جواب: سليٽي.
سوال: پسنديده گل؟
جواب: نرگس.
سوال: پسنديده کاڌو؟
جواب: کاڌي ۾ جيڪو به ملي، صبر سان کائيندي آهيان،
البت ساڳ ۽ چانورن جي ماني وڻندي اٿم.
سوال:ڪامياب زندگي ڇا کي ٿو چئجي؟
جواب: زال ۽ مڙس جو رشتو هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ عزت ۽
احساس تي ٻڌل آهي، جڏهن ڪنهن جوڙي ۾ اهي ڳالهيون
موجود هونديون آهن ته انهن جي زندگي هميشه ڪامياب
رهندي آهي.
سوال: ٻارن جي تربيت جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟
جواب: ٻارن ۾ اخلاق، ٽائيم جي پابندي، پنهنجي مذهب
۽ اخلاقي ڳالهين ڏانهن لاڙو، وڏن جي عزت ۽ ننڍن
سان ڏيار، همعصرن سان عزت احترام تي ٻڌل آهن.
سوال: پڙهندڙن جي لاءِ پيغام
جواب: زندگيءَ جي هر مرحلي تي هڪ ٻئي جو خيال ۽
احساس ڪرڻ گهرجي. سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ ضروري آهي،
ٻئي جو محل ڏسي پنهنجي جهوپڙي ڊاهڻ ناداني آهي!
نصير مرزا جي تازي ڇپيل ڪببا ”خيمي ۾ شام“ جو
مهورت ته اڳ ۾ ئي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي
آڊيٽوريم ۾ ٿي ويو هو. آئون ان ميڙ ۾ شريڪ ٿي ڪو
نه سگهيس. پر پوءِ پريس ڪلب ۾ ان ڪتاب جي سلسلي ۾
هڪ ٻي گڏجاڻي ٿي، جيڪا مدد علي سنڌي جي طرفان
گڏجاڻيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ۽ آئون جڏهن
پريس ڪلب پهتس، تڏهن اها گڏجاڻي شروع ٿي پئي هئي،
ان وقت جامي چانڊيو پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳالهائي
رهيو هو، هن کان پوءِ ڪن دوستن ڳالهايو ۽ ڪتاب جي
باري ۾ پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني. اوچتو مون کي چيو
ويو ته آئون ڪجهه چوان ان لاءِ آئون بلڪل تيار ڪو
نه هوس. آئون ته ٻين دوستن کي ٻڌڻ لاءِ اتي ويو
هوس. بهر حال مون روسٽم تائين پهچي پهرين اها
ڳالهه ڪئي ته مون کي اڳ واٽ چيل هجي ها ته آئون
ڪتاب جي باري ۾ ڪي لفظ لکي اچان ها. ان هوندي به
هاڻي جيئن ته مون کي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو آهي. ان
ڪري آئون مختصر طور اهو چوندس ته مون خيمي ۾ شام
جو خاص ڪري اهو مضمون غور سان پڙهيو آهي، جنهن ۾
هڪ درويش صفت فنڪار سائين مرنا جو خاڪو چٽيل آهي.
ان جو سبب ڄاڻائيندي مون حاضرين کي ٻڌايو ته مون
ان فنڪار کي نه ڏٺو هو. البت هن جو دنبورو ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيو ۾ رکيل ڏٺو هو ۽ هن
جي باري ۾ جيڪو احوال حميد نسيم مرحوم پنهنجي
سوانحي ڪتاب ”ناتمام ڪي جستجو“ ۾ لکيو آهي، اهو
پڙهيو اٿم. مون حاضرين کي ٻڌايو ته حميد نسيم
انگريزي ادب جو شاگرد رهيو هو ۽ کيس علم ادب جي
ڳوڙهي ڄاڻ هئي. ساڳئي وقت هو موسيقيءَ جو به ماهر
سمجهيو ويندو هو. مون وڌيڪ چيو ته حميد نسيم جي
تحرير ۾ جيڪا رواني مون محسوس ڪئي. اهڙي رواني مون
ورلي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ ڏٺي هوندي. ان بعد مون ٻڌايو
ته هن پنهنجي ان ڪتاب ۾ سائين مرنا جو ذڪر ڪيو
آهي، ان وقت جو جڏهن حميد نسيم هن کي رستي تي گڏيو
هو ۽ هن کي ريڊيو پاڪستان لاهور جي اسٽوڊيو ۾ وٺي
ويو هو، جتي هن جي وڄايل دنبوري کي ٻڌي اسٽوڊيو ۾
موجود موسيقيءَ جا ماهر استاد حيران ٿي ويا هئا.
