سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :6

10- ربّ جي رضا *

 

ھڪڙو ھو بادشاھھ، جيڪو نھايت رحمدل ۽ انصاف پسند ھو. ھڪ ڀيري اچي سخت بيمار ٿيو. اھڙو بيمار ٿيو، جو کاڌو پيتو حرام ٿي ويس.... نھ اٿي سگھي، نھ ھلي سگھي، مطلب تھ اچي حياتيءَ مان ڪڪ ٿيو. گھڻائي ويڄ طبيب اچي مڙيا، پر بادشاھھ چاق نھ ٿيڻو ھو، سو نھ ٿيو. ھڪڙي ڏينھن ڪو طبيب انھيءَ بادشاھي ۾ آيو، تنھن جو ماڻھن جي واتان بادشاھھ جي بيماريءَ جو ٻڌو، سو چيائين تھ: مون کي بادشاھھ وٽ وٺي ھلو، تھ آءٌ ٿو سندس علاج ڪريان. طبيب کي ھڪدم محلات ۾ پھچايو ويو، جتي ھن بادشاھھ کي ڏسي چيو تھ: بادشاھھ جو علاج ٿي سگھي ٿو، پر ھڪ دوا جي گھرج آھي، جي اھا ملي سگھي، تھ بادشاھھ چاق ٿي ويندو. وزير چيو تھ: ٻڌاءِ، اھا ڪھڙي دوا آھي؟ اسين ھينئر ئي ٿا ان جو بندوبست ڪريون. طبيب چيو تھ: مون کي چوڏھن سالن جي ڪنھن ڇوڪريءَ جو رت گھرجي، بادشاھھ چيو تھ: ڇوڪري جو رت اسان کي ڪٿان ملي سگھندو؟ ڪير ھوندو جو پنھنجو ٻچو جيئرو ڪڍي ڏيندو تھ وڃي ڪسي! انھيءَ تي اميرن وزيرن بادشاھھ کي چيو تھ: جيئندا قبلا! ناڻي سان ھر شيءِ ملي سگھي ٿي، توھين اجازت ڏيو تھ اسين ڪو ڇوڪرو خريد ڪري اچون. بادشاھھ چيو تھ: وزير! جي توھان کي ڪو ماڻھو خوشيءَ سان پنھنجو اولاد ڏئي تھ پوءِ وٺي اچو، نھ تھ ڪنھن تي زور زبردستي نھ ڪجو.

وزير اھا ڳالھھ  ٻڌي، اڇي ڳاڙھي جون خرزينون ڀري اٿي روانو ٿيو. ڪيترائي ڏينھن ھن کي رلندي گذري ويا، جنھن کي چئي تھ: ڇوڪرو ڏيو تھ ان جي رت مان بادشاھھ لاءِ دوا ٺھرايون، سو روئي چويس تھ: پنھنجو اولاد ڪين اٿئي ڇا؟ ويچارو وزير اچي پريشان ٿيو، ڪري سو ڪري ڇا؟ جي ھٿين خالي ٿو وڃي، تھ بدنامي ٿي ٿئيس؛ جي ڪري ٿو زبردستي تھ بادشاھھ ٿو مارائيس. انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ شھرن پٺيان شھر لتاڙي ڇڏيائين، پر وريس ڪي بھ ڪين.

ھڪ ڏينھن ھڪڙي شھر جي ٻاھران اچي نڪتو، جتي ڏسي تھ ھڪڙي جھوپڙي آھي، جنھن جي سامھون ميرن ڦاٽلن ڪپڙن سان ولر ڇوڪرن جو آھي، جي ڏاڍي مزي سان بيٺا راند ڪن. وزير ڪھي ويو ڇوڪرن وٽ، ۽ پڇيائين تھ: اوھين ڪير آھيو ۽ ڪٿي ٿا رھو؟ ڇوڪرن جواب ڏنو تھ اسين سڀ پاڻ ۾ ڀائر آھيون، سامھين جھوپڙيءَ ۾ پنھنجي ماءُ پيءُ سان گڏ رھندا آھيون. وزير اڳتي وڌي گھر جي ٻاھران بيھي سڏ ڪيو. ڇوڪرن جو پيءُ نڪري آيو. وزير کيس پنھنجي حال کان واقف ڪيو. ڇوڪرن جو پيءُ ٻڏتر ۾ پئجي ويو. وزير چيو تھ: تون غريب آھين، ھي سمورو ناڻو توکي ڏيندس، پر تون مون کي رضا خوشيءَ سان پنھنجو پٽ ڏي! غريب خيال ڪيو تھ سڄو ڏينھن ٿا ڪمايون، تڏھن بھ آندي پوري ڪانھي، انگ تھ ڇا، پر پيٽ بھ پورو ڪونھ ٿو ٿئي – بک پيا مرون .... جيڪڏھن ھڪڙو ڇوڪرو کڻي ڪڙو ڪيوسين، تھ ٻيا تھ سکيا رھندا. اھو پھھ پچائي ويو زال وٽ؛ جنھن کيس چيو تھ: ميان! تنھنجي مرضي .... آءٌ ڪيئن پنھنجو ٻچو ڪھائڻ لاءِ ڏينديس! باقي جي تنھنجي مرضي آھي، تھ ڌڻي آھين، جيئن وڻئي تيئن وڃي ڪر، پر جيڪو ڏين تنھن جو نالو مون کي نھ ٻڌائج. غريب مڙس وزير کي چيو تھ: وزير! ھو بيٺا اٿئي، جيڪو انھن مان وڻيئي سو وٺي وڃ. وزير ھن کي ناڻو ڏنو ۽ خوش ٿي سڀني کان وڏي ڇوڪري کي وٺي پنھنجي ملڪ ڏي راھي ٿيو.

