گورڪي پارڪ تمام وڏو ۽ خوبصورت باغ هو. اتي هڪ وڏي
چبوتري تي ورلڊ ڪانگريس جو جهنڊو پئي ڦڙڪيو. سڀ
مايون چبوتري اڳيان هڪ وڏي ميدان ۾ اچي گڏ ٿيون.
W.I.D. F.
جي صدر فريڊا برائون، چبوتري تي آئي ۽ تقرير ڪرڻ
لڳي. جنهن کانپوءِ لاطيني آمريڪا جي ماين گيت
ڳايا، رش ايتري هئي جو مٿو ڦري ويو. پروگرام ختم
ٿيو، مون باغ جو چڪر هنيو، ڊبل روٽي ۽ آئيس ڪريم
وٺي کاڌم.باغ ۾ ٻارن رانديون پي ڪيون. ٿڪ ايترو
ٿيو هو، جو بسن تائين پهچڻ به محال ٿي لڳو، جوش
وخروش ۾ ٿڪ ۽ پنڌ جي خبر ئي ڪا نه پئي هئي.
ٻئي ڏينهن ڪانگريس جو اختتامي اجلاس هو، جيڪو
ڪانگريس هال ۾ هو. ان ۾شرڪت ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪارڊ
مليا، ٻيا لنچ جا دعوت ناما مليا، جنهن ۾ انتظام
روسي حڪومت طرفان ڪانگريس ۾ شرڪت ڪندڙ ماين جي مان
۾ ڪيل هو. صبح جو 9 وڳي تيار ٿي ڪريملن ڏانهن
روانيون ٿيوسين. اڄ گهڻو ڪري مايون پنهنجن پنهنجن
روايتي لباسن ۾ هيون. جيڪي ڏاڍا ٺهين پئي. مون ڏٺو
ته هر علائقي جو روايتي لباس ڏاڍو شاندار ٿئي ٿو ۽
انهن علائقن جي ماڻهن جي مهانڊن تي ٺهڪيو ٿو اچي،
خاص طور تي تي افغانستان جو وفد سندن خوبصورت لباس
جي ڪري سڄي هال جي توجهه جو مرڪز هو. مايون هڪڙيون
سهڻيون مٿان سهڻا رنگ برنگي ڀريل افغاني ويس اصل
قهر ڪريون بيٺيون هيون. مون کي پيل مهلبن جي هار
به مزو ڪيو. آءُ الاهي هار ماين کي سوکڙي طور ڏيڻ
لاءِ کڻي به ويئي هئس. مايون اچيو هٿ لايو هار ۾
پويل لونگ، ڪچڙي ڪپور ۽ مهلبن کي ڏسي ۽ خوشبو
سونگهيو عجب کائين. اهو آخري هار به هڪڙي
آفريڪياڻيءَ کي تحفو ڪري ڏنم. اڄ دنيا جون عورتون
هن ڪانگريس مان گهڻو ڪجهه پرائي پئي ويون، دل ۾ نت
خوان خيال ۽ جذبا کڻيو پئي ويون ۽ هن ڌرتي تان
ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرائڻ جو عزم ڪريو پئي ويون، مون
خود به هن ڪانگريس مان گهڻو ڪجهه پرايو، خبر پيم
ته اسان کان وڌيڪ ڏکيا، بکيا، مظلوم انسان هن ڌرتي
تي آهن، پر مايوس ڪونهن. هو ٺلهن هٿن تي پنهنجي
همت، ٻڌي ۽ مڙسيءَ سان ڏاڍ ۽ ظلم جو مقابلو ڪريو
بيٺا آهن. ڪنهن به رڪاوٽ، ڪنهن به طاقت اڳيان جهڪن
ڪو نه ٿا. هنن کي يقين آهي ته ضرور ڪامياب ٿيندا.
مون محسوس ڪيو ته اسين جن مسئلن ۽ ڏکن ۾ آهيون،
اهي به ختم ڪري سگهجن ٿا. پر رڳو ٻڌي هجي، سڀ
اختلاف ڇڏي هڪ ڳالهه تي اڏول ٿي بيهون ته پوءِ
منزل تمام ويجهي آهي!
اجلاس شروع ٿيو، اڄ جو خاص مهمان زمبانو جو صدر
رابرٽ موگا بي هو. هو
W.I. D.F
جي صدر فريڊا برائون سان گڏ هال ۾ آيو. سڄي هال
اٿي بيهي تاڙيون وڄائي، هن جو استقبال ڪيو. سڀ کان
پهريائين
W.I.D. F.جي
نائب صدر اسٽيج تي آئي ۽ آجياڻي تقرير ڪئي. ان
کانپوءِ رابرٽ موگابي تقرير ڪرڻ آيو. هن جي اسٽيج
تي اچڻ شرط آفريڪي ملڪن جي ماين اٿي بيهي، وات سان
تاڙيون وڄائي، هن جي پر جوش آجيان ڪئي. رابرٽ
موگابي چيو ته ”جيڪڏهن اهڙيون ڪانگريسون ٿينديون
رهيون ته ، پوءِ اوهين زالون مردن کي تڙي ڪڍنديون.
