سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :15

٢٦– جاڳڻ ڪم جوان جو *

 

ڪنھن ملڪ ۾ ھڪڙو سوداگر رھندو ھو، جنھن جو پري پري تائين واپار ھلندو ھو. ان سوداگر وٽ اولاد سان گڏ دولت جي بھ ڪمي ڪا نھ ھئي. سندس وڏا پٽ کانئس جدا، پنھنجي سر پيا واپار ڪندا ھئا. رڳو ھڪڙو ننڍو پٽ ھو، جيڪو ھن سان گڏ رھندو ھو. جڏھن اھو ڇوڪرو جوان ٿيو، تڏھن سوداگر خيال ڪيو تھ ھن کي بھ سوداگريءَ جي پورھئي تي ھيرايان. اھو خيال ڪري ھن ڪيترو ئي سامان ڪٺو ڪري پٽ کي ڏنو، تھ وڃي ٻين شھرن ۾ واپار ڪري اچي. ڇوڪرو سوداگريءَ جو سامان کڻي، نوڪر چاڪر ساڻ ڪري، سفر تي روانو ٿيو.

ڪن منزلن کان پوءِ، ھڪڙيءَ منزل تي سوداگرزادي وٽ ھڪڙو فقير آيو، ۽ ھن کي ھڪڙي سونھري تختي ڏيکاريائين. سوداگرزادي کي اھا تختي ڏاڍي وڻي ويئي، سو فقير کي چيائين تھ: اي درويش! اھا تختي مون کي ڏي، ان جي بدران جيڪا بھ قيمت گھرندين، سا توکي ملندي. فقير چيس تھ: اي سوداگرزادا! تون ھن تختيءَ جي قيمت ڏيئي ڪونھ سگھندين، تنھنڪري انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ. سوداگرزادي کي تختي بنھھ وڻي ويئي ھئي، سو چيائينس تھ: آءٌ ھر ڪا قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. آخر جڏھن ھي ھٺ تان نھ لٿو، تڏھن فقير چيس تھ: تون پنھنجي سوداگريءَ وارو اھو سڀ سامان مون کي ڏي، تھ پوءِ تختي ڏيانءِ. سوداگرزادو زبان ڪري ويٺو ھو، تنھنڪري اھو شرط قبول ڪيائين، ۽ فقير کان تختي وٺي، ان جي بدران پنھنجو سڀ سامان ڏئي ڇڏيائينس. ان کان پوءِ ھي نوڪرن چاڪرن سميت پنھنجي وطن موٽي آيو.

پڻس، جو ڇوڪري کي جلدئي واپس ايندي ڏٺو، سو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ خيال ڪيائين تھ: منھنجو پٽ ڪو ڏاڍو سياڻو ٿو ڏسجي، جو ھيترو سارو سامان ٿورن ئي ڏينھن ۾ وڪڻي آيو آھي، پر جڏھن ھن سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايس ۽ فقير واري تختي بھ ڏيکاريائينس، تڏھن ڪاوڙ ۾ تپي باھھ ٿي ويو، ۽ چيائينس تھ: تو تھ منھنجي ڪئي ڪمائي ڪٽ ڪري ڇڏي، ھاڻي يڪدم منھنجي گھر مان نڪري وڃ، ۽ خبردار جو وري مون کي پنھنجو منھن ڏيکاريو اٿئي! پڻس جا اھي گفتا ٻڌي، ڇوڪري کي ڏاڍو ارمان ٿيو، سو ماٺڙي ڪري، فقير واري تختي کڻي روانو ٿي ويو.

گھر مان ٻاھر نڪتو، پر خيال ڪيائين تھ ڪيڏانھن وڃان! سو پھرين تھ شھر جو چڪر چاڙي ھنيائين، پر ڪو بھ يار دوست ڏسڻ ۾ ڪونھ آيس. آخر ٿڪجي ٽٽي پنھنجي ڀائرن ڏانھن ويو؛ جن ھن کي ڏکاري حال ۾ ڏسي، حال احوال معلوم ڪري ھن کي بھانو ڪري چيائون تھ: ادا! تون اسان جي تھ اکين تي، پر بابي کي خبر پوندي، تھ ھو اسان تي بھ ڪاوڙبو. اھو ٻڌي ڇوڪرو يڪدم اٿي پنڌ پيو ۽ ھلندي ھلندي اچي ڀيڻ جي گھر وٽان لنگھيو. اتي دل ۾ خيال ڪيائين تھ ”اديءَ وٽ وڃان، من اھا ڪا مدد ڪري!“ سو لنگھي ويو ڀيڻ جي گھر. پوءِ ھيءُ ڪيترائي ڏينھن ڀيڻس وٽ رھيو پيو ھو؛ پر آخرڪار ڀيڻس بھ بيزار ٿي پئي، سو ھڪڙي ڏينھن ھن بھ بھانو ٺاھيو تھ: ادا! منھنجو مڙس الاجي ڇو پيو ڪاوڙجي..... شايد تنھنجي ڪري ٿو ائين ڪري! ڇوڪري جو اھا ڳالھھ ٻڌي، سو سھي نھ سگھيو ۽ ڀيڻ تي ارمان ڪندو، اتان بھ روانو ٿيو.