وزير جڏھن پنھنجي ملڪ پھتو، تڏھن سڌو بادشاھھ وٽ ويو، ڇوڪرو پيش ڪري چيائين تھ: ھي ڇوڪرو مائٽن خوشيءَ سان ڏنو آھي، تھ ڀلي بادشاھھ تان قربان ٿئي. بادشاھھ خود ڇوڪري کان پڇيو، جنھن چيو تھ: ھائو، بادشاھھ سلامت! مون کي مائٽن رضا خوشيءَ سان ھن وزير وٽ وڪيو آھي. تنھن تي بادشاھھ چيو تھ: پوءِ چڱو، ھن ڇوڪري کي ڪھي، سندس رت کڻي اچي حڪيم کي ڏيو.

وزير ان ڇوڪري کي جلاد جي حوالي ڪيو. جنھن ڇوڪري کي ويھاري، اڃان ڪات الاريو مس، تھ ڇوڪري کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو؛ جنھن تي جلاد ھٿ جھلي، ھن کان کلڻ جو سبب پڇيو. تڏھن ڇوڪري چيس تھ: انھيءَ ڳالھھ جو جواب آءٌ بادشاھھ جي اڳيان ھلي ڏيندس –

مون کي بادشاھھ وٽ وٺي ھلو. جلاد ڇوڪري کي بادشاھھ وٽ وٺي ويو، ۽ سموري حقيقت ٻڌايائينس. بادشاھھ پڇيس تھ: ڇوڪرا! تو موت جي منھن ۾ ڪيئن ٽھڪ ڏنو ۽ ٻڌاءِ ڇا ڳالھھ آھي؟ ڇوڪري چيو تھ: بادشاھھ سلامت! ننڍڙو ٻار ھوندو آھي، ان کي ڪو تڪليف ڏيندو يا ڏکوئيندو آھي، تھ يڪدم ڊوڙي وڃي مائٽن کي دانھن ڏيندو آھي، ۽ اھي وري جي مارڻ واري سان پڄي نھ سگھندا آھن، تھ ڀڄي بادشاھھ وٽ دانھن کڻي ويندا آھن. پر مون سان تھ ڳالھھ ئي ابتڙ ٿي آھي. ماءُ پيءُ مون کي خوشيءَ سان وڪيو ۽ بادشاھھ وٽ ڪسجان ٿو؛ تنھنڪري ڏاڍو ويچار ٿيم تھ بيگناھھ ٿو ڪسجان، ھاڻي ڪنھن کي دانھن ڏيان! انھيءَ ويچار ۾ منھنجون اکيون وڃي آسمان ۾ کتيون، ان مھل آسمان مان آواز ٻڌم تھ: ڇوڪرا! آءٌ بادشاھن جو بادشاھھ آھيان – جنھن کي وڻيم ماريان، جنھن کي وڻيم جياريان – تو مون مان بھ اميد لاھي ڇڏي آھي! اھا ڳالھھ ٻڌي مون کي برابر کل اچي ويئي. ڇوڪري جي ھيءَ ڳالھھ ٻڌي، بادشاھھ ربّ پاڪ جي ڊپ کان ڏڪڻ لڳو ۽ چيائين تھ: بيشڪ اھو بادشاھن جو بادشاھ آھي، جنھن ھن معصوم کي بچايو آھي، اھو ئي ڌڻي تعاليٰ مون کي بھ ھن مرض مان بچائيندو. ٻچا! وڃ، تون وڃي مائٽن سان مل! پوءِ ڇوڪري کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏيئي، موٽي وڃڻ جي موڪل ڏنائين. قدرت جي ڳالھھ اھڙي جو ٿورن ڏينھن کان پوءِ بادشاھھ کي بھ ڌڻيءَ سڳوري صحت ڏني ۽ ھو وڏي شان مان سان وري ويھي حڪومت ڪرڻ لڳو.

 

١١ – يا نصيب *

 

ھڪڙو بادشاھھ ھو، جنھن کي دين دنيا ۾ ھڪڙو پٽ ھو. شھزادو اڄ ننڍو سڀان وڏو، آخر اچي لائق ٿيو. بادشاھھ، شھزادي کي پڙھڻ لاءِ شھر جي ھڪڙي مڪتب ۾ ھوشيار استاد وٽ ويھاريو، جنھن کي ھن جي تعليم ۽ تربيت جو گھڻو تاڪيد ڪيائين. اتان شھزادي چڱو علم حاصل ڪيو، ۽ ھر فن ۾ قابل ٿي ويو. آخر ھن جي دل پڙھڻ کان بيزار ٿي پيئي، سو ھڪ ڏينھن پيءُ کي چيائين تھ: بابا! ھاڻي آءٌ گھڻو ئي پڙھيو آھيان، تنھنڪري استاد کي اجازت ڏيو. پڻس چيس تھ: ابا! يا نصيب. شھزادو پيءُ جو اھو جواب ٻڌي، وري بھ پڙھڻ کي لڳي ويو، پر جڏھن بھ اھڙيءَ طرح بادشاھھ سان پنھنجي علم جي ڳالھھ ڪندو ھو، تھ بادشاھھ اھو ئي چوندو ھوس تھ: ابا! يا نصيب.

