سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :17

٣١– سوداگر ۽ ھنس پکي *

 

ڪنھن شھر ۾ ھڪڙو سوداگر رھندو ھو، جنھن کي ڪوبھ اولاد ڪونھ ھو، جنھنڪري ڏاڍو غمگين رھندو ھو. ھڪڙي ڏينھن ڪنھن فقير کان ڏس مليس تھ: پکين جي خدمت ڪندو ڪر،  کين روزانو ان ميوو وغيره کارائيندو ڪر، تھ تنھنجا مطلب پورا ٿين. پوءِ ھيءُ اولاد جو سڪايل سوداگر، روزانو پنھنجي جاءِ جي کڏ تي ڪيترو ئي ان ۽ ميوو پکين جي کائڻ لاءِ رکي ڇڏيندو ھو؛ جيڪو پري پري جا پکي اچي کائي خوش ٿي ويندا ھئا.

ھڪڙي ڏينھن ڪنھن ولايت جا ٻھ ھنس پکي بھ اچي اتي ويٺا؛ پر بجاءِ ڪجھھ کائڻ پيئڻ جي، ھڪڙي ھنڌ ماٺ ڪري ويھي رھيا. سوداگر اتي بيٺو ھو، تنھن کانئن پڇيو تھ: توھين ڇو ڪجھھ کائو ڪونھ ٿا؟ تڏھن پکين چيس تھ: اسان جي خوراڪ موتي آھن، ان ۽ ميوو اسين ڪونھ کائون، تنھنڪري ماٺ ڪري ويٺا آھيون. تنھن تي سوداگر يڪدم موتي گھرائي، انھن ھنس پکين کي ڏنا، جي کائي خوش ٿي ھليا ويا. ھڪڙي ڏينھن سوداگر پنھنجي گھر جي کڏ تي بيٺو ھو، تھ ڏسي تھ ٻھ نر ماد ھنس پکي سندس مٿان پيا اڏامن. ٿوريءَ دير کان پوءِ، نر تھ ھڪڙي طرف ھليو ويو، باقي مادي لھي اچي سندس کڏ جي ھڪڙي ڪنڊ تي ويٺي. سوداگر ويجھو اچي، ھن کان پريشانيءَ جو سبب پڇيو. تڏھن ان جواب ڏنس تھ: اي سوداگر! اسين مسافر آھيون، ھينئر اسان جي موٽڻ جي مند آھي. تنھنجي ماڙيءَ جي جاري ۾ منھنجو آنو رکيل آھي. اھو کڻي، اسين وڏي مسافري ڪري نٿي سگھياسين، تنھنڪري آنو اتي ئي ڇڏي ھليا وياسين. پر مون کي آني جي ڪشش اڌ واٽ تان موٽائي ورتو – ھاڻي آءٌ تھ ات ويھي رھيس، پر منھنجو مڙس موٽي وطن ھليو ويو – تنھنڪري وطن جي ڇڪ ۽ مڙس جي جدائيءَ ۽ ارمان ۾ ويٺي آھيان. ھاڻي تون ڀلائي ڪري منھنجي آني جي سنڀال ڪري، تھ جيڪر آءٌ بي اوني ٿي ھلي وڃان! سوداگر جي ھائوڪار ڪرڻ تي، ان پکيءَ کيس سمجھايو تھ: ھن آني کي چاليھھ ڏينھن صندوق ۾ بند ڪري رکج، پوءِ ھن مان ھڪڙو ٻچو پيدا ٿيندو؛ ان کي چڱيءَ طرح سانڍج تھ ھو توکي ڪنھن نھ ڪنھن وقت ڪم ڏيئي ويندو. ائين چئي، مادي خوش ٿي اڏامي ھلي ويئي.

