سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :10

١٧– ٿالھي، گدرو ۽ ڪاتي *

 

بادشاھھ تھ پاڻ ڌڻي آھي، پر ھن ڪوڙي دنيا جو ڪو بادشاھھ ھو. ڪجھھ ڪچھريءَ ھلندي ان بادشاھھ پنھنجي وزير کان پڇيو تھ: وزير! ھيٺان ٿالھي، تنھن تي گدرو، ان تي ڪاتي – ٻڌاءِ تھ گدرو وڍبو يا نھ وڍبو؟ وزير ھن اوچتي سوال تي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري، ڪجھھ وقت سھي، بادشاھھ کي عرض ڪيائين تھ: جھان پناھھ! ڪجھھ وقت مھلت ڏيو تھ جواب آڻي ڏيانو. بادشاھھ پڇيو تھ: ڪيترو وقت مھلت گھرجئي؟ وزير عرض ڪيو تھ: ٽي مھينا. بادشاھھ چيس تھ: وزير! توکي ٽي مھينا مھلت آھي، پر جيڪڏھن ميعاد اندر پورو جواب نھ ڏيندين، تھ ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويندين. ڪچھريءَ مان اٿي وزير پنھنجي محلات ۾ آيو، ۽ فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ اچي پلنگ تي پئجي رھيو. نھ کائي نھ پيئي. سڄي محلات ۾ ڄڻ راڪاس گھمي ويو. وزير جي زال حال معلوم ڪرڻ لاءِ گھڻئي جتن ڪيا، پر وزير ائين چئي پئي ماٺ ڪرايس تھ: ھي معاملو منھنجي سر سان آھي.

وزير زادي تمام ڏاھي ھئي، سا لنگھي پيءُ وٽ آئي، ۽ پيار سان پيءُ کي ڳراٽڙي پائي چيائين تھ: بابا سائين! ڳالھھ ڳالھھ سان ڇٽندي ۽ فڪر، فڪر جي راھھ صفا ڪندو. باقي اوھان جو کائڻ پيئڻ ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ڇڏي ڏنو آھي، سو ان رستي ڪا بھ ڳالھھ حل نھ ٿيندي. شھزادي منھنجي ساھيڙي آھي، جا مون کان بھ ڏاھي آھي. جي اوھان کي ڪا ڏکي ڳالھھ ھجي، تھ مون کي ٻڌايو، تھ آءٌ ان کان وڃي پڇي اچان – اھڙيءَ طرح جو ڪنھن کي بھ خبر ڪانھ پوندي. وزير کي پنھنجي نياڻيءَ جي صلاح وڻي، ۽ سندس ملول من کي ڪجھھ آٿت آيو. پوءِ ڌيءَ کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين، ۽ ھلندي مھل پارت ڪيائينس تھ: شھزاديءَ کان جواب اھڙيءَ طرح ھٿ ڪج، جو کيس ڪل بھ نھ پوي، تھ ڪو بادشاھھ، وزير کان ھيءُ سوال ڪيو آھي. وزيرزاديءَ پيءُ کي ڏڍ ڏنو تھ: بابا! ڌڻيءَ گھريو آھي تھ آءٌ اھڙيءَ طرح سان جواب ھٿ ڪنديس، جو خود شھزاديءَ کي بھ خبر نھ پوندي.