شھزادي دل ۾ خيال ڪيو، تھ آءٌ پڙھيو تھ تمام گھڻو آھيان، مگر بابي کي الاجي دل ۾ ڪھڙو خيال آھي، جو نھ منھنجي شاديءَ جو ذڪر، نھ ٻي ڪا دنيا جي ڳالھھ ٻولھھ ٿو ڪري، ھر وقت اھا ئي ڳالھھ تھ: ابا! يا نصيب. آخر شھزادو تنگ ٿي پيو. ھڪڙي ڏينھن خيال ڪيائين تھ، ھتي ھاڻي وڌيڪ رھڻ مناسب نھ آھي، چڱو آھي تھ وڃي ڪنھن ٻئي ملڪ جو سير ڪجي ۽ دنيا کي گھمي ڏسجي، باقي ھتي تھ ھر ڳالھھ لاءِ ”يا نصيب“ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھي. تنھنڪري اتان نڪري وڃڻ جو پڪو ارادو ڪري، پنھنجي پيءُ جي سئيس کي گھرائي چيائين تھ: جيڪو سڀني گھوڙن ۾ ڀلو گھوڙو ھجي، اھو سنجي ٺاھي مون کي آڻي ڏي، تھ چڙھي ڏسان. پوءِ تيار ٿي پاڻيءَ جي کلي پاڻ سان کڻي، سئيس کان گھوڙو وٺي، لانگ ورائي ھڪڙي طرف کڻي رخ رکيائين. ھلندي ھلندي پنھنجي شھر کان تمام پري نڪري ويو، پر ڪا بھ وسنئن ڏسجڻ ۾ نھ آيس، اس بھ تيز ٿيندي وئي، ڪري سو ڪري ڇا! آخر ڳچ پنڌ کان پوءِ، ھڪڙو وڻ نظر آيس، گھوڙو ڪاھي اتي وڃي پھتو، ڏسي تھ ھڪڙو وڏو جھونو وڻ آھي، پر سندس ٿڙ لسوئي لسو. جيستائين ھٿ پيو پڄيس، اوستائين ان ۾ ڪو بھ انگھو يا کت ڪا نھ ھئي، جنھن ۾ کڻي گھوڙو ٻڌي يا کلي ٽنگي سگھي. خيال ڪيائين تھ خنجر وڻ ۾ ھڻي، ان ۾ کڻي کلي ٽنگيان. سو جھڙو زور سان خنجر وڻ ۾ ھنيائين.... تھڙو ھڪڙي وڏي طاقي وڻ مان نڪري وڃي ھيٺ ڪري ۽ وڻ ۾ ھڪڙو دروازو ٿي پيو ھن انھيءَ دروازي مان نظر ڪئي، ڏسي تھ مار! ھتي ڪو عجب لقاءُ لڳو پيو آھي.

شھزادو پوءِ، ان دروازي مان اندر گھڙي ويو. ڇا ڏسي تھ ھڪڙو عاليشان محلات ٺھيل آھي، ان ۾ ھڪڙي خالي کٽ سينگاريل ٺھيل رکي آھي. ھي بھ ھو تمام گھڻو ٿڪل، سو لت کوڙي انھيءَ کٽ تي سمھي پيو ۽ اگھور ننڊ ۾ پئجي ويو. گھڻي وقت کان پوءِ، جڏھن سجاڳ ٿيو، تڏھن ڏسي تھ ھڪڙي تمام حسين شھزادي آھي، جا پريان، ٻانھيءَ سان گڏ پئي اچي. شھزادي ھن کي ڏسي حيران ٿي ويئي. تنھن تي ٻانھيءَ چيس تھ: شھزادي! تنھنجو مڙس اھو ئي آھي، جيڪو تنھنجي سيج تي ستو پيو آھي؛ باقي ھاڻي ڀڄڻ ڪرڻ نامناسب  آھي. اتي شھزادي وڌي اچي کٽ تي ويٺي. شھزادي ۽ ھن پاڻ ۾ دل جا حال احوال ڪيا ۽ شاديءَ جو بھ عھد ڪري ڏينھن مقرر ڪيائون. شھزاديءَ چيس تھ: ستن ڏينھن کان پوءِ آءٌ تنھنجي حوالي آھيان، جيڏانھن کپئي تڏانھن وٺي ھلجانءِ. اھي ست ڏينھن صبر ڪر، جو انھن ستن ڏينھن ۾ آءٌ توکي نھ ملي سگھنديس – پر رات جو وري بھ موٽي اچي توکي ڏسيو وينديس. انھيءَ وچ ۾ تون ھن باغ ۽ محلات جو سير پيو ڪج، پر ھي سامھون جيڪي چار ڪوٺيون آھن، انھن کي کولي اندر نھ وڃج –اھا ڳالھھ ياد رکج! شھزادي اھا ڳالھھ قبول ڪئي. پوءِ شھزادي ٻانھيءَ سميت اٿي ھلي ۽ نظر کان غائب ٿي ويئي؛ باقي شھزادو اتي ئي محلات ۾ رھڻ لڳو.

