سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-2

 

صفحو :14

٢٤– سڪ کي پنڌ آھي ئي ڪونھ *

 

ھڪڙي سوداگر کي ھڪڙو سڪيلڌو پٽ ھو. ان کان سواءِ کيس ٻيو ڪو اولاد ڪونھ ھو. ھو پنھنجي انھيءَ پٽ سان بيحد پيار ڪندو ھو، ۽ ھر وقت ھن جو خيال رکندو ھو. پٽ جي تربيت شھزادن وانگر ٿي، جنھنڪري ھو علم ۽ عقل ۾ تمام اڪابر ٿيو. سوداگر واپار جي سانگي ھر سال ٻاھر ويندو ھو. ھڪ دفعي ھو جيئن واپار تي ويو، تھ جتي سندس قافلو لٿل ھو، اتي رات جو ڪي ڌاڙيل ڪاھي آيا ۽ قافلي کي ڦري ڪيترائي ماڻھو ماري وڌائون. خدا جي قدرت، جو سوداگر بھ انھيءَ ڦر ۾ مارجي ويو، ۽ سندس مال ملڪيت سڀ ڌاڙيل کڻي ويا. قافلي مان جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪر بچيو، تنھن اچي سمورو احوال سوداگر جي زال ۽ پٽ کي ڏنو. بس پوءِ تھ ھنن لاءِ ڪاري قيام ٿي ويئي. آخر روئي پٽي ماٺ ڪري ويھي رھيا. ھنن وٽ جيڪا مال ملڪيت ھئي، سا بھ آھستي آھستي کائيندي کپائيندي خلاص ڪري ڇڏيائون. ڀلا اپت ھئي ڪانھ، رڳي کپت .... کاڌي کوھھ بھ کٽيو وڃن، سو تمام غريب ٿي ويا. آخر اھڙي حالت اچي ٿين، جو ھنن کي ويلا پوڻ لڳا؛ رات ھجي تھ ڏينھن نھ لڀي، جي ڏينھن کائين تھ رات لنگھڻ ڪڍن. آخر جايون جڳھيون بھ وڪڻي کائي، لڏي وڃي شھر کان پري ھڪڙي ڳوٺڙي ۾ جھوپڙي اڏي ويٺا.

انھيءَ حالت ۾ ھڪڙي ڏينھن ماءُ، پٽ کي چيو تھ: ابا! آخر ائين پنھنجو ڪيترو وقت گذرندو؟ آءٌ توتي ڪک بھ ڪونھ ٿي سھي سگھان، پر بک بڇڙو ٽول آھي، جا دانھھ ديوانا ڪريو ڇڏي– تنھنڪري تون ڪجھھ نھ ڪجھھ ڌنڌو ڌاڙي ڪر تھ ڪا پيٽ پرندي ڪريون، نھ تھ ويٺي ويٺي بُکن ۾ پاھھ ٿي مري وينداسين. تڏھن ڇوڪري چيس تھ: امان! آءٌ سڀ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، پر سوداگريءَ کان سواءِ ٻيو ڪھڙو ڪم ڪار ڪري سگھندس؟ تنھن ھوندي بھ وڃي ٿو ڪوشش ڪريان. ائين چئي ھيءُ سھي سنڀري گھران نڪتو.

ھلندي ھلندي ھو اچي شھر ۾ پھتو ۽ مزوريءَ جي ڳولا ڪرڻ لڳو. گھٽين ۾ گھمندي ھڪڙي ھنڌ ڏٺائين تھ ھڪڙو امير ماڻھو، دڪان تي ڪي شيون پيو وٺي. ھو اتي بيھي رھيو. امير جڏھن پنھنجو سڀ سامان سڙو وٺي چڪو، تڏھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو؛ اتي سوداگرزادو بھ وڌي وڃي ويجھو بيٺس. ڇوڪري کي ڏسي ان شخص مزور سمجھي چيس تھ: ڇوڪرا! مون کي ھيءُ سامان کڻائي ھل تھ مزوري ڏيئين. ڇوڪرو ھئو مزوريءَ جي ڳولا ۾، سو رکندي ڀري مٿي تي، ان ماڻھوءَ جي پويان ھلڻ لڳو. ھلندي ھلندي اھو شخص ھڪڙي عاليشان محلات ۾ اچي گھڙيو، ۽ ڇوڪري کي سامان اندر کڻي اچڻ جو اشارو ڪيائين. ڇوڪرو پھريائين تھ ڪجھھ ڊنو، پر پوءِ ماٺڙي ڪري سامان کڻي اندر ھليو. جڏھن اندر پھتو، تڏھن ڏٺائين تھ ھڪڙي ملوڪزادي بيٺي آھي، جنھن ان ماڻھوءَ کي سلام ڪيو. ھن وري ڇوڪريءَ کي چيو تھ: ھيءُ سامان وڃي اندر رکاءِ، ۽ ڇوڪري کي ٽڪو خرچي ڏي تھ ھليو وڃي. ھوءَ ڇوڪري کي اندر وٺي ويئي، ۽ ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾ ھن کان سامان وٺي ھٿيڪو ڪري رکي، ھن کي ٽڪو ڏيئي روانو ڪيائين. پر ھنن جو ھڪٻئي کي ڏٺو، سي ھڪٻئي تي عاشق ٿي پيا. ڇوڪرو دل جي ڳالھھ دل ۾ رکي، پنھنجي ڳوٺ ڏانھن روانو ٿيو ۽ مزوريءَ وارو ٽڪو اچي ماءُ کي ڏنائين.