ڏينھن لڙيو تھ وزير زادي بھ سھي سنبھي، شھزاديءَ ڏانھن رواني ٿي. ٻئي سھيليون ھڪٻئي سان ملي خوش ٿيون. اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪندي، ائين ئي شھزاديءَ ڳالھھ ڪئي تھ: بابي سائينءَ جي حڪومت ۾ پنھنجي شھر کان اوڀر طرف ڳوٺ آھي، جتي ننڍا وڏا سڀ داناء ۽ ڏاھا آھن. ھنن جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ، اٿڻ ويھڻ، ڏيڻ وٺڻ، سڀ ڏاھپ سان آھي. وزير زاديءَ دل ۾ خيال ڪيو تھ ڇو نھ بابي کي بھ وڃي ڏس ڏيان تھ ھو انھن ڏاھن وٽ وڃي، ۽ اتان پر ٻھرو جواب وٺي اچي. اھا ڳالھھ ڳڻي وزير زادي گھر آئي، ۽ پيءُ کي ڏاھن جو اچي ڏس ڏنائين. وزير ٻئي ڏينھن  سھي سنبھي  خرزين خزاني جي ڀري گھوڙي تي رکي، ڏاھن جي ڳوٺ ڏانھن روانو ٿيو. پڇائيندو پڇائيندو ٻن پھرن جو اچي اتي پھتو. ان مھل ڳوٺ جا مرد ماڻھو سڀ ڪمن ڪارين پٺيان ويل ھئا. اوچتو ھڪڙو ڇوڪرو ڳوٺ کان ٻاھر نڪتو، جنھن کان وزير، وڏيري جي نالي ۽ سندس گھر جو ڏس پڇي، اچي وڏيري جي در تي ھٿ ھنيو. ان وقت وڏيرو گھر ۾ ڪونھ ھو، ٿوري وقت بعد اندران   آواز آيو تھ: ڪير آھين؟ جواب ڏنائين تھ: آءٌ بادشاھھ جو وزير آھيان. پوءِ پڇيائين تھ: وڏيرو ڪيڏانھن ويو آھي؟ اندران جواب آيو تھ: بابو ويو آھي مٽيءَ ۾ مٽي گڏڻ. وزير سمجھيو تھ ھيءَ ڳالھائڻ واري وڏيري جي نياڻي آھي. وري پڇيائينس تھ: ڀلا، تنھنجي ماءُ ڪيڏانھن ويئي آھي؟ اندران جواب مليس تھ: اھا ويئي آھي مٽيءَ مان مٽي جدا ڪرڻ. وزير انھن ئي جوابن ۾ منڌو بيٺو ھو، تھ اندران آواز آيو: اسان جي اوطاق اتر طرف آھي توھين ان ۾ ھلي ويھو، ڪا پھر ھوندي تھ توھان وٽ ايندي. وڏيري جي نياڻيءَ پاڙي ۾ ولو ڏنو تھ ھڪ پاڙيسري گڏيس. ان کي چيائين تھ: اوطاق تي بادشاھھ جو وزير ويٺو آھي، وڃي ان کان گھوڙو وٺ ۽ گھڙي پل وٽس بيھھ جيستائين بابو اچي.

وزير اوطاق تي اڃان پھتو ئي مس تھ ماڻھو بھ اچي نڪتو، جنھن ھن کان گھوڙو وٺي ٻڌو ۽ کٽ تي وڇاڻو ڪري، کيس ان تي ويھاريائين. وزير دل ۾ چيو تھ: ھائو ٻيلي، جھڙا عقل وارا ٻڌم تھڙائي آھن. وڏيري جي نياڻي تھ عقل واري ٿي ڏسجي، منھنجي سوال جو جواب بھ ان کان ئي ملندو. ھاڻ وڏيرو اچي تھ ماڳھين کڻي سڱ گھرانس. سج لٿي مھل وڏيرو آيو، ڌيءَ ٻڌايس تھ: اوطاق تي بادشاھھ جو وزير ويٺو آھي. ھن يڪدم اوطاق تي اچي وزير جو سلام ڪيو ۽ پاڻ ۾ حالي احوالي ٿيا. وزير خبرون ٻڌائيندي سڱ جي گھر ڪيس. وڏيري حيلا بھانا ڪري وزير کي انھيءَ ڳالھھ تان لاھڻ جي ڪئي، پر ھو بھ مڇڏ ٿي لڳو ۽ وڏيري سان ھيٺاھيون مٿاھيون ڳالھيون ڪرڻ ويھي رھيو. وڏيري ڪا ڳالھھ ڳڻي، وزير کي چيو تھ: آءٌ پنھنجي گھر ۽ راڄ سان صلاح ڪريان، پوءِ اوھان کي جواب ڏيندس. ائين چئي وزير کان اٿي پنھنجي گھر آيو، ۽ سڀني راڄ وارن کي ڪوٺ ڏيئي آيو.