پنھنجن جا اھي حال ڏسي، ڇوڪري کي ھڪڙو گھاٽو دوست ياد آيو، جيڪو ٻئي شھر ۾ رھندو ھو. تنھنڪري ھي ٻيا سڀ خيال لاھي، ان طرف روانو ٿيو ۽ ھلندي ھلندي اچي اتي پھتو. دوست جي در تي پھچي، ٻاھران سڏ ڪيائين. دوست ھن جو سڏ ٻڌي، يڪدم ٻاھر نڪري آيو ۽ ھن سان ڏاڍيءَ حب مان ڀاڪر پائي اچي مليو. پوءِ ڏاڍيءَ عزت سان وٺي وڃي گھر ۾ ويھاريائينس. ھو ڪيترائي ڏينھن اتي پنھنجي دوست وٽ رھيو پيو ھو، ۽ دوست بھ انھيءَ عرصي ۾ پنھنجي ھوند آھر ھن جي ڏاڍي خدمت پئي ڪئي. آخر ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ، ڇوڪري خيال ڪيو تھ ھاڻي دوست کي وڌيڪ تڪليف ڏيڻ مناسب نھ آھي، تنھنڪري دوست کان موڪلائي، ڪنھن ٻيءَ ولايت وڃڻ جو ارادو ڪيائين. وڃڻ وقت سندس دوست کيس ڪيترائي پئسا ۽ ٻيون ضروري شيون ڏنيون، پر ھن انھن کي ھٿ بھ نھ لاتو، ۽ دوست جي مھربانين جا شڪرانا مڃيندو روانو ٿي ويو.

ھلندي ھلندي ھو ڪنھن ٻيءَ ولايت ۾ وڃي نڪتو. شھر ۾ گھڙيو تھ ڪوبھ ماڻھو ڏسڻ ۾ ڪو نھ آيس، آخر ھڪڙي ڪچي گھر وٽ اچي بيٺو. اتي رات بھ ٿي ويئي ھئي، سو ان گھر جو دروازنو کڙڪائڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ھڪڙو پير مرد ان جڳھھ مان نڪري آيو، جنھن کي چيائين تھ: اي بزرگ! آءٌ پرديسي آھيان، مون کي مھرباني ڪري رات جا چار پھر پنھنجي اجھي ۾ پناھھ ڏي! پوڙھي کي ھن ڇوڪري تي قياس اچي ويو، سو ھن کي گھر ۾ وٺي آيو ڇوڪرو اندر اچي ڏسي تھ ھڪڙو نوجوان، ڪنھن ڏک سببان ڪنڌ ھيٺ ڪيو ويٺو آھي، ۽ ان جي ڀرسان سندس پوڙھي ماءُ ويٺي روئي. ڇوڪري اھو حال ڏسي، ھنن کان ان جو سبب پڇيو. تڏھن پوڙھي ٻڌايس تھ: ابا! ھن شھر ۾ ھر مھيني ھڪڙو راڪاس ايندو آھي. جنھن کي ھڪڙي گاڏي ان جي ۽ ھڪڙو ماڻھو بَک طور ڏيندا آھن. اڄ اھو راڪاس اچڻو آھي. بدقسمتيءَ سان ھن ڀيري منھنجي پٽ جو وارو آھي. اھا ڳالھھ ٻڌي ڇوڪري پوڙھي کي ڪجھھ دلداري ڏني ۽ چيائينس تھ: ابا! تون ڳڻتي نھ ڪر، اڄ تنھنجي پٽ جي پاران آءٌ ويندس. پوڙھي گھڻو ئي جھليس تھ: تون پرديسي آھين، منھنجو فرض آھي، تھ آءٌ تنھنجي حفاظت ڪريان. پر ڇوڪري ھن جي ھڪ بھ نھ ٻڌي، ۽ ڏس پتو وٺي، تلوار کڻي اتي آيو، جتي ان گاڏي اڳ ۾ ئي بيٺي ھئي. اتي دستور اھو ھوندو ھو، تھ ان جي گاڏيءَ مٿان ماڻھوءَ کي ويھاري، ان تي پوتي وجھي ڇڏيندا ھئا. اڌ رات جو راڪاس اچي انھيءَ ماڻھوءَ سوڌو ان کائي ويندو ھو. ڇوڪري ڇا ڪيو جو ھڪڙو وڏو بُنڊ ھٿ ڪري، اھو ان جي مٿان رکي ڇڏيائين، ۽ پاڻ گاڏيءَ جي اوٽ ۾ اگھاڙي تلوار ھٿ ۾ جھلي، لڪي بيھي رھيو.