مون حاضرين کي ٻڌايو ته حميد نسيم فقط ايترو ذڪر
ڪيو آهي، ان فنڪار جو جنهن جي فن جو هو پاڻ متعرف
هو. پر نصير مرزا وري پنهنجي ان مضمون ۾ ان فنڪار
جي زندگيءَ جي لڪل گوشن ۽ پاسن کي ڏيکارڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي ۽ هن جي باري ۾ حيدرآباد ريڊيو جي سازندن
جون ساروڻيون معلوم ڪيون اٿس ۽ انهن مڙني ڳالهين
کي نهايت خوبصورت ۽ دلڪش پيرائي ۾ بيان ڪريو اٿس.
اهڙي ريت مون نصير مرزا جي ان تحرير جي جيڪا تعريف
ڪئي ان تي هال ۾ ويٺل حاضرين تاڙيون وڄايون ۽
آئون انهن تاڙين جي آواز ۾ واپس وڃي پنهنجي ڪرسيءَ
تي ويٺس.
پوءِ هڪ ٻئي دوست کي سڏيو ويو ۽ مون کي خيال آيو
ته مون کي اڃان به ٿورو وڌيڪ ڳالهائڻ کپندو هو؛
ڇاڪاڻ ته مون کي ان وقت نصير مرزا جو هڪ ٻيو
شاهڪار مضمون ياد اچي ويو، جيڪو هن پنهنجي بي حد
عزيز دوست ۽ يار طارق عالم جي باري ۾ لکيو آهي.
هڪ سٺي ۽ جاذب تحرير جادوءَ جي مثل هوندي آهي.
جيڪا پڙهندڙ جي ذهن کي وڪوڙي ويندي آهي. سچ اهو
آهي ته ان مضمون جي تحرير سحر انگيز آهي ته ان
پنهنجائپ ۽ بي تڪلفيءَ جا ڪيترائي استعارا ڏسجن
ٿا. طارق عالم سان پهرين ملاقات کان وٺي ان مضمون
جي لکڻ تائين نصير مرزا کي هن سان جيڪا بي پناهه
انسيت ۽ محبت رهي آهي. اها هر لفظ مان اهڙيءَ طرح
ڦٽي نڪري ٿي جيئن ڪنهن نرم نازڪ زمين مان صاف شفاف
پاڻيءَ جو چشمو ڦٽي نڪرندو آهي. طارق عظيم جي باري
۾ نصير مرزا جو لکيل اهو خاڪو هڪ اهڙو شاهڪار آهي،
جيڪو فقط ۽ فقط نصير مرزا ئي تخليق ڪري سگهيو آهي.
اها ڳالهه سوچيندي مون کي هڪ ٻيو مضمون ياد آيو
جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ مرحوم جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. مخدوم صاحب اسان جي زماني ۾ سنڌ سدوريءَ جي
ثقافت ۽ علم و ادب جي سونهن هو. هن صاحب جي منور
منهن ۽ نرم ۽ دلنشين آواز کي جنهن به ڏٺو ۽ ٻڌو
اهو سچ ته وڏو خوش نصيب آهي، اهڙن خوش قسمتن مان
آئون به هڪ آهيان، ڇا ته اعليٰ شاندار شخصيت هئي،
سندن! قدرت کين صبر، تحمل ۽ برد باريءَ جون نعمتون
عطا ڪيو هيون. نصير مرزا ڏاڍي نياز، نوڙت ۽ احترام
سان اهو مضمون لکيو آهي. جنهن جي پڙهڻ سان هڪ پاسي
مرحوم جي بي مثال شخصيت نظرن اڳيان اڀري اچي ٿي ته
ٻئي طرف نصير مرزا جي لفظن مان حضور شرمي ۽ حجاب
جهاتيون پائيندو معلوم ٿئي ٿو.