سوداگر انھيءَ وقت وڃي جاري مان آنو کڻي، صندوق ۾ بند ڪري رکيو. چاليھن ڏينھن کان پوءِ ان مان ٻچو پيدا ٿيو، جنھن کي ھن چڱيءَ طرح سانڍڻ شروع ڪيو. سوداگر سان گڏ سندس زال، ماءُ ۽ پيءُ کي بھ ان ٻچي سان اھڙو پيار ٿي ويو، جو ان کي پنھنجو پٽ ڪري سڏڻ لڳا. آخر ٿوري گھڻي ڏينھن ٻچو اچي وڏو ٿيو. ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ سوداگر واپار لاءِ سنڀريو. ھلڻ وقت زال کي چيائين تھ: مان ھن پنھنجي پٽ کي بھ پاڻ سان وٺي ويندس. تڏھن زال چيس تھ: ھيءُ منھنجي لاءِ ھڪڙي وندر آھي، تنھنڪري ھن کي ھتي ئي ڇڏي وڃ. پر سوداگر نھ مڃيو ۽ ھنس پکيءَ جي ٻچي کي پاڻ سان وٺي، ٻيڙا ھاڪارائي ھليو ويو.

واپار ڪندي ڪندي سوداگر کي ٽي چار مھينا گذري ويا. ھڪڙيءَ رات خواب ڏٺائين تھ، اڄ رات جيڪو ماڻھو پنھنجي گھر ويندو، ان جي گھر واريءَ کي اميد واري ٿيندي ۽ ان کي اھڙو پٽ ڄمندو، جو روزانو ھڪڙو موتي اوڳاريندو. انھيءَ خواب سوداگر کي ڏاڍو پريشان ڪيو. دل ۾ خيال ڪيائين تھ آخر ٻن مھينن جي مسافري ھڪ ئي رات ۾ ڪيئن ٿي سگھندي؟ ھنس پکيءَ ھن کي پريشان ۽ غمگين ڏسي، کانئس ڳڻتيءَ جو سبب پڇيو، جنھن کيس خواب واري ڳالھھ ٻڌائي، ۽ چيائينس تھ: جيڪر اڄ رات پنھنجي وطن ۾ ھجون ھا، تھ مون کي بھ اھڙو پٽ ڄمي ھا. تڏھن ھنس پکي دلاسو ڏيندي چيس تھ: سوداگر! نا اميد نھ ٿي، منھنجي ڳچيءَ تي چڙھي ويھھ تھ مان اڄوڪيءَ رات ۾ توکي وطن پھچائي ڇڏيان. سوداگر اھو ٻڌي، انھيءَ وقت تيار ٿي، ھنس پکيءَ جي ڳچيءَ تي چڙھي ويٺو؛ جنھن ھن کي اڌ رات کان اڳ اچي پنھنجي گھر پھچايو.

سواگر پنھنجي زال سان مليو. رات جو وقت ھو، جنھنڪري سوداگر کي گھر جي ڀاتين مان ڪنھن بھ نھ ڏٺو ھو. اسر مھل جڏھن واپس ٿي وريو، تڏھن زال چيس تھ: ھڪ ٻھ ڏينھن ھتي رھي پئو، تھ تنھنجا مائٽ بھ توکي ڏسن..... جي ھينئر ئي ھليو ويندين، تھ پوءِ جيڪڏھن مون کي اميد واري ٿي، تھ تنھنجو پيءُ ماءُ مون کي گنھگار سمجھندا. مگر سوداگر نھ مڃيو ۽ چيائينس تھ: مان اڄ ضرور واپس ويندس، ڇو تھ ھوڏانھن مون کان سواءِ، منھنجي لکن جي ملڪيت تباھھ ٿي ويندي. باقي بابي ۽ امان جي تسليءَ لاءِ تو وٽ لڪڻ نشانيءَ طور ڇڏي وڃان ٿو. زال ويچاري ماٺڙي ڪري ويھي رھي، ۽ سوداگر پنھنجي ماءُ پيءُ سان ملڻ کان سواءِ ئي ھنس تي چڙھي واپس ھليو ويو.