ڇوڪري ويچاري سڄو ڏينھن مسافري ڪئي ھئي، ۽ ھن وقت تائين اک ٻوٽڻ جو ئي موقعو نھ مليو ھئس...... ٻيو وري ان وقت ڏاڍي ٿڌڙي ھوا پئي لڳي، سو ھن کي جھوٽو اچي ويو، ۽ جھوٽي ۾ مٿو وڃي گاڏيءَ سان لڳس. اتي وري ھوشيار ٿيو، ۽ خيال ڪيائين تھ اھڙي ڪا ٽل ڪجي، جو ننڊ نھ اچي. نيٺ خيال آيس تھ، ڇو نھ اھا تختي ڪڍي ويھي پڙھان؟ ڏسان تھ سھي تھ ان تي ڇا لکيل آھي! خير، تختي ڪڍي پڙھيائين تھ ان تي لکيل ھو: ”پيءُ لبِي جو، ماءُ لبِي، ڀاءُ لبِي جو، ڀيڻ لبِي جي، يار مھل جو، جاڳڻ ڪم جوان جو.“ اھو پڙھي، ڇوڪري دل ۾ چيو تھ ٻيلي، ڳالھھ واقعي سچ ٿي ڏسجي... بابو برابر لبِي جو ھو، جو بنا لبِي جي گھر مان ئي ڪڍي ڇڏيائين، ماءُ بيشڪ بي لبي ھئي، جا مون تان ساھھ صدقو ڪندي ھئي. ڀائر ۽ ڀيڻ بھ لبي جا ثابت ٿيا ۽ دوست بھ واقعي وقت تي ڪم آيو. پر ھاڻي ڏسجي تھ جاڳڻ ڪم جوان جو ڪيئن آھي! اھي ئي ڳالھيون سوچيندو خبرداريءَ سان سجاڳ ٿيو ويٺو رھيو. اوچتو پريان گجگوڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس، ڏسندي ئي ڏسندي، راڪاس واچوڙي وانگر اچي ان جي گاڏيءَ مٿان ڪريو. ڇوڪري ڇا ڪيو، جو ھڪدم پاڻ سنڀالي، ڦڙتيءَ سان راڪاس جي ڪنڌ تي زور سان ترار وھائي ڪڍيائين. ڌڪ لڳڻ سان راڪاس جي سسي بُل ڏيئي وڃي پري ڪري. اھو ڏسي ڇوڪرو خوش ٿيو.  پوءِ تھ راڪاس جي سسي ۽ پڇ وڍي، پاڻ سان کڻي سڌو پوڙھي جي گھر آيو ۽ لت کوڙي سمھي پيو.

صبح جو پوڙھو اٿي ڏسي، تھ ڇوڪرو تھ مزي سان اگھور ننڊ ۾ ستو پيو آھي. ھن کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ ساڳئي وقت خوشي بھ ٿيس، سو ڇوڪري کي ننڊ مان جاڳائي خبرچار وٺڻ لڳو. ڇوڪري کيس سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌائي ۽ راڪاس جي سسي ۽ پڇ بھ ڪڍي ڏيکاريائينس. صبح سان اھا ڳالھھ سڄي شھر ۾ پکڙجي ويئي. تان جو وڃي بادشاھھ جي ڪنن تائين پھتي. ان ڳالھھ تي بادشاھھ بھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪدم ماڻھو موڪلي ڇوڪري کي پاڻ وٽ گھرايائين، ۽ چيائينس تھ: اي ڇوڪرا! مون اھو قول ڪيو ھو، تھ جيڪو ماڻھو ان راڪاس کي ماريندو، ان کي پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيندس. ان کان پوءِ، بادشاھھ ڏاڍي ڌام ڌوم سان پنھنجيءَ ڌيءَ جي شادي ان ڇوڪري سان ڪرائي.

ڪجھھ ڏينھن اتي آرام ڪرڻ کان پوءِ، ڇوڪري بادشاھھ کان وطن ورڻ جي موڪلي ورتي. ھن کين خوشيءَ سان اجازت ڏني، ۽ وڃڻ وقت کيس پنھنجي اڌ ملڪيت بھ ڏنائين. پوءِ ڪيترا نوڪر چاڪر ساڻ گڏي، ھنن کي وطن روانو ڪيائين. ڇوڪرو ڏاڍي شان مان سان منزلون ڪندو، پنھنجي دوست سان ملندو، جڏھن پنھنجي شھر کي ويجھو پھتو، تڏھن شھر جي ٻاھران ئي منزل ڪيائين، ۽ پنھنجي پيءُ ڏانھن نياپو ڏياري موڪليائين. پڻس، جو منزل جي اھڙي ٺاھھ ٺوھھ ڏٺي ۽ ايترا نوڪر چاڪر ڏٺا، سو پھرين تھ اعتبار ئي نھ پيو اچيس، تھ ڪو واقعي اھو قافلو سندس پٽ جو ٿي سگھي ٿو، پر پوءِ جڏھن پٽ کي اکين سان ڏٺائين، تڏھن خوشيءَ ۾ وڌي اچي ڀاڪر پاتائين ۽ ڏاڍيون دعائون ڪيائينس. ڀائرن جو ھن جو ھيڏو بخت ڏٺو، سي، بھ مڙي اچي ڀرسان بيٺس. اھڙيءَ طرح ڇوڪري تي پيءُ بھ راضي ٿيو ۽ ڀائر بھ وري ھن جا ٿي پيا..... پوءِ ھو وري سڀئي گڏجي گذارڻ لڳا ۽ حياتيءَ جا باقي ڏينھن ڏاڍا سکيا آسودا گذاريائون.

