سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :5

 

٧- جھان شاھھ بادشاھھ*

 

جھان شاھھ نالي ھڪ بادشاھھ ھو، جو ڏاڍو ظالم ھو. امير غريب سڀ ھن کان ناراض ھئا. نئين ڏينھن، نئون ظلم ڪندو ھو. جنھن ٿي ٻڙڪ ٻاھر ڪڍي، تنھن کان ڦاسيءَ تي ٿي ٽنگايائين. ھڪ ڏينھن ھيءُ ظالم بادشاھھ، وڏي اٽالي سان سھي سنڀري شڪار تي نڪتو. سارو ڏينھن جھنگ ۾ ماڻھن سميت ڀٽنڪدو رھيو، پر شڪار نھ ملڻو، سو نھ مليس. مڄاڻ ان جھنگل ۾ ھڪ ڪيھر شينھن رھندو ھو، جو وري سج لھڻ مھل شڪار تي چڙھندو ھو. ھيڏانھن ھن کي بھ اچي شام ٿي ۽ ھوڏانھن شينھن بھ گجگوڙ ڪري اٿيو ۽ سڌو منھن ڪيائين بادشاھھ جي اٽالي ڏانھن. بادشاھھ جا ماڻھو تھ ھونئن ئي ھن مان ڪڪ ھئا ۽ ٻيو وري ھر ڪنھن کي جان جو خوف، سو ھو شينھن جي پھرين ئي گجگوڙ ٻڌي ڀڄي ويا....... ۽ باقي وڃي بادشاھھ اڪيلو بچيو. ھن بھ ڀڄڻ جي واٽ ڳولي، پر ايتري ۾ شينھن بھ اچي مٿانئس پيو. اتي بادشاھھ دل ۾ خيال ڪيو تھ مرڻو تھ ھڪ ڏينھن آھي.... اڄ نھ تھ سڀاڻي، سو ڇو نھ مقابلو ڪري مڙس ٿي مرجي! اھو ويچار ڪري، تلوار ڪڍي بيھي رھيو. قدرت خدا جي سان، شينھن سان وڙھندي وڙھندي ھن جي تلوار وڃي شينھن جي پيٽ ۾ لڳي،  ۽ اتي جو اتي مري ويو. اِتي اوندھھ بھ ڪجھھ وڌي ويئي، سو جھان شاھھ بھ پنھنجي ملڪ موٽڻ لاءِ گھوڙي جي وک وڌائي.

ھلندي ھلندي ڇا ٿو ڏسي، تھ ھڪڙي ٻلي آھي. جا ھڪڙي ڪئي کي جھلڻ لاءِ ان جي پٺيان پيئي ڊوڙي. ايتري ۾ اوچتو ھڪڙي لومڙي آئي، تنھن ٻليءَ کي جھلي کائي ڇڏيو. لومڙي بھ اڃان اڳتي ڪين ويئي ھئي، تھ ھڪڙو شڪاري ڪتو الاجي ڪٿان اچي سھڙيو، تنھن وري لومڙيءَ کي کڻي قابو ڪيو ۽ ڏاڍي مزي سان ان کي چڪ ۾ جھلي لوڏيندو اٿي اڳتي ھلڻ لڳو. پويان ھڪڙو ماڻھو گھوڙي تي چڙھيو پئي آيو. ان جو ڪتي کي ڏٺو، سو الاجي ڪھڙو پور پيس ........ بس ڪڍنديئي ڪھاڙي ڪيائينس موت جي حوالي. اڃا مڙس ٻھ قدم اڳتي ئي ڪين ٿيو، تھ سندس گھوڙو ٿاٻو کائي ڪري پيو...... ۽ پاڻ اڇلجي ان جي اڳيان ڌو وڃي ڳاٽي ڀر سٽيو، ۽ گھڙي ۾ سڄو بت رتو ڇاڻ ٿي ويس.

جھان شاھھ اھو سمورو لقاءُ ڏسي، اچرج ۾ پئجي ويو – تھ مار! ڏسو خدا جي قدرت...... ھر ڪنھن جي مٿان ڪو آھي! مون بھ ڏاڍيون برايون ڪيون آھن، سو ڪٿي نھ ڪٿي آءٌ بھ ضرور لوڙيندس. انھيءَ ويچار ايندي ئي اچي مڙس کي ڊپ ورايو؛ جھڙو ھو تھڙو رات اتي جھنگ ۾ رھي پيو، ۽ سڄي رات انھيءَ ويچار ۾ ويٺي ويٺي مٿان اچي ڏينھن ٿيس. پوءِ اٿي، ڪنڌ ھيٺ ڪري، گھوڙي جي واڳ وٺي، آھستي آھستي پيرين پنڌ ھلندي ھلندي، ڏينھن لڙئي اچي پنھنجي محلات ۾ پھتو. ان کان پوءِ بادشاھي، اميرن وزيرن مان چئن چڱن جي حوالي ڪري، پاڻ گوشائتو ويھي، پنھنجن گناھن کي بخشائڻ لاءِ رات ڏينھن عبادت ڪرڻ لڳو.