شھزادي کي اتي رھندي ٽي ڏينھن گذري ويا. چوٿين ڏينھن دل ۾ خيال ڪيائين تھ انھن ڪوٺين ۾ الاجي ڇا آھي، ڇو نھ اھو ڏسجي. اھو خيال ڪري انھن چئني ڪوٺين مان ھڪڙي کوليائين. ڇا ڏسي تھ ھڪڙي ۾ مھري اٺ بيٺو آھي. جنھن ھن کي ڏسي چيو تھ: جيڪڏھن مون تي چڙھين، تھ ڏاڍو سير ڪرايئين. شھزادو بھ ٽپ ڏيئي ان تي چڙھي ويٺو. اٺ ھن کي گھمائي ڦيرائي اھڙي ھنڌ اچي ڪڍيو، جتي اھا ساڳي شھزادي ٻانھيءَ سميت مٺائي ورھائي رھي ھئي. ھن کي بھ مٺائي ڏيڻ لاءِ ھو اڳتي وڌيون، پر شھزادي دل ۾ خيال ڪيو تھ متان سڃاڻي وٺن، سو اتان کسڪي پوئتي وريو، ۽ اچي محلات ۾ چپ ڪري ويھي رھيو. اھڙيءَ طرح ٻئي ڏينھن وري ٻيءَ ڪوٺيءَ کي کولي ڏٺائين، تھ اتي ھاٿي بيٺل ڏسجڻ ۾ آيس، جنھن چيس تھ: مون تي سوار ٿين، تھ ڏاڍو سير ڪرايئين! ھيءُ ٽپ ڏيئي ھاٿيءَ تي چڙھي ويٺو، ۽ ھاٿي بھ ھن کي ساڳيءَ ڪچھريءَ ۾ کڻي ويو. شھزادو سڀ ڪجھھ ڏسي وري بھ واپس وريو، ۽ اچي محلات ۾ پھتو. ٽئين ڏينھن وري ٽئين ڪوٺيءَ جو خيال آيس. در کوليائين تھ ھڪڙو گھوڙو بيٺل ڏٺائين، جنھن بھ ساڳي ڳالھھ  چيس. شھزادو ان تي بھ لانگ ورائي چڙھي ويٺو، جنھن بھ کڻي وڃي ساڳي ڪچھري ڏيکاريس. ستين ڏينھن آخر شھزادو چوٿينءَ ڪوٺيءَ ۾ ويو، جتي ڏٺائين تھ ھڪڙو گڏھھ بيٺو آھي، جنھن ھن کي ڏسي چيو تھ: جي مون تي چڙھين تھ ڏاڍا مزا ڏيکاريئين! شھزادو جو اڳئي ھريل ھو، سو ٽپ ڏيئي گڏھھ تي چڙھي ويٺو. گڏھھ بھ ڇا ڪيو جو شھزادي کي ڦيرائي ڦيرائي ھڪڙي ھنڌ اھڙو زور سان کڻي پٽ تي ھنيو، جو شھزادي جي ٽپڻ وڃي زمين سان لڳي ۽ بيھوش ٿي ويو. جڏھن ھوش ۾ آيو، تڏھن ڏٺائين تھ سندس گھوڙي جي زبان اڃ ۽ بک کان ٻاھر پيئي لڙڪي، ۽ پاڻ انھيءَ ساڳئي وڻ جي پاڙ ۾ ڪريو پيو آھي. شھزادو اٿي بيھي وڻ کي خنجر ھڻڻ لڳو، مگر طاقي وري ڪانھ کلي. اتي ھو ڏاڍو حيران ٿيو. ٻي ڪا واھھ نھ ڏسي، اٿي سڌو پنھنجي شھر واپس آيو، ۽ اچي پيءُ سان مليو. پيءُ ھن کي ڏسندي ئي چيو تھ: ابا! يا نصيب. اتي شھزادي پيءُ کي چيو تھ: بابا! انھيءَ يا نصيب جو مطلب مون کي سمجھايو! تنھن تي بادشاھھ چيس تھ: ابا! تون جو اٺ تي، ھاٿيءَ تي ۽ گھوڙي تي ساندھھ ٽي ڏينھن چڙھي شھزاديءَ جي ڪچھريءَ ۾ وئين ..... مٺائي نھ ورتئي، سو ڇو؟ تڏھن تھ آءٌ چوندو آھيان تھ”ابا! يانصيب.“


 

١٢– ٽڪو وزير*

 

ھڪڙو غريب ڪاٺير ھو، جو روزانو جھنگ مان ڪاٺيون ڪري اچي ڀر واري شھر ۾ وڪڻندو ھو، جنھن مان ھن کي ٽڪو ملندو ھو، ۽ ويچارو انھيءَ ٽڪي مان پيو، پنھنجو ڏکيو سکيو گذر سفر ڪندو ھو. ھڪ ڏينھن جيئن ھو شھر مان ڪاٺيون وڪڻي گھر پئي آيو، تيئن ھڪڙي چاڪيءَ سڏ ڪري چيس تھ: اي شخص! تون ڏسڻ ۾ تمام مسڪين ٿو اچين. مون کي ماڻھوءَ جي ضرورت آھي؛ جي مون وٽ پگھار تي بيھين، تھ ھوند ڏاڍو خوش رھين! ڪاٺير دل ۾ خيال ڪيو تھ پنھنجو ڪم ٽڪي روز سان، سو جھڙو چور وٽ تھڙو چاڪيءَ وٽ – پيا وھنداسين. سو چاڪيءَ کي چيائين تھ: ھائو ادا! آءٌ بيھندس. چاڪيءَ پڇيس تھ: پگھار ڇا وٺندين؟ ڪاٺير جواب ڏنس تھ: ٽڪو روز. چاڪيءَ ڏٺو تھ ھيءُ شخص تھ بنھھ ڪو ٻالو ڀلو ٿو ڏسجي، سو ٽڪي روز تي کڻي پاڻ وٽ بيھاريائينس. ڪاٺير، جو اڳيئي محنت تي ھريل ھو، سو ڏينھن رات چاڪيءَ وٽ دل لائي محنت ڪرڻ لڳو. ھونءَ جو چاڪيءَ جي گھاڻي ۾ کڙ جون ٻھ چار نريون مس لھنديون ھيون، سو ڪاٺير جي اچڻ کان پوءِ، ھن جون ٻيڻيون ٽيڻيون نريون لھڻ لڳيون - ۽ ٿيندي ٿيندي چاڪي شاھوڪار ٿي ويو. پر ڪاٺير جو اھو ئي ٽڪو روز ...... ۽ ائين ڪيترائي ڏينھن گذري ويا.