ٻئي ڏينھن ڇوڪرو وري بھ اچي شھر ۾ پھتو، پر کيس ملوڪزادي ڏسڻ کان سواءِ آرام نھ پيو اچي. سو نيٺ ڦري گھري انھيءَ محلات وٽان اچي لانگھائو ٿيو. قدر سان ان وقت، ھن ملوڪزاديءَ بھ محلات جي دريءَ مان بيٺي بازار جو نظارو ڪيو، سو ٻنھي ھڪٻئي کي ڏسي ورتو ملوڪزاديءَ ڇا ڪيو جو مٿان ھن ڇوڪري ڏانھن ھڪڙي پائلي اڇلايائين، پر ھن اھا نھ کنئي ۽ ماٺڙي ڪري ھليو ويو. پوءِ شھر مان مزوري ڪري ٽڪو ڪمائي، رات جو اچي پنھنجي گھر پھتو. ٻئي ڏينھن بھ ھيءُ ساڳي طرح انھيءَ محلات وٽان اچي لنگھيو. ملوڪزاديءَ وري ھن ڏانھن رپيو اڇلايو، پر ھن اھو بھ نھ کنيو ۽ اھو ئي ٽڪو ڪمائي، آڻي ماءُ کي ڏنائين. ٽئين ڏينھن ملوڪزاديءَ ھن ڏانھن سوني مھر اڇلائي ۽ چوٿين ڏينھن ھن ڏانھن ھڪڙو موتي اڇلايائين، ۽ اھڙي طرح روز ھن ڏانھن موتي اڇلائڻ لڳي .....پر ڇوڪري ڪڏھن بھ ملوڪزاديءَ جي انھن رپين، مھر ۽ موتين کي ھٿ نھ لاتو، رڳو پري کان سندس ديدار ڪري، پنھنجي مزوريءَ جو ٽڪو ڪمائي، آڻي ماءُ کي ڏيندو ھو؛ جنھن مان ھو پنھنجو غريباڻو گذر پيا ڪندا ھئا.

ڇوڪرو روزانو رات جو پھر اڌ گھر ۾ رھي، ٻئي ڏينھن ڍڪيءَ جو اٿي پنڌ پوندو ھو، ۽ دير دير سان اچي شھر ۾ ساڳيءَ جاءِ تي پھچندو ھو.... ۽ ملوڪزاديءَ سان سندس ملاقات بھ پري کان پيئي ٿيندي ھئي. جڏھن ڳچ عرصو ائين گذري ويو، تڏھن ملوڪزاديءَ کي خيال ٿيو تھ ڪنھن طرح ھن ڇوڪري سان ڳالھايان! اھا ڳالھھ پنھنجي خاص ٻانھيءَ سان ڪيائين ۽ کيس چيائين تھ: تون انھيءَ ڇوڪري جي جاچ ڪر تھ ھن جو گھر گھاٽ ڪٿي آھي. ٻانھيءَ  گھڻئي ڳولا ڪئي، پر جيئن تھ ڇوڪري جو ڳوٺ ان شھر کان پري ھو، سو ٻانھيءَ کي ھن جي گھر ٻار جو ڪو پتو پار پئجي نھ سگھيو. ٻئي ڏينھن جڏھن اھو ڇوڪرو آيو، تڏھن ھوءَ اٽڪل ڪري دريءَ تي ڪانھ آئي. ڇوڪرو ويچارو سڄو ڏينھن اتي بيٺو رھيو. نيٺ شام جو جڏھن ملوڪزادي دريءَ تي آئي، تڏھن ڇوڪري کي سامھون بيٺل ڏٺائين. ھوءَ جيترو وقت دريءَ تي ھئي، اوترو وقت ھو کيس ڏسندو رھيو. جڏھن ھن پٺ ڏيئي دري ورائي ڇڏي، تڏھن ھو بھ ٿڌا ساھھ ڀريندو ڳوٺ ڏي روانو ٿيو. ان ڏينھن جڏھن ھو اڌ رات جو گھر پھتو، تڏھن ماڻس ايتري دير ڪرڻ جو سبب پڇيس، پر ماءُ کي ڪجھھ بھ ڪونھ ٻڌايائين. جيئن تھ اھو سڄو ڏينھن ملوڪزاديءَ جي انتظار ۾ بيٺي گذريس، تنھنڪري مزوريءَ مان بھ ڪجھھ ڪونھ ڪمايو ھئائين، سو ارمان ۾ منھن ويڙھي سمھي رھيو. ٻئي ڏينھن دستور موجب جڏھن ڇوڪرو اتي پھتو، تھ ملوڪزادي اڳئين ڏينھن کان بھ وڌيڪ دير ڪئي، تنھنڪري ھن ويچاري کي سج اتي ئي لھي ويو، پر تنھن ھوندي بھ اتي ئي بيٺو رھيو .... تان جو رات گذري ويئي. جڏھن اسر جو ڪڪڙن دس ڏنا، تڏھن آسرو لاھي گھر ڏانھن روانو ٿيو.