 

٨- سرمو پاتائين، پائي نھ ڄاتائين *

 

ھڪ ڏينھن، ڪو بادشاھھ شڪار جي خيال سان تيرڪمان کڻي، جھنگل ڏانھن اٿي ھليو. جھنگ ۾ شڪار ڪندي ڪندي بادشاھھ کي اچي اڃ لڳي، سو پاڻيءَ جي تلاش ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن واجھائڻ ۽ گھوڙو ڊوڙائڻ لڳو. ھلندي ھلندي پري کان ڪن عورتن کي ڏٺائين، جن ھڪڙي کوھھ تان پاڻي پئي ڀريو. بادشاھھ اھو ڏسي، دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ گھوڙو ڊوڙائي انھيءَ گھڙيءَ اچي کوھھ وٽ پھتو. ڏسي کڻي تھ مار! کوھھ جي ڀر ۾ ھڪ مائيءَ جو لاش پيو آھي، جنھن جي سسي لڀيئي ڪانھ! ۽ چار ڇوڪريون عمر جون ننڍيون نيٽيون ۽ شڪل صورت جون سھڻيون، ان سسيءَ وڍيل لاش جي چوڌاري بيٺيون آھن ۽ پاڻ ۾ گفتگو پيون ڪن. بادشاھھ ھڪڙي وڻ جي اوٽ ۾ لڪي سندن ڳالھيون ٻڌڻ لڳو، ھڪڙي ڇوڪريءَ چيو تھ : ھن زال کي وارن سان ڏاڍي ڪا پريت ھئي! وري ٻيءَ چيو تھ: ڏندن سان بھ ڏاڍي ڪا دل ھيس. تنھن تي ٽيئن چيو تھ: سرمي سان ڏاڍو شوق ھوس. آخر ۾ چوٿين ڇوڪري – جا ٻين کان شڪل شبيھھ ۾ وڌيڪ موچاري ۽ عقل ۾ اڳري پئي نظر آئي، تنھن چيو تھ: ادي سرمون تھ پاتائين پر پائي نھ ڄاتائين!

ڇوڪرين جون اھي ڳالھيون ٻڌي، بادشاھھ سخت حيرت ۾ پئجي ويو. دل ۾ چوڻ لڳو تھ جڏھن عورت جي سسي بھ غائب آھي، تڏھن ھي ڇوڪريون ڪيئن پيون اھي ڳالھيون ڪن! نيٺ بادشاھھ  وڻ جي اوٽ مان نڪري، اچي ڇوڪرين کان پاڻي گھريو. ڇوڪرين بادشاھھ کي وڏيءَ خوشيءَ سان پاڻي پياريو. بادشاھھ پاڻي پي وڃي وڻ جي ڇانو ھيٺان ويھي رھيو ۽ ڇوڪرين کي سڏي پڇيائين تھ: ھن مئل زال بابت اوھان پاڻ ۾ جيڪي بھ ڳالھيون پئي ڪيون، سي اوھان ڪيئن سمجھيون؟ تنھن تي پھرينءَ ڇوڪريءَ جواب ڏنو تھ جيڪي زالون وارن جون شوقين ھونديون آھن، سي ھر ھر وارن کي تيل مکينديون ۽ ڦڻي ڏينديون آھن، جنھن ڪري سندن پٺيءَ تي البت تيل لڳي ويندو آھي. ھن زال کي بھ پٺيءَ تي تيل لڳل ڏٺم، تڏھن سمجھيم تھ ھيءَ زال وارن جي ڏاڍي ڪا شوقين ھئي! ٻي ڇوڪري چوڻ لڳي تھ: ڏندن جون شوقين زالون، ڏندن کي تمام  گھڻو مساڳ ھڻنديون آھن، جنھن ڪري ھٿن جي ننھن جون پاڙون بھ مساڳ ھڻندي ھڻندي ڳاڙھيون ٿي وينديون اٿن. ھن جا بھ ننھن ڳاڙھا ڏٺم، تڏھن سمجھيم تھ ھن کي پنھنجن ڏندن سان ڏاڍي ڪا دل ھئي! اتي ٽيئن ڇوڪريءَ چيو تھ: جيڪي گھڻو سرمون پائينديون آھن، ٽِڪا ڪڍنديون آھن، سي ان جا لينگھا وري پنھنجي چولي جي داون سان اگھي ڇڏينديون آھن. مون ھن مئل زال جي چولي تي بھ اھڙي قسم جا لينگھا ڏٺا. تڏھن سمجھيم تھ ھن عورت کي سرمي سان بھ گھڻي پوندي ھئي! پڇاڙيءَ ۾ بادشاھھ چوٿينءَ ڇوڪريءَ کي چيو تھ: ھاڻي تون ٻڌاءِ تھ ڪيئن ھن مئل زال سرمون پاتو، پر پائي نھ ڄاتو؟ ڇوڪريءَ جواب ڏنو تھ: بادشاھھ سلامت! جان جي امان ملي تھ اوھان کي ھڪ ڳالھھ چوان! بادشاھھ طرفان جڏھن کيس جان جي امان ملي، تڏھن چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! ھن ڳالھھ کي سمجھڻ لاءِ اوھان کي مون سان شادي ڪرڻي پوندي! بادشاھھ دل ۾ خيال ڪيو تھ ھيءَ ڇوڪري ڪا وڏي عقل واري ۽ سياڻي ٿي ڏسجي، جو ٻين ڇوڪرين تھ ڪي اھڃاڻ سڃاڻي پنھنجي راءِ ظاھر ڪئي، پر ھن ڇوڪريءَ ڪو وڏو راز پروڙيو آھي ....... ان راز کي سمجھڻ لاءِ مون کي ھيءَ شادي ضرور ڪرڻي پوندي. ائين سوچيندو ويچاريندو، بادشاھھ نيٺ اتان اٿي، موٽي پنھنجي محلات ۾ آيو.