ستين مھيني سڀني کي خبر پئجي ويئي، تھ سوداگر جي زال کي اميدواري آھي. جڏھن سندس سس ۽ صھري کي خبر پئي، تڏھن ھن ويچاريءَ تي تپي باھھ ٿي ويا ۽ چيائون تھ: ڪار منھين! ڪھڙو نڪ کڻي ھتي ويٺي آھين....... ھتان نڪري وڃ! ھن ويچاريءَ گھڻئي دانھون ڪوڪون ڪيون، پنھنجي مڙس جي نشاني ڏيکاريائين، پر ڪنھن بھ نھ ٻڌس. ھنن نوڪرن کي حڪم ڏنو تھ: ھن رن کي کڻي وڃي برپٽ ۾ ڦٽو ڪري اچو. جي ھن بيگناھھ کي وٺي جھنگ ۾ ڇڏي آيا. ھوءَ ويچاري اتي برپٽ ۾ ڀٽڪندي رھي. خدا جي قدرت سان ٻئي ڏينھن ھڪڙو بادشاھھ اچي انھيءَ برپٽ مان لنگھيو؛ جو اتي ھڪڙي حسين ۽ نوجوان عورت کي ڏسي لھي پيو، ۽ ھن کان خبرون پڇڻ لڳو. سوداگر جي زال پنھنجي سموري حقيقت بادشاھھ کي ڪري ٻڌائي. ھن جو درد ڀريو داستان ٻڌي، بادشاھھ سھي ڪيو تھ ھن ويچاريءَ سان ظلم ٿيو آھي؛ تنھن قياس آڻي، کيس ڌيءَ بنائي، وٺي آڻي پاڻ سان گڏ محلات ۾ رھايو – جتي ھوءَ ويچاري زندگيءَ جا ڏکيا سکيا ڏينھن بادشاھھ جي حفاظت ۾ گھارڻ لڳي.

قصو ڪوتاھھ- ڏھين مھيني ھن کي ھڪڙو خوبصورت پٽ ڄائو، جنھن جي وات مان روزانو ھڪڙو موتي نڪرندو ھو، جو دائي کڻي ويندي ھئي. اھڙيءَ طرح ست ڏينھن برابر دائيءَ کي موتي ملندا رھيا. ستن ڏينھن کان پوءِ، ڇوڪري جي ماءُ دائيءَ کي چيو تھ: ھاڻي مان تندرست آھيان، تنھنڪري تنھنجي اچڻ جي ضرورت ناھي. دائيءَ ستن ڏينھن وارا گڏ ٿيل موتي وڃي پنھنجي مڙس کي ڏنا. ھو موتي ڏسي اچي لالچ ۾ پيو ۽ پنھنجي زال کي چيائين تھ : اھو ڇوڪرو مون کي آڻي ڏي، نھ تھ ڦاھو کائيندس يا توکي ماريندس. دائيءَ چيس تھ: ھوءَ بادشاھھ جي ڌيءَ ٿي سڏجي، ان جو پٽ مان ڪيئن آڻيان؟ پر جڏھن مڙس نھ مڃيو، تڏھن مجبور ٿي ھوءَ سوداگر جي زال وٽ آئي ۽ ھن کي چيائين تھ: امان! ھڪ سوڻ اڃان بھ رھجي ويو آھي، جو درياءَ جي ڪپ تي ٿيندو؛ ۽ جي اھو نھ ٿيو تھ توکي ۽ تنھنجي پٽ کي نقصان رسندو. سوداگر جي زال گھڻئي نٽايو، پر دائيءَ نھ مڃيو؛ ۽ ھن کي پاڻ سان گڏ درياءَ تي ھلڻ لاءِ چيائين. سوداگر جي زال لاچار پنھنجو پٽڙو ٻانھيءَ جي حوالي ڪري، دائيءَ سان گڏ درياءَ ڏانھن رواني ٿي. جڏھن ٻئي ڄڻيون درياءَ تي پھتيون، تڏھن دائي بھانو ڪري چوڻ لڳي تھ: مار! سوڻ لاءِ گل آڻڻ تھ وسري ويا. چڱو..... ھاڻي تون اتي ئي ترس، تھ مان ڊوڙ ۾ گل کڻيو ٿي اچان. ائين چئي دل ئي دل ۾ خوش ٿيندي، ڊوڙندي محلات ۾ آئي. اتي ٻانھيءَ ويٺي ٻارڙي کي راند ڪرائي. ان کي چيائين تھ: مائي! سوڻ لاءِ گل گھرجن، سو اھو ڇوڪرو مون کي ڏي تھ آءٌ سنڀاليان، تون وڃي باغ مان گل پٽي اچ. ٻانھي، ٻار دائي جي حوالي ڪري پاڻ ويئي باغ ڏانھن، پٺيان ھن رکيو پيرن تي زور. ٻارڙو کڻي سڌو مڙس وٽ آئي، جو اڳ ۾ ئي گھوڙا تيار ڪريو، ھن جي انتظار ۾ بيٺو ھو. پوءِ تھ يڪدم ٻئي زال مڙس گھوڙن تي چڙھي، ٻار کڻي اٿي ھليا، ۽ اھا بادشاھي ڇڏي وڃي ٻيءَ بادشاھي ۾ نڪتا.