 

٢٧– املھھ ماڻڪ سوداگر *

 

ھڪڙو ھو سوداگر، جنھن کي ڌن دولت جي تھ ڪمي ڪا نھ ھئي، پر اولاد جي نعمت کان محروم ھو، ان ڪري ڌڻيءَ جي درگاھھ ۾ ٻاڏائيندو رھندو ھو. نيٺ ھن کي ھڪڙو پٽ ڄائو، جنھن جو نالو رکيائين ”املھھ ماڻڪ“ ۽ کيس ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالڻ لڳو. ھڪڙي ڀيري سوداگر دستور موجب مال متاع جا ٻيڙا ڀرائي ڏيسارو روانو ٿي ويو، تھ واٽ تي غوراب ۽ ٻيڙن کي اچي طوفان وڪوڙيو. ھنن گھڻئي حيلا ھلايا، پر ڪجھھ بھ نھ وريو، ۽ سوداگر پنھنجي سموري مال اسباب سميت ٻڏي ويو.

ھن واقعي جي خبر جڏھن سندس زال کي پھتي، تڏھن ھوءَ ويچاري ھيڪر تھ بيحال ٿي پيئي؛ پر ڪير ٿو قدرت جي آڏو اچي! نيٺ خدا تي راضي رھي، ھوءَ پنھنجي پٽ جي پرورش کي لڳي رھي، ڇوڪري کي علم سان گڏ واپار جو فن بھ سيکاري ڀڙ ڪيائين، ۽ جڏھن ھو جوان ٿيو، تڏھن سندس شادي ڌام ڌوم سان ڪرائي، اھا آس بھ پوري ڪيائين. جيتوڻيڪ سوداگر بھ گھڻو ئي مال دولت ڇڏي ويو ھو، تھ بھ کاڌي کوھھ کٽيو وڃن. املھھ ماڻڪ سوچيو تھ پنھنجي پيءُ جي پونجي بھ باقي اچي بچي آھي، ويھي ڪيترو کائبو! ڪجھھ لوچڻ گھرجي ۽ پنھنجي اباڻي ڌنڌي کي شروع ڪرڻ گھرجي.

آخر ماءُ کان موڪلائي، پنج سؤ مھرون ساڻ کڻي، اٿي ڏيسارو تي ھليو. ھلندي ھلندي ھن کي اھڙيءَ جڳھھ تي اچي آڌي رات پيئي، جتي ڪا بھ وسنئن ڪانھ ھئي. ويچارو حيران ۽ پريشان، وڃي سو وڃي ڪيڏانھن! نيٺ ٻي ڪا واھھ نھ ڏسي، منھن سامھون وري اٿي پنڌ پيو. ٿورو گھڻو پنڌ ڪيائين تھ ڇا ڏسي، تھ سامھون ھڪڙي سائي وڻ جي ھيٺان ڪو درويش پلٿي ماريو مراقبي ۾ ويٺو آھي. اھو ڏسندي ئي ھن کي ٿورو گھڻو ڏڍ ٿيو، ۽ درويش جي ويجھو وڃي ڪجھھ پڇڻ گھريائين. ڏاڍا حيلا ھلايائين پر درويش ڪڇي ئي نھ! آخر گھڻين منٿن کان پوءِ، درويش چيو تھ: بابا! منھنجي ھر گفتي  جي قيمت سؤ مھرون آھي، جي ڏين تھ توکي ھڪ گفتو ٻڌايان. املھھ ماڻڪ خيال ڪيو تھ، سياڻي جي صلاح سؤ مھرن ۾ سستي، سو ھڪدم سئو مھرون ھمياڻيءَ مان ڪڍي کڻي درويش جي آڏو رکيائين. درويش چيس تھ: ساٿي جو ئي ھجي، سو ڀلو! املھھ ماڻڪ دل ۾ چيو تھ، ٻيلي! درويش تھ واھھ جو گفتو ٻڌايو آھي.... ڇو نھ اھڙي الله لوڪ کان ٻيا بھ ٻٽي گفتا ٻڌجن! سو باقي رھيل چارئي سؤ مھرون بھ کڻي اڳيان رکيائينس. جنھن تي درويش چيو تھ: پرائي گھر وڃڻ، تھ چڱو آھي جاڳڻ، پرائي پلنگ تي ويھڻ کان اڳ ڀلو آھي، پڳھھ سنڀالڻ، ٻيو ڀلو آھي تھ پرائي چوڻ ۽ حرصائڻ تي نھ لڳڻ، سڀ کان ڀلو آھي پنھنجي ڪاوڙ کائڻ.