انهيءَ وچ ۾ ٻين دوستن به نصير مرزا جي ڪتاب بابت
پنهنجا پنهنجا رايا ٻڌايا، مون کي وري اهو خيال
آيو ته نصير مرزا جي تحرير جي تعريف ڪرڻ سان گڏ
مون کي سڪي تنقيدي ڳالهيون به ڪرڻ کپينديون هيون.
ڇا ڪاڻ ته ادب جي سلسلي ۾ تنقيد جي حوالي سان صحيح
رهنمائي ٿئي ٿي. ان لاءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ لفظ جو
مثال اڀري آيو، اهو عجيب غريب لفظ آهي اچانگ.
نصير پنهنجن شروعاتي تحريرن ۾ ان جو عام جام
استعمال ڪيو آهي. مون جڏهن اهو لفظ پهرين ڏٺو هو
ته خيال آيو هوم ته نصير شايد نئون لفظ ڳولي لڌو
آهي. پر غور ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته اهو لفظ اصل
۾ اچانڪ هو جنهن کي نصير ڦيرائي اچانگ ڪري ڇڏيو
هو. هاڻي هڪ ته اهو هڪ غير سنڌي لفظ ۽ ٻيو وري ان
جو غلط روپ! هڪ ڀيري مون نصير جو ڌيان ان غلطيءِ
ڏانهن ڇڪايو. هن جي هڪ خوبي بلڪ اعليٰ ظرفي به اها
آهي ته هو تنقيد تي ڪڏهن به ناراض نه ٿيو آهي. هن
هميشه پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ان کي
ورجائڻ کان پاڻ بچايو آهي. خيمي ۾ شام ڪتاب ۾ شامل
سندس پراڻن مضمونن ۾ اهو لفظ ”اچانگ“ برقرار رکيو
ويو آهي، جڏهن ته تازن مضمونن ۾ اها غلطي درست ڪئي
ويئي آهي. هاڻي جيئن ته سڀئي مضمون نئين سر ڇپيا
هئا، ان ڪري اهو لفظ ڪڍي ان جي بدران سنڌي لفظ
اوچتو استعمال ڪجي ها ته اهو وڌيڪ مناسب هو حقيقت
۾ نصير مرزا هڪ خاص اسلوب جو ليکڪ آهي، جنهن ۾ دل
ڪشي ۽ جاذبيت آهي. نوان لکندڙ صاحب طرز اديبن جي
تحريرن جو اثر وٺندا آهن. ائين نه ٿئي جو ان جو
اثر اهو لفظ اچانگ به هن جي ذهن نشين ٿي وڃي!
مون وڌيڪ سوچيو ته مون کي حاضرين کي اهو به ٻڌائڻ
کپندو هو ته نصيرمرزا هڪ ٻئي خاڪي ۾ جنهن جو عنوان
”مور کنڀن جو مورخ“ آهي هڪ انگريزي لفظ
Bibliography
غلط معنيٰ ۾ واپرايو آهي. اصل ۾ هن کي ان لفظ جي
بدران
Content
لکڻ کپندو هو ڇو جو اتي اهو ئي موزون لفظ آهي.