ھاڻي ڌن دولت جي تھ ھنن کي پرواھھ ڪا نھ ھئي، ڇو تھ سوداگرزادو روزانو سچو موتي اوڳاريندو ھو. ھنن بھ ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ ڪنھن ويران ھنڌ تي وڃي ھڪڙو نئون ڳوٺ ٻڌايو. جو پوءِ ٿورن ڏينھن ۾ تمام وڏو شھر بنجي ويو. انھيءَ ڳالھھ کي ڪئين سال گذري ويا. سوداگرزادو  بھ اچي جوان ٿيو ھو، سو سمورو مالڪ ملڪيت سنڀالڻ لڳو. دائيءَ ۽ سندس مڙس کي ماءُ ۽ پيءُ ڪري سڏيندو ھو. ھن پنھنجي شھر ۾ ھڪڙو وڏو مسافرخانو ٺھرائي ڇڏيو. اتي جيڪو بھ مسافر اچي رھندو ھو، ان کان حال احوال وٺڻ کان سواءِ ڇڏيندو نھ ھو.

ھوڏانھن ويچاري سوداگر جي زال جڏھن درياءَ تي بيھي بيھي ٿڪي، ۽ دائي بھ نھ موٽي، تڏھن واپس پنھنجي گھر پھتي. اتي پنھنجو پٽ نھ ڏسي اچي روئڻ ۾ پيئي، ۽ پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳي تھ جي ٻچڙو ھٿ کان نھ ڇڏيان ھا، تھ جيڪر ڪيئن وڃي ھا. پر ھاڻي ڇا ٿِي سگھيو ٿي! بادشاھھ سان حقيقت ڪيائين، جنھن دائيءَ پٺيان ڪيترا گھوڙي سوار موڪليا، پر سڀ نااميد ٿي موٽي آيا. جڏھن سڀ اميدون ۽ آسرا لٿا ۽ پٽ جو پتو نھ پيو، تڏھن بادشاھھ کان موڪلائي، ويچاري پاڻ اٿي پٽ جي ڳولا ۾ نڪتي. ڇا ڪيائين جو جوڳين وارو مردانو ويس ڪري، ملڪ رلندي، جبل جھاڳيندي، پٽ جي ڳولا ڪندي رھي. اتفاق سان ھڪڙي ڏينھن انھيءَ شھر ۾ اچي نڪتي، جيڪو سندس دائيءَ ۽ ان جي مڙس ٻڌايو ھو. دستور موجب ھوءَ پٽس جي مسافرخاني ۾ وڃي مھمان ٿي، جتي ھن جي خاطرداري ٿيندي رھي. ھن ويچاريءَ کي جوڳيءَ جي ويس ۾، ۽ مسافرخاني ۾ رھندي ٻھ ٽي مھينا گذري ويا، پر کانئس ڪنھن بھ حال احوال نھ پڇيو. ڇو تھ سوداگرزادي جي حڪم موجب جيسين ھن کان حال احوال نھ وٺجي، تيسين وڃڻ جي اجازت ملي نٿي سگھي..... تنھنڪري سڄو ڏينھن ڳڻتين ۾ پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ ويٺي روئندي ھئي.

