سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :25

عجب عين هن پر، عمر ڪيو پيام،

رسن مارئي کي دعائون سلام،

ڪري خير، ڇڏ خرخسا پنهنجا خام،

ڇو مارن جي خاطر، مَچايُئه مَڪَرُ

 

غلط غين غُربت ۾ لذّت نه ڪا،

آهي ڇا هُتي ڇانگ ڇيلن سوا؟

پَهُن جا پِيَن کير کائن کٽا،

خورش ڏٿ ۽ گوندن ۾ تن جو گذر.

 

غمن غين تنهنجو ڪيو ههڙو حال،

رَکيُئه پنهنجيءَ ۾ اجايا خيال،

مٿي تان نٿي لاهين ميري هي شال،

هڻين بخت پنهنجي کي ٿي تون پٿر.

 

فڪر في هتي ناهه، في الحال ڪو،

اٿي ڪين جنهنجي ڪجي جستجو،

محبت جي مون ساڻ ڪر گفتگو،

ٿي مالڪ تون هن ملڪ ۾ مفتخر.

 

في فاقه ڪَشي کان ڇڏايئه الله،

ڪندينءَ ڪونه هاڻي تون گوندن ۾ گاهه،

ملي بخت گمراهه، تنهنجي کي راهه،

تون راڻين جي راڻي، ٿي رهه عُمر ڀر.

 

قرب قاف ڪر مون سان مالايَطاق،

ڪري ويهه ڪوٽن ۾ تون طَمطراق،

زريون پاءِ، زيور تي رک اشتياق،

رکي طنطنه پوءِ نخوت نگر.

 

قلب قاف تنهنجو ٿئي برقرار،

وڃن وسري توکي سڃا جي سينگار،

هنن کي به ڏيان مال آءُ بيشمار،

تونگر ڪريان تن کي ڏئي آءٌ زر.

 

ڪري ڪاف هت ويهه بااقتدار،

سدا سُومرين ۾ رهي روزگار،

به اقبال و اجلال و باافتخار،

رهي ويهه راڻين ۾ با ڪرّ و فَر.

 

ڪندو ڪاف تو سان نڪو همسري،

سڀن تي آءٌ توکي، ڏيان برتري،

لسا لاهه، ويهه پاڻ پهري زري،

گهمي ڏس تون باغن ۾ گل تازه تر.

 

لسا لام لاهي هتي خوش گذار،

عمرڪوٽ جا ڏس تون باغ و بهار،

جتي گل ٽڙيا آهن هر سُو هزار،

ڇني کان وَڻَنِ تان ثمر تون سڄر.

 

لائق لام ناهي وڃڻ ويڙهه ڏي،

آءٌ ميها مُنگها توکي ڏيندس هِتي،

هِتي جيڪي آهي سو ناهي هُتي،

آڻي ڏيندا هِت توکي ماڻهو مڃر.

 

مَتان ميم لاهين جي موٽين ملير،

چوڙيلي! چڙهي چاڳ ڪر برسرير،

ويهي باغ ۾ ڏس گلن جي سَنڀير،

ڪري شوق شاهي ڏس عمدا شجر.

 

مِٺا ميم مارو جي کائن کَٽا،

کٿين جا ٿا پائن لڱن تي لَٽا،

ڀِٽن ڀر گذارين، جهولا جَهٽا،

ڪڪڙ کان به ڪم تن جو دنيا ۾ ڪر.

 

نڱيو نون صحنِ چمن ۾ گلاب،

ٽڙيا گل ۽ گلزار آهن پُر آب،

گران چشم ٿي نرگسِ نيم خواب،

سمن آهي ۽ ياسمين بيشتر.

 

نظر نون ڪر، ڏس مٿان اڄ ملار،

وسڻ جا ڪيا ويس اَبرِ بهار،

ڀريا ڇَڇ ڇَنُّون ۽ ترايون ٿيون تار،

وري آيا چوطرف ڪارا ڪڪر.

