سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :8

 

١٤– صبر شھزادو *

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ – بادشاھن جو بادشاھھ تھ پاڻ ڌڻي تعاليٰ آھي، پر ھيءُ ڪوڙي دنيا جو بادشاھھ ھو. ڌڻيءَ جو ڏنو سڀ ڪجھھ ھوس. کيس ست سدا ملوڪ شھزاديون ھيون، جي سونھن ۽ عقل ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھيون، پر ننڍي شھزادي سڀني کان سرس ھئي، جنھنڪري ٻيون شھزاديون ساڻس سڙنديون ھيون. بادشاھھ جو دستور ھو، تھ روزانو سج لٿي مھل شھزادين وٽ ايندو ھو، ۽ ستن ئي کي ويھاري، واري واري سان کانئن پڇندو ھو تھ: امان! آءٌ توھان کي ڪيترو مٺو آھيان؟ تنھن تي ڪا چوندي ھئي تھ ”تون مون کي پتاشي جھڙو مٺو ٿو لڳين“، ڪا وري چوندي ھئي تھ ”تون مون کي مصريءَ جھڙو مٺو ٿو لڳين“. مطلب تھ ڇھھ شھزاديون تھ ڪنھن نھ ڪنھن مٺي شيءِ جو نالو وٺي، بادشاھھ کي خوش پيون ڪنديون ھيون، باقي ستين ۽ سڀني کان ننڍي شھزادي ڪنڌ ھيٺ ڪري، مٿينءَ دل سان چوندي ھئي تھ: ”تون مون کي کنڊ جھڙو مٺو ٿو لڳين“. ڇو جو ننڍي شھزاديءَ کي پنھنجي پيءُ جي اھا ڳالھھ ڪانھ وڻندي ھئي.

ھڪڙي ڏينھن – دستور موجب بادشاھھ، شھزادين کان اھو پڇڻ آيو تھ – ٻين تھ سڀني مٺائي ۽ مصريءَ جھڙو مٺو چيس، پر ننڍي شھزاديءَ، جا ائين چئي چئي ڪڪ ٿي پيئي ھئي، تنھن چيس تھ: بابا سائين! تون تھ مون کي لوڻ جھڙو ٿو وڻين. اھو ٻڌي، بادشاھھ ڪاوڙ ۾ تپي باھھ ٿي ويو، چي: کائين پين منھنجو، تڏھن بھ مون کي لوڻ جھڙو ٿي ڀانئين! تنھن تي شھزاديءَ وراڻيس تھ: بابا سائين! روز رزاق تي آھي، بندي جي وس ناھي، آءٌ تھ پنھنجو نصيب ٿي کان. انھيءَ تي بادشاھھ کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي، سو چيائين تھ: جي تون پنھنجو نصيب ٿي کائين، تھ آءٌ بھ ڏسان ڪيترا ڏينھن ٿي جئين. پوءِ يڪدم پنھنجي ٻانھن کي حڪم ڏنائين تھ: ھينئر جو ھينئر، شھزاديءَ کي انھيءَ حال ۾ ئي وڃي جھنگ ۾ ڇڏي اچو، تھ وڃي پنھنجو نصيب کائي. شھزاديءَ چيس تھ: جي توھان جي اھا مرضي آھي تھ پوءِ يا بسم الله، پر ھڪڙي ڏينھن توھان کي ضرور پشيمان ٿيڻو پوندو. ائين چئي شھزادي اٿي کڙي ٿي. ٻانھا ويچارا حڪم جا بندا، سي ھن کي گھوڙي تي چاڙھي جھنگ ۾ ڇڏي آيا.