رات جو سڀئي راڄ وارا ننڍا وڏا گڏ ٿيا. اتي وڏيري سڀني کي چيو تھ: ڀائرو! جڏھن توھين سڀئي مون کي عزت ڏيو ٿا، تڏھن ٻيا بھ مون کي عزت ٿا ڏين. ڀائيچاريءَ جي حساب ۾ جيڪي منھنجو آھي سو توھان جو آھي، ۽ جيڪي توھان جو آھي سو منھنجو آھي. ڳالھھ ھيءَ آھي جو بادشاھھ جو وزير مون وٽ سڱ لاءِ آيو آھي – ھاڻي توھان جو ڪھڙو خيال آھي؟ منھنجي عزت سا توھان جي عزت، ۽ توھان جي عزت سا منھنجي عزت. منھنجي نياڻي توھان جي بھ نياڻي آھي. توھين ڀائر ان ڳالھھ لاءِ جيڪو فيصلو ڪندا، سو مون کي قبول آھي. راڄ وارن مان ڪن ننڍن ٺھھ پھھ جواب ڏنو تھ: جو نھ ڏٺو نھ ٻڌو، جنھن سان اڳي نھ سڱ نھ سياپو، نھ اچ نھ وڃ، انھيءَ کي سڱ ڏيڻ – اسان کي اھا ڳالھھ نٿي وڻي ...... وزير کي جواب ڏيڻ گھرجي. جيڪڏھن بادشاھھ ڪاوڙجي پوي تھ ڀلي ڪاوڙجي، جي بادشاھھ تنگ ڪيو تھ پوءِ، لڏي ھلي ٻيءَ بادشاھي ۾ ويھنداسين. پر راڄ مان ڪن وڏڙن صلاح ڏني تھ: سڱ سياپو لکئي جو انگ آھي. مڱيا نھ پرڻجن پر لکيا پرڻجن. غيب جي ڄاڻ غيبدان کي. وزير جو ھلي آيو آھي، ان کي عزت ڏيڻ گھرجي – ھڪ تھ بادشاھھ تائين بھ رسائي ٿيندي، ٻيو تھ ڳوٺ راڄ جي بھ عزت ٿيندي. ان بعد وڏيري وري پنھنجيءَ زال ڏي نھاريو، ۽ چيائينس تھ: مرد بادشاھھ ۽ زال ان جي وزير آھي – ھاڻي تنھنجو ڪھڙو خيال آھي؟ زال جواب ڏنو تھ: گھر سٺو آھي، ڏک سک لکئي جي آچار آھي، پر ظاھري ڏسجي ٿو، تھ ڇوڪري ڏکي نھ ٿيندي؛ تنھنڪري منھنجي صلاح آھي تھ وزير کي سڱ ڏجي. جي سڱ نھ ڏنو تھ بادشاھھ ڪاوڙجي پوندو، پوءِ ڏاڍاي سان ڪھڙو زور لائبو؟ لاچار ملڪ ڇڏي ٻيءَ بادشاھي ۾ ھلي ويھبو. بادشاھھ بادشاھن جا ڀائر آھن – ڪھڙي خبر تھ ھيءُ بادشاھھ ان ملڪ جي بادشاھھ ڏانھن چٺي ڪري تھ ھنن ماڻھن کي اک ۾ رکجو، ھي ھھڙا ڪي ھھڙا آھن، پوءِ پاڻ ڇا ڪري سگھنداسين! مٿي لڪائڻ لاءِ بھ آرام سان جاءِ ڪا نھ ملندي؛ تنھنڪري منھنجي صلاح آھي، تھ وزير کي مبارڪي ڏجي، نياڻيءَ جا کٽن ڀاڳ. وڏيريءَ جي ڳالھھ کي سڀني پسند ڪيو. پوءِ چار وڏڙا گڏجي، وزير کي مبارڪي ڏيڻ لاءِ روانا ٿيا.

وزير کي مبارڪون مليون، مٺائي ورھائي ويئي. وزير چيو تھ: مون خزاني جو گھوڙو آندو آھي – مون کي يڪدم شادي ڪري ڏيو. خزانو موجود ھجي، تھ پوءِ ڇا نٿو ٿي سگھي! تياري ٿي ۽ وزير شادي ڪري ٻانھن وٺي گھر آيو.

