گلبدن جاويد
ساگر خوشبو سونهن جو......
شعري مجموعي ”خوشبو خوشبو خواب“ جي سرجيندڙ ڀاءُ
علي دوست ”عاجز“ سان اڻ ڏٺي وابستگيءَ جا ڪيترائي
حوالا آهن. ”سرتيون“ جي شروعاتي دور ۾ ڀرپور قلمي
ساٿ نڀايائين.
منهنجي والد (احمد خان آصف) جي شهادت تي سندس لکيل
تاثر پڙهي محسوس ٿيو ته هي ڌرتيءَ جو ساڃهه وند
فرزند اسان سان درد جي ڀوڳنا ۾ برابر جو شريڪر
آهي، ۽ انهيءَ واقعي تي ڏاڍا درديلا شعر به لکيا
هئائين:
جتي ڪو پيمبر، ڪُسي ٿو پوي،
خدا ان کتي کان، رُسي ٿو پوي،
قلم اُت الم جو قصو ڇا لکي،
پنو لُڙڪ هاري پُسي ٿو پوي.
*
جهومي جوڙيا تو هُيا، گيت جنين جي ڪاڻ،
تنهنجي ٻچڙن ۾ وجهي، سيئي ويا مانڌاڻ،
توکي ڏاهپ ڏاڻ، ڪيڏا ڳورا بخشيا!
مجموعي جي شروعات ۾ استاد بخاريءَ جا سندس لاءِ
چيل هي جملا:
”هي علي دوست عاجز آهي، شاعر به سٺو آهي، ۽ اکر به
سٺا اٿس. هي ڪاڇي جو ۽ آءُ ڪچي جو آهيان. ٻنهي کي
محبت کڻي ملايو آهي. ماڻهو سڌو آهي، تنهن ڪري
سڌيءَ ڪاٺيءَ وانگر اسان به هن تي کڻي بار رکيو
آهي... هن جوان شاعر سان منهنجون ڪيئي ذاتي، قومي
اميدون وابسته آهن.“
پڙهي استاد بخاريءَ جو ٻاجهارو چهرو ۽ پيار ڀريو
لهجو منهنجي ذهن تي تري ٿو اچي. استاد سان ڪيل
ملاقاتون آءُ پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز ٿي سمجهان.
تون ڏاڍي بهادر آهين، مون کي اميد آهي ته تون
پنهنجي کيپ ۾ اڳڀري رهندينءَ!
”وڏي شاعر جو لاڏاڻو“ جي عنوان سان عاجز جو استاد
بخاري لاءِ لکيل هي نظم دل ۾ بيهي ٿو وڃي.
اهو گيت ڇا ڪان اڌورو پيو آ!
اهو ساز پٽ تي پيو آهي ڇا لئي!
اها ڪُوڪ وائيءَ جي ڇا ڪان وڍي ٿي!
هي وکريل پتا!
ڄڻ ته خوابن جو سنسار اجڙي ويو آ!
ٿيون ساگر جون لهرون لڳت ماتمي ڇو!
هي درياءُ دلبر ڇو ڦٿڪي رهيو آ!
ڇا سُهڻي ٻڏي آ؟
ڇا ميهر لڇيو آ؟
ڇو ڪينجهر ڀري ٿي ٿڌا ساهه هر هر!
ڇا ڪويل جي سيني ۾ بڙڇي لڳي آ؟
ڇو ڪونجون قطارون ڪيون ڏين ڦيرا!
لڪيءَ جو جبل ڇا ڪان ٻڙڪي رهيوآ!
ڇو دادوءَ جي دل اڄ ننڍي ٿي وئي!
قلم منهنجي ڇا ڪان ڪيو ويس ڪارو؟
ڪتابن منجي ڇا ڪان اونڌي ڪئي آ!؟
زمين جي اُداسي ٻڌائي رهي آ،
زماني جي سڏڪن مان پڌرو ٿئي ٿو،
ڀٽائي جي ويڙهي مان ڪوئي کُٽو آ،
يقينا وڏو ڪوئي شاعر لڏيو آ!
وڌيڪ لکي ٿو ته، ڪتاب جو مهاڳ اها پيار ڀري نهار ۽
نيڪ تمنا آهي، جيڪا ڪنهن دل گهرئي لاءِ ان جي سفر
تي نڪرڻ وقت اکين ۽ دل ۾ جنم وٺندي آهي. منهنجي
اندر ۽ اکين ان نهار کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تنهن
ڪري آءُ انهن ٻاجهارين نگاهن جو شڪر گذارآهيان جي
مون تي سدائين باجهه ڪنديون رهيون آهن.