شھزادي ويچاري لاڏ ڪوڏ سان پليل، جنھن ڪڏھن محلات مان پير ٻاھر نھ ڪڍيو ھو، سا جھنگ ۾ اچي ڊني، ۽ ڏاڍي حيران ٿي. آخرڪار ڌڻيءَ کي ياد ڪري، اٿي ھڪڙي پاسي ھلي. سڏ پنڌ مس  ڪيائين، تھ ھڪڙي جھوپڙي نظر آيس اتي مڙئي شھزاديءَ کي پيٽ ۾ ساھھ پيو. اندر وڃي ڏسي تھ جھوپڙي خالي پيئي آھي. شھزادي بھ الله تي ڀروسو رکي ويھي رھي. ھن دل ۾ خيال ڪيو تھ، ھن جھوپڙيءَ جو مالڪ الاجي ڪير آھي، ۽ ان جي اچڻ کان پوءِ، الائي مران يا بچان، تنھنڪري ڇو نھ ايترو وقت ويھي ڌڻيءَ جي عبادت ڪريان! سو ڪنڊ ۾ رکيل پاڻيءَ جي دلي مان ڇل ڀري، وضو ساري ويھي نماز پڙھڻ لڳي.

حقيقت ۾ اھا جھوپڙي ھڪڙي فقير جي ھئي، جو روز صبح جو گدائيءَ تي ھليو ويندو ھو ۽ شام جو موٽي ايندو ھو. اھو جڏھن آيو، تڏھن پنھنجي جھوپڙيءَ ۾ ڇوڪري ويٺل ڏسي حيران ٿي ويو، وري جو ڏٺائين تھ نماز پيئي پڙھي، تنھنڪري ماٺڙي ڪري ھڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويھي رھيو.

شھزاديءَ جڏھن نماز پڙھي بس ڪئي، تڏھن فقير پڇيس تھ: ڌيءَ! تون ڪير آھين ۽ ھن جھنگ ۾ ڪيئن آئي آھين؟ تنھن تي شھزاديءَ سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس. ڳالھھ ٻڌي فقير چيو تھ: امان! بيشڪ روز رزاق تي آھي. ھرڪو پنھنجو نصيب ٿو کائي. ھاڻي تون منھنجي نياڻي آھين؛ ھيءَ جھوپڙي تنھنجي پنھنجي آھي ...... آءٌ روز گدائيءَ تي ويندس، جيڪي ملندم سو ونڊي کائينداسين. اھو ٻڌي شھزادي ڏاڍي خوش ٿي. پوءِ فقير جيڪا ماني پِني آندي ھئي، سا کائي، ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آڻي سمھي رھي.

ٻئي ڏينھن صبح جو فقير گدائي تي ھليو ويو ۽ شھزادي جھوپڙيءَ کي ٻھاري سھاري ڏيئي، ڀر واري کوھھ تان پاڻي ڀري، بالم ٿي ويھي رھي. شام جو فقير گدائي ڪري آيو، ٻنھي ڄڻن ماني کائي ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪيا. ائين ڪندي ڪيترا ڏينھن گذري ويا. ھڪڙيءَ رات شھزادي خواب ڏٺو تھ ڪو شخص آھي، جو کيس چيچ کان وٺي، جھوپڙيءَ کان ٻاھر پيو وڃي، ۽ ھڪڙي ھنڌ بيھاري چيائين تھ: شھزادي! ھن ھنڌ ستن بادشاھن جو خزانو پوريل آھي. ائين چئي اھو شخص گم ٿي ويو. شھزاديءَ جي اک کلي ويئي. دل ۾ ويچاريائين تھ خواب تي ڪھڙو ويساھھ! پر تڏھن بھ اھو ھنڌ کوٽي ڏسنديس ضرور. اھا ڳالھھ دل ۾ رکي، يڪدم فقير کي اٿاري کيس خواب ٻڌايائين. فقير چيس تھ: ڌيءَ! تنھنجو ڀاڳ سڻائو ھوندو، تھ خواب ڪوڙو ڪو نھ ٿيندو. پوءِ انھي مھل ئي ٻئي ڄڻا اٿي انھيءَ ھنڌ ويا، ۽ ھٿن سان زمين کوٽڻ لڳا. اڃان ٿورو کوٽيائون مس، تھ ھڪڙي پيتي نڪري آئي. کولي کڻي ڏسن تھ سڄي ھيرن جواھرن سان ڀري پيئي آھي. اتي ٻئي ڄڻا ڏاڍا خوش ٿيا. شھزاديءَ فقير کي چيو تھ: بابا! ھن مان ڪجھھ ھيرا ڪڍي وڃي بازار ۾ وڪڻ، ۽ ڪي ڪاسبي ۽ رازا وٺي اچ تھ جاءِ ٺھرايون ...... پوءِ آھستي آھستي باقي خزانو ڪڍنداسين. فقير کي بھ اھا ڳالھھ وڻي، تنھن ڪجھھ ھيرا کڻي باقي خزانو لٽي ڇڏيو. اڃان صبح ٿيو ئي مس تھ فقير روانو ٿيو. ھيرا وڪڻي، رازا ۽ ڪاسبي وٺي آيو. ٿورن ئي ڏينھن ۾ جھوپڙيءَ جي جاءِ تي ھڪڙو محلات جڙي راس ٿيو. ھاڻي فقير بھ گدائيءَ تي ڪونھ ويندو ھو. محلات ٺھڻ بعد، شھزاديءَ فقير گڏجي باقي خزانو ڪڍي محفوظ جاءِ تي ڪري رکيو. انھي ھنڌ ست پيتيون پوريل ھيون. جن مان ڇھھ خزاني سان ٽٻ ڀريل ھيون، پر ستين پيتيءَ مان سوني ڳن سان موتين جڙيل ھڪڙي وڃڻي نڪتي، اھا شھزاديءَ پاڻ کنئين.

