سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :17

آڳ اجھامي ڪين اندر جي ٻاروچل جا ٻاري هئي،

آءُ سنڌي به سمجھان ڪانڪا هن وائي عربي واري هئي،

منهنجو پنهون وٺي نيائون پاڻ سان، منهنجو زور نه هليو زاري هئي،

پوءِ آهه اڇايم ائين الف ٿي جئن رڃ گهڻو مان رئاري هئي،

بي بنيم خوبئون بت تي، آءُ تي پريان جي تاري هئي،

ثي ملنم شال سپريم، جن سان جيم سندس مون جاري هئي،

حي هئي ڪري هلئين هن ڏنهن، نيڻ پٽي، مون نرت نهاري هئي،

خي اُني جي خواهش کري عاشق دل اپاري هئي،

دال سندا مان دست کڻي ڪي زال سندي مون زاري هئي.

ري رسيوم راهه رڃ ۾، ناتي ڏک گهڻو مان ڏاري هئي،

زي انهيءَ جو ذوق گهڻو هوم، آءُ محبت ان جي ماري هئي،

سين ئون ٻڌوم سنئين صبر جو، مون پرت پنهونءَ سين پاري هئي،

شين سڃاتم سرت سچيءَ سي، صاد سڄڻ سان سچاري هئي،

دلبر منهنجو داد (ضاد) ڪيو نه ته آءُ ڏونگر وچ ڏساري هئي،

طوئي تپيو تُريس تن لئي، ور سندي مان واري هئي،

ظوئي زريو، وائين وريو، آءُ ڇپر مت مونجھاري هئي،

ڪشي ڪوهيارو ڪهه منجھه رسيم عين نون جت اوکاري هئي،

تنهن سور سٽي، دک دور ڪيا، ات مان غين گهڻو غمنائي هئي،

في سندا مون فڪر فنا ڪيا، هوت ڪئي همراهه هئي،

قاف ئون ڪاف ڪاڄ پنام، مون تي لام معشوقن لائي هئي،

ميم مدايون ميٽ ”مڱيو“ چئي، تنهنجي واحد! واهه وڏائي هئي،

بديون ڀيري بخش ڪرينم، نه ته نون ئون نون نگائي هئي،

سام توئي جي پيس سپريم! واو نه مون وسيلائي هئي،

هي پريءَ کي هت ملان جت چويار سندي چوياري هئي،

يي سندي مون يقين تن تي توڙان دل ته قراري هئي،

ڪر معاف گناهه محابي تن جي، جن کي شرف ڏنو تو شاهي هئي،

آءُ تان اجهي جني جي آئي هئي، سو ور اچي مون سان واهر ٿيو.

 

ٽيهه اکري: مدح سچل سرمست

(چيل هادي بخش شيخ جي)

[هادي بخش شيخ، سچل سائين جي درگاهه جو وڏو خليفو هو، هن جو ڪلام گهڻو چيل آهي. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي، جا ”سچل سرمست“ جي شان ۾ تعريف طور چئي اٿس. سندس ولادت ۽ وفات جا سنه، توڙي وڌيڪ احوال هٿ اچي نه سگهيو آهي.]

 

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

الف آيو اسم جو اولو ڏئي اندر صفات،

جوڙ جسماني ڪري جڳ جي ادا ڪيوَ رسميات،

لئي سڃاڻپ جي رکيوَ نالو سچل، پر پاڪ ذات،

وات وحدت جي هئي وائي اوهان کي ڏينهن رات.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

بي بلاشڪ ”ڪُل ُّ شِيءَ يرجَۡع“ وارو اوهان،

قول پاڙيو پرت سان هن بزم اندر بيگمان،

ڪثرتي قلزم اندر وحدت ٻڌي ترهو توهان،

موج ۽ محبت سندا ماڻيا مزا نت بي نوان.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

تي توهان دامن وٺي ڏاڏي سندي، اي اصفيا!