املھھ ماڻڪ اھي گفتا ٻڌي، پلاند ڇنڊي درويش کان موڪلائي  اٿي ھليو. درويش جا گفتا دل ۾ ياد ڪندو، جيئن جيئن ھلندو پئي ويو، تيئن ھن جو پھريون گفتو اچي دل ۾ ويٺس تھ، ”ساٿي جوئي ھجي، سو ڀلو“. خيال ڪيائين تھ ھن بيابان ۽ اونداھيءَ رات ۾ ڪنھن طرح پنھنجو ساٿي ڳولي ھٿ ڪريان. تان جو سندس نظر اوچتو وڃي ھڪ ڄاھي تي پيئي. دل ۾ چيائين تھ، بس اڄ منھنجو اھو ئي ساٿي آھي. سو ڇا ڪيائين جو پٽڪي جو پلاند ڦاڙي، ڄاھي جي ڄنگھھ ۾ ٻڌي، ھڪ وڻ جي ٿڙ سان اٽڪائي، پاڻ وڃي ان وڻ تي چڙھي ويٺو. ھڪ رات اونداھي، ٻيو رڳو جھنگ، سو جھنگلي جانورن جي رڙين سندس ساھھ ئي سڪائي ڇڏيو. ساري رات جاڳندي ۽ ڏڪندي گذاريائين. جڏھن ڏينھن ٿيو، تڏھن مس مس وڃي ساھھ پيٽ ۾ پيس. لھي جو ڏسي تھ ڪيترا نانگ وڻ جي پاڙ وٽ مئا پيا آھن، جي سڀ انھيءَ ڄاھي ماريا ھئا. پوءِ تھ درويش جي سڀني گفتن لاءِ ھن کي ھيڪاري قدر ٿيو، ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري، ڄاھي کي وڻ مان ڇوڙي اڳتي راھي ٿيو.

ھلندي ھلندي جڏھن منجھند ٿي، تڏھن ھڪڙو تھ گرميءَ ھلاڪ ڪيس، ٻيو اڃ ۽ بک بيزار ڪيس، سو ساڻو ٿي ھڪڙي ھنڌ ويھي رھيو. اتي جان کڻي ڏسي، تھ واھواھھ! سامھون ھڪ عاليشان بادشاھي شھر بيٺو آھي؛ سو ھو لنگھي ويو ان شھر ۾. ڇا ڏسي تھ ماڻھو تمام آسودا، شھر نھايت سھڻو، رستا ۽ بازاريون عاليشان، جتي ھر قسم جو واپار عام جام پيو ھلي. پر ھي ويچارو اھو ئي ھٿين خالي، ويڳاڻن جيان اتي گھمندو رھيو، ڏانھس ڪنھن نھاريو بھ ڪونھ. سڄي شھر جون بازاريون ۽ گھٽيون گھميو، پر کيس ڪنھن ٽڪر جي بھ صلاح ڪانھ ڪئي. آخر ھڪ اھڙيءَ گھٽيءَ ۾ پھتو، جتي دھلن دمامن جو ڌمچر متو پيو ھو، ھر قسم جا طعام پئي تيار ٿيا، ۽ ورھايا. ڪيئي دعوتي کاڄ کايو، خوشيون ڪندا پئي ويا، ۽ ڪيئي پئي آيا. پر ھن ڪنھن جي اڳيان ڪڏھن ھٿ ڪو نھ ٽنگيو ھو، سو ”ڀلي بُک ڀرم جي، شل نھ وڃي شان“ چئي، کڻي چپ ڪيائين. ھلندي ھلندي جڏھن گھوٽ جي گھر جي دروازي تي پھتو، تڏھن سامھون گھر جي مالڪياڻي ڏٺائين، جا ستر سالن جي پوڙھي ھئي. ھوءَ ساڳئي وقت کلي بھ پئي ۽ رني بھ پئي. اھو نظارو ڏسي ھن کان رھيو نھ ٿيو، ۽ ويجھو وڃي مائيءَ کان انھيءَ جو سبب پڇيائين. مائيءَ گھڻو ئي نٽايو، پر ھن جي ايلازن منٿن تي چيائين تھ: ابا! تون ڪو ٻاھر جو پرديسي ٿو ڏسجين. املھھ ماڻڪ چيس تھ: امڙ! برابر ائين آھي. ھاڻي مھرباني ڪري مون کي سڄي ماجرا ٻڌاءِ. مائيءَ چيس تھ: ابا! اسين طبيب آھيون ..... ھن شھر ۾ اسان جا ستر گھر آھن. ھتي جي بادشاھھ جي ھڪ سڪيلڌي ڌيءَ آھي، جا ڪيترن ڏينھن کان بيمار آھي، ۽ ان جو واري تي اسان جا مڙس ماڻھو علاج ڪندا آھن. پر جيڪو بھ ھن جي مرض جي سڃاڻپ نھ ڪري سگھندو آھي، تنھن کي بادشاھھ ھڪ گھڙي بھ موت کان مھلت نھ ڏيندو آھي. تان جو اسان جا ڪيترائي وارث ڦاسيءَ تي چڙھي چڪا آھن، ۽ اڄ ڏينھن تائين شھزاديءَ جو، ڪو بھ ماڻھو مرض سڃاڻي نھ سگھيو آھي. سڀاڻي منھنجي پوٽي جي علاج ڪرڻ جو وارو آھي، سو متان علاج ڪري نھ سگھي ۽ بادشاھھ کيس ڦاسيءَ چاڙھائي ڇڏي، تنھنڪري اڄ ھن جي شادي ڪرايان ٿي، جيئن اڳوپوءِ سندس مراد اکين سان ڏسي ڇڏيان! ھاڻي جڏھن ھي شادمانو ڏسان ٿي تھ کلان ٿي، پر جڏھن سندس ڦاسيءَ وارو موت اکين آڏو ٿو اچيم، تھ اکين مان لڙڪ وھيو ٿا اچن! ائين چئي، مائي اچي اوڇنگارن ۾ پيئي، ۽ روئڻ کان بس ئي نھ ڪري؛ تڏھن املھھ ماڻڪ کي ڪھل اچي ويئي، ۽ مائيءَ کي چيائين تھ: امان! تون ڪو اونو نھ ڪر، تنھنجي پوٽي جي بدلي آءٌ انھيءَ ڦاسيءَ تي چڙھندس! مائي اھو ٻڌي خوش ٿي ۽ کيس وٺي وڃي اندر گھر ۾ ويھاريائين، ۽ ھن جي ھر طرح سان خاطري ڪرڻ لڳي. سڀ ماڻھو سندس احسان ۽ ٿورو مڃڻ، ۽ ھن کي اکين ۾ جاءِ ڏيڻ لڳا. تان جو اھو ڏينھن آيو، جنھن ڏينھن پوڙھيءَ جي پوٽي کي شھزاديءَ جي علاج لاءِ وڃڻو ھو.