ايٽمي هٿيار ئي دنيا ۾ ڏوهه پيا ڪرائين. انهن
هٿيارن ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما کي تباهه ڪيو. جنگ
قتل آهي- اسين سائوٿ آفريڪا، لاطيني آمريڪا ۽
فلسطين جي مظلوم عوام سان گڏ آهيون. اتي ظلم ختم
ٿيڻ کپي. انهن کي سر زمين واپس ملڻ کپي. اسين سڀ
نوجوان، پوڙها، ٻار هڪ ٿي لاءِ جدوجهد ڪريون، سڄي
انسان ذات لاءِ سلامتيءَ ۽ امن گهرون، زالون اهو
ڪم ڪري سگهن ٿيون ڇو ته، هو مردن کان وڌيڪ حساس
آهن- زال ذات ٻار ڄڻي ٿي، هن کي نپائي، پنهنجي
پيٽ مان ڪڍي کارائي ٿي، پوءِ هنن ٻارن مان ڪي هٽلر
به ٿيون پون ته ڪي لينن به ٿيون پون. اوهين
عورتون، سڄي انسانذات جون مائرون آهيون، آءُ اوهان
کي سلام ٿو ڪريان.“ تنهن کانپوءِ، ڪيوبا جي صدر
فيڊرل ڪاسترو، شام جي صدر حافظ اسد، بلغاريه،
نڪارا گوا، لبيا، افغانستان، الجيريا، سائوٿ
آفريڪا جي نيشنل ڪانگريس ۽ فلسطين جي اڳواڻن جا
پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. فريڊا برائون ٻڌايو ته ”هن
ڪانگريس ۾ 154 ملڪن جي ٽن هزار عورتن حصو ورتو.
دنيا مان 828 صحافي شريڪ ٿيا، هڪ سئو انٽرويو، 25
ورڪشاپ ۽ 8 ڪميشنون منعقد ٿيون. سڀ مايون هڪ ٻئي
جي خيالن ۽ سوشلسٽ ملڪن جي ماڻهن جي زندگي مان
واقف ٿيون.“ ان کانپوءِ آمريڪا جي نوجوان ڇوڪرين
جي تنظيم جي نمائندي تقرير ڪرڻ آئي، هن جي عمر 16
کان 17 سال هوندي، چيائين ته”آءُ هتي اچي تمام
گهڻي خوش ٿي آهيان. آمريڪا جون نوجوان ڇوڪريون
امن جي ڪوششن ۾ اوهان سان گڏ آهن. اسين ٽين دنيا
جي ملڪن جي ڏکن ۾ شامل آهيون. اسين ائٽم بم جي خوف
کي محسوس ٿيون ڪريون. اهي مسئلا اسان جا آهن.“
ڪجهه دير لاءِ وقفو ٿيو. ٻاهر نڪري چڪر هڻي شربت
وغيره پي هال ۾ موٽي آيونسين. ٿوري دير ۾ روسي
ٻارن طرفان هڪ اسٽيج شو شروع ٿيو، اهو شو مون کان
ڪڏهن به وسري نٿو سگهي. سوين ٻارن هن شو ۾ حصو
ورتو، ننڍي کان ننڍو ٻار ٻن سالن جو به مس هو، ۽
وڏي کان وڏو 12 سالن جو هوندو. هنن مختلف سهڻن
لباسن ۾ ڊانسون ڪيون. گيت ڳايا، هر قسم جا ساز
وڄايا. آءُ ته سمجهي نه سگهيس ته ڪيئن هي پتڪڙا
ٻار اهي ڪم ڪري سگهن ٿا. اسان وٽ ته ايترا ٻار
مائرن جي ڪڇن مان ئي ڪو نه لهندا آهن. هنن جي
ضابطي، تربيت جي لفظن ۾ ته تعريف ڪري ئي نٿي
سگهجي. اسٽيج تي ٻارن مختلف گيت پي ڳايا. ۽ ناچ پي
ڪيا، ته پٺيان وري انهيءَ جي مناسبت سان پردن تي
اهي نظارا ڏيکاريا پي ويا. انهن ۾ پاڻي، گل، انڊلٺ
جا رنگ، پکي، سج، چنڊ ۽ انقلاب جي وقت فوجن جي
مارچ، ڪامريڊ، لينن، ڪروپسڪايا ۽ ٻيا نظارا ڏسڻ ۾
آيا. آخر ۾ اهي سوين ٻار اسٽيج تان هيٺ لٿا ۽ ماين
سان گڏ هٿ هٿ ۾ ڏيئي ڳائڻ لڳا، بس پوءِ ته عجيب
جذباتي منظر هو. ڏکين بکين ملڪن جي ماين جي اکين ۾
لڙڪ تري آيا هئا. شايد هو پنهنجن ٻارن جي باري ۾
سوچينديون هونديون، ٿوري دير لاءِ منهنجو دماغ به
سن ٿي ويو ۽ آئون ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. منهنجي
اکين آڏو ٽين دنيا جي انهن سڪل، پيٽ وڌيل، منهن
تي مکين جا ميڙا متل ٻارن جا چهرا ڦري آيا، جيڪي
سدائي بيمار، ضعيف ۽ مانيءَ ڳڀي لاءِ محتاج آهن.
