سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :16

هنئين هير هي وهه! وطن جي وڻي،

اڀيٺياس اوڏانهين اکڙيون کڻي،

سنڀاليوم ستّار، دل ۾ ڌڻي،

ته ڪڏهن سندا قيد پڄندا پهر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

الف اڄ ٿي ارمان ۾ هٿ هڻا

ته ڪيئن ڪوٽ ۾ ڪيام قسمت ڪڻا،

ويا وجھلندي ورهيه گذري گهڻا،

نه ٿئي موت منهنجو نه نڪرن نِيرَ.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

لکين لام جاڳيو ٿي جانا ڀري،

ته والي وطن واڳ منهنجي وري،

هتي شال ”حامد“ سنديم پت پري،

رهي ڍاٽ ڍولي سان پاسي ڍنگهر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

اٿم يا يي جي ڪيون ڪوٺين،

لکيو لفظ سين لفظ مارن جو من،

سخن صلح کان پوءِ ويهي وطن،

ڪنديس ساڻ ڪلمي سڀئي سين سڳر،

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله.

(2)

ٽيهه اکري: مناجات بادشاهه پير رحه جي درگاهه ۾*

 

اتاهون اڳي اسلم الله جو،

مٺو نام مرسل مٺي ماهه جو،

چئي ڇا چوان شان تو شاهه جو،

تون رهبر ٿئين ربّ جي راهه جو.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

بزرگيءَ ۾ بهرو ٿيو تنهنجو بلند،

تون اڪمل ولي اولياء ارجمند،

تون داور جي در جو پيارو پسند،

ڪرين شاهه! شادان دل دردمند.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

تعاليٰ الله تنهنجو شرف شان شاهه،

ڪسر ڪيميا کان ٿي نافع نگاهه،

تون هر وقت هيڻن جو پشت و پناهه،

نوازين نظر سان ڏکيا ڏڏ ڏاهه.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

ثنا خوان سندءِ غوث ۽ قطب ڪُل،

نه مٽ مدح ۾ تنهنجي تعريف تُل،

تون گلزار گيلان جو زيب گل،

تنهنجو غلغلو غوث هر جاءِ هُل.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

جڙي ڪونه جلوو سان تنهنجي جمال،

ميسر مڙئي توکي ڪامل ڪمال،

نبيءَ جي چمن جو تون نازڪ نهال،

تون فرزند حيدر جو فرخند فل.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

حيا حلم حڪمت سعادت سخا،

هدايت ڪرامت ولايت وفا،

امانت ادب علم رافت رضا،

همہ توکي حاصل ڪئي خاصا خدا.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

خصومت رکي خارجي خام خر،

ڇڏي ڪبن جو ٿو شقي شوم شر،

منافق مري منهنجو مدرود مر،

وڃي پورجي پير! دشمن جو در.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

دلئون دانهن منهنجي جو تون دادڪر،

عطا علم ايمان امداد ڪر،

بقا وارو منهنجو تون بنياد ڪر،

خدا لڳ سندم خانو آباد ڪر.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

ذليل آهيان سڻ تون زاري سنديم،

وئي عصيان ۾ عمر ساري سنديم،

تو ري توهه تڪيو نه تاري سنديم،

ڪري غوث! تون غمگساري سنديم.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

رعايت رکي تنهنجي رحمان سڀ،

ڏنئي ڏات ڏاتار سبحان سڀ،

تون دفتر ڌڻي تنهنجا ديوان سڀ،

لاهين اولاد منهنجا تون ارمان سڀ.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

زمين و فلڪ زير فرمان سندءِ،

مسخّر مَلڪ، جنّ انسان سندءِ

همہ نعمتون، حور، علمان سندءِ،

سڀئي جنتون جوڙ سامان سندءِ.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

سڏي سڀ ڪنهين کي ٿو رهبر رسين،

تون مقصود، مخفي ٿو پڌرا پسين،

اَجهو عاجزن ڀروسو بيڪسين،

ڪڪر جئن ڪامل ٿو ور ڏيو وسين.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

شريعت جو تون شاهه عالم امام،

طريقت جي تلقين ٿو ڪئي تمام،

حقيقت جو حاصل مڙئي تو مقام،

مشرف ٿئين معرفت سان مدام.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

صدا منهنجي سڀڪا گهُر! گوش لاءِ،

اٿم جي اميدون سي پوريون پڄاءِ،

ڀلو شهر بغداد پارس پساءِ،

اڳيان اولياءِ پنهنجي روضي رهاءِ.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

ضعيفن جو ضامن آهين زور تون،

هي فرياد سڻ منهنجو في الفور تون،

آهيان غمزدو، عوث! ڪر غور تون،

منهنجو لاهه ميران! هنئين هور تون.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