پھرينءَ رات آزمودي وٺڻ لاءِ، وزير ترار وچ ۾ رکي سمھي رھيو. زال ڪجھھ نھ ڪڇيو؛ تان جو اچي صبح ٿيو. ڏينھن سڄو چرچن ڀوڳن ۾ گذري ويو. رات ٿي تھ وزير وري بھ ترار رکي سمھي پيو. ائين ٻي رات بھ گذري ويئي. ٽيءَ رات وزير وري بھ ترار رکي ستو، تھ ڇوڪريءَ ترار پري ڪندي پڇيو تھ: جيڪڏھن توھان جي دل ۾ غير ھو تھ پوءِ شادي ڇو ٿي ڪيو؟ وزير پڇيس تھ: تو پھرينءَ رات ترار ڇو نھ کنئي؟ زال جواب ڏنس تھ: مون سمجھيو تھ شايد توھان جي رسم اھا آھي. وزير پڇيس تھ: مون جڏھن اچي تنھنجي دروازي تي ھٿ ھنيو ھو، تڏھن تو چيو ھو تھ بابو ويو آھي مٽي، مٽيءَ سان گڏڻ، ۽ امان ويئي آھي مٽيءَ مان مٽي جدا ڪرڻ – ان جي مراد ڇا ھئي؟ زال جواب ڏنو تھ : اسان جي ڳوٺ ۾ ان ڏينھن ھڪ ماڻھو گذاري ويو ھو، سو بابو ويو ھو مقام تي – ماڻھو مٽيءَ جي پيدائش آھي، تڏھن چيم تھ بابو ويو آھي مٽيءَ ۾ مٽي گڏڻ. وري ان ڏينھن ڳوٺ ۾ ڪا مائي سوريتڻ ھئي، امان ويئي ھئي ان کي ٻار ڄڻائڻ – اھو آھي مٽيءَ مان مٽي جدا ڪرڻ.

وزير کي شادي ڪئي ٻھ ٽي ڏينھن مس گذريا تھ ھڪڙي ڏينھن نئينءَ زال کي چيائين تھ: بادشاھھ مون کان سوال پڇيو آھي تھ ھيٺان ٿالھي تنھن تي گدرو، ان تي ڪاتي – گدرو وڍبو يا نھ وڍبو؟ مون کي ٽن مھينن جي مھلت مليل آھي، جيڪڏھن مون پورو جواب نھ ڏنو تھ بادشاھھ ڦاسي چاڙھائي ڇڏيندم. ھاڻي تون انھيءَ سوال جو جواب ٻڌاءِ تھ بادشاھھ کان جند ڇڏايان. زال جواب ڏنس تھ بادشاھھ کي جواب ڏج، تھ سائين! اڄ نھ وڍبو تھ سڀان وڍبو، وزير پڇيس تھ: سو ڀلا ڪيئن؟ زال چيس تھ: ڪجھھ تون بھ ويچار ڪر ...... وقت آيو تھ آءٌ ٻڌائينديسئين. وزير خيال ڪيو تھ ھھڙيءَ ڏاھي زال لاءِ ڇو نھ جدا محلات ٺھرايان. سو رازن ۽ ڪمين کان رات ڏينھن ڪم وٺي محلات تيار ڪرائي نئين زال کي آڻي ان ۾ رھايائين. ٻين اميرن ۽ وزيرن جو ٻڌو تھ وزير اوچتو شادي ڪري آيو آھي؛ سي اچي پريشان ٿيا، تھ ٽئين مھيني ٿو وزير ڦاسي چڙھي، ھاڻي جو شوق پئي ھي شادي ڪري آيو آھي، سو ان ۾ راز الائي ڪھڙو آھي!

ڏينھن گذرندي ويرم ئي ڪا نھ ٿي. مھلت پورو ٿيڻ ۾ جڏھن ٽي ڏينھن اچي بچيا، تڏھن وزير پنھنجيءَ زال کان پڇيو تھ: ھاڻي ٻڌاءِ تھ ڪيئن ٿي چئين تھ اڄ نھ وڍبو تھ سڀان؟ زال جواب ڏنس تھ: ٿالھي آھي دنيا، گدرو آھي انسان، ۽ ڪاتي آھي موت – سو اڄ نھ آيو تھ سڀان ضرور ايندو. ٽن ڏينھن بعد وزير بھ سھي سنبھي اچي ڪچھريءَ ۾ ويٺو. بادشاھھ، وزير کان پڇيو تھ: وزير! ھيٺان ٿالھي، تنھن تي گدرو، ان تي ڪاتي – ٻڌاءِ تھ گدرو وڍبو يا نھ وڍبو؟ وزير عرض ڪيو تھ: جئين سائين، اڄ نھ وڍبو تھ سڀان وڍبو. تنھن تي بادشاھھ پڇيس تھ: ڪيئن ڀلا؟ وزير جواب ڏنو تھ: سائين! ٿالھي آھي دنيا، گدرو آھي انسان ۽ ڪاتي آھي موت – سو انسان تي اڄ نھ آيو تھ سڀاڻي ضرور ايندو! بادشاھھ کي جواب ڏاڍو وڻيو، سو وزير کي انعامن اڪرامن سان ڍئي ڇڏيائين.