نصير مرزا ڪوشش ڪري پنهنجي تحرير ۾ انگريزيءَ جا
لفظ واپرائيندو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو هن زماني
جي نثري تحرير جو هڪ فنشن آهي. اڄ ڪلهه جا ليکڪ
انگريزي لفظ گاڏڙ ٻولي لکڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ سنڌي ٻولي جا ٻه
روپ هئا. هڪ مسلمان ليکڪن جي ٻولي ۽ ٻي هندو ليکڪن
جي. ڪن هندو اديبن جهڙوڪ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل
آڏواڻي وغيره کي ڇڏي ڪري باقي هندو اديبن ۽ شاعرن
جي اڪثريت هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو عام جام واهپو
ڪندي هئي: جڏهن ته مسلمان وري عربي فارسي لفظن سان
پنهنجي تحرير کي سينگاريندا هئا. پاڪستان ٿيڻ
کانپوءِ جڏهن اردو ٻوليءَ جو غلبو وڌيو ته سنڌي
اديبن وري نج سنڌي لفظ استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو. ان
سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ڪوششون تعريف جوڳيون
آهن، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي لاءِ سموري
سنڌ ۾ زبردست مهم هلائي جنهن ۾ سنڌ جي اديبن ۽
شاعرن ڀرپور حصو ورتو. نظم توڙي نثر ۾ سادي ۽ نج
ٻوليءَ جي استعمال جي اهميت کي واضع ڪرڻ لاءِ مون
۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم گڏجي انگريز شاعر وليم
ورڊ سورٿ جي گيتن جي مجموعي
Lyrical Ballads
جي مهاڳ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي
بورڊ جي ٽماهي رسالي مهراڻ ۾ ڇپيو هو. ورڊ سورٿ
پنهنجي مهاڳ ۾ نقطي تي خاص ڪري زور ڏنو هو ته
شاعريءَ ۾ دقيق لفطن جي بدران عام يا چالو ٻوليءَ
جا لفظ استعمال ڪجن ته جيئن شاعرن جو پيغام عام
پڙهندڙ تائين سولائي سان پهچي سگهي، مطلب ته سنڌي
ادب جو هڪ اهو به زمانو هو جيڪو لڳي ٿو ته گذري
ويو. هاڻي هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي، جنهن ۾ وري
انگريزي لفظن جو واهپو ٿيڻ لڳو آهي، نصير مرزا ۽
هن جي ساٿ جا اديب ۽ شاعر ان پاسي راغب آهن.
آئون سمجهان ٿو ته هر ٻوليءَ ۾ اهڙيون تبديليون
اينديون رهنديون آهن، جيڪي ان جي جياپي جي لاءِ
ضروري آهن: ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ ساڳئي انداز واري
ٻولي رهندي رهي ته پوءِ ان جي وڌڻ ويجهڻ جا وجهه
ملڻ ممڪن نه ٿيندا. دنيا جي سڀني ٻولين جا ڪيترائي
روپ رهيا آهن. خود سنڌي کي ڏسبو ته ڪلهوڙن جي
صاحبيءَ واري دور جي شاعر شاهه لطيف جي سنڌي ميرن،
انگريزن ۽ پاڪستاني دور تائين ايندي ايندي ڪيترو
نه بدلجي وئي آهي. مطلب ته ٻوليءَ ۾ ڦير گهير ۽
واڌ ويجهه ان جي ترقيءَ ۽ اوسر ڪارڻ آهن. پر نصير
مرزا جو الميو اهو آهي ته هن کي انگريزي ٻوليءَ جي
پوري ڄاڻ نه آهي، جنهن سبب هو ڪٿي ڪٿي انگريزي
لفظن جو غلط استعمال ڪري ٿو.
مون کي اتي اهو به خيال آيو ته مون کي حاضرين کي
اهو به ٻڌائڻ کپندو هو ته نصير مرزا تي اردو جي
مشهور اديبه قرة العين حيدر ۽ معروف اديب انتظار
حسين جي تحريرن ۽ اسلوب جو ايترو ته ڳوڙهو اثر آهي
جو هو پنهنجي مضمونن ۽ خاڪن ۾ ڪيترين جاين تي هنن
جا لفظ ۽ خيال استعمال ڪري ٿو ۽ هنن جهڙو اسلوب
اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪنهن اديب يا شاعر کان
اثر وٺڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي، پر هن جو نقل ڪرڻ بلڪل
عيب آهي.
مون کي ٻڌائڻ کپندو هو ته نصير مرزا جي تحرير جو
هڪ ٻيو اوڱڻ اهو به اهي ته اها ايتري ته تفصيلي
هوندي آهي جو قاريءَ کي ڪٿي ڪٿي بيزاري محسوس
ٿيندي آهي. اهڙيون تفصيلي تحريرون هن جي سفرنامن
۾ عام جام ڏسجن ٿيون. انهن سفر نامن ۾ داخلي احساس
جي گهڻي اپٽار ڪيل آهي ۽ غير ضروري ڳالهين ۽ شين
تي گهڻو ڌيان ڏنل آهي، جيڪڏهن اهي ذاتي ڳالهيون
حذف ڪجن ته باقي ماڳن مڪانن جا احوال بي حد خوب
صورت پيرائي ۾ تحرير ڪيل آهي.