ملوڪزاديءَ ڏٺو تھ ھن جي گھر گھاٽ جو تھ پتو ڪونھ پيو، رڳو اھا خبر پيس تھ ھو روز ٽڪو ڪمائي ويندو آھي، ۽ ھاڻي تھ اھو ٽڪو بھ ڪو نھ ٿو ڪمائي سگھي. سو سوچيندي رھي تھ ھن سان ڪھڙيءَ طرح ملي، ھن جو حال احوال پڇجي. آخر ھڪڙي ڏينھن جيئن ھو آيو، تھ ھيءَ گھڻي گھڻي دير کان پوءِ دريءَ تي آئي. ان وقت رات پئجي چڪي ھئي، سو ٻانھيءَ کي چيائين تھ: ھيٺ وڃ ۽ ڇوڪري کي مٿي وٺي اچ! ٻانھي ڇوڪري کي مٿي وٺي ويئي. پوءِ ھي محبت ڀريا ماڻھو پاڻ ۾ ملي، ھڪٻئي سان دل جو حال احوال اورڻ لڳا. آخرڪار ڇوڪري ملوڪزاديءَ کي چيو تھ: ھاڻي مون کي موڪل ڏي، جو آءٌ پنھنجي گھر ويندس. تڏھن ملوڪزاديءَ ھن کان گھر گھاٽ جو پتو پڇيو. ڇوڪري ٻڌايس تھ: فلاڻي ھنڌ منھنجو گھر گھاٽ آھي. اتي ملوڪزاديءَ کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ چوڻ لڳي: مار، تون روزانو ايترو پنڌ ڪري ايندو آھين؟ تڏھن ڇوڪري چيس تھ: سڄڻ سائين! سڪ کي پنڌ آھي ئي ڪونھ. پوءِ وري ملوڪزاديءَ پڇيس تھ: ڀلا، مون روز توڏانھن موتي پئي اڇلايا، سي اتي ڇڏي تو روز وڃي ٿي ٽڪو ڪمايو، سو ڇو؟ ڇوڪري چيس تھ: اھو ان ڪري جو محبت جو ملھھ ئي ڪونھي!

اھڙيءَ طرح ھنن کي روزانو گڏجندي ڪي سال گذري ويا، پر جڏھن بھ ملوڪزادي ھن کي چوندي ھئي تھ: ھي موتي وٺ! تھ ھو اھو ئي چوندو ھو تھ: محبت جو ملھھ ئي ڪونھي! وري چوندي ھيس تھ: ڀلا، اڄوڪا چار پھر ترسي پؤ تھ ھو چوندو ھئس تھ: سڪ کي پنڌ آھي ئي ڪونھ...... سڀاڻي وري ايندس.


 

٢٥– سوداگرزادو ۽ ڇٽيھھ لکڻي ڇوڪري *

 

ھڪڙو ھو سوداگر، جنھن وٽ مال متاع جي تھ ڪمي ڪا نھ ھئي، پر خدا جي قدرت کيس اولاد بچندو ئي ڪونھ ھو. سوداگر ويچارو انھيءَ پريشانيءَ ۾ ويندو ھو ڳرندو. ھڪڙي ڏينھن ڪنھن درويش دعا ڪري چيس تھ: توکي پٽ ڄمندو، پر ان جي شادي ننڍي ھوندي ئي ڪنھن ڇٽيھھ لکڻي ڇوڪريءَ سان ڪري ڇڏيندين، تھ پوءِ اولاد بچي پوندئي.