 

وري واو هيءُ جو لڱن کي لڳي،

نٿو ٿوڪ ٿرين کي اهڙو ٺڳي،

ولهارن تي ٿو مينهن جيڪو وسي،

سڪل جا هڻي ساوڪ، وري سا ٿِئي تر.

 

وڻيل واو اهڙا هُتي نا لڳن،

اچي وجد ۾ جنهن کان سرو و سمن،

ڏسو ڪيئن ٿيون سُنبل جون جعدون لڏن،

ٿي تڪمن ۾ ڪيئن نسترن جلوه گر!

 

هنجون هي وري هارين ڇو مارئي؟

ويڙهيچن ڏي آخر نه ويندينءَ وري،

ڍڪي ويهه زيور ۽ پائي زري،

نه ڪر لال لوئي مٿي تي مگر.

 

هِنيان لاهه هي تون پنوهارن جا پار،

نه پسندينءَ تون پنهنجا پکن ۾ پنوهار،

ڌُريان  ٿي آهين، تون ڌنارن کان ڌار،

ڇيڪارين ڇيلا جي واڙين وَلَر.

 

يڪو يي ڪيو مذڪور هيءُ مارئي؛

ويڙهيچن ڏي وينديس آءُ آخر هلي،

عمر ڄاتو، هيءَ ڪين هت ٺهرندي،

ڏنائينس موڪل، ٿيو نامور.

 

يگانو ٿيو يي کَٽِي نام کي،

رسايائين ساڻيهه ۾ سام کي،

جي اوّل ۾ سمجهائين انجام کي،

صبر ڪر اي ”سانگي“! آهي سڀ گذر.

 

ٽيهه اکري: سسئي Ä

 

(چيل زمان شاهه ”ساقي“ جي)

[زمان شاهه ”ساقي“، ٺٽي شهر ۾ 1308هه/1890ع ۾ ڄائو. رضوي ساداتن مان هو. پنهنجي وقت جو سٺو شاعر هو ۽ همعصر شعراء ۾ نمايان حيثيت رکندڙ هو. سندس ڪلام ۾، ڪافيون، غزل ۽ ڏوهيڙا مشهور آهن. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون. 1345هه/1926ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

(1)

سُتي الف اَڌيءَ، سَسئي کي ٿي سارَ،

ڏکويل ڏٺو ڪونه ڀَر ۾ ڀَتار،

چَري ٿيو چوي ٿي، ڪڍيو پاڻ پار؛

ويو وَر، وِلهي اُٿ! نماڻي نهار،

اٿس وات وائي، پنهونءَ جي پچار.

 

ڪيم بي ڀنڀوران، اَديون! بس هِتي،

اَڪيلي نه رهنديس، وڃان، جَتَ جِتي،

جَتن مون سان ڪئي جاڙَ، سَرتيون! سُتي،

وڃي شل! ڏسان آءٌ، اوٺي اُتي،

تَوڪّل سان ترندي، تِکِي توڙي تار.

 

ڀَنڀوران ڀڳي، هيءَ وڃي تي تِکي،

قلم هن جي قسمت ۾، هيءَ لئون لِکِي،

ته پيرو پنهل جو، ڏسي ٿي ڏُکي،

اڳي ڪونه سُورن، سبق هئي سِکي،

آيا ڏينهن ڏُکيءَ جا، ويهي سُک وسار.

 

سندس ثي نه ثاني، ڏٺم سارو ڏيهه،

وڃان ڪيچ ڪاهي، ويهڻ ڀانيان ويهه،

هُيس سام جن جي، ويا مانک سي،

وڃڻ ويل جاڳان اديون! آءٌ جي،

جهليان هوند هٿن سان، مَيئَن جي مَهارَ.

 

ڀنڀور آءٌ ڀانيان، جبل جيم جهنگ،

لکيو ائِين اَلِستِي، اَديون! منهنجو انگ،

ويو هوت هٿن مان، ڪيم طَلب تنگ،

سڙي سيج ٿئي، شال! پُرزا پَلنگ،

کڻي ويام جنهن تان، هِنئين هوت هار.