اھا عقلمند ڇوڪري ھڪ سوداگر جي ڌيءَ ھئي، جو ملڪ جو وڏي ۾ وڏو سوداگر ھو. ھوءَ سوداگر جي سڪيلڌي ڌيءَ ھئي. اھو سوداگر درياءَ جي ڪناري تي پنھنجي ھڪڙي عاليشان محلات ۾ رھندو ھو. ٻئي ڏينھن بادشاھھ، ان سوداگر ڏانھن پنھنجي وزير جي ھٿان شاديءَ جو پيغام موڪلي ڏنو، جو ٻڌي ھو پنھنجي سر ڏاڍو خوش ٿيو ..... پر ڌيءَ ھيس سڪيلڌي سو پھريائين ھن کان پڇڻ ضرور ڄاتائين. سوداگر پوءِ، بادشاھھ جو پيغام اچي ڌيءَ کي ٻڌايو، جنھن بادشاھھ سان شادي ڪرڻ جو اقرار تھ ڪيو، پر ھي شرط وڌائين تھ شاديءَ کان اڳ سندس پيءُ جي محلات جي ڀرسان ھڪ ٻيو وڏو محلات تيار ڪرايو وڃي. بادشاھھ اھو شرط بھ يڪدم منظور ڪيو. آخر بادشاھھ جي حڪم سان، درياءَ جي ڪپ تي، ھڪ سھڻو محلات جڙي راس ٿيو، ۽ ٻن چئن ڏينھن ۾، بادشاھھ گھڻن دھلن دمامن ۽ وڏي ڌام ڌوم سان ھن جي ڌيءَ سان شادي رچائي، ۽ ٻئي اچي ان نئين عاليشان محلات ۾ خوش گذارڻ لڳا.