ٿوري گھڻي ڏينھن سوداگر کي ھڪڙو سدا سھڻو پٽڙو ڄائو. ھن فقير جي چوڻ موجب ، پٽ جي شاديءَ لاءِ ھڪڙي ڇٽيھھ لکڻي ڇوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪئي. ڳولا ڪندي ڪندي ھڪڙي ڏينھن، سوداگر اچي ڪنھن شھر ۾ پھتو. شھر جي ٻاھران ڪيترن ئي ٻارن راند پئي ڪئي، جن ۾ ھڪڙي ننڍڙي سھڻي ڇوڪري بھ ھئي، جا ھن کي ڏاڍي وڻي. سوداگر پوءِ شھر ۾ ھڪڙي جوتشيءَ وٽ ويو، ۽ ان کي چيائين تھ: انھيءَ ڇوڪريءَ جو ڀاڳ ٻڌاءِ. جوتشيءَ ڍارو ھڻي حساب ڪري، سوداگر کي ٻڌايو تھ: برابر اھا ڇوڪري بخت واري آھي. اھو ٻڌي سوداگر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪدم ڇوڪريءَ جي مائٽن کان پنھنجي پٽ لاءِ سڱ گھريائين. ڇوڪريءَ جا مائٽ ويچارا غريب ھئا، تن خوشيءَ سان کيس سڱ ڏيڻ قبول ڪيو. آخر سوداگر ھنن ٻنھي معصومن جو نڪاح پڙھائي ڇڏيو.

سوداگرزادو اڄ ننڍو سڀان وڏو، تان جو اچي جوان ٿيو. ھڪڙي ڏينھن ھن ماءُ کي چيو تھ: امان! ھاڻي آءٌ وڏو ٿيو آھيان، منھنجي شادي ڪراءِ! ماڻس اھا ڳالھھ سوداگر سان ڪئي، جنھن چيس تھ: ڇوڪرو ڀلي تھ اڃان وڏو ٿئي، تھ پوءِ شادي ڪرايانس. پر سوداگرزادي کي سک ئي ڪونھ ٿي آيو، سو ھر روز پيو ماءُ پيءُ کي چوندو ھو. نيٺ ھڪڙي ڏينھن پڻس ڪڪ ٿي چيس تھ: ابا! تنھنجي شادي تھ ننڍي ھوندي ئي ڪرائي ڇڏي اٿم؛ تون ڪوبھ فڪر نھ ڪر- جڏھن وقت ايندو، تڏھن تنھنجيءَ ڪنوار کي گھر وٺي اينداسون. ڇوڪري جو اھا ڳالھھ ٻڌي، سو پيءُ کان پڇيائين تھ: جيڪڏھن منھنجي شادي ٿيل آھي، تھ پوءِ منھنجي زال ڪٿي آھي؟ سوداگر چيس تھ: تنھنجي زال فلاڻي شھر ۾ فلاڻي شخص جي نياڻي آھي. تڏھن سوداگرزادي چيس تھ: جيڪڏھن ائين آھي، تھ پوءِ اوھين ھلو يا نھ، پر آءٌ وڃان ٿو پنھنجيءَ زال وٽ. پوءِ ھو اوڏانھن وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. ماڻس گھڻو ئي سمجھايس تھ: ابا! اجائي تڪڙ نھ ڪر! پر ھن ھڪ بھ نھ ٻڌي ۽ اٿي ان شھر ڏانھن روانو ٿيو. ان شھر ۾ پھچي، ھو پنھنجي ساھراڻي گھر ويو ۽ پنھنجي زال کي ڏٺائين. ڪجھھ ڏينھن اتي آرام ڪيائين، پر پوءِ ساھرن کان موڪلائي، پنھنجيءَ زال کي وٺي وطن ڏانھن روانو ٿيو.

ھلندي ھلندي ھنن کي ھڪڙي جھنگ ۾ رات پئجي ويئي. ھي زال مڙس بھ ڏاڍا ٿڪل ھئا، سو ھڪڙي وڻ جي ھيٺان وڃي ويھي رھيا. مڙس، زال کي چيو تھ: آءٌ ٿورو وقت ننڊ ڪري ٿڪ ٿو ڀڃان – تون ويھي جاڳ، تھ پوءِ وري آءٌ اٿي پھرو ڏيندس ۽ تون آرام ڪجانءِ. سوداگرزادو ائين چئي، زال جي گوڏي تي ڪنڌ رکي سمھي رھيو. جنھن وڻ جي ھيٺيان ھي زال مڙس ويٺل ھئا، ان تي ڪي پکي بھ ويٺا ھئا. جن پنھنجي ٻوليءَ ۾ سوداگر جي زال کي چيو تھ: اي مائي! ھتان ڪجھھ پرڀرو ھڪ درياءَ اٿئي، ان ۾ ھڪ لاش لڙھندو پيو اچي. تون ان لاش جي چيچ مان منڊي لاھي، اچي ھن وڻ جي پاڙ کي ھڻ تھ ھن ۾ ھڪڙي دري ٿي پوندي، جنھن جي اندر ستن بادشاھن جو خزانو پوريل آھي. زال پکين جي ڳالھھ ٻڌي، مڙس جو ڪنڌ آھستي آھستي ڪري گوڏي تان لاھي، اٿي درياءَ ڏانھن رواني ٿي. پٺيان اتفاق سان سوداگرزادو بھ جاڳي پيو؛ تنھن جو زال کي ويندو ڏٺو، سو يڪدم اٿي ھن جي پٺ ورتائين.