طلب جنهن جي توڏانهن صدقا صفا،

ڪرين تنهن جي پوري تون من مدعا،

جئڻ جنهن جو مشڪل ٿيو تو کان جدا،

نه ڏي ڏک انهيءَ کي زمانو ذرا،

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

ظفرياب ظالم تي ڪر زور تون،

تپائي جنهن تنديءَ سين بدڪار ڀون،

سدا آهي سرڪش مُٺو ساڻ مون،

ڪپر پاءِ ڪيري سڃو سرنگون.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

عمل علم تي صبر صحّت گهران،

اندر رزق بيحد ٿو برڪت گهران،

هميشه حياتي بحرمت گهران،

مُئي ماڳ محشر ۾ جنت گهران.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

غني غوث ميران! تون مسڪين نواز،

هٿان تنهنجي حاتم، سپڙ سرفراز،

عيان توتي عارف! سندو رب راز،

نمن توکي نوکنڊ نت با نياز.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

فضيلت ۾ فائق فصاحت گهران،

ادب ۾ ٿو اخلاص اُلفت گهران،

سدا تو ڪنان حل حاجت گهران،

ٿو ظالم جي هر وقت ذلّت گهران.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

قيامت ۾ قابوب وٺج هٿ هلي،

جهلج سام سردار! محر ملي،

ڪجان قبر ۾ ڪو مٿم ور ولي،

ڌريان تنهنجي داتا! مون دامن جهلي.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

ڪريان ڪيترا درد دل جا بيان،

مڙيئي منهنجا مقصود آن تي عيان،

ڪيو تنگدل تنگدستيءَ آهيان،

ولهي ساڻ پنهنجو ڪجو وڙ ونهيان.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

لنگهو لالچي آنۡ جو آهيان امير!

سخي ڇڏ مَ سکڻو سندم پاند پير!

ڏڏن تي ڪيون ڏاتيون تو سڌير!

ڪيا تو ڪرامت سان آجا اسير.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

مٿي ڪل ولي تنهنجو ڪامل قدم،

عرب آسري تنهنجي عارف! عجم،

ڪنهين کان نه ڪوتاهه تنهنجو قدم،

لِکِينَ لوح تي سين ڪرامت قلم.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

نماڻو نڌڪ آهيان آءُ اڄاڻ،

نه ڪيرت جي قابل نه سائل سڄاڻ،

تون سمجھين سندم پير پارس پرياڻ،

پري بخش محتاج مڱڻي کي ماڻ.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

ولي وصف ۾ قطب! جھڙئي نه ڪو،

تو ناسوت، لاهوت سڀ سير ڪيو،

تون واقف ولايت ۾ جبروت جو،

۾ ملڪوت ميران ڪي تلقين تو.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

همہ حاج ”حامد“ جي سائين سڪار،

وڏا پير! وڏيون تون ڏاتيون ڏيار،

مڙئي ميٽ مشڪل تون اوکيون اُڪار،

نه در ٻئي جي داتا! سندم ڪم سپار.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

اٿم اولياءَ آزمايو اڳي،

ته دلشاد هو ئي جو دامن لڳي،

پيس پير! تنهن لاءِ تنهنجي پڳي،

مخالف مري جو ٿو ويري وڳي.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

لڳو لام لڙهه تنهنجي آهيان اَچي،

وٺي ڪرت ڪوجهي، ڪمائي ڪچي،

لَکَڻ لڄ جھڙا نه ساريان سچي،

ڀلا! ڀروسي تنهنجي ويندس بچي.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

 

يتيمن جو يارو تون ميران مدام،

اگهن عافيت امن، نت تنهنجو نام،

اها منهنجي اڪثر صدا صبح شام،

ته مرندي ميسّر ٿئي ڪلمون ڪلام.

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيّدا داد ڪر دستگير!

لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله.

ٽيهه اکري: سر سسئي*

(چيل مڱيي برديي جي)

[شاعر مڱيو ذات جو بردايو لس ٻيلي جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. لس ٻيلي جي مشهرو شاعر احمد شاهه جو همعصر هو. شيخن جي ڳوٺ ڀرسان رهندو هو. سندس ڀاءُ محراب به شاعرهو. ٻئي ڀائر شيخ ابراهيم کي پنهنجو اويسي استاد ڪري مڃيندا هئا. هتي سندس هڪ بيت ڏجي ٿو، جو سنڌي شاعري جي عام مشهور صنف ٽيهه اکري جي صورت ۾ چيو اٿس. اوڻيهين صديءَ عيسويءَ جي آخر ڌاري وفات ڪيائين.]


[1] ”ارمغان حلمد،“ مطبوع هاشمي پريس ڪلب سنڌ 1354هه تان ورتل

[2] ”ٻيلا ين جا ٻول“ مطبوڪ الوحيد پريس ڪراچي سنڌ 1951هه تان ورتل،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org