سنڌ جي مڃيل شاعر جوهر بروهي لاءِ لکي ٿو:
جوهر بروهي صاحب مون کي ادبي آڳر تي هلڻ سيکاريو ۽
ان قافيلي ۾ شامل ڪيو، جيڪي سڏڪن مان سنگيت ٿا
جوڙين ۽ فطرت جي سونهن کي سٽن ۾ سمائين ٿا.ٻوليءَ
جي جهولي نه ڪيڏي وڏي آهي، جنهن ۾ اياز ، استاد ۽
ٻيا هيرن ۽ موتين جهڙا شاعر جرڪي رهيا آهن، اها
اسان جهڙن ڪوڏيءَ ملهه شاعرن لاءِ به گنجائش ڪڍي
وٺي ٿي.
استاد سائينءَ پنهنجي قلم جي مس مان مون کي پين
ڀري ڏني.هن وڏي ماڻهوءَ جي ويجهڙائي مون لاءِ
وڏي وَٿُ آهي، ويجهڙائي جي انهن گهڙين جو تاثير
قلم جي زبان تان اڃان نه لٿو آهي.
پيارو ڳوٺ جي ڪلراٺي زمين ۾ هڪ مٺو چشمو آهي،
سائين عبدالرحمان شاهه، جي آءُ ان چشمي مان پاڻي
نه پيئان هان ته اڻ ڏٺي ٿر جيان بهار جي ڀٽڪندڙ
ڪڪرن جي ڦڙ ڦڙ تي ڪڏهن سائو نه ٿي سگهان هان!
آءُ شاعر ورند جو ڳوٺائي آهيان، اسان جو ڳوٺ فريد
آباد ڪاڇي جي ڪَرُ تي آهي. ٿَرُ ۽ ڪاڇو جيترا
خوبصورت آهن ايترا وڌيڪ اداس آهن. فطرت ڄڻ سنڌ جي
چولي تي ڀرت ڀريندي. ان تي مور جا پر ٽاڪيندي،
ٿوهر جا ڪنڊا به کنڊيڙي ڇڏيا آهن.“
علي دوست عاجز جا اهي لفظ پڙهڻ سان ڪاڇي (جيڪو
منهنجي ڳوٺ کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي آهي، جتي
اسان جون زمينون غير آباد پيون آهن). جو وسڪاري
کانپوءِ خوبصورت نظارو اکين اڳيان تري ٿو اچي.
جوار، ٻاجهر ۽ سرنهن جي سائي پوک، متيرن ۽ ٻين
گاهن جون وليون ۽ ڪيترا سهڻا گل ۽ ٻوٽا اڄ به نظر
جي عڪس تي چٽيل آهن.
ڪاڇي جو اُڻاٺ وارو منظر به عجيب و غريب (Wonder
ful) هوندو آهي؛ صحرا (رڃُ) اهڙو ڏيک ڏيندي آهي، جيئن سامهون صاف
شفاف پاڻيءَ جي ڪا ڇَرَ هجي. پر حقيقت ۾ پاڻيءَ جو
دوکو هوندو آهي.وڏڙن جي واتان ٻڌو آهي ته اوائلي
دور ۾ رڃُ کي پاڻي سمجهي ڪي ماڻهو واٽ وڃائي
ويهندا هئا ۽ موت جو بک ٿي ويندا هئا. عاجز انهيءَ
پس منظر کي پنهنجي شعر ۾ هيئن قلمبند آهي:
رڃُ کي سمجهي پاڻي هرڻ،
شام تائين ڊُڪيو هوندو!
ڪاڇي ۾ منهنجي دلچسپيءَ جو ٻيو سبب اتي پيرن ۽
ولين جي مزارن تي خوبصورت سرن سان جوڙايل روضا
هوندا هئا. عنايت شاهه ڏندو ڏکي ڌڻي جو روضو، ان
جي ڀرسان حامد شاهه جو روضو،”مائي ڳاڙهي“ واري
مسجد ۽ ان جي پسگردائي ۾، واريءَ ۾ اڌ پوريل
خوبصورت هيئنر خبر ناهي اُتي ڪهڙي رونق هوندي!
عاجز جي شاعري جيڪو پڙهندو ته نه صرف لطف اندوز
ٿيندو، پر ڪا نه ڪا دلفريب يا ڏکوئيندڙ ياد سندس
دل تي تري ايندي، ڇو ته عاجز پنهنجي شاعريءَ ۾
لامحدود منظر ۽ احساس سموهيا آهن:
سنڌوءَ مٿان چنڊ جي، ڪرڻن جي ورکا،
ٿڌڙي ٿڌڙي واءُ تي، لهرن جا ليڪا،
تنهنجي چهري جا، ڄڻ ڪي اڀرن عڪس ٿا،
•
ايلسا کي قاضي، چانڊوڪيءَ ۾ پيو چوي،
ڏس هو بيت پڙهي،ڀت ڌڻيءَ جا چنڊ تي!