سوداگرزادي جي زال جڏھن درياءَ جي ڪنڌيءَ تي پھتي، تڏھن ڏسي تھ برابر ھڪڙو لاش لڙھندو اچي. جڏھن اھو لاش ويجھو آيو، تڏھن پاڻيءَ ۾ گھڙي ان کي ٻاھر ڪڍيائين، پوءِ ان جي چيچ مان منڊي لاھڻ لڳي.

پر منڊي چيچ ۾ سوگھي ڦاٿل ھئي، تنھنڪري اڃان چڪ وجھي ٿي لاٿائين تھ ايتري ۾ سوداگرزادو بھ اچي ويجھو پھتس. سوداگرزادي جو ڏٺو تھ ھيءَ لاش کي پيئي چڪ وجھي، سو پڪ ٿيس تھ ھيءَ ڪا ڏائڻ آھي؛ تڏھن مٺيون ڀيڙي وٺي پوئين پيرين ڀڳو، ۽ سڌو وڃي گھر ساھھ پٽيائين.

سوداگرزادي جي زال جڏھن منڊي لاھي واپس آئي، تڏھن ڏسي تھ مڙسس آھيئي ڪونھ! اتي ھن ويچاريءَ کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پيئي؛ پر پوءِ خيال آيس تھ شايد مون کي ھتي نھ ڏسي، منھنجي پٺيان ويو ھوندو، سو اجھو ٿو موٽي اچي. پوءِ ھن اھا منڊي کڻي وڻ جي ٿڙ کي لاتي، تھ اتي ھڪ دري ٿي پيئي، جنھن مان اندر جھاتي پائي ڏسي تھ واقعي ستن بادشاھن جو خزانو اندر پيو ھو. ھيءَ ھيترو مال متاع ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ دل ۾ چيائين تھ مڙس اچي تھ پوءِ گڏجي ھي خزانو کڻون؛ پر صبح تائين مڙس جو پتو ئي ڪونھ پيو. مائيءَ مڙس جو گھر بھ ڪو نھ ڏٺو ھو. سا لاچار موٽي اچي پنھنجي مائٽن ۾ رھڻ لڳي.

ھوڏانھن سوداگرزادي کان جڏھن ماڻس پڻس خبر چار پڇي، تڏھن ٻڌايائين تھ: منھنجي زال ڏائڻ آھي ۽ ھوءَ مون کي بھ کائي کپائي ڇڏيندي؛ ان ڪري آءٌ ڪڏھن بھ پنھنجي گھر ڪونھ آڻيندوسانس. مائٽن کانئس انڪار جو سبب پڇيو، پر ھن ڪوبھ جواب ڪونھ ڏنو ۽ چيائين تھ: مون کي سامان جو غوراب ڀرائي ڏيو، تھ آءٌ واپار بھ ڪري اچان ۽ ٻيءَ ولايت مان شادي بھ ڪري اچان. سوداگر گھڻو ئي سمجھايس، پر سوداگرزادو پنھنجي ضد تان نھ لٿو؛ آخرڪار سامان جا غوراب ڀرائي، نوڪر چاڪر ساڻ ڪري، سفر تي روانو ٿيو.

ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ سوداگر خيال ڪيو تھ ڇونھ روبرو وڃي پنھنجي ننھن جي خبر چار وٺي اچي! اھو خيال ڪري ھي سڌو آيو پنھنجي ننھن وٽ، جنھن کيس سڄي ڳالھھ ٻڌائي. پوءِ سوداگر ننھن کي دلاسو ڏيئي، وٺي پنھنجي گھر ڏانھن روانو ٿيو. جڏھن ان وڻ وٽ پھتا، تڏھن سوداگرزادي جي زال، وڻ جي دري کولي، صھري کي خزانو ڏيکاريو. سوداگر جو ايتري ساري دولت ڏٺي، سو خوشيءَ ۾ ئي نھ پيو ماپي! نيٺ ڪجھھ قيمتي ھيرا جواھر کڻي، دري بند ڪري، وري اٿي پنڌ پيا ۽ اچي پنھنجي گھر پھتا.