ٻيا امير ۽ وزير، جي ھن وزير سان ٺھندائي ڪين ھئا، سي بادشاھھ جو ھن وزير تي ايڏو راز ڏسي اندر ۾ سڙڻ لڳا؛ آخر پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تھ: ھيءُ عقل وزير جو ڪونھي، پر جيڪا نئين زال آندي اٿس، ان جو عقل آھي. ھاڻ ڪنھن طرح سان بادشاھھ جا ڪن ڀري وزير کان اھا زال ڦرايون. سو بادشاھھ کي آڏيون ابتيون ڳالھيون ٻڌائڻ  لڳا تھ: وزير جيڪا زال آندي آھي، سا جھڙي آھي سھڻي، تھڙي آھي عقل واري. اھا توھان جي محلات ۾ سونھي، نھ وزير جي گھر ۾. بادشاھھ، اميرن کي ڇينڀيو تھ: وزير منھنجو ٻچو آھي، آئيندي لاءِ اھڙي ڳالھھ ڪڏھن بھ منھنجي اڳيان نھ ڪجو. بادشاھھ جي ڇنڀ، بدخواھن کي ھيڪاري ڀڙڪائي ڇڏيو. سي اٽڪل سان بادشاھھ کي روز روز نيون ڳالھيون ٻڌائي، وزير جي خلاف برغلائڻ لڳا. ڀلا دانگيءَ ھيٺان پئي باھھ ٻرندي تھ، تپندي نھ تھ ٻيو ڇا ڪندي! سو نيٺ ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ بھ ريجھي پيو، ۽ پڇيائين تھ: ڀلا، ڪھڙي طريقي سان ٻانھن ھٿ ڪجي. اميرن کي تھ گھربي اھا ڳالھھ ھئي، تن چيو تھ: سائين! اھو تھ سولو ڪم آھي. ھاڻي ھيئن ڪريو جو وزير کي حڪم ڏيو تھ سڀاڻي اسين درياءَ جو سير ڪنداسون – ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ جيڪي بھ ناکئا آھن، انھن کي حڪم ڏي تھ سڀاڻي سج اڀرئي کان اڳ بندر تي حاضر رھن. پوءِ توھين جنھن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيندا، تھ وزير بھ ان ٻيڙيءَ ۾ چڙھندو؛ جڏھن ٻيڙي وچ سير ۾ اچي، تڏھن توھين پنھنجيءَ آڱر مان شاھي مھر واري منڊي گھرڪائي کڻي پاڻيءَ ۾ ڇڏجو، جيئن ٻيو ڪو بھ نھ ڏسي؛ پوءِ حڪم ڏجو تھ ٻيڙين جو لنگر ھڻو ۽ ٽوٻا لھي منڊي ڳولين. سائينجن پوءِ ڳولا جو ڪم وزير جي حوالي ڪري ڪنڌيءَ تي موٽي اچن، ۽ ھن کي حڪم ڏين، تھ منڊي ڳولائي کڻي اچ ..... جي نھ، تھ ڦاسيءَ چڙھندين! منڊي درياءَ مان ھونءَ بھ ڪا نھ لڀندي، ۽ وزير ڦاسيءَ تي چڙھي ويندو. انھيءَ طريقي سان نانگ بھ مرندو ۽ لٺ بھ ڪا نھ ڀڄندي. پوءِ توھين ھن جي زال سان کڻي شادي ڪجو! اھا صلاح بادشاھھ کي ڏاڍي پسند آئي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ وزير بھ ڪچھريءَ ۾ آيو. بادشاھھ حڪم ڪيس تھ: اسان جي حڪومت ۾ ويجھڙائيءَ ۾ جيڪي بھ ٻيڙائتا آھن، انھن کي حڪم پھچاءِ، تھ ھو سڀاڻي سج اڀرڻ کان اڳي پنھنجي ٻيڙين سان بندر تي حاضر رھن، جو اسين پنھنجن ماڻھن سان گڏ درياءَ جو سير ڪنداسين. وزير اھو حڪم ٻڌي ”حاضر سائين“ ڪري گھوڙي تي چڙھي بندر ڏي روانو ٿيو. سڀني ناکئن کي حڪم ڏنائين تھ: سڀاڻي سج اڀرڻ کان اڳ پنھنجن ٻيڙين سان بندر تي حاضر رھجو، جو بادشاھھ سلامت پنھنجي اٽالي سان درياءَ جو سير ڪندو. توھان مان جيڪي ھتي نھ آھن، انھن کي بھ جيئن رات جي پيٽ ۾ اھو حڪم پھچي. جيڪڏھن شاھي حڪم جي ڪنھن پوئواري نھ ڪئي آھي، تھ ان کي ڏيھھ نيڪالي ڏني ويندي. حاڪم جي حڪم کان ۽ ظالم جي ظلم کان سڀ ڪنبي ويا. ناکئن انھيءَ مھل ئي پنھنجن ڀائرن ڏانھن ماڻھو ڊوڙايا. ٻئي ڏينھن بندر تي ٻيڙين جون بَھيرون لڳي ويون. بادشاھھ بھ پنھنجي اٽالي سان اچي ٻيڙين ۾ سوار ٿيو. خاص درٻاري امير ۽ وزير بادشاھھ سان گڏ چڙھيا. سير ڪندي بادشاھھ پنھنجو ھٿ پاڻيءَ ۾ ٻوڙيندو ڇنڊا ھڻندو آيو. ٻيڙيون جڏھن وچ سير ۾ پھتيون، تڏھن اوچتو حڪم ڏنائين تھ ٻيڙين کي اتي لنگر ھڻي بيھاريو ...... منھنجي منڊي ھن ھنڌ ڪري پئي آھي، يڪدم ٽوٻا لھي منڊي ڳولين.