 

هُئي حي حقيقت ۾، مون کي خَبر،

ته نِيندا پنهون، مون ڇڏي منجهه ڇَپر،

ڪري ڏير آيا، ڏکيءَ تي ڏَمر،

جهليان ها جتن کي، ڪري هُل حَشر،

ويا واٽ ڪهڙي، پُڇان ڪنهن کان پار؟

 

اديون! خي خدا لڳ، مون کي ڏس ڏيو،

جهليو ڪين جيڏيون، سندم ور ويو،

ويهان ڪئن وطن ۾، مون کي نيهن نيو،

ڪونهي ڏوهه ڏيرن، قضا سڀ ڪيو،

پنهونءَ کان سوا، آهي ڏيهه ۾ ڏُڪار.

 

ويا دال دل تي، ڏيئي ڏير ڏُک،

سڄڻ روئي ساريو، سَسئي تنهن جا سُک،

ڇپر ڇال منهنجو، وِندر ڀانيان وِکَ،

مون کي سِڪَ ستايو، ڌڻي لاهي دُکَ

ٻَروچن جي ٻولِي، اَڻانگي اَپار.

 

زوراور جتن، جيڏيون! ذال ذات،

پنهونءَ جي ته پلپل، اَٿم تارِي تات،

ڏينهان ڏير ڳوليان، روئان سارِي رات،

وِندر جي وڻن ۾، اَٿم وائِي وات،

ڪٿان ويئي ڪيڏانهن، ڪوهياري قطار؟

 

ويا ري  رُلائي، جَنيِ جي هُيس،

چَري تنهنجي چاڪن، ڪوهيارا! ڪيس،

ڇَپر ڇولي، ڇوتا ٿَرن ۾ ٿيس،

ڏٺم اڳ نه ڏونگر، مگر نيهن نِيس،

سگهو ساٿ سائين! اڙيءَ کي اُڪار،

 

جتن جيڏيون! زي، ڪئي زوراوري،

هليٖ ڪامَ هاڙهي، وڃو سڀ وري،

ڏکيو آهي ڏونگر، متان پَئو مَري!

چوان سچ ٿي سرتيون! نه چئو مون چَري،

متان پوءِ ڪوهياري، ڪري ڪا ڪُوار.

 

پنهون! ٿي نه پوري، سَسئيءَ سين سِڪ،

تَتو ڏينهن ڏاڍو، لڳي پئي لُڪَ،

لڏي وئين ڇڏي، ٿي چريءَ کان ڪا چُڪ،

اَڃا هوت! هيڻن، ڀڳي ڪانه هِڪَ،

اُڃائي آءٌ آهيان، پرين! تون پيار.

 

اديون! ڪونه اوٺين کان، شڪ شين پيم،

پري پاڻ کان ڇو، ڪوهيارل ڪيم؟

نڪي هُوئِي ترسيو، نڪي ساڻِ نِيم!

هاڻي سڱ سرتيون! ٿرن ساڻِ ٿيم،

هَڻِي ٻاڻ مون ويو، ٻَروچن جو ٻار.

 

اچي صبر ڪيئن صاد ساجن سوا!

ڪريان هوند هِڪڙي، هتي جي هئا،

سَسئي سام هئي، سا نه رولڻ روا،

ويا چاڙهي چوريءَ، مَيَن تي مُئا،

اُها جُٺ جتن ڪئي، پنهونءَ هيءَ نه پار،

 

وَڙولي وندر کي، ٿيس ضاد ضاف،

وڃي ڪيچ ڪانگا، تون ڪج ڪاف ڪاف،

ٻڌي هٿ ٻروچا! سسئي چوئي صاف،

سڄڻ! سون ٿيان، جي مُيس، ڪج معاف،

سسئي جي تون سڃ ۾، سگهي لهج سار.

 

طلب طوئي مون کي، مِلڻ جي مُدام،

خوشي خواب مون تي، ڪيو حُب حرام،

جتن، جيڏيون! هي، سڀئي ڏُک ڏنام،

اڃا ڪونه پهتم، پنهونءَ جو پيام،

ڪهِي ڪيچ پهچان، اٿم انتظار.