سوداگرزادي جي زال جڏھن گھر ۾ پنھنجي مڙس کي نھ ڏٺو، تڏھن سس کان پڇيائين، جنھن چيس تھ امڙ! مڙسھين ٻاھر ويو آھي، ۽ ٿورن ڏينھن ۾ واپس اچي ويندو. پر جڏھن گھڻو وقت گذري ويو ۽ سوداگرزادو بھ واپس نھ وريو، تڏھن سندس زال کي ھيڪاري ڳڻتي ٿي پيئي. آخر ھن کي کڙڪ پئجي ويئي تھ ھو ٻيءَ زال پرڻجڻ لاءِ ٻيءَ ولايت ويو آھي. اھو ٻڌي ھن ويچاريءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. سوداگر کي چيائين تھ: مون کي بھ سامان جو غوراب ڀري ڏيو تھ آءٌ بھ واپار ڪري اچان. ھن ننھن کي بھ گھڻو ئي سمجھايو، پر جڏھن ھوءَ بھ ھوڏ تان نھ لٿي، تڏھن لاچار ھن کي بھ سامان سان غوراب ڀرائي ڏنائين. ھوءَ مردانو ويس ڪري اٿي سفر تي رواني ٿي.

سوداگرزادي جي زال منزلون ھڻندي، واپار ڪندي ھڪڙي ڏينھن ڪنھن بندر تي اچي لنگر ھنيو. جڏھن غوراب مان لھي ھيٺ ڪناري تي آئي، تڏھن ان شھرجي راڻيءَ جا ماڻھو چوڌاري ڦري ويس، ۽ چيائونس تھ: راڻيءَ جو حڪم آھي تھ جيڪو بھ ماڻھو ھن شھر ۾ اچي، ٻھروڌو مون وٽ وٺي اچوس تھ پھريائين مون سان چوپڙ راند ڪري؛ پوءِ جي ھو مون کان کٽي ويو، تھ آءٌ ان سان شادي ڪنديس، ۽ جي ھاريائين تھ ان جو سمورو مال ملڪيت منھنجي حوالي ٿيندو – تنھنڪري اي سوداگر! پھريائين ھلي راڻيءَ سان راند ڪر! اھو ٻڌي ھوءَ پھرين تھ ڏاڍي حيران ٿي، پر پوءِ ٿورو ويچار ڪري، انھن کي چيائين تھ: حاضر، آءٌ اوھان جي راڻيءَ سان راند ڪندس، پر اڄ ڏاڍي ٿڪل آھيان، تنھنڪري اڄ مون کي معافي ملي، باقي سڀاڻي اول خير ضرور ھلندس.

خير، راڻيءَ جا ماڻھو اھو جواب ٻڌي ھليا ويا، پر ھن ويچاريءَ کي اچي ھورا کورا ٿي تھ آخر اصل ڳالھھ ڇا آھي، ۽ ڪھڙو سبب آھي جو راڻيءَ اھي شرط رکيا آھن. تنھنڪري ھن ڇا ڪيو جو مٿا مونا ھڻي وڃي راڻيءَ جي ھڪ خاص ٻانھيءَ کي ھٿ ڪيائين، ۽ ان کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏيئي، اھو راز معلوم ڪيائين. ٻانھيءَ ٻڌايس تھ: دراصل راڻي راند ۾ ڪا ايتري چالاڪ ڪانھي، پر جڏھن ھوءَ پنھنجي راند ويندي ڏسندي آھي، تڏھن يڪدم پنھنجيءَ سٿر تان ڪپڙو ھٽائي ڇڏيندي آھي، جنھن ڪري راند ڪندڙ جو سڄو خيال ان طرف ھليو ويندو آھي، انھيءَ وچ ۾ راڻي پنھنجون بگڙيل ساريون سڌيون ڪري ڇڏيندي آھي، اھڙيءَ طرح راڻي راند کٽي ويندي آھي. سوداگرزاديءَ جي زال اھو راز دل ۾ رکيو. ٻئي ڏينھن جڏھن راڻيءَ جا ماڻھو آيا، تڏھن ھيءَ مردانو لباس ڪري، ڏاڍو سھڻو جوان بنجي، اچي راڻيءَ وٽ حاضر ٿي.