حڪم ملڻ شرط ٽوٻا لھي پيا. گھڻئي ٽٻيون ھنيائون، پر منڊي نھ لڌي. بادشاھھ ٿوري مھل ترسي، ڪنڌيءَ ڏي واپس وريو ۽ وزرير کي حڪم ڏنائين تھ: تون اتي ترسي، منڊي ڳولائي کڻي اچ، جيڪو بھ خرچ ايندو، سو شاھي خزاني مان ڏنو ويندو. جيڪڏھن منڊي ڳولائي نھ آڻيندين، تھ ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويندين! بادشاھھ حڪم ڏيئي، پنھنجن ٻين اميرن وزيرن سان واپس وريو. رستي ۾ اميرن صلاح ڏنيس تھ: وزير کي اڄ ھونءَ ئي ڦاسي ايندي، ان ڪري توھين وزير جي محلات ۾ وڃو، ۽ ھن جي زال کي ڏسي، ساڻس خبر چار تھ ڪري اچو! بادشاھھ وري بھ اميرن جي چئي لڳي، وزير جي محلات ڏي آيو. جڏھن دروازي تي پھتو، تڏھن پنھنجي اندر واري جٺ ڦٽ ڪيس تھ: بادشاھھ رعيت جو ابو ۽ رکوال آھي. ٻيا ماڻھو ائين سمجھندا تھ وزير کي تھ ڏوھھ ۾ ڦاسي ملي، پر توکي ۽ خدا کي معلوم آھي، تھ وزير کي توئي ھٿ سان مارايو. نيٺ بھ اڳتي ھلڻو اٿئي – اتي ڪھڙو جواب ڏيندين؟ اھو خيال ايندي ئي بادشاھھ يڪدم پنھنجو گھوڙو ورايو. خيال ڪيائين تھ وزير منھنجو ٻچو آھي، ۽ ان جي لڄ منھنجي نياڻي آھي. ٿورو آرام ڪري ڪوٽوال کي موڪليان ٿو تھ وڃي وزير کي درياءَ تان سڏي اچي .... اھڙي منڊي ٻي بھ ٺھي سگھندي. اھي خيال ڪندو اچي پنھنجي محلات ۾ پھتو ۽ سمھي رھيو. ھوڏانھن درياءَ تي ٽوٻا ويچارا ٽٻيون ڏيئي ٿڪجي پيا ھئا. ڀلا اتي منڊي ھجي تھ لڀي! بادشاھھ منڊي الاجي ڪٿي کڻي اڇلائي ھئي؛ تڏھن وزير کي عرض ڪيائون تھ: سائين! ھاڻي اسان کي بک بيحال ڪري ڇڏيو آھي، موڪل ڏيو تھ ماني کائي، پوءِ وري منڊيءَ جي ڳولا ڪريون. وزير ڪجھھ دڙڪو، ڪجھھ انعام جي لالچ ڏنين ۽ ڪجھھ ميڙ منٿ ڪين. نيٺ ٽوٻن کي مانيءَ جي اجازت ڏنائين. ٽوٻن ماني تيار ڪئي، پر ماني رکي ھئي، جنھنڪري درياءَ ۾ ھڪ اڌ مڇي ڦاسائڻ لاءِ رڇ وڌائون. خدا جي قدرت، جو پھرينءَ سٽ ھڪ ٿلھو آئو ڄرڪو اچي رڇ ۾ پيو. ڄرڪي کي وڍيائون تھ ان جي پيٽ مان منڊي نڪري پيئي. يڪدم وزير کي مبارڪون ڏنائون. وزير منڊي ڏسي خوش ٿيو ۽ خدا تعاليٰ جو شڪر بجا آڻي، ان وقت جيڪي بھ حاضر ھوس، سو ٽوٻن کي ڏنائين. پوءِ انھيءَ مھل ئي لڪ کي ھير ۽ ڪاڙھي کي جھڙ سمجھي، گھوڙي کي اڙي ھنيائين ۽ خوشيءَ مان مينھن واچ ڪندو، سڌو اچي پنھنجي محلات جي دروازي تي پھتو.