ٻئي طرف جڏھن سوداگر وڻج واپار ڪري واپس ڳوٺ پھتو، تڏھن پنھنجي زال بابت بدراھيءَ جي الزام ڪري ھن کي ڳوٺ نيڪالي ڏيڻ جون خبرون ٻڌي، تپي باھھ ٿي ويو ۽ ماءُ پيءُ کي چيائين تھ: جڏھن مان پنھنجي نشاني بھ ڇڏي ويو ھوس، تڏھن بھ توھان ھن کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو! ھاڻي منھنجي بھ الله توھار! مان بھ وڃان ٿو پنھنجي بيگناھھ زال کي ڳولڻ، ۽ جيسين ان کي نھ ڳولي لھندس، تيسين واپس نھ ورندس. ائين چئي ھو بھ اٿي پنھنجيءَ زال جي ڳولا ۾ روانو ٿيو. ھلندي ھلندي، خدا جي قدرت سان، ھي بھ اچي ان ساڳئي مسافرخاني ۾ نڪتو، جيڪو پٽس ٺھرايو ھو. سندس زال بھ جوڳيءَ جي مرداني ويس ۾ اتي ئي رھيل ھئي. ھو مسافرخاني ۾ رات جي وقت پھتو ھو، ان وقت مينھن ۽ سردي اھڙي ھئي، جو الامان! تنھنڪري خيال ڪيائين تھ جيسين مسافرخاني جي داروغي سان ملان، ۽ ڪا جدا ڪوٺي رھڻ لاءِ ملي، تيسين ڇو نھ ٻئي ڪنھن سان ئي گڏجي رات کڻي گذارجي. اھو خيال ڪري ھڪڙيءَ ڪوٺيءَ جو دروازو کڙڪايائين. مڄاڻ جو ان ڪوٺيءَ ۾ سندس زال، جوڳيءَ جي ويس ۾ ٽڪيل ھئي، اھا ٻاھر نڪري آئي. رات جي وڳڙي سبب، ٻنھي ڄڻن ھڪٻئي کي ڪونھ سڃاتو، سوداگر کيس رات ساڻ گڏ ٽڪڻ لاءِ چيو، پر ھن خيال ڪيو تھ ڌارئي مرد سان ڪيئن رات گذارجي، تنھنڪري انڪار ڪيائين. پر جڏھن سوداگر منٿون ڪيس، تڏھن لاچار ساڻ گڏ رھڻ جي موڪل ڏنائين.

خبرون چارون ڏيندي وٺندي ھنن ٻنھي ھڪٻئي کي سڃاتو، ۽ ائين اوچتو ھڪٻئي سان ملي ڏاڍو خوش ٿيا. سندس پٽ، جيڪو ان وقت در تي بيٺو ھو، ۽ سندن سڀ خبرون پئي ٻڌائين، تنھن کي ڪن ڳالھين تي اچي گمان ٿيو تھ منھنجا حقيقي ماءُ پيءُ شايد اھي ئي آھن، پر وري بھ پڪ ڪرڻ لاءِ پنھنجو منھن آرسيءَ ۾ جاچيائين، ۽ پوءِ وري سندس نقلي ماءُ پيءُ، دائيءَ دائي سان ڀيٽيائين..... نيٺ جڏھن پڪ ٿيس تھ ھي دائي ۽ دايو منھنجا ماءُ پيءُ نھ آھن، تڏھن سڌو آيو دائيءَ وٽ ۽ انھيءَ مھل ھن کي آڻي، سوداگر ۽ جوڳيءَ جي آڏو بيھاريائين. سوداگر جي زال، دائيءَ کي يڪدم سڃاتو، ۽ ھن جا اھڙا اِتا پِتا ڪڍي کڻي ٻاھر ڪيائين، جو ھن کي انڪار ڪرڻ جي ڪا واھھ ڪانھ سجھي. آخر دائي سڀني ڳالھين جو اقرار ڪيو، ۽ ھنن جي پيرن تي ڪري پيئي – چئي: لالچ تي لڳي ڏائڻ ٿيس، پر اوھين پاڻ ڏانھن ڏسو. پوءِ نيٺ ھنن ڪا ڳالھھ ڳڻي دائيءَ کي معافي ڏني، ۽ ٻنھي کي اتي ڇڏي سوداگر ۽ سندس زال، پٽ سميت موٽي پنھنجي وطن آيا، ۽ اچي پنھنجي مائٽن سان مليا؛ جي پڻ ھنن کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ باقي عمر جا ڏينھن نھايت خير خوشيءَ سان گذارڻ لڳا.