ھڪڙي ڏينھن شھزادي اھا وڃڻي کڻي ڏسڻ لڳي. ڏسندي ڏسندي واءُ ھڻڻ لاءِ وڃڻيءَ کي جھڙو ساڄي پاسي ڦيرو ڏنائين، تھڙو ھڪڙو سدا ملوڪ چنڊ جھڙو شھزادو اچي اڳيان بيٺس. شھزادي پھرين تھ ڏاڍي ڊني، پر پوءِ دل جھلي پڇيائينس تھ: اي شخص! تون ڪير آھين، ھتي ڪيئن آيو آھين؟ ان شخص وراڻيو تھ: اي شھزادي! آءٌ ”صبر شھزادو“ آھيان، ۽ پرين جي ملڪ ۾ رھندو آھيان. تو پکو جھلي مون کي سڏيو آھي، تڏھن اچي حاضر ٿيو آھيان. اتي شھزاديءَ سمجھيو تھ مڙئي ھن پکي ۾ ڪا ڳالھھ آھي. سو وري کانئس پڇيائين تھ: تون پکي جي سڏ تي آيو آھين؟ صبر شھزادي وراڻيو تھ: ھا، ھن کي سڄي پاسي جھليندينءَ تھ ايندس، جي کٻي پاسي جھليندينءَ تھ ھليو ويندس. شھزادي پوءِ تھ ڏاڍي خوش ٿي ۽ گڏجي ويھي رھاڻ ڪرڻ لڳا. اھڙيءَ طرح روزانو رات جو شھزادي پکو جھلي ”صبر شھزادي“ کي گھرائي، ساڻس ويھي رھاڻ ڪندي ھئي، ۽ صبح ٿيڻ تي شھزادو ھليو ويندو ھو. ھنن ٻنھي ڄڻن پاڻ ۾ شادي ڪئي، پر دستور موجب ھو رات جو ايندو ھو ۽ صبح جو ھليو ويندو ھو.، ائين ڪافي وقت گذري ويو، نھ شھزاديءَ ھن کان پڇيو تھ ڏينھن جو ڪيڏانھن ٿو وڃين، ۽ نھ وري صبر شھزادي ئي کيس انھيءَ بابت ٻڌايو.