مون اڃا اهي ڳالهيون پئي سوچيون ته ان وچ ۾ ٻين
ڪيترن ئي جهڙوڪ عبدالقادر جوڻيجو، حميد سنڌي،
عبدالقادر منگي، ولي رام ولڀ ۽ خود نصير مرزا،
نور الهديٰ شاهه حاضرين آڏو پنهنجا خيال پيش ڪيا.
آخر ۾ ان گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪندڙ ماهتاب محبوب
صاحبه پنهنجي لکيل تقرير پڙهي ۽ اها محفل پوري
ٿي.
گهر ڏانهن واپس ايندي مون کي هڪ خيال اهو به آيو
ته هاڻي نصير مرزا کي لکڻ جو ڀرپور ڏانو اچي ويو
آهي، هو ڪنهن به خيال کي ڪنهن به منظر کي ۽ ڪنهن
به احساس کي خوبصورت لفظن ۽ دلڪش پيرائي ۾ بيان
ڪرڻ جو ماهر ٿيندو پيو وڃي. البت هو جيڪي به لکي
ٿو ان تي جيڪر ٻيهر نظر ڦيرائي ته اها تحرير ويتر
جرڪي پوي. مون پنهنجي اها راءِ نصير مرزا کي
ٻڌائي هئي ۽ هن مون سان اتفاق ڪيو هو.
گهر پهچي مون ”خيمي ۾ شام“ ڪتاب کڻي ٻيهر ڏٺو. اهو
ڪتاب نصير مرزا 24 جون 2001ع تي رات جو مون کي
ڏئي ويو هو، مون ڪتاب کوليو ته اندرئين صفحي تي هن
جيڪي احترام ڀريا لفظ لکيا هئا، ان لاءِ انهن
لفظن جي هيٺيان سندس شڪر گذاري ڪندي مون لکيو ته:
نصير مرزا هن دور جي سنڌي سٿ جي ليکڪن ۾ هڪ اهڙو
روشن تارو آهي، جنهن جي جوت جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ
روشن ٿيندي ويندي. آمين، ٿم آمين، يا رب
العاالمين.
وسيم سومرو
ساحر راهو جي شعري ڪتاب سانوري شام جي حوالي سان
نيڻ نيري سمنڊ جا
تازو مون ماني ساڌوءَ جو سندس ڊائريءَ تي مشتمل
مضمونن جو ڪتاب ”In
days of great peace“
پئي پڙهيو، ان جي ڪنهن مضمون ۾ هو ته:
“God Speaks to us in Silence, but we are rarely allow the
Silence to come, or Listem for him to speak”
” خدا اسان سان هڪ ڪلام خاموشي ۾ ٿيندو آهي، پر
اسين خاموشيءَ کي (پاڻ وٽ) ورلي داخل ٿيڻ جي اجازت
ڏيندا آهيون ته جيئن اها اسان سان هم ڪلام ٿئي.“
ان ڪري به ته اسين پنهنجي موجود زندگيءَ جي شور ۾
گم ٿي ويندا آهيون. شور اسان جي ٻڌڻ واري حس جي
عادت بنجي ويندو آهي، ايتري قدر جو خاموشيءَ ۾
اسان کي خوف ٿيڻ لڳندو آهي، ۽ اسان کي لڳندو آهي
ته ڄڻ اهو بي معنيٰ شور ئي ڪا اسان جي زندگي آهي
۽ اسين جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ شور ڪرڻ شروع ڪندا
آهيون، پنهنجي انا تي ماتم جو شور، پرائي گلا جو
شور، اجائي واويلا جو شور ۽ ان طرح اسان جي اڳيان
پويان رهجي ويندو آهي شور ئي شور! اندر به شور ۽
ٻاهر به شور. ٽريفڪ جي پان پان جو شور، ڊيڪ تي
زور زور سان ڊرم بيٽ جو شور، ٽي وي جي ڪنهن چينل