 

ڪيو ظوئي هي ظلم، مون سان جَتن،

سندم حال تي، ڪونه ڪيو تَرس تن،

رکان آءٌ ڪهڙيون ميارون مٿن!

ڏکيو آهي ڏونگر، نڪو لنگهه لڪن،

نه آءٌ واٽ واقف، ٿِي عاجز اَپار.

 

اديون! رات ڏينهن، عين آهم عجب،

ويو وَر وساري سَسئي، ڇا سبب؟

سُڄي پنڌ پراهون، هلي ڪانه حُب،

جتن مان، نه جيڏيون! نماڻي نسب،

هيس آءٌ ڌاري، ڪري ويم ڌارَ.

 

سسئي بي ثمر غين آهي غَريب،

الله مون ملائيندو، سو ڪيچي قريب،

ڦٽو ڀاڳ ڀينر، اَديون! ويو عجيب،

جبل آهي جهاڳڻ، نماڻيءَ نَصيب،

وڃِي ڪيچ ورتو، قريبن قرار.

 

ڪوهياري جي ڪارڻ، ٿيس في فقير،

ڪيو عشق آريءَ جي، مون کي اَسير،

وڌو چور چوري، اديون! مون امير،

ڌڪاريل جو ٿي تون، ڌڻي دستگير،

اچي هوت! گوليءَ سان، گڏجي گذار.

 

ڪيو قاف مون سان، قضا ڪم اِيهو،

پِٽيان پاڻ کي ٿي، بَرَن ۾ بيهو،

پُڇان ٿي پکين کان، وِندر ۾ ويهو،

پَتو ڪو پنهل جو، ڏکيءَ کي ڏيو،

وڃائي جو ويٺيس، سو ڏاتر! ڏيکار.

 

ڪچو ڪم ڪمينيءَ سان، هي ڪاف ڪيائون،

ٻروچن جي ٻوليءَ ۾، چوريءَ چيائون،

نه ڏيو سُڌ سسئي کي، مٿان کَٽ کنيائون،

سُتي منهنجو ساجن، ٻڌي نيٺ نِيائون،

اديون! جَس جتن کي، ٿي مون تي ميار.

 

لڏي لام ويا، مون ڇپر ۾ ڇڏي،

وندر ۾ ڪيو وس، گهڻو جيءَ جڏي،

جبل، مون جڏيءَ کي، اڃا ڏس نه ڏي،
سڄڻ! توکي تنهنجي، سسئي پئي سڏي،

خدا لڳ، وِلهيءَ ڏي، سگهو واڳ وار!

 

مِٺا! ميم تو لئي، ٿي ماندي مران،

ڪڍي هيءَ ڪشالا، اچي پَت پَران،

ڪري ڀؤ برن کان، وچان ڪيئن وران،

رکيو حبّ هوتن، جبل ۾ جهُران،

اِها سِڪّ آخر، ڪندي مون ڪنار.

 

اِها ننڊ هئي نون، مون لئي نڀاڳ،

ڇڏي سور ويا سوکڙي، ڀيڻ ڀاڳ،

وڻيو ڪين ور کي، سسئي جو سهاڳ،

چيو مون کي سورن، سُتي! ٿيءَ سجاڳ،

ويو ور، ڇڏي گهر، تَتِي! ٿيءُ تيار،

 

جتن ڪئي نه جيڏيون! مون سان واو وفا،

ڪري ڇيهه، ڇني ويا جيڪس سڱ صفا،

ٿيا ڇو خبر ناهي، مون کان خفا،

جهلي ڪيئن جڏو جيءُ، جبل جي جفا؟،

پنهون پَرچ هاڻي، مَٺي ڪين مار.

 

ڪريو همّٿون هي ٿي، هاڙهو هلان،

جتن ڪاڻ، جيڏيون! جبل ۾ جَلان،

دعا دل سان ڪريو، وڃي شل ملان،

سوا سور ساجن جي، ڪنهن کي سلان،

سڀئي ڄام ڄاڻي، مٿس ٿيو مدار.