وزير پنھنجي محلات جي دروازي تي بادشاھھ جي گھوڙي جا پير ڏسي، ڏک ۽ غيرت ۾ چيلھھ تي ھٿ رکي بيھي رھيو. ھن کي اھو خيال اچي ويٺو تھ منھنجي زال بادشاھھ سان ڦٽل آھي، منھنجي مارائڻ جي ھيءَ اٽڪل بھ شايد منھنجيءَ زال ئي بادشاھھ کي ڏني آھي – نھ تھ ٻئي ڪنھن کي ھيترو عقل ئي ڪونھي. انھيءَ ڏک ۾ وزير محلات ۾ آيو. خوشيءَ جو پکي دل مان اڏامي چڪو ھو، مانيءَ جا گرھھ وھھ جا ڳنڍا ٿي لڳس. جيئن تيئن ڪري ٻھ چار گرھھ ھڻي. بک جي باھھ اجھايائين. پوءِ منڊي کڻي بادشاھھ ڏانھن روانو ٿيو. ۽ اھا آڻي ھن جي اڳيان رکيائين.

بادشاھھ منڊي ڏسي تمام خوش ٿيو، ۽ وزير کي آفرين چئي وري بھ انعامن سان ڍئي ڇڏيائينس. ان ڏينھن کان وٺي بادشاھھ، وزير کي ڏاڍو ڀانئڻ لڳو. پر وزير کي جو اچي شڪ جاڳيو ھو، سو سمجھيائين تھ ھاڻي بادشاھھ مٿي تي ھٿ گھمائي، ڪنھن نھ ڪنھن ڏينھن ضرور مارائيندو، تنھنڪري سڄو وقت ملول رھڻ لڳو. گھر ۾ بھ نھ پورو ڳالھائي نھ اڳين محبت ڏيکاري. سندس زال عاقل ھئي، سا سمجھي ويئي تھ وزير ڪنھن شڪ جو شڪار ٿيو آھي؛ پر ھوءَ ويچاري خود منجھيل ھئي، جو کانئس ڪا بھ اھڙي غلطي ڪا نھ ٿي ھئي، جيڪا وزير جي ڏمر جو سبب ٿئي. ماٺ کان سواءِ ڪو چارو ڪو نھ سجھيس، سو سڀ ڪجھھ خدا تي رکي چپ ڪري ويھي رھي.