نئين شاديءَ جي خوشيءَ ۾ بادشاھھ کان اھا ڳالھھ ئي وسري ويئي، تھ ھن ڇوڪريءَ سان ڪھڙي شرط تي شادي ڪئي ھئائين. ڇوڪريءَ البت پنھنجي پيءُ کي سڄي ڳالھھ ويھي پيرائتي ڪري ٻڌائي، جنھن ھن کي ھر طرح جي مدد ڪرڻ جو آسرو ڏنو. تنھن تي ڇوڪريءَ پيءُ کي چيو تھ: لڪ ڇپ ۾ ھن محلات کان وٺي، پنھنجي محلات تائين ھڪ سرنگھھ تيار ڪرائي ڏيوم. ٿوري گھڻي ڏينھن جڏھن اھا سرنگھھ بلڪل تيار ٿي ويئي، تڏھن ھڪ ڏينھن سوداگر، بادشاھھ کي دعوت ڏيئي، پنھنجي محلات ۾ وٺي آيو. بادشاھھ جڏھن محلات جو دروازو ٻاھر لنگھيو، تڏھن ڇوڪريءَ ڇا ڪيو، جو يڪدم ھار سينگار ڪري، نؤلکو ھار پائي، بادشاھھ کان اڳ ۾ ئي پنھنجي پيءُ جي محلات ۾ پھچي، ھڪ پلنگ تي ٺھڪي ٺڪي ويھي رھي. بادشاھھ جڏھن سوداگر جي محلات اندر پھتو، ۽ اتي ھڪ پلنگ تي پنھنجيءَ زال کي ويٺل ڏٺائين، تڏھن حيرت ۾ پئجي اٿي کڙو ٿيو. تنھن تي سوداگر چيس تھ: سائين! اٿي ڇو بيٺا آھيو؟ بادشاھھ چيس تھ: ھڪڙو قيمتي رومال محلات ۾ وساري آيو آھيان، اھو کڻڻ ٿو وڃان. بادشاھھ جيستائين پنھنجي محلات ۾ پھچي، تنھن کان اڳي، ڇوڪري سرنگھھ مان لنگھي، جتي بادشاھھ اڳ ۾ کيس ستل ڇڏي ويو ھو، اتي اچي سمھي رھي. بادشاھھ اچي گھر ڏسي، تھ سندس زال تھ اتي ستي پيئي آھي! ھو وري سوداگر جي محلات ڏانھن اٿي ھليو، تھ ڇوڪري وري بھ سرنگھھ رستي، ساڳيءَ پوشاڪ سان وڃي پنھنجي پيءُ جي گھر ڪم ڪار ۾ لڳي. بادشاھھ ڏسي پريشان ٿي ويو، تھ آخر ماجرا ڪھڙي آھي! ھن کي وري بھ پڪ نھ ٿي، سو گھڙي کن اتي ويھي، پوءِ سوداگر کي چوڻ لڳو تھ: افسوس جو آءٌ وري بھ پنھنجي قيمتي منڊي گھر ڇڏي آيس- اھا کڻي ٿو اچان. ائين چئي وري اٿي ھو پنھنجي محلات ڏانھن ھليو. ڇوڪري وري بھ سرنگھھ رستي اچي ساڳئي پلنگ تي سمھي پيئي. بادشاھھ اچي ڏسي تھ مار! ھيءُ تھ ھاڻي بھ ھتي ستي پيئي آھي! اتي ھو صفا منجھي پيو؛ نيٺ پنھنجي زال کي اٿاري کانئس پڇڻ لڳو تھ: تنھنجي پيءُ جي محلات ۾ تو جھڙي ۽ ساڳيءَ پوشاڪ واري، بلڪ ھو بھو تو جھڙي ٻي ڪا عورت ويٺل آھي..... مان تھ ان کي ڏسي ڀلجي ٿو پوان، ڄڻ تھ اھا بنھھ تون آھين؟ مون کي ٻڌاءِ تھ اھو ڪھڙو اسرار آھي؟ ان تي ڇوڪريءَ چيو تھ: بادشاھھ سلامت! اوھان تھ مون کي ھٿ سان ھتي پلنگ تي سمھاري ويا ھئا .... ٻاھر ٻانھيون گوليون ڪم ڪار پيون ڪن ۽ ننڊ مان بھ مون کي اوھان پنھنجي ھٿن سان اچي اٿاريو آھي! اھا آءٌ ڪيئن ھونديس؟ شايد اوھان ڀليا آھيو. ماڻھو ماڻھن جھڙا، ھزارين پوشاڪون ھڪجھڙيون، اجايو ڇو ويٺا ويچار ڪريو؟ بادشاھھ چيو تھ: ھا، ھاڻي مون کي پڪ ٿي تھ اھا ڪا تو جھڙي ٻي عورت آھي، ائين چئي بادشاھھ، سوداگر جي محلات ۾ وري موٽي آيو. سوداگر، جو ڌيءَ سان اڳي ئي صلاحي ھو، تنھن انھيءَ وچ ۾ پنھنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو ھو، تھ ھڪڙو غوراب ائين تيار ڪري بيھاريو، جو رڳو پڳھھ کڻڻ جي دير ھجي. جڏھن ڪچھري پوري ڪري بادشاھھ اٿڻ لڳو، تڏھن سوداگر چيس: ھڪڙيءَ ڏوراھينءَ ولايت ٿو وڃان، اڳو پوءِ ٿورو ترسي، اسان کان موڪلائي، پوءِ وڃو. بادشاھھ اتي ئي ترسي پيو:

ھوڏانھن ڇوڪريءَ ڇا ڪيو جو بادشاھھ جو الھھ تلھھ ٻھاري، ھيرا جواھر ۽ ٻي ملڪيت کڻي، سرنگھھ رستي اچي پنھنجي پيءُ جي محلات ۾ پھتي. سوداگر پوءِ، بادشاھھ جي اھا ملڪيت ۽ پنھنجو سمورو مال متاع کڻائي وڃي غوراب ۾ رکايو. پوءِ سڀ ماڻھو بادشاھھ کان موڪلائي توڪلائي اچي غوراب ۾ ويٺا، ۽ غوراب کي کڻي ھاڪاريائون. غوراب اڃان ھلڻ مس شروع ڪيو، تھ سوداگر جي ڌيءَ، اتان بادشاھھ کي جيڪو کانئن موڪلائڻ لاءِ اڃان تائين ڪناري تي بيٺو ھو، سڏ ڪري چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ھن مئل زال بھ ھيئن پنھنجي مڙس کي سرمون پاتو ھو، پر تڪڙ ڪيائين، جنھن ڪري مارجي ويئي ...... ”سرمون تھ پاتائين، پر پائي نھ ڄاتائين.“ پر آءٌ اوھان کي اجھو ھيئن سرمون پايو پيئي وڃان! مون پنھنجو شرط پورو ڪيو. ھاڻي خدا حافظ! اھو ٻڌي، بادشاھھ کي مئل زال جي لاش وارو واقعو ياد پيو، ۽ جڏھن سموري ڳالھھ سمجھيائين، تڏھن ڏاڍو پريشان ٿيو. آخر ھو پنھنجي محلات ۾ موٽي آيو، ۽ ٽپڙ جو اچي جاچيائين تھ ھيڪاري ڏندين آڱريون اچي ويس. زال تھ اڳ ۾ ئي وڃائي ويٺو ھو، پر سڄيءَ ملڪيت تان بھ ھٿ ڌوئڻا پيس! لاچار ويچارو ماٺڙي ڪري ويھي رھيو.

 

٩ – ڀاڳ ۽ نڀاڳ*

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ، جنھن کي ست ڌيئرون ھيون. انھن مان ڇھن جي تھ شادي ڪرائي ھئائين، باقي ھڪڙي اڃان ڪنواري ھئي. انھيءَ سان بادشاھھ جي دل بھ تمام گھڻي ھئي. شھزادي جڏھن لائق ٿي، تڏھن ان جي اٿارڻ جو خيال ڪري، پنھنجي وزير کي سؤ اٺ کٿوريءَ جا ڀرائي ڏنائين ۽ چيائينس تھ: تون ڪنھن ٻيءَ بادشاھيءَ ۾ وڃي ڪو بادشاھي گھر جانچ ۽ بادشاھھ کي ھيءَ کٿوري ڏيئي، ان جي عيوض کانئس ڪنھن بھ ھڪ جنس جا اٺ ڀرائي اچ- پر اھو خيال رکج، متا کٿوري ڪنھن کي اڌ موڙيءَ ۾ ڏيئي اچين! جيڪو توکي ان جو پورو عيوضو ڪنھن ھڪ جنس ۾ ڏيئي سگھي ۽ جنھن مان اٺ بھ سڀ ڀرجي وڃن، پوءِ انھيءَ سان شھزاديءَ جي ڳالھھ پڪي ڪري، شاديءَ جي تِٿ ٻڌي اچ.