ناشتو پير مغان ڏي پي کڻارائي ويا،

ٽي ڏنا لقما بچائي جنهن منجھان مرشد هُيا،

تن منجھان هڪڙو اوهان کي جن ڏنو پرتون پيا.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

ثي ثقيلي طعام جو لقمو کڻي کاڌو جڏهن،

هيئن چيو مڙسد ڏسي ڪلمون زبانئون هو تڏهن،

راز ربّاني لڪو ٿيندو نه هاڻي هڏ ڪڏهن،

ڇو ته هي نينگر ڪندو ظاهر رسيو مانيءَ جڏهن.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

جيم جيڪو قول ڪيو ڪامل! ٿيو اوئين شتاب،

ذاتئون ظاهر ٿيو جنهن وقت تي هي آفتاب،

روشني ساري زماني تي ڪئي تنهن بي حساب،

پَرتوو نوري پيو هر جاءِ تي ٿي بي حجاب.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

حي حقيقي فيض ڪيو مرشد جڏهن محبت منجھان،

ڏينهن چوڏهن ٿي پيو پاڻي اوهان جي سر مٿان،

ته به اُٿيا ٿي باهه جا اُلاّ اوهان جي جسم مان،

نيٺ نئون ڏونگر وسايو موج مستيءَ مان اوهان.

 

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيِر مغان! پنهنجا فقير.

 

خي خدا جي ياد ۾ ڪيئي ورهيه بيهي اوهان،

مَحوۡ ٿيو محبوب سان ڏئي پيچ پيچن ۾ توهان،

ويا وري چوگرد ٻوٽا وڻ مثل ٿي پيئو اوهان،

ساڻ روزي جي گذاريو وقت اهو پئي اوهان.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

دال دوڙي جبل تي ٻڪريون ويون ٻوٽا چرڻ،

آدمي جهڙو ڏسي ٻوٽو، لڳيون ٻڪريون ٽهڻ،

قهر مون ڪاهي ويو ٻڪرار ٻوٽي کي ڪپڻ،

پر ڏسي وڻ آدمي جهڙو لڳو ڪوڙو ڪنبڻ.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

ذال ذوقئون ڪيو تنهين آڻي شهر ۾ هي ذڪر،

تان ڏٺو مون جبل تي آهي عجب جهڙو شجر،

جو ڪري ٿو ذڪر ذاتي، شڪل ۾ آهي بشر،

ويا چڙهي ماڻهو ڏسڻ افواهه ٿيو هي مشتهر.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

ري رڳي ايها عبادت ڪين ڪئي آهي اوهان،

پڻ زمين جي هيٺ ڪئي طاعت گهڻي آهي اوهان،

ڪين ڪئي اهڙي زماني جي اندر ڪنهن ٻئي اڃا،

جا ڪئي ڪامل! زماني ۾ اچي آهي اوهان.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

زي زماني ۾ اوهان جهڙو نه ڪو شاعر ٿيو،

ڇا چوان ’جامي‘ ‘نظامي‘ ۽ نه ’فردوسي‘ هُيو،

ڪونه اهڙو شعر ڪو ’سعدي‘ تصوف ۾ چيو،

ڪونه ٿيو ڪوئي زماني ۾ اوهان جهڙو ٻيو.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

سين سڀني شاعرن ۾ سمس شعرا هُئو اوهان،

شاعرن سڀني ڪنان کنئي گوءِ شبقت جي اوهان،

ڪونه ٿيو ثاني سندوَ ڪوئي چئي ٻيو ڇا چوان،

موج مؤن ماريوَ اچي هت نينهن مان نعرا نوان.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

شين شاها! عشق جا آهيو اوهين اعليٰ امير،

محبتي ميدان ۾ سڀني ڪنان ٿئو سرس سير،

ورهه جون واديون لنگهي سارو فقر ڪيوَ تم فقير،

برهه جو بهرو ڏئي، ڪيئي ڪيوَ روشن ضمير.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

صاد صاحب! فيض جا جاري ڪيو، بحر،

جن منجھا هن جڳ اندر فائق سوين ٿيان فيضور،

’نانڪ‘ ۽ ’گهرام‘ طالب ٻيا گهڻائي نامور،

فيض تسليٰ جو وٺي ٿيا برهه سان نيئر بهرور.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