ھڪڙي ڏينھن شھزاديءَ فقير سان صلاح ڪئي تھ: ھاڻي ڌڻيءَ جو ڏنو سڀ ڪجھھ اٿئون، منھنجي مرضي آھي، تھ آءٌ پنھنجي پيءُ ۽ ڀينرن جي مھماني ڪريان، ۽ بابي کي ٻڌايان تھ برابر روز رزاق تي آھي يا نھ! تنھنڪري تون وڃي کين دعوت ڏيئي اچ. فقير سندس اھا ڳالھھ قبول ڪئي. جڏھن اھا حقيقت شھزادي سان ڪيائين، تنھن چيس تھ: تون ڀلي پنھنجي مائٽن جي دعوت ڪر، پر مون بابت ڪنھن سان ھڪڙو گفتو بھ نھ ڪڍج، نھ تھ پس پيش توکي نقصان رسندو. شھزاديءَ ساڻس انھيءَ ڳالھھ جو انجام ڪيو. ٻئي ڏينھن فقير ويو، سو وڃي بادشاھھ کي اھل عيال سميت خدا ڪارڻ دعوت ڏيئي آيو. بادشاھھ بھ خيال ڪيو تھ ٻاھر جو واءُ سئاءُ وٺجي، تنھنڪري ھڪدم کڻي دعوت قبوليائين، ۽ فقير کي ڏينھن مقرر ڪري ڏنائين، تھ فلاڻي ڏينھن اسين پنھنجي لشڪر سميت تنھنجا مھمان آھيون. فقير سڄي ڳالھھ اچي شھزاديءَ کي ٻڌائي. مقرر ڏينھن تي ڪيترائي راڌارا اچي سھڙيا، جن کڻي ديڳين جون قطارون چاڙھيون. بادشاھھ بھ اچي پھتو، ساڻس ڇھھ شھزاديون بھ ھيون. شھزاديءَ ڇا ڪيو جو مردانو ويس کڻي پاتو ۽ فقير کي چيائين تھ: بادشاھھ جي ماني آءٌ پاڻ رڌينديس، باقي ٻين ماڻھن جو بندوبست تون وڃي ڪر. مانيءَ جي مھل شھزاديءَ ڇا ڪيو جو پنھنجي پيءُ ۽ ڇھن ڀينرن جي اڳيان رڳو مٺاڻ رکيو. پھرين تھ ڪجھھ کاڌائون، پر ٻن چئن گرھن کان پوءِ ھرڪو پيو لوڻا ھڻي، تھ ڪٿان ٿو چھرو مال اچي! آخر جڏھن مٺاڻ مان منھن ڀڳن ۽ چھرو طعام بھ ڪو نھ آيو، تڏھن بادشاھھ کان رھيو ڪو نھ ٿيو ۽ شھزادي، جيڪا انھيءَ مھل مرداني ويس ۾ ھئي، تنھن کي چيائين تھ: ميان! ھتي چھرو طعام ڪو نھ رڌجي ڇا؟ تنھن تي شھزاديءَ چيس تھ: بادشاھھ سلامت! ٻڌو ھئوسين تھ توھان کي مٺاڻ گھڻو وڻندو آھي، جو توھان لوڻ جي نالي تي پنھنجي ڌيءَ کي بھ گھران ڪڍي ڇڏيو ھو. تنھنڪري لاچار رڳو مٺو رڌو اٿئون. اھو ٻڌي بادشاھھ ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو ۽ شرمسار ٿي چوڻ لڳو تھ: ميان! انھيءَ ڳالھھ جو مون کي ايڏو افسوس آھي، جو شايد سڄي عمر ڪونھ لھندو، اڄ ويچاري منھنجي ڌيءَ الاجي ڪھڙين تڪليفن ۾ ھوندي! ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. تنھن تي شھزاديءَ چيس تھ: جي اوھان کي پنھنجي ڌيءَ ملي تھ پوءِ، توھين ان کي ھينئر سڃاڻندئو؟ بادشاھھ چيو تھ: ڇو نھ سڃاڻندس. تنھن تي شھزاديءَ مردانو ويس لاھي کڻي زنانو ويس پاتو. بادشاھھ کيس ڏسڻ سان سڃاتو. پوءِ تھ وڇڙيل ملي ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ شھزاديءَ، بادشاھھ کي چيو تھ: بابا! ھتي دعوت ڏيئي توھان کي گھرائڻ مان منھنجو اھو مطلب ھو، تھ توھان کي ٻن ڳالھين جا جواب ڏيان، جن تان ڪاوڙجي توھان مون کي شھر نيڪالي ڏني ھئي. ھڪڙي ڳالھھ اھا تھ مون چيو ھو تھ توھين مون کي لوڻ جيترو ٿا وڻو. ھاڻي ڏسو تھ لوڻ وارو کاڌو اوھان کي نھ مليو تھ ڪيئن دانھن ڪيو. ڪنھن بھ طعام ۾ لوڻ نھ پوندو تھ اھو نھ وڻندو، تڏھن چيم توھين مون کي لوڻ جيترو وڻو ٿا. ٻي ڳالھھ تھ توھان کي چيو ھئم تھ روز رزاق تي آھي. سو توھان تھ انھيءَ نيت سان مون کي ڪڍيو ھو، تھ بکن ۾ مري وينديس، پر خدا تعاليٰ رزاق آھي، تنھن مون کي جھنگ ۾ بھ ڪونھ ڇڏيو. ھتي بھ مون کي اھا ئي بادشاھي نصيب ڪيائين. آخرڪار بادشاھھ ھن کي چيو تھ: ڌيءَ! تنھنجي ڳالھھ سچي نڪتي، مون ھارايو تو کٽيو. ھاڻي مناسب ائين آھي تھ تون ھي جھنگ ڇڏي وري ھلي مون وٽ رھھ. تنھن تي شھزاديءَ وراڻيو تھ: بابا سائين! آءٌ پنھنجو نصيب ھتي ئي ويٺي کان، توھين شال پنھنجن محلن ۾ خوش ھجو. بادشاھھ ۽ ڀينرن شھزاديءَ کي گھڻوئي چيو، پر شھزادي بنھھ نابري واري ويٺي. تنھن تي لاچار ھو شھزاديءَ کان موڪلائي واپس وريا.