 

ڪريو لام لائق، پرين! مون تي پاڻ،

اُها آهيان ساڳي، سسئي تون سُڃاڻ،

ڇڏي وئين تون ڇوري، هِتي ڪنهن جي ڪاڻ؟

نيو ها ندوري، پنهون! پاڻ ساڻ،

مليم حب! مِهڻا، وِڌم هنج هزار.

 

اچي الف هاڻي، اُڪاريو اَڙي،

پڇان گَس گَونرن جو، چوٽين تي چڙهي،

ڏُکيءَ کي، ڏُکي ٿي، گذارڻ گهَڙي،

ٿڪي آهيان ٿر ۾، رَندن تي رڙهي،

نٿو وِک وڌڻ ڏي، برهه جو هي بار،

 

لٿا سور سرتيون! اٿم يي يقين،

قبوليو ڪوهياري، ڪتيو هوم ڪين،

اچي هت مون سان ٿيو هم قرين،

”زمان شاهه“ سُهاڳڻ، سَسئي کي سڏين،

پڙهي ڪيم ڪلمون، پُنهل ساڻ پيار.

 

لاالہ الاالله محمد رسول الله

 

(2)

ٽيهه اکري: مارئيÄ

 

الف ئون آڌي رات جو، پيو عُمر کي پُور،

هڪڙي باهه برهه جي، ٻيو سڪ اٿاريس سُور،

مهندان مارئي جي اچي، مير ڪيو مذڪور:

ميوا بنگلا باغ هي سڀ، مارئي! ڪر منظور،

ڏسڻ پڇاڙي پنهنجي، آهي دانائن دستور،

”زمان“ پُڇ پنهوار کان، وڃي ٿيو وهلور،

ڏوٿي ٿيس ڏور، هي آهي حاڪم هٿ ۾

 

بي ئون ڀونگن سان ڪيئن، ڪريان بنگلا برابر؟

سي ڪيئن باغن ۾ ڀِرنديون، ٿاڪ جني جو ٿر،

ڪين ڊڄان ٿي قيد کان، شل پت رکي پرور!

ڏسيو ڪين ڏَڪان ٿِي، تنهنجو ڏاڍ ڏمر،

مٿي مان ملير جي، مُور نه ڪڍنديس مَرُ،

سِر وڍي وڃ سومرا! ٻيو ڪوڙ نه مئيءَ سان ڪر،

”زمان شاهه“ زيور زريون، هي ناهي پنوهارن پر،

عمر! مان آخر، وينديس ويڙهيچن ڏي.

 

تي ئون تپي تاب ڪيو، عمر ٿي اهڙو:

رکنديئن سِيل سنگهارن جو، ڪوٽن ۾ ڪهڙو؟

مارئي موٽي هيئن چيو، ڇڏي جهانگين سان جهيڙو،

سڱ وڃي پڇ سومرا! رکي سنڌو ۽ سيڙهو؛

مارئيءَ جو ملير ۾، ٿئي مارن سان ميڙو،

ويڙهيچن ويڙهو، ڏسان ”زمان شاهه“ ڏيهه ۾.

 

ثي ئون ثاني ناهه ڪو، تو مارئيءَ جو مون وٽُ،

ملڪن ۾ آهي مارئي! ڪو مور نه تنهنجو مَٽُ،

لاهي لوئِي لڱن تان، پهر اُٿي تون پَٽُ،

عطر، مشڪ، عنبير تون، ڇيريون ٻڌي ڇَٽُ،

جيڪي گهگهيري گهري، سو جوڙايان جهٽ پَٽُ،

سگهو پرچ پنوهار تون، قلبئون لاهي ڪَٽُ،

گهڙي ”زمان شاهه“ گهٽُ، ناهي عشق عمر کي.