ضاد ضيا ڪيو عشق سان آڻي زماني کي وري،

موج محبت ۾ سخاوت جو کڻي سر سروري،

ذوق ذاتي، شوق شامل، درد جي کولي دري،

ٿا ڪيو گادي ڇهينءَ تي پرت جي پيا پروري.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

طوئي طلب توحيد جي تنهن وقت مون آڻي ڪئي،

واهه جو مون کي اديون، وارو وڌو آ بخت ڏئي،

ڇو ته هيءَ گادي سڄي آهي سخاوت سان ڍئي،

ڇو نه ڏيندم ورهه وحدت جا ڀري پيالا پئي.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

ظوئي ظرفئون ڪول ڪيوَ ڪوجھو ڪنو پنهنجو غلام،

لڙهه لڳو جو ازل کان ان کي ڏجو الفت انعام،

عشق ڏئي الله جو توحيد ڏيو تنهن کي تمام،

پاڻ لڳ پينار جو مقبول ڪيو ڪلئي ڪلام.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

عين عاصي مون جِهو ڪونين ۾ ڪونهي ٻيو،

ڪوڙ ڪچ ساري عمر محبوب! مون آهي ڪيو،

در ڇڏي سڀئي ٻيا آهيان، اوهان جي در پيو،

پوش ڏئي پينار کي ڍوليا! ڍڪي پنهنجو ڪيو.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

غين غازي! نفس ۽ شيطان تي قادر ڪيو،

ازل جو انجام پارائي يَمن ياور ڪيو،

ڪينڪي سرتين اڳيان مون کي ڪڏهن ڪانئر ڪيو،

مام مخفي مان مٺا! مون کي کڻي ماهر ڪيو.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

في فياضا! ننگ مون سارو اوهان تي آو وڌو،

پاڻ ڄاڻي سڀ ڪيو ڏائو ڏنگو منهنجو سڌو،

مون ازل کان سر ڏئي پنهنجو، اوهان کي آ ڳڌو،

پڻ ٿيس گولو اوهان جو صدق سان ٻانهن ٻڌو.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

قاف قسمت هت وڌو مون کي اوهان جي آ پُکي،

سج سخاوت جو اوهان وٽ برهه سان سو پيو سُکي،

عشق جو آراهه ۽ دونهون ٿو دردن جو دُکي،

فيض ڏيو جنهن کي ،تنهنکي نه لالڻ! ڪو لَکي.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

ڪاف ڪينو ۽ ڪپت ڪل دور ڪيو دل مان کڻي،

عشق جي آراهه ۾ هستي هئڻ سارو هڻي،

قلب ڪيو روشن سڄو سڪ سور جا سڏڙا سڻي،

عشق سان آباد ڪيو ويران هيءَ بستي کڻي.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

لام لطفئون خيال کي آزاد ڪيو وسواس کان،

جو هجي حق سان سدا، تارڪ هجي ٻي تاس کان،

ڪونه ڪو خالي وڃي دم پاس ۽ انفاس کان،

دل رهي بيزار خود غرضيءَ سندي خَنّاس کان.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

ميم موليٰ جي محبّت ساڻ دل ڀرپور ڪيو،

بحر وحدت ۾ وجھي دل مان دُئي ڪل دور ڪيو،

موج مستيءَ سان مٺا مون کي کڻي مسرور ڪيو،

ڏاج ڏاڏاڻو ڏئي مسڪين کي منظور ڪيو.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

نون نرمل! دائما مون آس ايها ٿو رکان،

ماڳ محبوبي اندر داخل ڪيو آڻي اوهان،

جي مقدر ۾ نه آ تقدير ڦيرايو اوهان،

جو اِها طاقت ڏني آهي اوهان کي ذوالمنان.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

واو وهلو ور ڪري مون کي پسايو محي الدين،

چار يار ۽ پنجتن نوري نگينا نور عين،

۽ ٿئي دائم پيو ديدار ختم المرسلين،

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.


[1] اُتر (تعلقي ڪڪر) مان احمد آصف کان پهتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org