تي ڊسڪو جي ڌن جو شور، هاڻ ان شور ۾ اسان کي
پنهنجو وجود به ڄڻ وسري ويندو آهي، تڏهن اسان سان
خدا جي هم ڪلاميءَ جو تصور ته تمام مٿانهين ڳالهه
آهي، پر اسين پنهنجو پاڻ سان به هم ڪلامي ڪري نه
سگهندا آهيون. جيتوڻيڪ منهنجي ويجهو پاڻ سان خود
ڪلامي ڪرڻ جو مطلب خدا سان هم ڪلامي ڪرڻ جي برابر
آهي، ساڳئي ڪتاب جي هڪ ٻئي مضمون ۾ هيءَ املهه سٽ
به آهي ته: ”God
to see, to be God“منهنجي نظر ۾ سچي شاعري ماڻهو جي خود ڪلاميءَ جي برابر
هوندي آهي، جيڪا هو خاموشيءَ ۾ پاڻ سان ڪندو آهي،
ان وقت جڏهن ڌرتيءَ جو شعور ننڊ ۾ هوندو آهي، جڏهن
آسمان جا ستارا ڌرتيءَ جون اکيون ٿي، پکين وانگر
پنهنجا بي آواز پر پکيڙي، اجريءَ ڍنڍ ۾ گڏ ٿيڻ
لڳندا آهن. جڏهن شهر جي رستن تي سانت پنهنجي
هستيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. جڏهن گهرن جا آواز
خوابن جي ننڊ ٿي ويندا آهن. جڏهن وڻن جي ٽارين تي
ٻوليون آساس کي اُڻڻ شروع ڪنديون آهن، جڏهن انسان
پنهنجي بگهڙ واري هستي منجهان نڪري فرشتن جي شڪل ۾
اچي ويندو آهي. جڏهن وقت ازل ۽ ابد جي خط استوا
ٺاهي، اوٻاسيون ڏيڻ لڳندو آهي، تڏهن شآعر جي خود
ڪلاميءَ جو آغاز ٿيندو آهي.سچي شاعري خاموشيءَ جي
برپٽن مان گلاب جي خوشبو تي اُڀرندي آهي، جنهن وٽ
ڪو به اجايو شور نه هوندو آهي، جنهن کي صرف خدا جي
هستي جيان محسوس ڪري سگهبو آهي. باقي جيڪو به
اجايو شور آهي، بي معنيٰ ۽ بي مطلب شور! اهڙو شور
اڄوڪيءَ سنڌي شاعريءَ ۾ عام جام آهي. مان اهڙي
شور تي اجايو شور نٿو ڪرڻ چاهيان، مان هت ”سانوري
شام“ جي شاعر ساحر راهوءَ جي صرف ان شاعريءَ کي
ڇهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. جنهن جو درجو خود ڪلاميءَ
وارو آهي، جنهن جي پوري پد تي پهچڻ لاءِ شايد هن
کي به هڪ سانت جي گهري سمنڊ منجهان گذرڻ جي ضرورت
پوي. سانوري شام ٻن پدن تي ٻڌل مرڪب لفظ خود اَن
سانت ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جڏهن پکي پنهنجي سڄي
ڏينهن جي شور مان آجا ٿي، وچينءَ جي ويلا ٽپي،
سانجهه جا گيت اُڻڻ شروع ڪندا آهن، جن ۾ ڪو به
اجايو آواز نه هوندو آهي، جن ۾ صرف آساس ۽ آرام جو
احساس هوندو آهي، اهڙو نرم احساس جنهن کي اکيون
ننڊ ۾ ۽ ٻارڙا ماءُ جي اکين ۾ محسوس ڪندا آهن.
جنهن ۾ حواسين کي وجود جي آگاهي ملندي آهي. توڙي
جو اندر ۾ ڪيئي طوفان لڪل هوندا آهن، ان سمئي شاعر
خدا سان هيئن هم ڪلامي ڪندو آهي:
سموري شهر تي تو آ، وڌي آرام جي چادر، لڇڻ جو دل ۾
ساحر کي، مگر ناسور بخشيو تو.