وزير کٿوريءَ جا اٺ ڀرائي پنڌ پيو. ڪيترن بادشاھن سان مليو، پر کٿوريءَ جي قيمت ھڪ جنس ۾ ڪير بھ ڏيئي ڪونھ سگھيس. جي ھڪ جنس مان سؤ اٺ لڏجن، تھ يا قيمت کٽيو پوي يا وڌيو وڃي، جي کٽي تھ وزير نھ قبولي ۽ جي وڌي تھ ڪنھن کان اھا ڏيڻ نھ پڄي. آخر ھڪڙيءَ ولايت جو ڏس مليس، تھ اتان جي بادشاھھ جي مرڻ کان پوءِ، سندس چوڏھن ورھين جي عمر جو شھزادو تازو تخت نشين ٿيو آھي، اھو ڪم ڪندو ۽ ان جي شادي بھ ڪيل ڪانھ آھي. وزير اھو ٻڌي اوڏانھن رخ رکيو. ھلندي ھلندي ٿوري گھڻي ڏينھن وڃي اتي پھتو. ڇا ڏسي تھ شھزادو پنھنجو محل پيو ٺھرائي. وزير شھزادي سان ملي، ان کي سمورو احوال ڏنو. شھزادي چيس تھ: آءٌ توکي سڀئي اٺ ھڪ ئي جنس مان برابر ڀري ڏيندس. ائين چئي حڪم ڪيائين تھ: اھا سموري کٿوري لاھي گاري ۾ گڏائي ڇڏيو ۽ ان سان محلات جي لنب ڪريو! گھڙيءَ ۾ حڪم جي تعميل ٿي ويئي. وزير جڏھن اھو ڏٺو، تڏھن اچي ڳڻتيءَ ورتس تھ ھاڻي الاجي کٿوريءَ لاءِ پوري ھڪ جنس ملندي بھ، يا نھ؟ شھزادي سندس رخ مان سھي ڪري ورتو تھ وزير جي دل ۾ اچي شڪ ويٺو آھي، سو ھن کي وٺي وڃي خزاني جي ستن ڪوٺين تي بيھاريائين ۽ چيائينس تھ: توکي جھڙي بھ ھڪ جنس وڻي، تنھن مان بلاشڪ پنھنجا سؤ اٺ ڀرائي وڃ! وزير اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شاھي سوکڙيون پاکڙيون ھن جي سامھون رکي، پنھنجي بادشاھھ جو پيغام ڏنائينس. شھزادي اھا ڳالھھ ٻڌي يڪدم ھائو ڪئي ۽ چيائينس تھ: آءٌ شادي ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، پر ڇھھ ٻارنھن مھينا رکي پوءِ، پاڻيھي اوھان جي بادشاھيءَ ۾ ايندس، ۽ اچي شھزاديءَ سان شادي ڪندس.

وزير سؤ اٺن جو موتين سان ڀرائي، ٻيون بھ ڪئين سوکڙيون پاکڙيون کڻي، پنھنجي ملڪ روانو ٿيو. ٿوري گھڻي ڏينھن اچي پنھنجي بادشاھھ کي خوشخبري ٻڌايائين ۽ سڄو مال بھ آڻي آڏو رکيائينس. بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ويھي شھزادي جو انتظار ڪرڻ لڳو. پر انتظار ڪندي ڪندي جڏھن پورا ٻارنھن مھينا گذريا، ۽ شھزادي منھن ئي ڪين ڪيو، تڏھن بادشاھھ پنھنجي وزير کي گھرائي چيو تھ: وزير! تنھنجو اھو شھزادو تھ پيدا ئي ڪو نھ ٿيو! وزير عرض ڪيو تھ: بادشاھھ سلامت! جا حقيقت ھئي، اھا مون عرض رکي، وڌيڪ منھنجي وس کان ڳالھھ ٻاھر آھي. بادشاھھ، وزير جو اِھو جواب ٻڌي، پاڻ پنھنجي سر گھوڙي تي سوار ٿي، انھيءَ شھزادي ڏانھن روانو ٿيو.

بادشاھھ ھلندي ھلندي نيٺ وڃي، ان شھزادي جي بادشاھيءَ ۾ پھتو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيس تھ شھزادي تخت تي ويھڻ سان پنھنجو سڀ مال اسباب، واريءَ وانگر ھٿن جي وٿين مان وھائي ڇڏيو، ۽ بادشاھي وڃائي، ھاڻي تغاري مٿي تي کڻي مزوري پيو ڪري، اھڙيءَ طرح ”ٽڪو ڪمائي، ٽڪو کائي“ پيو پنھنجو پيٽ پالي. اھو ٻڌي، بادشاھھ حيرت ۾ پئجي ويو، ۽ پڇائي پڇائي وڃي شھزادي سان مليو. ڏٺائين تھ شھزادو برابر گپ ۾ لتو، بيٺو تغاري ڍوئي. بادشاھھ بيھي کانئس حال احوال ورتو، پر شھزادو شرم کان ڪنڌ ھيٺ ڪري بيھي رھيو. بادشاھھ پڇيس: ڪيتري مزوري ملندي اٿئي؟ شھزادي جواب ڏنو تھ: بس، ائين ئي ٽڪو ڪمايان ٽڪو کاوان ....... مڙيئي وقت خير جو پيو گذري. بادشاھھ چيس: اھو ٽڪو آءٌ ٿو توکي ڏيان، تون مون سان گڏجي ھل. شھزادي وراڻيو تھ: اوھين اڄ ڏيندا، سڀاڻي ڪير ڏيندو؟ بادشاھھ چيس تھ: توکي مزوريءَ سان ڪم، سو ان وگھي توکي آءٌ ڪو نھ ڇڏيندس. شھزادي اھو ٻڌي کڻي تغاري ڦٽي ڪئي، ۽ ھن سان ھلڻ لاءِ تيار ٿي بيھي رھيو. اتي بادشاھھ کانئس پڇيو تھ: تنھنجا ھيترا سارا خزانا ڪيڏانھن ويا، جو ھھڙا حال ڪيا اٿئي؟ ھن وراڻيو تھ: سائين! ھيءَ دنيا سمنڊ جي وير جيان آھي، ھن تي ڀروسو ئي ڪونھي. بادشاھھ اھو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو ۽ کيس چيائين تھ: فڪر نھ آھي. آءٌ تنھنجي خدمت لاءِ حاضر آھيان، ۽ وعدي موجب تنھنجي شادي بھ ڪرائيندس. پوءِ اوھان ٻنھي زال مڙس لاءِ خاص محلات ٺھرائي، نوڪر چاڪر مقرر ڪري اوھان کي ڏيندس، جتي اوھين تمام سٺي زندگي گذاري سگھندا. شھزادي چيس تھ: سائين! اوھان جون لک مھربانيون ۽ احسان، پر مون تي جو نڀاڳ ڇانيل آھي، سو ائين نھ ٿئي، جو ان جو اثر اوھان تي بھ پوي.