شھزاديءَ جي ڇھن ڀينرن کي پنھنجي ننڍيءَ ڀيڻ جو اھو ٺٺ ڪونھ وڻيو، دل ئي دل ۾ ڏاڍيون پڄريون، پر ڪري ڪجھھ بھ نٿي سگھيون. نيٺ ڇھن ئي ڀينرن گڏجي صلاح ڪئي تھ ڪنھن حيلي سان اھا خبر لھجي تھ ھن کي ايتري مايا ڪٿان ملي آھي. اھڙو ويچار ڪري ڇھئي شھزاديون پنھنجي ننڍيءَ ڀيڻ وٽ اچڻ وڃڻ لڳيون.

ھڪڙي ڏينھن ڇھئي ڀيڻيون پاڻ ۾ صلاح ڪري رات اتي ٽڪي پيون. جڏھن رات ٿي تڏھن لڪي وڃي پنھنجيءَ ڀيڻ جي جاءِ ۾ ويھي رھيون. ننڍي شھزاديءَ جڏھن ڏٺو تھ ھئو مئو ٽريو آھي، تڏھن وڃڻو کڻي سڄي پاسي جھليائين تھ صبر شھزادو اچي سھڙيو. پوءِ تھ ويھي رھاڻيون ڪيائون. سندس ڇھھ ڀينرن اھو لقاءُ ڏسي سڙي ويون، پڪ ٿين تھ شھزاديءَ انھيءَ سان شادي ڪئي آھي، ۽ ھيءَ دولت بھ ان جي ڏنل اٿس. پوءِ تھ جيئن تيئن ڪري رات گذاريائون. صبح جو جڏھن صبر شھزادو ھليو ويو، تڏھن ھي بھ ڇھھ ئي ڄڻيون لڪي ماٺڙي ڪري اچي ويھي رھيون، ۽ صلاحون پچائڻ لڳيون، تھ ڪھڙيءَ طرح ننڍي شھزاديءَ کان صبر شھزادو ڇڏائجي. نيٺ ھڪڙي ڄڻيءَ صلاح ڏني تھ: پريزادن جو جسم تمام نازڪ ھوندو آھي، ھاڻي ڇا ڪريون جو بلور ڪٽي سنھون ٻورو ڪري، صبر شھزادي جي کٽ تي ھاري ڇڏيون، پوءِ پاڻھي خبر پوندي. اھا صلاح سڀني کي وڻي سو يڪدم بلور ڪٽي اٽو ڪري، لڪائي ننڍي ڀيڻ وٽ آيون، چي ادي! اسين ھتي ويھي ڪڪ ٿي پيون آھيون، نڪو ڪم نڪو ڪار، تنھنڪري اڄ تنھنجي رھڻ واري جاءِ اسين صفا ڪنديونسين. ننڍيءَ ڀيڻ کين گھڻو ئي روڪيو، پر ھنن سندس ڳالھھ ئي ڪا نھ مڃي. شھزاديون جھٽ ڪري سندس جاءِ ۾ وڃي ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لڳيون. جڏھن ڏٺائون تھ کين ڪو بھ ڏسڻ وارو ڪونھي، تڏھن وڏي شھزاديءَ ڪٽيل شيشن جي پڙي ڪڍي شھزادي جي ھنڌ تي ھاري ڇڏي.