ان ملڪ جي بادشاھھ جو دستور ھوندو ھو تھ روزانو رات جو چمڙا پوش ڪري، رعيت جو ڏک سک ۽ ملڪ جو واءُ سئاءُ لھڻ نڪرندو ھو. پھريائين جڏھن بادشاھھ انھيءَ چاڪيءَ جي گھر وٽان لنگھندو ھو، تھ چاڪيءَ جو گھر ڪکائون ڏسندو ھو ۽ ھن جو گھاڻو ڪڏھن وھندو پيو ھو، تھ ڪڏھن بيٺو ھوندو ھو. ٿورن ڏينھن کان پوءِ بادشاھھ، چاڪيءَ جي ڪکائين جھوپڙيءَ بدران اتي ھڪ عاليشان پڪسري جڳھھ ڏٺي، ۽ گھاڻو وھندو ڏٺو. نيٺ بادشاھھ کان رھيو نھ ٿيو، سو لنگھي اندر ڏٺائين تھ چاڪي ستو پيو آھي، ۽ ھڪ شخص آھي، جو گھاڻي کي لڳو پيو آھي. بادشاھھ سلام ورائي ان کان پڇيو تھ: اي شخص! تون ھن گھاڻي جو مالڪ آھين؟ ڪاٺير جواب ڏنو تھ: نھ سائين! ھن گھاڻي جو مالڪ ستو پيو آھي، ۽ آءٌ ھن وٽ پگھار تي آھيان. بادشاھھ پڇيس تھ: ھيءُ توکي گھڻو پگھار ڏيندو آھي؟ ڪاٺير چيو تھ سائين! ٽڪو روز. بادشاھھ اھو ٻڌي وائڙو ٿي ويو، چيائين تھ ھيتري ساري محنت ۽ صرف ٽڪو روز! ڪاٺير جواب ڏنو تھ: سائين مالڪ خوش تھ آءٌ خوش، آءٌ ھن ٽڪي ۾ ئي خوش آھيان. اھو ٻڌي بادشاھ دل ۾ چيو، تھ ھيءُ ڪو نيڪ انسان ٿو ڏسجي؛ سو ڪاٺير کي چيائين تھ: مون وٽ نوڪري ڪندين؟ ڪاٺير جواب ڏنو تھ: سائين! مون لاءِ تھ ڳالھھ ساڳي آھي، پر مالڪ کان اجازت وٺو. بادشاھھ اھا ڳالھھ خوشيءَ سان قبول ڪئي، ۽ چاڪيءَ کي اٿاري کانئس ڪاٺير جي اجازت ورتائين. ڀلا چاڪي بادشاھھ کان ڪٿي ٿو ڪنڌ ڪڍائي سگھي، سو ھٿ ٻڌي بيھي رھيو ۽ ڪاٺير کي خوشيءَ سان اجازت ڏنائين. جڏھن بادشاھھ، ڪاٺير کي وٺي اٿي ھليو، تڏھن ھن کان پڇيائين تھ: پگھار ڇا وٺندين؟ ڪاٺير جواب ڏنو تھ: سائين ٽڪو روز. تڏھن بادشاھھ کلي ڪاٺير کي چيو تھ: چڱو ميان! اڄ کان تنھنجو نالو ئي ميان ٽڪو آھي، ۽ تنھنجو ڪم صرف اھو آھي، جو رات جو محلات تي پھرو ڏيندين. ڪاٺير اھا ڳالھھ قبول ڪئي. پوءِ ھر روز ڏينھن جو آرام ڪندو ھو ۽ رات جو محلات تي پھرو ڏيندو ھو.

ائين ڪيترائي ڏينھن گذري ويا. ھڪڙيءَ رات اھڙو اچي واقعو بنيو، جو جيئن ھي پھرو ڏيئي رھيو ھو، تيئن پري کان رڙين جو آواز ٻڌائين. ڪاٺير رڙين جي آواز تي ڪن ڦرڙايا ۽ پنھنجو ڏنڊو سنڀالي، جتان رڙين جو آواز پئي آيو، اوڏانھن روانو ٿيو. اڳڀرو ٿي ڏسي تھ رڙين جو آواز محلات جي پاسي واري ڦاسي گھاٽ مان پيو اچي. ھيءُ بھ اندر ڦاسي گھاٽ ۾ لنگھي ويو. ڏسي تھ ھڪ وڻ آھي، جنھن تي ھڪڙو ڇوڪرو پيو لڙڪي ۽ ھيٺان ھڪڙي زال بيٺي رڙيون ڪري. ھيءُ اچي زال وٽ پھتو ۽ پڇيائينس تھ: مائي! ڇو ٿي رڙيون ڪرين؟ مائيءَ جواب ڏنو تھ: ھيءُ منھنجو پٽ آھي، جنھن کي بادشاھھ اڄ ڦاسي ڏني آھي، ھاڻي آءٌ منھن ڏسڻ آئي آھيانس، پر ھي تھ تمام مٿي آھي، آءٌ تھ پھچي نٿي سگھان، ھاڻي منھنجي ڪا مدد ڪر. ميان ٽڪي چيس تھ: چڱو مائي! تون منھنجي ڪلھن تي چڙھي ڇوڪري کي کڻي لاھي وٺ. پوءِ ھن مائيءَ کي ڪلھن تي چاڙھيو ۽ سڌو ٿي اٿي بيٺو. مائيءَ ڇا ڪيو جو ڇوڪري کي قابو جھلي، اتي جو اتي ان جو ھيانءُ ڪڍي ورتائين. جڏھن ھيٺ ميان ٽڪي تي ڇوڪري جي رت جا ڦڙا ڪريا؛ تڏھن ڪنڌ مٿي کڻي ڏسي تھ مار! ھن ڏائڻ ڇوڪري جو ھيانءُ ڪڍي ورتو! پر تيستائين ڏائڻ ھن جي ڪلھن تان لھي وٺي ڀڳي. ميان ٽڪي بھ يڪدم ڏنڊو کڻي ٺڪاءُ ڪرايو ڏائڻ کي؛ جو وڃي ھن جي ٻانھن ۾ لڳو، ۽ سندس ٻانھن ڀڄي پيئي، ڌڪ لڳڻ سان ڏنڊو بھ گنديءَ ۾ وچڙي پيو، جنھنڪري گندي  ڏنڊي ۾ ويڙھجي اتي ڪري پيئي ۽ ڏائڻ وٺي ڀڳي. ميان ٽڪي کي ڏائڻ جي ڀڄي وڃڻ جو ڏاڍو خيال ٿي بيٺو؛ پر ڪري ڪجھھ بھ نھ سگھيو. لاچار ماٺ ڪري اھا گندي کڻي واپس پنھنجي ماڳ تي آيو. صبح جو ھن گندي کڻي آڻي بادشاھھ کي ڏني ۽ رات واري سڄي حقيقت بھ ٻڌايائينس. بادشاھھ اھا گندي کڻي پنھنجي محلات ۾ ويو. ان بادشاھھ کي ست راڻيون ھيون، تن جڏھن ھھڙي خوبصورت گندي ڏٺي، تڏھن ھر ڪا چوي تھ: اھا گندي آءٌ پايان. نيٺ بادشاھھ بھ منجھي پيو، تھ آخر گندي ھڪڙي سا ڪنھن کي ڏجي؟ لاچار راڻين کي ڇڏي، گندي کڻي سڌو آيو ٽڪي وٽ ۽ چيائينس تھ: ميان ٽڪا! ھھڙيون ٻيون بھ ڇھھ گنديون آڻي ڏي، ۽ آڻڻيون بھ ضرور اٿئي! اھو ٻڌي ويچارو ٽڪو حيران ٿي ويو، تھ ھاڻي اھڙيون گنديون اچن سي اچن ڪٿان؟ لاچار اھا گندي کڻي، سھي سنڀري بادشاھھ کان موڪلائي، اٿي سفر تي روانو ٿيو.