راڻيءَ جو ھھڙي سھڻي جوان کي ڏٺو، سا مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيئي ۽ دل ئي نھ پيئي چويس تھ ڪو ھھڙي ملوڪ مرد سان ٺڳي ڪري. پر جيئن تھ ھوءَ بھ پنھنجي قول کان مجبور ھئي، تنھنڪري ويھي راند ڪرڻ لڳي. سوداگرزادي جي زال انھيءَ راند ۾ ٿورو ھوشيار ھئي، تنھنڪري ھن سارين مان اک ئي نھ ڪڍي، جو راڻيءَ کي سارين بدلائڻ جو موقعو ملي، انھيءَ ڪري ٿوريءَ دير ۾ ھوءَ راڻيءَ کان راند کٽي ويئي. انھيءَ تي راڻي ڏاڍي پشيمان ٿي ۽ پنھنجي ڪيل قول مطابق يڪدم ھن جي اڳيان اٿي، ھٿ ٻڌي بيھي رھي ۽ چوڻ لڳي: اي سوداگر! ھاڻي ھي سڄي بادشاھي بھ تنھنجي ۽ آءٌ بھ تنھنجي آھيان ...... جيئن کپي تيئن ڪر. سوداگرزادي جي زال چيس تھ: اھي ڳالھيون پوءِ ٿينديون، پھريائين مون کي اِھو ٻڌاءِ تھ جيڪي ٻيا سوداگر ۽ شھزادا تو ڦري فقير ڪيا آھن، سي ڪٿي آھن؟ تڏھن راڻيءَ چيس تھ: اھي سڀ ھن شھر ۾ آھن ۽ محنت مزوري ڪري پيا پيٽ گذر ڪن. اھو ٻڌي، ھوءَ راڻيءَ سان ٻئي ڏينھن ملڻ جو انجام ڪري ھلي ويئي.

سوداگرزادي کي پڪ ٿي تھ سندس مڙس بھ ھن راڻيءَ وٽ ڦرجي فقير ٿيو ھوندو، ۽ ھن ئي شھر ۾ ڪٿي ھوندو. تنھنڪري ھوءَ مڙس کي ڳولڻ لاءِ شھر جي گھٽي گھٽي ڪري گھمڻ لڳي. آخر پڇائيندي پڇائيندي ھڪڙي ٺاٺارڪي دڪان وٽان اچي لانگھائو ٿي. اندر دڪان ۾ کڻي جو نھاري تھ سندس مڙس سوداگرزادو، ميرن ۽ ڦاٽلن ڪپڙن ۾ بيٺو لوھھ ڪٽي. مڙس جي اھا حالت ڏسي، ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پوءِ ماٺ ميٺ ۾ ھن کي ٺاٺاري کان خريد ڪري، پاڻ سان گڏ محلات ۾ وٺي آئي. کيس يڪدم عطر عنبير سان تڙ ڪرائي، نوان ويس وڳا پھرائي، اڳي جھڙو اڇو اجرو بنايائين. سوداگرزادو جڏھن تيار ٿي اچي ويٺو، تڏھن کانئس خبرون چارون پڇڻ لڳي، جنھن ھن کي سموري ڳالھھ ڪري ٻڌائي. اِھا ڳالھھ ٻڌي ھن پنھنجي مڙس کي – جنھن اڃان کيس ڪو نھ سڃاتو ھو – چيو تھ: تون ڪو بھ فڪر نھ ڪر، آءٌ تنھنجي شادي ھتي جي راڻيءَ سان ٿو ڪرايان. پوءِ راڻيءَ کي گھرائي، حڪم ڪيائين تھ: تون ھن سوداگرزادي سان شادي ڪر. راڻي ڪو بھ انڪار نھ ڪري سگھي، ۽ ٻئي ڏينھن سوداگرزادي ۽ راڻيءَ جي شادي ٿي.

شاديءَ ٿيڻ کان ڪجھھ ڏينھن پوءِ، سوداگرزادي جي زال، سوداگرزادي کي پنھنجو اڳوڻو سڀ مال متاع واپس ڏياريو ۽ پنھنجي طرفان بھ گھڻو مال خزانو ڏيئي، راڻيءَ سميت کيس غوراب ۾ چاڙھي، پنھنجي وطن ڏانھن روانو ڪيو، ۽ پاڻ راڄ ھلائڻ جي بھاني سان، اتي ئي رھي پيئي. پوءِ جڏھن ھن کي پڪ ٿي تھ سوداگرزادو وڃي پنھنجي وطن پھتو ھوندو، تڏھن ھيءَ بھ بادشاھيءَ جون واڳون وزيرن جي حوالي ڪري، وطن ڏانھن رواني ٿي.