قصو ڪوتاھھ – رات جو ننڍي شھزاديءَ، صبر شھزادي گھرايو. ھو ويچارو شھزاديءَ سان رھاڻ ڪري پنھنجي ھنڌ تي اڃان ليٽيون ئي مس تھ سنھان شيشا سندس نازڪ جسم ۾ پيھي ويا. ھن کان رڙ نڪري ويئي ۽ يڪدم ڪاوڙ مان شھزاديءَ کي چيائين تھ: وڃڻي جھل تھ آءٌ وڃان! شھزادي ڏاڍي حيران ٿي، پر صبر شھزادي جو چوڻ ڪونھ موٽائي سگھي، يڪدم وڃڻي کٻي پاسي جھليائين تھ ھو گم ٿي ويو. پر ويندي ايترو چئي ويو تھ: تو مون سان چڱائي ڪا نھ ڪئي آھي، پر جي مون سان ملڻو اٿئي تھ ھاڻي ڳولي لھج. شھزادي ويچاري ڏاڍي حيران ٿي. وري جو کڻي ڏسي تھ صبر شھزادي جي ھنڌ تي شيشا ھاريا پيا آھن. اتي شڪ ٿيس تھ ڀينرن ڊوھھ ڪيو آھي. پوءِ شھزادي ويھي روئڻ ۽ پڇتائڻ لڳي تھ ناحق ڀينرن کي رھايم، ھاڻي صبر شھزادي کي ھٿان وڃايم. الاجي ڪھڙيءَ ولايت ۾ ھوندو، ۽ آءٌ زال ماڻھو کيس ڪٿي ڳولي لھنديس! ائين پنھنجي قسمت کي ڏوھھ ڏيندي، شھزادي کي ڳولي لھڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. پوءِ انھيءَ مھل ئي بادشاھي ويس وڳا لاھي، گيڙو رتا ڪپڙا پھري جوڳڻ ٿي، فقير کان موڪلائي توڪلائي ھڪڙي پاسي اٿي ھلي.

ھلندي ھلندي ھڪڙي ٻيلي ۾ اچي رات پيس، رات گذارڻ لاءِ ھڪڙي وڻ ھيٺان ويھي رھي. اڃان ڪا گھڙي مس گذري، تھ انھيءَ وڻ تي ٻھ پکي اچي ويٺا، جي پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳا. ھڪڙي پکي ٻئي کي چيو تھ: يار! خدا جي قدرت آھي، جو ڪنھن نھ ڪنھن شيءِ ۾ ڪا نھ ڪا حڪمت مڙيئي رکيل آھي. ٻئي پکيءَ چيس تھ: سو وري ڪيئن؟ تنھن تي ھن چيس تھ: ھن وڻ جي ڇوڏن ۾ اھڙي خاصيت آھي، جو جيڪڏھن اھي پاڻيءَ ۾ ٽھڪائي، ڪنھن بيمار کي ان سان وھنجارجي تھ سڀ بيماريون ڇڏي وڃنس. وري ٻئي پکي چيو تھ: ادا! برابر، تنھنجي ڳالھھ سچي آھي ..... منھنجي وٺين ۾ بھ اھڙي خاصيت آھي،جو ڪھڙي بھ نھ ڇٽندڙ ڦٽ تي ھڻجن تھ يڪدم ڇٽي وڃي. شھزاديءَ کي اھي ڳالھيون ٻڌندي ٻڌندي ننڊ اچي ويئي. صبح جو سويل اٿي وڻ جا ڪجھھ ڇوڏا لاٿائين، ۽ ڪجھھ وٺيون ميڙي بگريءَ ۾ وجھي اٿي رواني ٿي.