ائين سڄي سرشٽي تضادن سان ڀري پئي آهي، تضاد ئي
ان جي هجڻ ۽ نه هجڻ طرف اشارو ڪن ٿا. تضاد ئي
ماڻهوءَ کي گهڻن رستن جي شناس ڏين ٿا، جن مان ان
کي ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي ۽ هن ان ريت
تضاد (Anti
thesis)
منجهان ميلاپ (Syn
thesis)
جو هڪ دڳ ٺاهڻو پوندو آهي. جڏهن انسان تمام گهڻو
انڌيرو ڏٺُو، جهنگلن جو انڌيرو رات جو انڌيرو،
غارن جو انڌيرو، جهڙالن جو انڌيرو ۽ پنهنجي اندر
جو انڌيرو ته هن اُجالي ڪرڻ لاءِ باهه کي تخليق
ڪيو. هن جڏهن پنهنجي هستيءَ کي دنيا جهان جي
سور ۽ غوغاءَ ۾ گم ٿيندي ڏٺو ته هن سڌارت (گوتم
ٻڌ) جو پيءُ جي بادشاهيءَ کي ڇڏي، بن واس وٺڻ،
موسيٰ عليہ السلام جو طور سينا تي خدا سان هم
ڪلام ٿيڻ، حضرت محمد ﷺ جو غار حرا ۾ اڪيلو عبادت
ڪرڻ، تمام ٿورا مثال آهن، جن منجهان خاموشيءَ جي
اهميت محسوس ڪري سگهجي ٿي. پر پري وڃڻ جي ڪهڙي
ضرورت آهي، گانڌي اسان جي ماضي قريب جو مثال آهي،
جو خاموشيءَ جو ورت (روضو) رکندو هو، ڇا، ائين ته
نه آهي ته انسان جو ازل ۽ ابد خاموشي ئي آهي ڇو ته
خاموشي ان کي تخليق ڪري ٿي ۽ خاموشي ئي ان کي انت
ڏانهن وٺي وڃي ٿي، ته باقي هي وچ ۾ ڪهڙو وايو منڊل
آهي، جنهن ۾ حضرت سليمان کان وٺي حضرت شيخ اياز
گيتن ۾ سريلن آوازن جا رنگ ان خاموشيءَ ۽ سانت کي
وڌيڪ چٽو ڪرڻ ۾ انسان جي مدد ڪن ٿا ۽ ان اجائي شور
سان جنگ به ڪن ٿا، جنهن انسان کي هجڻ ۽ نه هجڻ جي
شڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تڏهن شاعر کي ههڙو خيال اچي
ٿو.
نيڻ ڌنڌلا ٿي ويا اسان جا!
يا ته ميرو ٿي ويو آڪاس آهي.
پر اها ڪيفيت لمحن جي ڪيفيت آهي، جڏهن ماڻهو
وسوسن جي دنيا مان نڪري ٻاهر اچي ٿو ته هن کي
هيءَ دنيا ۽ ان جا منظر ڏهوڻا وڌيڪ چٽا نظر اچن
ٿا. ساحر جي نظر تي آيل اهڙا ئي منظر ڏسڻ جهڙا ۽
محسوس ڪرڻ جهڙا آهن.
نديءَ ۾ لهر، لهرن ۾ ستارن رقص جاري آ.
ڪنارو آ، هي سنڌوءَ جو يا گنگا تي ڏياري آ.
وڻن جي ميڙ ۾ پريان، وڻي ٿو ڳوٺ ٻلهڙيجي،
۽ اسٽوپا جي سائي ۾ گهڙي ڪيڏي نه پياري آ.
شام ميرانجهي سڄڻ جي سار جا منظر اُڻي ٿي.
سانوري پهرئين پرينءَ جي پيار جا منظر اُڻي ٿي.
هو هنجهه اُڏاڻو ڀڙڪو ڏئي، ٿيو آڙين ڇپڪو پاڻيءَ
۾،
ٿي مال وٿاڻن ڏانهن وريا ۽ ڀر مان گذّري ويل
هئي.
اهو سڀ ڪجهه خاموشيءَ ۾ ئي ٻڌي، ڏسڻ جو مزو ماڻي
سگهجي ٿو، ڇو ته ماڻهوءَ جا ڪن رڳو خاموشيءَ ۾
سرلا ٿيندا آهن، اهي شور ۾ ٻوڙا ٿي پوندا آهن،
جيئن گهڻي روشني اکيون انڌيون ڪري ڇڏيندي آهي ۽
ماڻهو چانڊوڪي مان لطف اندوز نه ٿي سگهندو آهي.