ھوڏانھن جڏھن سوداگرزادو اچي ماءَ ۽ پيءُ وٽ پھتو، تڏھن پيءُ کي ڏاڍي آڪڙ مان چيائين: بابا! تو بھ مون کي زال پرڻائي ھئي، پر منھنجي ھيءَ زال بھ ڏس، راڻي آھي راڻي! ائين چئي پوءِ ھن ٻيون بھ ڪيتريون ئي ٻٽاڪون سٽاڪون ھڻي، پنھنجي واکاڻ پاڻ ڪئي. سوداگر، پٽ جون اِھي ڳالھيون ٻڌي ۽ مال ملڪيت ڏسي، ھن جي ڪارنامن تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڏي ڌام ڌوم سان ھڪ وڏي محفل ڪيائين. ان محفل ۾  شھر جا وڏا وڏا ماڻھو آيا، جي سوداگرزادي جون ڳالھيون ٻڌي سندس واکاڻ ڪرڻ لڳا.

ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ، سوداگرزادي جي پھرين زال بھ اچي ان شھر ۾ پھتي، ۽ ڪيتريون ئي سوکڙيون پاکڙيون کڻي آڻي صھري کي ڏنائين. سوداگر جو پنھنجيءَ ننھن کي ڏٺو، سو ويتر خوش ٿيو ۽ چيائين تھ: امان! تنھنجو مڙس بھ اچي ويو آھي، پر ٻي زال پرڻجي آيو آھي. انھيءَ تي ھن چيس تھ: جيڪڏھن ھو ٻي زال پرڻجي آيو آھي، تھ چڱو ٿيو، پر اوھين مھرباني ڪري ھن کي مون ڏانھن موڪليو، ڇو تھ آخر آءٌ بھ سندس زال آھيان! سوداگر وڃي پٽ کي چيو، ھن بنھھ انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ چيائين تھ: ڇا بھ ٿي پوي، پر آءٌ ان ڏائڻ وٽ ڪونھ ھلندس. اھو ٻڌي ھن ويچاري، ننھن کي سڄي ڳالھھ ٻڌائي. اتي سوداگرزادي جي زال کان کل نڪري ويئي، چيائين تھ: جيڪڏھن ائين نٿو اچي، تھ آءٌ مردانو ويس ڍڪي ٿي ويھان ۽ توھين وڃي چئوس تھ تنھنجو فلاڻو ڪي فلاڻو دوست ملڻ آيو آھي. سوداگرزادي کي جڏھن اھو نياپو پھتو، تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انھيءَ مھل ئي ھن وٽ آيو. پوءِ زال کي دوست سمجھي، ھن سان ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳو. ڳالھين مٿان ڳالھيون پئي نڪتيون، سوداگرزادو انھيءَ وچ ۾ الاجي ڪھڙا ڪوڙ بَدوڙ ۽ ٻٽاڪون سٽاڪون ھڻي وڃي پار پيو. ايتري قدر جو ائين بھ چيائين تھ: ڪيترن ئي بادشاھن منھنجي ساراھھ ٻڌي، مون کي سڱ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيون، پر مون ڪنھن کي بھ منھن ڪونھ ڏنو، آخر پنھنجي منھن وڃي ھڪڙي وڏي بادشاھھ جي ڌيءَ سان شادي ڪري آيو آھيان! اتي زال کان بھ رھيو نھ ٿيو، سو سوداگرزادي کي سچي ڳالھھ ڪري ٻڌايائين، ۽ اھي ڪپڙا – جيڪي ٺاٺارڪي دڪان تي پھريل ھئس، سي بھ ڪڍي ڏيکاريائينس. اِھا حقيقت ٻڌي ۽ پنھنجا ڪپڙا ڏسي، سوداگرزادي شرم کان ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو. سوداگرزادي جي پيءُ جڏھن ھي قصو ٻڌو، تڏھن عجب ۾ پئجي ويو، ۽ پٽ کي چيائين تھ: پٽ! ھيءَ اٿئي منھنجي اڳوڻي ننھن، جنھن توکي ھيترين مصيبن مان بچايو ۽ خير سلامتيءَ سان ھتي پھچايو، نھ تھ مورڳو سر وڃئي ھا. اتي سوداگرزادو ويتر شرمسار ٿيو ۽ زال کان اٿي معافي وٺڻ لڳو.

ڪي ڏينھن تھ ھنن جا ائين خوشيءَ سان گذري ويا. پوءِ ھڪڙي ڏينھن سوداگرزادي جي زال، مڙس ۽ صھري کي ساڻ ڪري، وڻ جي ٿڙ ۾ پيل خزانو کڻي آئي، ۽ پوءِ حياتيءَ جا باقي ڏينھن ڏاڍن مزن ۾ گذارڻ لڳا.


*  ھيءَ ڳالھھ  وچولي(تعلقي شھدادپور) مان مير حسن ”سڪايل“ کان ملي.

*  ھن ڳالھھ جون ٻھ روايتون: وچولي مان ظفر بلوچ (تعلقو شھدادپور) ۽ علي اڪبر لغاري (تعلقو سنجھورو) کان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org