ڪن ڏينھن جي سفر بعد، ھو ھڪڙي اھڙي ملڪ ۾ اچي نڪتو، جنھن جي بادشاھھ کي ھڪ ڌيءَ ۽ ھڪ پٽ کان سواءِ ٻيو ڪو بھ اولاد ڪو نھ ھو. قدرت اھڙي جو سندس پٽ کي اھڙو ڪو مرض ھو، جو لڇي لڇي جيئن ڪو ماڻھو صفا مري ويندو آھي، تيئن مري ويندو ھو؛ پر جڏھن ان جو لاش کڻي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ ويندا ھئا، تھ ڪانڌين مان تھ ڪو بھ واپس ڪو نھ ايندو ھو، باقي شھزادي جو لاش جيئرو جاڳندو وري محلات ۾ ايندو ھو - ۽ رات ٿيندي ھئي تھ وري ان جي ساڳي حالت - ۽ جي قبرستان نھ نيندا ھئس، تھ اھو ئي لاش جو لاش بنيو گھر ۾ پيو ھوندو ھو. انھيءَ ڪري بادشاھھ جو حڪم ھو تھ: جيڪي بھ پرديسي شھر ۾ اچن، ھر رات انھن مان ٻن کي لاش سان ڪانڌي ڪيو وڃي. حڪم موجب جيڪو بھ ٻاھريون ماڻھو شھر ۾ پيو ايندو ھو، ان کي پڪڙي بادشاھھ وٽ آڻي پيش ڪندا ھئا، جڏھن ميان ٽڪو ان شھر ۾ پھتو، تڏھن ان کي بھ دستور موجب سپاھين پڪڙي اچي بادشاھھ وٽ پيش ڪيو. بادشاھھ حڪم ڏنو تھ: جيستائين ٻيو ڪو ماڻھو ھٿ اچي، تيستائين ھن کي لاش واري ڪوٺيءَ ۾ ڇڏي اچو. پوءِ سپاھين ھن کي وٺي وڃي شھزادي جي لاش واري ڪوٺيءَ ۾ ڇڏيو ۽ ٻاھران ڪلف ڏيئي ڇڏيائون. ھيءُ ويچارو حيران تھ ھيءَ مون سان ڪھڙي ماجرا ٿي! پر آخر ڪري بھ ڇا ٿي سگھيو؟ ماٺ ڪري لاش جي پاسي ۾ ھڪ اونداھيءَ ڪنڊ ۾، ڏنڊو پاسي کان رکي ويھي رھيو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ڏسي تھ جاءِ جي دريءَ مان ھڪڙو ديو اندر گھڙي آيو، ۽ ايندي شرط پٽ تي ويھي، بغل مان چوپڙ ڪڍي کڻي اڳيان رکيائين. پوءِ ان چوپڙ کي کڻي سنئون ڪيائين، تھ شھزادو جيئرو ٿي اٿي ويھي ريو. پوءِ گھڻيءَ دير تائين، ديو ويھي شھزادي سان چوپڙ راند ڪئي ۽ وڃڻ وقت وري بھ کڻي چوپڙ اونڌي ڪيائين، تھ شھزادو لاش ٿي ڪري پيو. ديو جيئن پنھنجي چوپڙ ويڙھڻ لڳو، تيئن ميان ٽڪي کيس بيخيالو ڏسي، خدا کي ياد ڪري، پنھنجو ڏنڊو سنڀاري ڀر ڪري کڻي مٿي ۾ ٺڪاءُ ڪرايس. ديو ھي اوچتي آفت ڏسي اھڙو تھ دھلجي ويو، جو چوپڙ بھ اتي ئي وسري ويس ۽ ائين وٺي ڀڳو، جو پتو ئي ڪو نھ پيو. ميان ٽڪي اھا ديو واري چوپڙ کڻي پاڻ وٽ قابو ڪئي. انھيءَ وچ ۾ بادشاھھ جي سپاھين کي ڪو ٻيو مسافر ملي ڪو نھ سگھيو، سو ميان ٽڪي کي شھزادي جي لاش واري ڪوٺي ۾ ويٺي ويٺي ساري رات گذري ويئي.