صبح جو سوير بادشاھي فرمان جاري ٿيو تھ، حڪيم اچي دربار ۾ حاضر ٿئي! تڏھن املھھ ماڻڪ پوڙھيءَ جي پوٽي بدران وڃي دربار ۾ حاضر ٿيو. بادشاھھ جو اھو بھ عھد ھو، تھ جيڪو حڪيم شھزاديءَ کي ھن مرض مان ڇڏائيندو، تنھن کي شھزاديءَ جي ٻانھن ۽ اڌ راڄ اڌ ڀاڳ عنايت ڪندس. املھھ ماڻڪ دربار ۾ پھتو، تھ بادشاھھ ھن کي ساڻ ڪري محلات ۾ وٺي ويو. شھزاديءَ کي ڏسڻ سان املھھ ماڻڪ جا تھ حوصلا ئي خطا ٿي ويا...... سندس وار وار ڪنبڻ لڳو، ڇاڪاڻ تھ شھزاديءَ کي بيماريءَ جي شدت سبب ڪا بھ سرت ڪا نھ ھئي،  ھوءَ سڄي سڄي دھل ٿي پيئي ھئي. ھن ويچاري مسافر کي ڪھڙي خبر تھ حڪمت ڪھڙي بلا جو نالو آھي. کيس فقط ھڪ رات جي مھلت ڏني ويئي، تھ جيئن ھو مرض کي چڱيءَ طرح سڃاڻي سگھي ۽ پوءِ سوچي سمجھي، ان جو علاج ڪري، ٻيءَ صورت ۾ ھن لاءِ ڦاسي تھ اڳي ئي تيار ھئي. کيس انھيءَ ساڳئي ڪمري ۾ رھايو ويو، جنھن ۾ شھزادي ھئي. ھن جي اڳي ئي ننڊ ڦٽي ويئي ھئي، ھيڪاري جو درويش جو گفتو ياد آيس تھ ”پرائي گھر وڃڻ، تھ چڱو آھي جاڳڻ“ – سو ھوشيار ٿي ويھي رھيو. جڏھن آڌي رات گذري، تڏھن ڇا ٿو ڏسي تھ ھڪ ڪئو ٻِر مان نڪري، تاڙي وڄائي چوڻ لڳو تھ: ٻيلي! اھڙو ڪو آھي ئي ڪونھ، جو پيٽ جي بلائن کي ماري! ائين چئي ڪئو پنھنجي ٻر ۾ ھليو ويو؛ اتي وري شھزاديءَ جي وات مان ھڪ بلا نڪري چوڻ لڳي تھ: ھي مئو ڪئو اسان کي مارڻ جون پيو صلاحون ڏئي، ۽ پاڻ جو ھيرن جواھرن جي ڍيرن تي قبضو ڪيو ويٺو آھي؛ ڪو اھڙو ماڻھو ڪونھي جو گرم تيل کڻي ان جي ٻر ۾ وجھي تھ ماريو مري کپي وڃي! بلا ايترو چئي گم ٿي ويئي. املھھ ماڻڪ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو تھ: ٻيلي واھھ! منھنجو جاڳڻ تھ صاب پيو، پر ھاڻي پيٽ جي بلائن مارڻ جو نسخو ڪٿان اچي! ٻئي ڏينھن بادشاھھ کي ھن مرض جي سڃاڻپ ٻڌائي، ۽ چيائين تھ: رکو الله تي، شام تائين اھڙو ٿو نسخو تيار ڪري وٺان، جو صبح ٿيندي ئي شھزادي چڱي ڀلي ...... پر مون کي رڳو گھر تائين وڃڻ ڏيو! بادشاھھ کان موڪلائي، پوءِ ھو سڌو ان پوڙھيءَ وٽ آيو، ۽ چيائنس تھ: امڙ! ڪو پيٽ جي بلائن مارڻ جو نسخو وڏن کان ٻڌل سئل اٿئي؟ پوڙھيءَ چيو تھ: ابا پيٽ جي بلائن مارڻ جا نسخا ھونئن تھ گھڻا، پر ھيءُ ھڪڙو سڀني ۾ يڪ ٽِڪ نسخو آھي. رسول چوڙ، ڪارا مرچ، نم جا پن ۽ ھڱ گھوٽي کڻي کارائجن، تھ بلا بلا جي ذات ٽڪرا ٽڪرا ٿي اچي ٻاھر سٽبي. املھھ ماڻڪ اھا دوا تيار ڪرائي سڌو اچي بادشاھھ وٽ حاضر ٿيو ۽ وڃي شھزاديءَ کي کارائڻ شروع ڪيائين. قدرت خدا جي، جو پھرئين ئي وزن سان شھزاديءَ جي پيٽ مان بلائون ٽڪر ٽڪر ٿي نڪرڻ شروع ٿيون، ۽ ٿيندي ٿيندي شام تائين ھوءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي. بادشاھھ ڏانھن ھڪدم ماڻھو ويو. جو ڌيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڊوڙندو آيو، ۽ شھزاديءَ کي چاق چڱو ڀلو ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ املھھ ماڻڪ کي ساڻ ڪري، دربار ۾ آيو، جتي کيس انعام اڪرام ڏيئي، خلعتون پھرائي انجام موجب ھن سان شھزاديءَ جي شاديءَ جو اعلان ڪيائين. ڪن ڏينھن پڄاڻان، ڏاڍي ڌام ڌوم سان بادشاھھ ھن جي شادي ڪرائي، ھن کي پاڻ سان گڏ تخت تي کڻي ويھاريو. پوءِ شھزادي ۽ املھھ ماڻڪ پاڻ ۾ خوش گذارڻ لڳا. ھڪڙي ڏينھن ڪئي وارو خزانو بھ ڪڍي پنھنجي ھٿ ڪيائون.