وزير کي شادي ڪئي ڇھھ مھينا اچي ٿيا، پر ان وچ ۾ ڇوڪريءَ جي مائٽن سان ڪا بھ پھر ھن وٽ گھمڻ ڪا نھ آئي، ۽ نڪي ڇوڪري مائٽن وٽ ويئي. ھڪڙي ڏينھن وڏيري کي سندس زال چيو تھ: ڳالھھ ٻڌي اٿئي – پاڻ نياڻي پرڻائي ڏني، پر ڍڳي يا مينھن ڪا نھ ھئي، جو ھميشه لاءِ وزير کي وڪڻي ڏنيسين. ۽ ان جي پڇا بھ ڪا نھ ڪبي. نياڻيءَ کي وئي خير سان ڇھھ مھينا اچي ٿيا آھن، پر خبر ڪا نھ ورتي اٿئي، تھ سکي آھي يا ڏکي! وڏيري جواب ڏنو تھ: ڳڻتيءَ جو ڪو ضرور ڪونھي، پڪ آھي تھ وزير جي گھر ۾ آھي، سا ضرور سکي ھوندي. تنھن کان سواءِ ھوءَ خود عقل واري آھي، سا ڏک کي بھ سک بنائيندي. باقي رھيو گھمڻ جو سوال، سو اولاد آھي، ضرور ھن وٽ وڃبو، پر ھينئر ٻنيءَ ٻاري جو ڪم آھي، جنھنڪري آءٌ نڪريو نٿو سگھان، ڇوڪري کي موڪليون ٿا، تھ وڃي ڀيڻس وٽان گھمي اچي. اھا صلاح بيھاري، ٻئي ڏينھن ڇوڪري کي سنڀرائي، سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي روانو ڪيائون.

ڇوڪرو پڇائيندو پڇائيندو اچي وزير جي محلات تي پھتو. دروازي تي ھٿ ھنيائين، ٻانھي نڪري آئي، ان کي چيائين تھ: منھنجو نالو فلاڻو آھي، وزير سان ملندس. وزير ان وقت ڪچھريءَ ۾ ويل ھو. ٻانھيءَ اندر وڃي اطلاع ڏنو. وزير جي زال چيو تھ: اھي پار تھ جھڙا منھنجي ڀاءُ جا، ھاڻي آءٌ دروازي جي اوٽ ۾ ٿي بيھان، تون ساڻس ڳالھاءِ - آءٌ آواز سڃاڻنديس. ٻانھيءَ حڪم موجب ڳالھايو؛ ڇوڪريءَ آواز سڃاڻي اندر گھرايس. ڀاءُ ۽ ڀيڻ ھڪٻئي سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. يڪدم وزير ڏانھن ماڻھو موڪليائون. وزير جي زال، ٻانھيءَ کي سمجھائي ڇڏيو تھ: ڀائوءَ جي ماني تمام سٺي ٺاھج، پر ان ۾ لوڻ صفا نھ ھجي، ڇاڪاڻ تھ اسان جي ملڪ ۾ لوڻ جو رواج ڪونھي. آءٌ بھ جڏھن ھتي پرڻجي آيس، تڏھن مون کي ماني ڪا نھ وڻندي ھئي، پر پوءِ نيٺ ھري ويس. ٻانھيءَ حڪم موجب ماني تيار ڪئي. وزير بھ ڪچھريءَ مان آيو ۽ پنھنجي سالي سان ملي خوش ٿيو. گڏجي ماني کائڻ ويٺا، پر ڇوڪري کي جدا ماني ملي. مانيءَ ۾ جو لوڻ ڪونھ ھو، سو ھن کي مانيءَ ڪش نھ ڏنو. ٻھ گرھھ کاڌا نھ کاڌي جھڙا، کڻي ھٿ ڪڍيائين، ۽ دل جو سور دل ۾ رکي، سمجھيائين تھ شايد ھتي لوڻ جو رواج ڪونھي. ٻٽي ڏينھن ترسيو پر بيزار ٿي پيو. تنھنڪري سگھوئي ڀيڻ کان موڪلائي، سوکڙيون پاکڙيون وٺي ڳوٺ ڏي روانو ٿيو.


*  ھيءَ ڳالھھ وچولي (تعلقي ھالا) مان قاضي نور محمد کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org