شھزاديءَ کي پنڌ ڪندي، ڏاکڙا ڏسندي ڇھھ مھينا گذري ويا. انھيءَ وچ ۾ ڪئين اھڙيون تڪليفون آيس، جن مان بچڻ مشڪل ھو. پر ھيءَ ويچاري خدا تي توڪل رکيو ھلندي رھي. آخرڪار ھڪڙي ڏينھن ھڪڙي کوھھ تي اچي پھتي، جتي سؤ ڇوڪرين پاڻي پئي ڀريو. شھزاديءَ ھڪڙيءَ کان پڇيو تھ: ادي! توھين ھيترو پاڻي ڇاجي لاءِ ٿيون ڀريو؟ ھنن ٻڌايس تھ: اسان جو صبر شھزادو ڪنھن آدمزاديءَ سان وڃي پرڻيو ھو، پر انھيءَ زال ڊوھھ ڪري کيس ڦٽي وڌو آھي، ڇھھ مھينا ٿيا آھن، جو ڦٽ ڇٽن ئي ڪونھ ٿا. ھاڻي سندس علاج پيو ھلي، جنھن لاءِ پيون پاڻي ڀريون. اھا ڳالھھ ٻڌي شھزاديءَ ان ڇوڪريءَ کي چيو تھ: آءٌ بھ حڪمت جو ڌنڌو ڄاڻان ٿي، جي مون کي صبر شھزادي وٽ وٺي ھلو، تھ ھوند آءٌ کيس چڱو ڀلو ڪريان. ڇوڪريءَ جواب ڏنس تھ: ھتي ڪيترائي حڪيم طبيب موٽي ويا، تون ڇا ڪري سگھندينءَ؟ پر شھزادي ضد ٻڌي بيھي رھي. تڏھن لاچار ڇوڪري کيس پاڻ سان وٺي ويئي: شھزاديءَ جو ويس مٽيل ھو، جنھن ڪري صبر شھزادو کيس سڃاڻي نھ سگھيو. شھزاديءَ کيس ڏسي وائسي چيو تھ: پاڻي ٽھڪايو. چوڻ جي دير ھئي، يڪدم پاڻي گرم ٿي ويو. شھزاديءَ ڇا ڪيو جو ان ۾ ڇوڏا وجھي حڪم ڪيو تھ: صبر شھزادي کي ھن پاڻيءَ سان وھنجاريو وڃي. خدا جي قدرت جو ٿوريءَ دير ۾ شھزادي جي طبيعت بدلجي وئي. مٿان وري شھزاديءَ پکيءَ جون وٺيون گھوٽي ان مان ملم ٺاھي، صبر شھزادي جي ڦٽن تي رکيو،  جنھنڪري ھو جلدي ئي تندرست ٿي پيو.

ٻن چئن ڏينھن کان پوءِ صبر شھزادي، شھزاديءَ کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تھ: گھر، جيڪي گھرڻو اٿئي. شھزاديءَ چيس تھ: پھرين انجام ڏي. صبر شھزادي انجام ڏنس. اتي شھزاديءَ چيس تھ: مون سان گڏجي ھل. صبر شھزادو ڪاوڙ ۾ تپي باھھ ٿي ويو ۽ چيائينس تھ: انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ، منھنجي اڳي ئي شادي ٿيل آھي، جنھنڪري آءٌ توسان نھ ھلندس. انھيءَ تي شھزاديءَ چيس تھ: شھزادا! اھا آءٌ ئي آھيان جنھن کي چئي آيو ھئين تھ مون کي ڳولي لھج، ھاڻي مون توکي ڳولي لڌو آھي. ائين چئي گيڙو رتا ڪپڙا لاھي، پنھنجا ڪپڙا پھريائين، تڏھن صبر شھزادي سڃاتس. پوءِ شھزاديءَ کيس سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌائي، تھ ڪھڙيءَ طرح سندس ڀينرن ساڻس دولاب ڪيو ھو. اتي صبر شھزادو بھ تمام خوش ٿيو. نيٺ سڀئي ڳالھيون وساري خوش گذارڻ لڳا.


*  ھيءَ ڳالھھ حيدرآباد شھر مان ممتاز مرزا کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org