املھھ ماڻڪ جو ايڏو شان ڏسي، اڳين وزيرن ۽ اميرن جي دل ۾ اچي حسد جاڳيو، سي ڳجھھ ڳوھھ ۾ کيس ختم ڪرڻ جون سٽون سٽڻ لڳا. نيٺ ھنن ڇا ڪيو، جو شھر کان پري ھڪڙو عاليشان محلات تيار ڪرايائون، جنھن ۾ ھڪڙي ھنڌ اونھون کوھھ کڻائي، ان جي تري ۾ ڀالا کوڙي، کوھھ جي منھن تي اھڙو پلنگ رکائي ڇڏيائون، جيئن ويھڻ سان ماڻھو وڃي کوھھ ۾ ڪري ۽ مري وڃي. اھو بندوبست ڪري، ھڪڙي ڏينھن املھھ ماڻڪ کي انھيءَ محلات ۾ دعوت ڏنائون. سندس پلنگ انھيءَ کوھھ تي کڻي رکيائون. ھو ان ڏينھن تي انھيءَ محلات ۾ آيو ۽ اميرن ۽ وزيرن طرفان بندوبست ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ھنن کيس گھمائي ڦيرائي آڻي کوھھ واري پلنگ تي ويھاريو ٿي، تھ کيس درويش جو ٻڌايل گفتو ياد آيو تھ ”پرائي پلنگ تي ويھڻ کان ڀلو آھي، پڳھھ سنڀالڻ“ پوءِ پنھنجي پير سان پلنگ کي اڃان ٿورو زور ڏنائين تھ پلنگ وڃي کوھھ ۾ ڪڙڪيو! اھو حال ڏسي ھڪدم واپس اچي بادشاھھ سان سربستو احوال ڪيائين. بادشاھھ اھو ٻڌي سخت ناراض ٿيو ۽ جيڪي بھ امير ۽ وزير انھيءَ سازش ۾ شريڪ ھئا، تن کي شھر نيڪالي ڏيئي ڪڍي ڇڏيائين. املھھ ماڻڪ پوءِ اتي سک سلامتيءَ  ۽ خير خوبيءَ سان گذاريندو رھيو.