آخر گھڻيءَ رد بدل کان پوءِ، بادشاھھ کيس پنھنجي ملڪ وٺي ويو، ۽ شھزاديءَ سان سندس شادي ڌام ڌوم سان ڪري، کين ھڪڙي محلات ۾ کڻي رھايائين، جنھن ۾ لکي باغ بھ شامل ھو. کيس ٽڏ ڀلين مينھن جو بھ ڏنائين، جن مان ھڪڙي ھڪڙي اڌ مڻ کير مھل تي ڏيندي ھئي - ۽ ٻيو مال متاع تنھن کان سواءِ کين ڏنائين. مطلب تھ شھزادو ۽ شھزادي پوءِ ڏاڍو مزي ۾ زندگي گذارڻ لڳا.

قدرت قادر جي، جو ٿوري گھڻي ڏينھن، ھڪ ھڪ ٿي سڀ مينھون وھڪي ويون، ۽ باغ کي بھ ڪا اھڙي بيماري لڳي، جو سڪي ڪاٺيون ٿي ويو. ڀلا جنھن شيءِ جي ٽھل ٽڪور نھ ٿيندي، ان جو ٻيو ڪھڙو حال ٿيندو! امير امراءُ ۽ غريب فقير، شھزادي جي ھيءَ حالت ڏسي، کيس نڀاڳو سڏڻ لڳا ۽ ھن کي نھايت گھٽ وڌ ڳالھائڻ لڳا. نيٺ ملڪ ۾ اھي ڳالھيون مھاڙيون ٻڌي، شھزادو ڏاڍو دکي ٿيو. آخر ھڪڙي ڏينھن زال کي چيائين تھ: منھنجي لاءِ ھاڻي ٻڏڻ ڀلو آھي، آءٌ وڌيڪ نٿو سھي سگھان...... تنھنڪري مون کي موڪل ڏي، تھ جيڏانھن وڻيم اوڏانھن ھليو وڃان. زال چيس تھ: ائين وري ڪيئن ٿيندو! جيڪڏھن اھا صلاح آھي، تھ آءٌ بھ توسان گڏ ھلنديس – جتي تون، اتي آءٌ. ھي اڃان انھيءَ گفتگو ۾ ھئا تھ خبر ملين تھ بادشاھھ، پنھنجي ٻين ڇھن ناٺين مان ھر ھڪ کي ھڪ ھڪ اناج جي جنس ڀرائي، ڪنھن ڏيساور تي روانو ڪرڻ وارو آھي. اھو ٻڌي شھزادو، بادشاھھ وٽ ويو ۽ کيس چيائين تھ: جيئندا قبلا! اوھان ڇھن ئي ناٺين کي ھڪ ھڪ جھاز جنس جو ڀرائي ڏنو. مگر آءٌ شايد ڌاريو آھيان، جو مون کي توھان وساري ڇڏيو! بادشاھھ چيس تھ: نھ ٻچا! تون بھ مون کي انھن جھڙو ئي پيارو آھين، تنھنجي رڳو چوڻ جي دير آھي. شھزادي چيو تھ: پوءِ مون کي ست جھاز اناج جا ڀرائي ڏي، تھ وڃي قسمت آزمايان. پھر کن ۾ ستئي جھاز اناج جا ڀرجي، شھزادي جي حوالي ٿيا. بادشاھھ ٻين ناٺين کي حڪم ڪيو، تھ ھن شھزادي کان اڳ ڪو بھ پنھنجو جھاز نھ ھاڪاري.