 

٣٢– سوداگر جي سڄاڻ زال *

 

ڪنھن ملڪ ۾ ھڪڙو سوداگر رھندو ھو، جو ڏاڍو سياڻو ۽ عقل وارو ھو. سوداگر جي ڦوھھ جواني اچي ٿي ھئي، پر شادي ڪا نھ ڪئي ھئائين. جيڪڏھن يار دوست چوندا ھئس تھ انھن کي جواب ڏيندو ھو تھ: آءٌ ڪنھن پاڻ جھڙي سياڻيءَ ۽ عقل واريءَ زال سان شادي ڪندس. ٿيندي ٿيندي آخر ھڪڙيءَ سوداگرزاديءَ جي واکاڻ ٻڌي، ان سان شادي ڪرڻ لاءِ ھائوڪار ڪيائين. خير سان سوداگر پرڻجي اچي گھر ڀيڙو ٿيو.

شاديءَ رات ڳالھين تان ڳالھيون ڪندي زال، مڙس کي چيو تھ: سائين! مرد جي عورت سان پڄت ئي ڪانھي. جيڪڏھن زال ذات پنھنجيءَ تي اچي تھ سڀ ڪجھھ ڪري سگھي ٿي. مڙس جا اھا ڳالھھ ٻڌي، وائڙو ٿي ويو، ۽ زال کي چيائين تھ: اھا اڻ ٿيڻي آھي. ھڪڙيءَ تي زال، ٻيءَ تي مڙس. آخر گھڻي تڪرار کان پوءِ مڙس، زال کي چيو: جي تون ضد ڪرين ٿي تھ ٻڌ، آءٌ ھينئر ئي سوداگريءَ جو سامان ٻڌي ٻيءَ ولايت ڏانھن کڻي وڃان ٿو، جتي ٻھ سال کن رھندس. آءٌ توکي ڪو بھ پئسو ڏوڪڙ ڪونھ ٿو ڏيئي وڃان، پر ٻئي سال گھر جو خرچ پکو توکي ڪرڻو آھي، ۽ جڏھن آءٌ واپس اچان، تڏھن تو وٽ ھڪڙي ھزارڻ گھوڙي، مينھن جو وڳ، ڍڳين جو ڌڻ، ٻڪرين جو ڌڻ ۽ حق حلال جو پٽ ھجي. جي تو وٽ اھي شيون نھ ھونديون، تھ پوءِ آءٌ تنھنجو وري منھن ڪين ڏسندس.... پر جي تو ائين ڪري ڏيکاريو، تھ پوءِ ساري عمر تنھنجو تابعدار ٿي گذاريندس. زال بھ ھئي شدتِڻ، تنھن ھڪدم کڻي مڙس جا شرط قبول ڪيا. اھا رات جيئن تيئن ويھي گذاريائون، ٻئي ڏينھن اڃان صبح ٿيو ئي مس، تھ سوداگر سامان سڙو تيار ڪري، سوداگريءَ جو مال کڻي، سفر تي روانو ٿي ويو.

سوداگر تھ ھليو سفر تي، پر مائيءَ کي اچي ڳڻتي ٿي تھ ناحق ضد ڪيم. خير، اڳيون ڳالھيون وساري ھمت جو سندرو ٻڌائين، ۽ مڙس کي ڪري ڏيکارڻ جو ارادو ڪيائين. پوءِ ڇا ڪيائين جو نوان پراڻا ڳھھ ڳٺا ميڙي، گروي رکي پئسا ھٿ ڪيائين. انھن مان پھرين ھڪڙي ھزارڻ گھوڙي، مينھن جو وڳ، ڍڳين جو ڌڻ ۽ ٻڪرين جو ڌڻ خريد ڪيائين. انھيءَ ڪم مان واندي ٿي، ھڪڙي ڀروسي واري ماڻھوءَ کي سوداگر جي پٺيان موڪليائين؛ جنھن ٿوري وقت کان پوءِ خبر آڻي ڏنيس تھ: سوداگر فلاڻي شھر ۾ رھيو پيو آھي. سوداگر جي زال بھ ڇا ڪيو جو ويس بدلائي، پنھنجي مائٽن مان ھڪڙي وفادار ٻانھي ساڻ ڪري، انھيءَ شھر ۾ وڃي پھتي، ۽ ھڪڙي جاءِ مسواڙ تي وٺي اتي رھڻ لڳي.