منهنجي ويجهو شاعري ڳائڻ کان وڌيڪ خاموشيءَ ۾ پڙهڻ
جي شيءِ آهي. شايد اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي
سُٺي ۾ سٺي شاعري آهي، جيڪا ڳائڻ بدران پڙهڻ
لائق آهي. پر جي ڪا سٺي شاعري ڳائجي ٿي ته ڪو
حرج ڪونهي، پر شاعريءَ جو پنهنجو آواز هوندو آهي،
جيڪو سازن ۾ گم ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ان جو پنهنجو
وجود فنا ٿي ويندو آهي. راڳ بابت به ڪيترن سٺن
ڄاڻن جو چوڻ آهي ته اهو ٻولن( شاعري) جو محتاج نه
هوندو آهي. ائين سٺي شاعري به منهنجي نظر ۾ راڳ
جي محتاج نه هوندي آهي نه وري ان کي محتاج ٿيڻ به
گهرجي. ازرا پائونڊ جي چوڻ موجب سٺي شاعري پڙهڻ
وقت پنهنجي سنگيت جو تاثر ڇڏيندي آهي، پر ان کي هر
ماڻهو محسوس ڪري، مشڪل ڪم آهي، ڇو ته شاعريءَ ۾
هڪڙو داخلي سنگيت جو احساس هوندو آهي ۽ اهو صرف
انهن کي محسوس ٿيندو آهي، جن جي ڪن رس وڌيڪ سرلو
هوندو آهي. ساحر جا ڪجهه اهڙا ئي شعر ڌيان ۾ آڻڻ
جهڙا آهن:
نه ڄاڻ ڪهڙي سفر هلياسين، وجود کان بي خبر
رهياسين.
جوان جذبن شڪست کاڌي، ٿي واٽ ساري سراب وئي آه.
نڪور موسم جا خواب پوکيا، اسان ها نيڻن جي برپٽن
۾،
مگر جو موسم ٽڙي ته هرڪا، ڪلي ڪلي ٿي حجاب وئي آه.
مٿان چنڊ خاموش مرڪي پيو ٿو،
۽ ٻانهن ۾ مون کي لڳن ٿيون هوائون
ڳڙکين مان سرهاڻ سڄڻ جي، ڪاهي آئي ڪمري ۾،
چنڊ لڳي ٿو مون جيئن مون کي، هاڻ اڪيلو ناهيان
مان!
بنا احساس جي ماڻهو الائي ڪيئن جيئن ٿا پيا؟
هي ماڻهو ها يا اخبارون هي پٿر يا لاشا ها!
چنڊ تارن جي وطن جي ڪا هئي نازڪ پري،
کير جهڙا پر پکيڙي، اُڀ ۾ اُڏندي رهي
نيڻ نيري سمنڊ جي ڪنهن ڏيک جيان هن جا هئا،
باک جي جهوٽن جيان، هر انگ تي ڇهندي رهي.
ساحر راهوءِ جو شاعراڻو سفر“ ”خواب کٿوري چنڊ کان
سانوري شام“ تائين سلوڻو سفر آهي، جنهن ۾ هن هڪ وک
اڳتي کنئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هن جي قلم جو
دل جي جستجوءَ ۽ اکين جي جاڳرتا سان واسطو ڳنڍيل
آهي، باقي ڏسڻ جي اک هر ڪنهن وٽ پنهنجي آهي، ان
ڪري به ته هر ماڻهوءَ وٽ سوچ جو پنهنجو زمان ۽
مڪان هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ هڪ جهڙائي
فطري عمل لڳندو آهي. جيئن ساحر جو هي شعر آهي.
ٻور ناهيان ڇڻي خاڪ بڻجي وڃان.
لڙڪ ناهيان ڳڙي ماڪ بڻجي وڃان.
ان تي جڏهن مان پنهنجي حقيقت جون اکيون رکان ٿو ته
مون کي اهو شعر هن ريت نظر اچي ٿو:
ٻورن وانگر ڇڻي خاڪ بڻجي وڃان.
لڙڪ وانگر ڳڙي ماڪ بڻجي وڃان.
بهر حال ساحر جي شاعراڻي ڪهاڻي اڳيان ڪهڙو موڙ
وٺندي، ان تي سندس ئي شعر پڙهي مان پنهنجي ڳالهه
پوري ڪندس.
نگاهن ۾ آهه سڀني جي فقط ڪيفيت تجسس جي،
ڪهاڻي موڙ ڪهڙو ٿي وٺي، ڪنهن کي خبر ناهي! |