قصو ڪوتاھھ ..... شھزادو پنھنجا جھاز ڇوڙائي اٿي ھليو، سندس پويان ٻين  شھزادن بھ جھاز ھاڪاريا. ھلندي ھلندي نيٺ اچي ھڪ ھنڌ لنگر ڪيائون. ڇا ڏسن تھ نموني نموني جا بيشمار پکي آھن، جي درياءَ جي ڪناري وارن وڻن تي ويٺا آھن. انھن جي اچ وڃ جي ڪري ھوا اھڙي وڻندڙ ۽ ٿڌي پيئي لڳي، جو بيٺي ننڊ وٺيو وڃي. شھزادي کي پکين جي اچ وڃ ۽ آبھوا ڏاڍي وڻي، سو ٻين شھزادن کي چيائين تھ: جيڪڏھن وڃو، تھ اوھان کي موڪل آھي ..... آءٌ ڪجھھ ڏينھن ھتي ترسي، پوءِ پنھنجا جھاز ھاڪارائيندس. اھو ٻڌي، ھو خوش ٿيا ۽ دل ۾ چيائون تھ خدا کڻي ھن نڀاڳي مان جند ڇڏائي! ائين چئي پنھنجا جھاز ھاڪاري اٿي ھليا ۽ ڏسندي اکين کان گم ٿي ويا.

ٻئي ڏينھن صبح جو، شھزادو جھاز تان ڪناري تي سير ڪرڻ ويو. اتي کيس پکين جا بيشمار پيرا ڏسڻ ۾ آيا، جنھن مان سمجھيائين تھ ھي ويچارا پکي، چوڳي جي ڳولا ۾ ڏينھن جا ڏينھن ھيڏانھن ھوڏانھن پئي ڊوڙيا آھن. اھو ڏسي کيس ڏاڍي ڪھل آھي، سو نوڪرن کي حڪم ڪيائين تھ: جھاز جو اناج ھن ميدان ۾ ھاري ڇڏيو، تھ ڀل پکي کائي ڍؤ ڪن. بس حڪم جي دير ھئي – بيٺي بيٺي ھڪ جھاز جو اناج ھاري ڇڏيائون. ٻئي ڏينھن جان شھزادو اتي وڃي، تھ ڇا ڏسي تھ مار! ميدان ۾ ان جو ھڪڙو داڻو بھ ڪونھي، پر سڄو ميدان موتين سان ڀريو پيو آھي. پکين درياءَ مان موتي چڻي آڻي ڪناري تي ڇڏيا ھئا. اھو ڏسي ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪيائين. پوءِ باقي ڇھھ جھاز بھ اتي ھارائي ستئي جھاز موتين سان ڀرائي، موٽي اچي بادشاھھ وٽ پھتو، ۽ بادشاھھ کي سموري حقيقت ٻڌايائين. بادشاھھ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تھ: ٻچا! ڀاڳ نڀاڳ جي ڳالھھ آھي – مڙس ڀاڳ جو گھوريو تھ ڀاڳ مليس. ھٿ سان نڀاڳ کي سڏيندو تھ اھو بھ در ڪونھ ڇڏيندس. تنھنجو ھاڻي ڀاڳ وريو آھي، ان کي رکڻ ۽ لوڌڻ ھاڻي تنھنجي وس آھي. پوءِ شھزادي ستئي جھاز موتين جا لھرائي پنھنجي محلات ۾ آڻي رکايا، ۽ شھزاديءَ سان ملي ڏاڍي موج ۾ گذارڻ لڳو. پوءِ سندس باغ باغيچا ۽ مال وٿاڻ وري ساڳي طرح آباد ٿي ويا. ٻھ چار سال ائين اتي رھي، شھزادو، بادشاھھ کان موڪلائي، شھزاديءَ سميت پنھنجي ملڪ موٽي ويو، ۽ ويل تخت ھٿ ڪري، ڏاڍي شان مان سان حڪومت ھلائڻ لڳو.


*  ھيءَ ڳالھھ وچولي(تعلقي شھدادپور) مان ”ظفر“ بلوچ کان ملي.

*  ھن ڳالھھ جو مدار وچولي(تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل، (تعلقي ٽنڊي الھيار) مان ولي محمد طاھر زادي کان ۽ (تعلقي ھالا) مان قاضي نور محمد کان؛ ٿرپارڪر(تعلقي ڇاڇري) مان رائچند ۽ لاڙ (تعلقي بدين) مان شيخ محمد سومار کان مليل روايتن تي آھي.

*  ھيءَ ڳالھھ لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org