ڪي ڏينھن رھڻ کان پوءِ، ھڪڙي ڏينھن سوداگر جي زال، ٻانھيءَ کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي، سوداگر ڏانھن روانو ڪيو، ۽ چيائينس تھ: سوداگر کي منھنجا سلام ڏي. ٻانھي بھ سوداگر وٽ وڃي پھتي ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي چيائينس تھ: منھنجي سانئڻ جي برابر سھڻي ھن ملڪ ۾ ٻي ڪا بھ ملوڪزادي ڪانھي. اتفاق سان توھان کي ڏسي ورتو اٿس، ھاڻي ناھيس ننڊ اکين ۾، ۽ نھ آرام. سو توھان ڏانھن ھي سوکڙيون موڪليون اٿس، ۽ سلام بھ چيا اٿس. سوداگر سوکڙيون سلام وٺي ڏاڍو سرھو ٿيو، ۽ ٻانھيءَ کي ڏاڍي عزت سان ويھاري، خبر چار وٺڻ لڳو. جڏھن ٻانھي ھلڻ لڳي، تڏھن سوداگر بھ ڪيتريون ئي قيمتي سوکڙيون ھن ڏانھن موڪليون. اھڙيءَ طرح ڳچ وقت تائين تھ ٻنھي ۾ رڳو سلام ۽ ڪلام جو رستو جاري رھيو.

ھڪڙي ڏينھن سوداگر وجھھ وٺي، ٻانھيءَ کي چيو تھ: منھنجي مرضي آھي، تھ آءٌ تنھنجي سانئڻ جي مھماني ڪريان؛ تنھنڪري تون ھن کان ڊائي وٺي اچ. ٻانھيءَ اچي پنھنجي مالڪياڻيءَ سان ڳالھھ ڪئي، جنھن چيس تھ: سوداگر کي وڃي چئو تھ پھرين مون کي پنھنجي منڊي ۽ رومال موڪل، تھ پوءِ آءٌ تنھنجي مھماني کائينديس – ٻيو تھ آءٌ تو وٽ فقط اڌ پھر رھنديس، ٽيون تھ پنھنجي ملاقات اونداھيءَ رات ۽ اونداھي ڪوٺيءَ ۾ ٿيندي. سوداگر ھن جا ھي سڀ شرط قبول ڪيا، ۽ پنھنجي منڊي ۽ رومال ڏياري موڪليائين. پوءِ چنڊ جي اٺاويھين رات، سوداگر جي زال ويس بدلائي، ھار سينگار ڪري، سوداگر جي گھر ويئي. جيتوڻيڪ رات جو وقت ھو ۽ اوندھھ لڳي پيئي ھئي، پر ان ھوندي بھ ھن پنھنجي منھن تان نقاب نھ کنيو. سوداگر ھن جي منھن ڏسڻ لاءِ فانوس ٻارڻ لاءِ گھڻئي ڀيرا چيو، پر ھن شرط ياد پئي ڏياريس. سوداگر بھ خيال ڪيو تھ اڄ شرم کان منھن نٿي ڏيکاري، تھ ٻئي ڀيري پاڻھي منھن ڏيکاريندي – تنھنڪري وڌيڪ زور بھ نھ ڪيائين تھ متان ھوءَ ڪاوڙجي پوي ۽ ٻئي دفعي وري اچيئي نھ. آخر جڏھن اڌ پھر پورو ٿيو، تڏھن وڃڻ لاءِ اٿي. سوداگر جي مرضي تھ ڪانھ ھئي، پر زبان ڪري ويٺو ھو؛ تنھنڪري لاچار ھو. وڃڻ وقت پنھنجيءَ زال کي ٻيون بھ ڪيتريون ئي سوکڙيون وغيره ڏيئي روانو ڪيائين.