جڏھن صبح ٿيو، تڏھن بادشاھھ جو وزير ملي کي وٺي ميان شھزادي جي ڪفن دفن لاءِ اچي ڪوٺيءَ جي ٻاھران بيٺو. ڇو تھ انھن کي پڪ ھئي، تھ رات وچ ۾ ھو ختم ٿي ويو ھوندو. ھي ڪوٺي جو  دروازو لاھي جھڙو اندر ٿي گھڙيا، تھڙو ميان ٽڪو ڏنڊو کڻي پٺيان ڪاھي پين. ملو ۽ وزير ڊپ ۾ اٿي ڀڳا ۽ سڌو اچي بادشاھھ اڳيان بيٺا. بادشاھھ جڏھن کانئن حقيقت پڇي، تڏھن ٻڌايائون تھ: بادشاھھ سلامت! راتوڪو مسافر تھ جيئرو جاڳندو اندر ويٺو آھي، اسين وياسين تھ مرڳو ڏنڊو کڻي اسان جي پويان ڪاھي پيو. بادشاھھ پاڻ اھا ڳالھھ ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو، ۽ چيائين تھ: چڱو، ھلو تھ آءٌ ٿو ھلي ڏسان. پوءِ بادشاھ، وزير سان گڏجي سڌو ان شھزادي واري ڪوٺيءَ تي آيو. ميان ٽڪي جو بادشاھھ کي ايندو ڏٺو، تنھن يڪدم اچي کيس ادب سان سلام ڪيو، ۽ ھٿ ٻڌي چيائين تھ: بادشاھھ سلامت! مون سڄي رات شھزادي جي علاج جو ويچار ڪيو آھي.... ھاڻي جيڪڏھن آءٌ شھزادي کي انھيءَ بيماري کان صفا ڇڏائي ڇڏيان تھ؟ بادشاھھ چيس تھ: اي مسافر! مون ھن لاءِ اڳيئي اعلان ڪري ڇڏيو آھي، تھ جيڪو بھ ماڻھو شھزادي کي مرض مان آجو ڪندو، ان کي اڌ راڄ جو ڏيندس ۽ پنھنجي ڌيءَ بھ ان کي پرڻائيندس. ميان ٽڪي چيو تھ: چڱو بادشاھھ سلامت! ھاڻي مون سان گڏجي اندر ڪوٺيءَ ۾ اچو. جڏھن ھي سڀ اندر شھزادي جي لاش وٽ پھتا، تڏھن ميان ٽڪي چوپڙ ڪڍي زمين تي رکي، پوءِ جو کڻي سنئون ڪيائينس تھ شھزادو جيئرو جاڳندو اٿي کڙو ٿيو، ۽ پنھنجي پيءُ کي سڃاڻي، يڪدم ڀاڪر پائي چنبڙي پيو. شھزادي کي چڱو ڀلو ڏسي، بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪدم سڄي شھر ۾ جشن ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ ميان ٽڪي اھا چوپڙ ساڙي ڇڏي. ٽن ڏينھن جي جشن بعد، بادشاھھ ڏاڍي ڌام ڌوم سان سندس شادي شھزاديءَ سان ڪرائي، ۽ پنھنجو اڌ راڄ بھ کين ڏاج ۾ ڏنائين.