ننڍڙي عمر ۾ بيگار پيا وهن، آرام، سڪون، صفائي ۽
ڍؤ جو وٽن تصور به ڪونهي. بهر حال اهو سلسلو هاڻ
بند ٿيڻ گهرجي. اسان کي پاڻ بند ڪرڻو پوندو.
ان کانپوءِ سڀ مايون مٿي چوٿين منزل تي ماني کائڻ
ويونسين. اسان کي لنچ جا ڪارڊ مليا هئا. سي چيڪ
ڪيائون، انهن ڪارڊن تي ٽيبل جو نمبر به لکيل هو.
منهنجي ڪارڊ تي 71 نمبر لڳل هو، هاڻ سوين ٽيبلن
مان اهو نمبر ڳولڻ به مسئلو، هڪڙو ته مٿي هال جي
خوبصورتي، ٽيبلن جي سجاوٽ ۽ روسي مهمان نوازي ڏسي
دماغ جاءِ تي ئي ڪو نه هو. هن ڊائننگ هال ۾ مختلف
ملڪن جا بادشاهه ۽ صدر دعوتون کائيندا آهن. مس مس
ٽيبل لڌي. ان تي ڪجهه اسان جي وفد جون، ۽ ڪجهه
ٻيون مايون هيون. هر ٽيبل تي ٻه ٻه روسي ڪارن سوٽن
۾ ميزبان ٿيو بيٺا هئا. نڪو اسين هنن جي ٻولي
سمجهون، نڪو هو سمجهن، الائجي ڇا پئي ڀڻ ڀڻ
ڪيائون. چوطرف رڳو مايون ئي مايون هيون. ٽيبل تي
الائجي ڪيتريون عجيب و غريب شيون رکيل هيون. رڳو
انگورن ۽ ڊاکن جا به ڪيئي قسم هئا، ڪئين نمونن جا
شراب، شربت فروٽ ۽ پيسٽريون هيون. جنهن به شيءِ
مان ذرو کڻي چکان سان ڪچي يا ڦڪي ٿي لڳي، بک به
گهڻي لڳي هئي، دل ۾ چيم، ٿوم جي داغ سان دال جي
ٻوڙ ۽ وڏو مٽر هجي ته کائي ڪو ڍؤ ڪريان، نيٺ
پيسٽري ۽ انگور کڻي کاڌم ننڍڙن پتڪڙن شيشي جي
گلاسن ۾ هر قسم جي شربت مان ڍڪ ڍڪ وجهي پيتم، بس
پوءِ آسرو لاهي اسان مان ڪي موٽي آيون. باقي جيڪي
پٺيان رهيون. تن اچي ٻڌايو ته کاڌا ته اصل پوءِ
آيا هئا پڪل تريل ڪڪڙ، ٻڪر، مڇيون ۽ ٻين به نمونن
جا کاڌا قسطن ۾ پئي آيا، اسان کي ٻڌي خار به گهڻا
لڳا ته ناحق تڪڙ ڪئسين. ڏسون ته ها ته سربراهن جون
دعوتون ڪيئن ٿينديون آهن ۽ ڇا کائيندا آهن. ٿوري
دير آرام ڪري شام جو پنجين وڳي سرڪس ڏيڻ ويونسين.
روسي سرڪس به ڏسڻ جي شيءِ آهي. هال تمام وڏو ۽ فل
ڀريل هو. ٻار تمام گهڻ هئا. وڏيون وڏيو ڪيمرائون
۽ مشينون هيون، جن مان هر قسم جي رنگ جي روشني پي
آئي ۽ ڪرتب ڪندڙن تي پي پئي، انهن مشينن ۽
ڪئميرائن کي آپريٽ ڪندڙ مايون هيون. سرڪس ڏاڍي
دلچسپ هئي، 9- 8 وڳي ختم ٿي. موٽي هوٽل آيونسين.
اتي سريش نالي جيڪب آباد جو سنڌي ڇوڪرو ملڻ آيو.