 

جيم ئي جهانگيئڙن جو، آهي عيب اِهو،

پنهنجن کي پري ڪري، هڻن ٻاڻ ٻيو،

وڇوڙيم وطن کان، تو ڪوجهو ڪم ڪيو،

روئن سنگهاريون رات ڏينهن، بَر منجهه ويهو،

توکي پِٽِين پنوهاريون، واريءَ منجهه ويهو،

کڻي مون کي کوهه تان، ناحق تو نِيو،

”زمان“ ظاهر ٿيو، جيئڻ جهانگيئڙن ري.

 

حي ئون حاڪم اڳيان، ڪر عقل، ڇڏ انڪار،

منهنجي مڃ منٿ کي، هاڻي ٿيءُ هوشيار،

جهومڪ، جهالر، جهرمر، وجهه هس هسيون ۽ هار،

ڪانِي پائي ڪجل جي، سينڌ ڪڍي سينگار،

هنج ۾ اچ حمير جي، کڻي نيڻ نهار،

قيدياڻيءَ تي ڪانَ ڪندا، مارُو ڪابه ميار،

ناهي زور ”زمان شاهه“ مون، مارئي ڪي مختيار،

پرچي شل پنوهار، ته ڪريان صدقو سر کي.

 

خي ئي خدا جي واسطي، سُڻ سومرا! سوال،

زيور ۽ زرين جي، مون کي ڳاري ڳال[1]،

سور ٿي پايان سومرا! تنهنجا مڏيون ۽ مال،

اٿم لڄ الله تي، ڪندم سوئي سنڀال،

اڄ ڏي موڪل مون کي، تو قيد وڌو آهي ڪال[2]،

سنگهارن جي سومرا! سڀا ايندم سال،

ويڙهيچن وصال، ”زمان“ ٿيندم ٿر ۾

 

دال ئون دل تي دُکڙا، تنهنجا عمر کي آهِين،

حاڪم اڳيان هوڏ ڪري، جي سينو ٿا ساهِين،

قيدن، ڪوٽن پاڻ کي، سي پاڻهي ٿيون پائِين،

ڏاڍي اڳيان ڏاڍ ڪري، جي منٿ موٽائِين،

آڇون هي عمر جون، بڇڙيون ٿيون ڀائين،

”زمان“ ڳُڻ ڳائِين، سڀ عمر جي انصاف جا.

 

ذال  ئون ذات اسان کي، پکن جون پوٽيون،

ويڙهيان ڪيئن وطن ري، چيڙهيليون چوٽيون؟

ڏريو کايو ڏُٿڙا، پيون لسيءَ جون لوٽيون،

مور نه آئون مڃينديس، ڪر ٻڪرن جون ٻوٽيون،

هروڀرو تو هيڻن سان، جنگيون ڇو جوٽيون؟

”زمان“ کريون ڪِي کوٽيون، ته به سونهن سنگهاريون سٿ ۾.

 

ري رات ڏينهن اٿم، تو مارئي جي محبت،

ڪين ڀائنج بڇڙي، عمر جي عادت،

مارئي! ڪين ملول ٿي، منهنجي سهڻي آ صحبت،

اچان اوڏو، جي ڏيئن، راضي ٿي رخصت،

حد مٿي جي آءٌ هلان، ته تنهنجي ڇا طاقت؟

”زمان شاهه“ عدالت، اها آهي عمر جي

 

زي ئي زاري تنهنجي، مان مون نه مڃيندياس،

لوئي آءٌ لڱن تان، مور نه لاهيندياس،

عمر! ڇڏين انصاف کي، ته به ڀاڳئون ڀائيندياس،

ڪنهن پر نڪري ڪوٽ مان، وطن ڏي ويندياس،

چڀڙ چونڊي چاهه مان، کَٿن ۾ کيندياس،

”زمان“ سنواري سينڌ کي، وار نه ويڙهيندياس،

ٿرن ۾ ٿيندياس، سُکِي سنگهارن سان.


Ä لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوهار کان ملي.

Ä لاڙ(تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوهار کان ملي

[1] ڳال = ڳالهه.

[2] ڪال= ڪالهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org