ھڪڙي ڏينھن ھن بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! مون کي اجازت ڏيو تھ آءٌ پنھنجي ملڪ وڃي، پنھنجا ٻار ٻچا وٺي اچان. بادشاھھ کيس خوشيءَ سان موڪلي ڏيئي، ھن جي سفر جي بندوبست ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. املھھ ماڻڪ عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! آءٌ اڪيلو ئي ويندس مون کي فقط ھڪڙو گھوڙو ملي. الله ۾ اميد آھي، تھ جلدي اچي حاضر ٿيندس. ائين چئي موڪلائي توڪلائي، گھوڙي تي سوار ٿي پنھنجي ملڪ روانو ٿيو.

ھلندي ھلندي ھڪڙي ڏينھن، رستي ۾ ھڪڙي نوجوان ۽ تمام سھڻي عورت اچي سندس اڳ جھليو، ۽ چيائينس تھ: آءٌ تنھنجي زال، تون منھنجو مڙس، ڀلائي ڪري مون کي پاڻ سان وٺيو ھل! ھيءُ ھڪو ٻڪو ٿي ڪجھھ سوچڻ لڳو تھ ايتري ۾ درويش جو گفتو ياد آيس ”تھ ڀلو آھي ڌاريئين جي چئي تي نھ لڳڻ“. سو جيئن تيئن ڪري ھن کان کسڪي روانو ٿيو. ٿورو اڳتي ھلي، پٺتي جو نظر ڪري تھ اھا عورت ھڪ ٻئي مسافر کي ورايو بيٺي آھي، ۽ ھن بھ اڳ پوءِ جاچڻ کان سواءِ وٺي کڻي پاڻ سان ٻيلھھ چاڙھيس. ايتري ۾ پٺيان ڊنبلو گھوڙي سوارن جو اچي مٿن ڪڙڪيو، جن نھ ڪئي نھ ھم نھ تم، تلوار سان مسافر کي تنبي ڇڏيئون، ۽ ان عورت کي گرفتار ڪري، جتان آيا ھئا، اوڏانھن ويندا رھيا. پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيس تھ: اھا عورت ھڪ اميرزادي ھئي، جنھن جي زوريءَ پئي شادي ڪرايائون، سو بچڻ لاءِ حويليءَ مان ڀڄي نڪتي ھئي، اھو حال ڏسي، ھن ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪيا تھ چڱو جو واٽ ويندي، اڻواقف ۽ ڌارئين جي چئي تي نھ لڳس، نھ تھ منھنجو حال بھ ھن مسافر جھڙو ٿئي ھا!

اھڙيءَ طرح ھلندي ھلندي جڏھن ڳوٺ پھتو، تڏھن آڌي رات ٿي ويئي ھئي، ۽ پنھنجي دروازي تي گھوڙو ٻڌي، اڃان اندر گھڙيو تھ گھر جي اڱڻ ۾ ڏٺائين تھ سندس ماءُ ھڪڙي کٽ تي ڌار ستي پيئي آھي، پر زال ھڪڙي ڳڀرو جوان سان گڏ ستي پيئي آھي. اھو حال ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ دل ۾ چيائين تھ، ھي ڪمينو ڪير، جو ايتري جرئت ڪري منھنجي گھر ۾ اچي ستو آھي؟ کيس پنھنجيءَ زال جي چال تي شڪ جاڳيو، ۽ ترار ڪڍي ارادو ڪيائين تھ: ڌڪ ھڻي، ٻنھي کي پورو ڪريان. پر پوءِ درويش جو پنجون گفتو ياد پيس تھ:”ڀلو آھي پنھنجي ڪاوڙ کائڻ“. يڪدم ترار مياڻ ۾ وجھي، ماءُ کي اٿاريائين، ۽ کانئس پڇيائين تھ: ھيءُ ڪير آھي؟ ماڻس چيس تھ: ابا! ھيءُ تنھنجو پٽ آھي، جو تنھنجي وڃڻ کان پوءِ ڄائو – ماءُ پٽ ٻئي گڏ ستا پيا آھن. اھو ٻڌي املھھ ماڻڪ ڏاڍو خوش ٿيو. ايتري ۾ سمورا ڀاتي سجاڳ ٿي، ۽ ھڪٻئي سان ملي ڏاڍي خوشي ڪيائون.

ٿوري گھڻي ڏينھن، ھو سڀني ڀاتين کي وٺي، وري وڃي بادشاھيءَ ڀيڙو ٿيو، ۽ صھري جي گذاري وڃڻ تي، سڄي تخت بخت جو مالڪ ٿي، ڏاڍي انصاف سان حڪومت ھلائڻ لڳو.


*  ھن ڳالھھ جون ٻھ روايتون: وچولي(تعلقي شھدادپور) مان مير محمد”سڪايل“ ۽ لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان مليون.

*  ھيءَ ڳالھھ وچولي (تعلقي ٽنڊي الھيار) مان الله بچايي جروار کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org