ماسڪو يونيورسٽي ۾ پڙهيو پي، چوڻ لڳو ته خبر پئي
ته سنڌ مان سنڌياڻي آئي آهي، سو ملڻ آيو آهيان،
پوءِ ٻڌايائين ته هتي جي پڙهائي تمام سٺي آهي.
پهريائين 9 مهينا روسي سيکارين ٿا، پوءِ سڄو ڪورس
روسيءَ ۾ پڙهڻو ٿو پوي. پر هنن جي سيکارڻ جو طريقه
ڪار اهڙو آهي جو هر شيءَ سمجهه ۾ اچيو وڃي، مهيني
۾ ٻاويهه سئو کن اسڪالر شپ ملندي آهي، جنهن مان
وغيره کائيندا آهيون. باقي رهائش علاج، ڪتاب
وغيره، سڀ مفت آهن. هتي ماسڪو ۾ گهڻاپاڪستاني
ڇوڪرا ۽ ڪجهه ڇوڪريون به پڙهيو پئي. مون سريش کي
”تحريڪ“ ۽ سنڌياڻي پبليڪشن جا پرچا ڏنا.
ٻئي ڏينهن ناشتي تي اوچتو خبر پئي ته اڄ رات ٻين
وڳي پنجن ڄڻين کي واپس وڃڻو آهي، ان تي آپا خديجه
گوهر ۽ نسرين اظهر، طاهر مظهر علي کي چيو ته ”اختر
کي نه موڪليو، ڇو ته سنڌ مان فقط هڪڙي سنڌياڻي
پاران سنڌ جي مسئلن تي پيش ڪيل موقف به آخر گهڻن
کي ڏکيو لڳو هوندو.“
اڄ آخري دفعو لينن جي مزار کي ور ور ڏيو پي ڏٺم
ريڊ اسڪوائر تي تمام گهڻي رش هئي، هر ملڪ جا سياح
ڏسڻ ۾ پي آيا، لينن کي ڏسڻ لاءِ اڻ کٽ لائين لڳل
هئي. ماني کائي. ڪمري ۾ اچي ٽي وي کولي سامان ٻڌڻ
شروع ڪيم. رات جا ڏهه ٿي ويا، آپا خديجه موٽي آئي،
چوڻ لڳي تنهنجي وڃڻ جو ڏک ٿيئم. چيو مانس ته آپا
سڄو ماسڪو گهمي ڇڏيو اٿم، رهي سهي ڪسر اڄ پوري ڪئي
اٿم، ٻه ڏينهن ٻيا جي ترسيس ته به ڪهڙو فرق پوندو،
مون کي ٻارن جي ياد گيري ٿي آهي. سمهڻ جي ڪوشش
ڪيم ته ننڊ نه اچي. الائجي ڪيڏي مهل اک لڳي، رات
جو ٻين وڳي سامان کڻڻن واري در کڙڪايو، اٿي تيار
ٿيس، مٿو ڳرو پي لڳو، چانهه جي ضرورت هئي. آپا
خديجه به گڏجي هيٺ لائونج ۾ آئي. ايلينا به بيٺي
هئي، ۽ ٻيون چار ڄڻيون به تيار هيون. لائونج ۾
ٺهيل ڪافي هائوس ۾ بليڪ ڪافي جو ڪوپ پيتم، نسرين
اظهر به موڪلائڻ آئي. ٻاهر تيز برسات پي پئي، بس
۾ سريلنڪا جون مايون به ويٺل هيون. ايلينا اسان کي
ڪانگريس جون رنگين تصويرون ڏنيون. رستون بلڪل
سنسان هو، رات جا اڏائي مس پي ٿيا، مون دل ئي دل ۾
ماسڪو شهر، ڪامريڊ لينن، اسٽالن، گورڪي، دوستو
وسڪي ۽ ٻين عظيم هستين ۽ شهر واسين کي خدا حافظ
چيو. ايئرپورٽ تي سوويت وومين ڪميٽي جي فلور
عبدالرحمان اسان جي انتظار ۾ بيٺي هئي. هن اسان کي
ٽڪيٽون ڏنيون ۽ وري ٻيهر ملڻ جي اميد ڏيکاري،
گرمجوشيءَ سان موڪلايون. اٽڪل چئين بجي ڌاري جهاز
۾ چڙهيون سين. سڄي رات جو اوجاڳو هو، سو ننڊ اچي
ويئي، ٻئي ڏينهن پاڪستاني ٽائيم مطابق 12 بجي
ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتاسين. جهاز جي در مان منهن
ڪڍڻ شرط گرم هوا جي جهوٽي ڏڪائي ڇڏيو، ۽ هڪڙي پل
لاءِ دل ۾ آيو ته وري موٽي جهاز ۾ چڙهي پوان. |