ڀلي!

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

لام لائق ڪر نڌر سان، هٿ ڏيئي مون کي بچاءِ!

ڪينڪي پنهنجي ڪنيزڪ کي مٿي در ٻئي رلاءِ!

ڪرم پنهنجي ساڻ ڪامل شاهه! ڇيئن کؤن ڇڏاءِ!

سوال خاوند کي ڪري، تون ڏوهه، سڀ معافي ڪراءِ!

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

الف اصلئون آءٌ اياڻي، ڪجهه نه ڄاڻان ڪار مؤن،

ٻانهن ڏَئي ٻيڙو ٻُڏيءَ جو، تُرت ڪڍ هن تار مؤن،

گنج غيبي ڪر عنايت، ربّ جي سرڪار مؤن،

حق وٺي ڏي حاسدن کؤن، بخت ڪر بيدار مون.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!


Ä هن ٽيهه اکريءَ جو متن ”گلشن بهار مجموعه مد حيات مناقبات“ مطبوع کيارام آهوجا لڪشمي پريس شڪارپور، سن 1912ع تان ورتل آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org