ڪجھھ ڏينھن جي عيش آرام کان پوءِ، ميان ٽڪي گنديءَ واري حقيقت بادشاھھ ۽ شھزاديءَ سان ڪئي ۽ کانئن اجازت وٺي، اٿي مسافريءَ تي نڪتو. ڪن ڏينھن جي مسافريءَ بعد، ھڪڙي برپٽ ۾ اچي پھتو. اتي ھن کي پري کان گنبذ جي نموني ھڪڙي عاليشان جڳھھ ڏسڻ ۾ آئي. ھن خيال ڪيو تھ ڪجھھ دير انھيءَ جڳھھ ۾ آرام ڪجي ۽ پوءِ اڳتي ھلجي. سو وڌي اچي ان جڳھھ وٽ پھتو. ڇا ڏسي تھ جڳھھ  جي پاسي کان ھڪڙي ڪسي ھيرن جواھرن جي پيئي وھي. اھڙي ڪسي ڏسي، ھو عجب ۾ پئجي ويو ۽ ڪيتري دير اتي ئي بيٺو رھيو، آخر ٿوريءَ دير کان پوءِ، ھو دروازي ڳولڻ لاءِ جڳھھ کي چوڌاري ڦرڻ لڳو، پر ھن کي ڪو بھ دروازو ھٿ نھ آيو. نيٺ ماٺڙي ڪري ھڪڙي پاسي اھو خيال ڪري لڪي ويھي رھيو، تھ ڏسان تھ ھن جڳھھ ۾ ڪھڙو اسرار آھي، جو نھ اٿس در نھ دروازو؛ اڃان ويرم ئي ڪانھ گذري، تھ ڏسي تھ اھو ساڳيو ديو، جنھن کي مٿي ۾ ڏنڊو ھنيو ھئائين، سو سٽيندو مينھن واچ ڪندو، انھيءَ جڳھھ ڏي پيو اچي. جڏھن ديو ان جڳھھ کي ويجھو آيو، تڏھن ڀِت تي ھڪڙي ھنڌ ھٿ ھنيائين تھ دروازو ظاھر ٿي پيو ۽ ھو اندر ھليو ويو. ميان ٽڪي اھو دروازي وارو ھنڌ ڏسي ڇڏيو، پوءِ ماٺ ڪري سمھي پيو. جڏھن صبح ٿيو، تڏھن ڏٺائين تھ ديو ساڳئي ھنڌان ٻاھر نڪري جھنگل ڏي ھليو ويو. ھي يار بھ ان دروازي مان لنگھي ٿيو اندر ۽ ھلندو ھلندو اچي ھڪڙي ڪوٺيءَ وٽ پھتو. ڪوٺيءُ ۾ اندر وڃي ڏسي، تھ ھڪ نازنين آھي جا پلنگ تي تمام گھريءَ ننڊ ۾ گندي تاڻي ستي پئي آھي. ٽڪي جو سندس منھن تان گندي لاٿي، تھ ان جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿيل ڏٺائين ۽ ان مان جيڪي رت جا ٽيپا ڪريا ٿي، سي وري کٽ ھيٺان پاڻي ۾ وھندڙ ڪسي ۾ پئجي ھيرا موتي ٿي پيا ٿي. ھي عجب ۾ پئجي وائڙن وانگر ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو. اوچتو نازنين جي سيرانديءَ واري پاسي، جاري تي ھڪ اونڌي تختي رکيل ڏٺائين، جنھن تي ھڪ نقش پڻ اڪريل ھو. ھن اھا تختي سنئين ڪري نازنين جي منھن تائين آندي، تھ ھوءَ سجاڳ ٿي اٿي ويھي رھي، ۽ جڏھن ميان ٽڪي تي نظر پيس تھ ان کي ڌمڪائڻ لڳي ۽ پڇيائينس تھ: تون ڪير آھين ۽ ھت ڪيئن آيو آھين؟ ھن جواب ڏنس تھ: اي نازنين! تون ڪاوڙج نھ – آءٌ ھڪ مسافر آھيان ۽ رلندي رلندي اچي ھتي نڪتو آھيان. تڏھن نازنين چيس تھ: اي نوجوان! تون چڱو ماڻھو ٿو ڏسجين، تنھنڪري بھتر ٿيندو تھ تون ھينئر ئي ھتان ھليو وڃ، نھ تھ جيڪر منھنجي پيءُ توکي ھتي ڏسي ورتو، تھ اڦٽ ماري ڇڏيندءِ. اِتي ميان ٽڪي وري چيس تھ: اي نازنين! اھڙو ظلم تھ نھ ڪر، ھينئر آءٌ ڪيڏانھن وڃان؟ ھتي تھ ٻي ڪا اھڙي وسنئن بھ ڪانھي، جتي وڃي پاڻ لڪايان. ھن جي انھن ڳالھين تي نازنين کي مٿس رحم اچي ويو، سو چيائين تھ: چڱو ڀلا، تون ھن وڏي پيتيءَ ۾ لڪي ويھھ، پوءِ بابو ايندو تھ آءٌ پاڻھي ان سان سمجھنديس. اھو ٻڌي ميان ٽڪو ڪجھھ سرھو ٿيو ۽ ان نازنين کي چيائين تھ: چڱو، آءٌ ھن پيتيءَ ۾ لڪي ٿو ويھان، پر جڏھن تنھنجو پيءُ اچي، تھ ان کان پڇج تھ ھو ڪنھن کان ڊڄندو بھ آھي يا نھ؟ نازنين اھا ڳالھھ قبول ڪئي، پوءِ ھيءُ وڃي پيتيءَ ۾ لڪي ويھي رھيو. ڪا مھل ٿي تھ ديو بھ ”آدم بوءِ، آدم بوءِ“ ڪندو اچي نڪتو. ڌيءَ چيس تھ: بابا! آدمزاد جي ڪھڙي مجال جو ھتي اچي سگھي! اھو ٻڌي ديو کڻي ماٺ ڪئي ۽ پنھنجي ڌيءَ سان ويھي رھاڻ ڪرڻ لڳو. رھاڻ ڪندي، ڪجھھ دير کان پوءِ، ڌيءَ پڇيس تھ: بابا! تون ڪھڙي شيءِ کان ڊڄندو آھين؟ تڏھن ديو چيس تھ: ڌيءَ! آءٌ فقط ميان ٽڪي کان ڊڄندو آھيان، جنھن مون کي اھڙو ڏنڊو ھنيو ھو، جو اڃا مٿي ۾ ڦٽ بيٺو آھي. اتي ميان ٽڪو بھ پيتيءَ مان ٻاھر نڪري، ڏنڊو کڻي اچي ديو جي سامھون بيھي رھيو، ۽ چيائينس تھ: اڃان ڳالھھ ڪٿي آھي؟ جھل مٿو، ٻيو ڏنڊو ٿو اچيئي! ديو جو ميان ٽڪي کي ۽ ان جي ھٿ ۾ ڏنڊو ڏٺو، سو اچي ٿڙڪڻي ٿيس ۽ يڪدم ھٿ ٻڌي اٿي بيھي رھيو ۽ ميان ٽڪي کي چيائين تھ: ٻيلي، نالو اٿئي الله جو، ٻيو ڌڪ نھ ھڻج، مون کي جيئدان ڏي، آءٌ پنھنجي ڌيءَ جي شادي بھ توسان ٿو ڪرايان. اتي ميان ٽڪو بھ ڪجھھ ڍرو ٿيو. پوءِ ٻئي ڏينھن ديو پنھنجي ڌيءَ جي شادي ميان ٽڪي سان ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڪئي. ميان ٽڪي اتي بھ ٻھ ٽي ڏينھن عيش آرام سان گذاريا. پوءِ گندين جي ڳولا واري ڪم جي ڳالھھ ٻڌائي، اتان موڪلايائين ۽ اٿي پنڌ پيو.


*  ھيءَ ڳالھھ وچولي (تعلقي شھدادپور) مان ”ظفر“ بلوچ کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ وچولي(تعلقي شھدادپور) مان مير حسن ”سڪايل“ کان ملي.

*  ھيءَ ڳالھھ وچولي مان برادي کيڙي (تعلقو ھالا) ۽ قاضي نور محمد (تعلقو حيدرآباد)کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org