•
ڪوڪَ جيئرن نه ٻڌي، ڪيس ويو ٿو ڪيڏو،
دانهن تي مڪلي مان مُردا به اٿي پيا آهن!
•
علي دوست جي سُٺي شاعر هجڻ جي اها ثابتي آهي ته
هو پڙهندڙ سان ان جي ٻولي، ان جي ڌرتي، ان جي
ماحول، ان جي درد، ان جي خوشي ان جي آس ۽ نراس، ان
جي سوچ ان جي لوچ ۽ ان جي انداز ۾ پنهنجي اندر جي
اڌمن کي اوڻي ٿو:
مالڪ منهنجي ديس تان، ڪارا ڪڪر هٽاءِ،
مُرڪ مٺي موٽاءِ، ماروئڙن جي مُک تي!
•
شايد آ، هن جوءِ کان، رام، رحيم رُٺو
ڪلاڪار ڪُٺو آهي پنهنجن جي هٿان!
•
جهومي جوڙيا توهُيا، گيت جنين جي ڪاڻ،
اکڙين ۾ آلاڻ، سي ئي توکي ڏئي ويا.
•
مُرڪڻ چاهن مارويون، ڀرجيو نيڻ اچن،
نڪتو گهوٽ گهران نه آ، موٽيو لاش ملن،
ماروئڙن جامن ڇيهون ڇيهون ٿي پيا!
جيڪو به ڏات ڌڻي هجي ٿو، اهو پنهنجي ڌرتيءَ تي
ٿيندڙ براين، اڻ برابرين خلاف پنهنجي قلم جي ذريعي
احتجاج ڪندو رهي ٿو:
ڪمپيوٽر جي دور ۾، ماڻهوءَ جو وڪرو!
نڪرو ڙي، نڪرو، مُنهن تان مُهرون لاهيو!
•
پوڙهي ساڻ پرڻو، تو کي پيءُ ڪرائيو،
ڪوٺيئين ڪُڌي ڪم کي، قدرت جو ڪرڻو.“
هن کي ڄڻ مرڻو، ڪڏهن به آهي ڪينڪي!
قوم جي عالمن، اديبن، ڪلاڪارن ۽ جوڌن کي شعر ۾
سمائڻ ٻوليءَ جو وڏو گڻ آهي، علي دوست عاجز جو شعر
انهيءَ لحاظ کان به ڏاڍو وزنائتو ۽ اثرائتو آهي:
ڪهڙي ليکي ڪالهه، آصف، عادل ويا ڪسي،
قاتل، تو تي شال، قهر خدا جو ڪو پوي!
•
ڪنور اُڏاڻو ڪالهه، سُرها ٻول ڇڏي ويو،
جنهن جو ڦيريون تال سنڌڙي سانڍيا ساهه ۾.
آصف= احمد خان آصف شهيد (عالم، شاعر، اديب،
استاد).
عادل= عادل سخيراڻي (شاعر، صحافي).
ڪنور= ڪنور ڀڳت رام (راڳي).
مٽياري ماتام، ڪينهون، ساري ڪُڙ ۾،
ڏهه ڏهه ماڻهو ڏوهه ريءَ، ڏينهن ڏٺي قتلام،
ڪنهن کي آخر دانهن ڏئي، سنڌ جو هيءٌ عوام،
اڳواڻو آرام، ايوانن ۾؟ حيف ٿيو!
شاعر پنهنجي ڌرتيءَ جي انچ انچ جي پروڙ رکندو آهي،
۽ ڌرتي واسين لاءِ سک ۽ سُڪار جا سپنا اُڻندو آهي.
جڏهن هو ڪٿي به ظلم، جبر، تشدد ٿيندي ڏسندو آهي ته
سندس روح تڙپي اٿندو آهي، هو لاڀائتا سماجي قدر
هٿان وڃڻ به ناهي ڏيندو ۽ انسان سوز رسمون سماج تي
مڙهڻ کان به عاري هوندو آهي. وڏي ويڙهاند ڪرڻ
کانپوءِ به هو ڌرتيءَ تي انسان جي تذليل ٿيندي
ڏسندو آهي ته هو پنهنجو احتساب ڪرڻ کان به رهي
ناهي سگهندو. تاريخ جو فيصلو
ڏات منهنجيءَ ۾،
لُڇ پُڇ به، جرات به هئي.
منهنجي سوچن ۾، اڌمن-
جذبو ۽ غيرت به هئي –
پر سماجي قدر
مان مٽائي سگهان-
انڌ، اونداهه، جا بند ڊاهي سگهان-
قهر جا، پاپ جا ڪنڌ لاهي وجهان-
منهنجي هٿ منجهه افسوس طاقت نه هئي!
ڏات، فن جو قتل،
محبتن جو قتل-
روشنين جو قتل –
ابهمن جو قتل،
هيڏي قتلام ۾-
چنڊ جذبن جي سچ پچ ڪا قيمت نه هئي!