سوداگر جي زال، سوداگر کان موٽي رات وچ ۾ ئي ٽپڙ ٽاڙي ٻڌڻ شروع ڪيا. صبح سان ئي ٻانھيءَ سميت وطن ڏانھن رواني ٿي. ڪجھھ ڏينھن جي مسافريءَ کان پوءِ، اچي پنھنجي شھر ۾ نڪتي. وقت گذرندي دير ڪا نھ ٿي ٿئي، نيٺ ڏھن مھينن کان پوءِ، سوداگر جي زال کي ھڪڙو سھڻو پٽڙو ڄائو. ھوءَ ويچاري ڏاڍي خوش ٿي، ۽ خدا جا لک لک شڪرانا بجا آندائين، جو سندس ڳالھھ پوري ٿي. اتي سوداگر کي بھ سفر ۾ ٻھ سال کن اچي پورا ٿيا ھئا، تنھنڪري ھو واپس ورڻ جا سعيا ڪرڻ لڳو. ھن گھر اچڻ کان اڳ زال کي پنھنجي اچڻ جو اطلاع موڪليو. خير، جنھن ڏينھن سوداگر اچڻو ھو، ان ڏينھن جوڻس ڇا ڪيو، جو پٽ کي نوان ڪپڙا پارائي، ڳچيءَ ۾ رومال ويڙھي، ھٿ ۾ منڊي پارائي، پينگھي ۾ ليٽائي ڇڏيائين. وري ويئي سا ھزارڻ گھوڙيءَ ۽ ٻئي مال وجھھ جي بھ سار سنڀال وٺي، گھوڙيءَ جو توبرو داڻي سان، مينھن ۽ ڍڳين جا آھرا ڪتر سان ۽ ٻڪرين جا واڙ ٽارين سان ڀرائي ڇڏيائين.

سوداگر جڏھن گھر ۾ پير رکيو، تڏھن ھن جي نظر پھريون وڃي ڪڙھھ، وٿاڻ ۽ واڙ تي پيئي، جتي ھزارڻ گھوڙي، مينھون، ڍڳيون ۽ ٻڪريون بيٺيون ھيون. سوداگر انھن کي ڏسي دل ۾ چيو تھ، زال تھ ڪا سياڻي ٿي ڏسجي، پر ڏسان تھ حق حلال جو پٽ بھ آھيس يانھ؟ اھو خيال ڪري اڳتي وڌيو. ڏٺائين تھ جوڻس ڪنھن ٻار کي پينگھي ۾ ويٺي لوڏي. ٻار کي ڏسي سوداگر جون وايون بتال ٿي ويون، پر پڪ نھ پيئي ٿئيس، تھ اھو ڪو حق حلال جو ٻار ھوندو. نيٺ زال کي چيائين تھ: ڳالھھ ٻڌاءِ تھ ھيءُ تو پنھنجو قول ڪيئن پاڙيو! زال انھيءَ تي شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، سڄي ڳالھھ مڙس کي ڪري ٻڌائي، ۽ سندس ڏنل سوغاتون، منڊي ۽ رومال کيس ڏيکاريائين. سوداگر اھي سڀ شيون ڏسي عجب ۾ پئجي ويو، ۽ چيائين تھ: بيشڪ زال ذات پنھنجيءَ تي اچي، تھ سڀ ڪجھھ ڪري سگھي ٿي. ان کان پوءِ سوداگر پنھنجي انجام موجب سڄي عمر زال سان وفادار ٿي رھيو.


*  ھيءَ ڳالھھ اتر (تعلقي روھڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان ملي.

*  ھن ڳالھھ جون ٻھ روايتون ھڪ لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محترمھ زيب النساءِ لوھار ۽ ٻي اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان مليون. ھن آکاڻي جا ڪي واقعا، بادشاھن جون آکاڻيون جلد پھريون ۾ آيل آکاڻي ”شاھي شاھھ بھ جنڊڻ ماري“ سان مناسبت رکن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org