موسمن جي بدلجڻ جو اهڃاڻ جي پکڙجڻ کي محبوب جي اچڻ
جو اهڃاڻ ٿو سمجهي:
چئبو ته اچين ٿو جو
موسم ٿي وڃي مٽبي، خوشبو جو پڳو جهونڪو!
ڪڏهن تنهنجا پيار، پوندا آهن پرٽجي،
ماڻهو ساري ڏيهه جا، لڳندا آهن دلدار،
ڪيڏا منهنجا يار، ويندا آهن پوءِ وڌي!
عاجز ٻهراڙيءِ جي عورت جي حجت ۽ محبت واري انداز
کي هن وائيءَ ۾ ڏاڍي سونهن بخشي آهي:
نسريون ساريون سَر،
اهڙي سَمي ير-
وڃڻ نه ڏيندي سانءِ مان!
جهري پوندا جوءِ جا،
ڪرو ڪارو نجهر!
وڃڻ نه ڏيندي سانءِ مان!
ڪهڙيون نيٺ ڪرين پيو،
ڳالهيون هي هَر هَر،
وڃڻ نه ڏيندي سانءِ مان!
تون سان منهنجي روح جا،
ازلئون هن ڀاڪر،
وڃڻ نه ڏيندي سانءِ مان!
ٻهڳڻ هيءُ ٻڌي ڇڏيو،
ڇا بي ٿي پئي، پر –
وڃڻ نه ڏيندي سانءِ مان!
تو سان دوست عاجز جا،
پيو ند هن پوتر!
وڃڻ نه ڏيندي سانءِ مان!
گهرائي سان ڏٺو وڃي ته هي سڄو سَمو سوز آهي، اهڙي
نموني عاجز به ڏک، دريد، پيڙاءُ ۽ وڇوڙي کي پنهنجي
اندر ۾ وسيع ۽ ويڪري جاءِ ڏني آهي، جو انهن ڏکن
سندس ڏات کي به ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي.
وايون گيت هزار،
هار پر منهنجا يار،
ڏات ڏکاري ٿي رهي!
جهرڪيءَ جهڏو جيئڙو،
بگن جيڏا بار،
ڏات ڏکاري ٿي رهي!
عاجز وٽ محبوب کي گهرائڻ جو انداز به ڏاڍو انوکو
آهي.
آءُ چڙهي تون چنڊ جي،
ٻيڙيءَ تي ٻيهار!
ڏات ڏکاري ٿي رهي!
خوبصورتي ۽ پريم کي بيان ڪرڻ جو ڏانءَ به عاجز خوب
ٿو ڄاڻي.
هي حُسن خدا آهي،
۽ نيهن نبيءَ وانگي.
هن سنڌ پرست ۽ سٻاجهي شاعر جي نظر ۾ محبوبا جو ڳوٺ
جنت جي واديءَ مثل آهي، ۽ سندس سونهن حورن کي
حيران ڪندڙ آهي:
گوري تنهنجو ڳوٺ آ، جنت جي وادي،
سونهن سندءِ سادي، حورون حيرت ۾ وجهي.
عاجز پنهنجي شاعريءَ ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ڏاڍي سهڻي ۽
وڻندڙ انداز ۾ استعمال ڪيا آهن:
وڇڙڻ جون ڳالهيون، متان مون سان تون ڪرين!
اڳر کان ٽالهيون متان، اَرهڙ ۾ ڪپين!
عاجز جي سموري شاعري پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو، ته
سندس احساس سچن ڪردارن وانگر ڪَرُ کنيو، هڪ طرف
محبوب تان سر قرُبان ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته ٻئي طرف
محبوب جي آڇ کان سواءِ هڪ وک به وڌڻ کان مجبور
آهن، هڪ پاسي جنگ جي ميدان ۾ ٽپي پوڻ جا اعلان
آهن، ته ٻئي پاسي ڌرتيءَ تي امن ۽ آشتي جا گهر
جائو، ڪٿي يادن کي هميشه ترسائڻ لاءِ گيت ڇيڙڻ،
سور ميڙڻ ۾ مصروف آهن ته ڪٿي وري محبت جي دولت
سانڍڻ ۾ سوگها، ته ڪٿي وري سندس گيت پنهنجن کي
ڀليڪار ڪرڻ ۽ ڌارين کي ڌڪارڻ ۾ جنبيل آهن.
سندس شاعريءَ ۾ تڙپ جو عنصر مڙئي سرس ٿو نظر اچي،
پوءِ اُها تڙپ انفرادي هجي يا اجتماعي انهيءَ پس
منظر ۾ هي شعر ڏاڍي سهڻي انداز سان لکيا اٿس:
تانگهه کي مڙئي ڪجهه تڪڙ آهي،
ڇا ڪجي باهه ڀي ڀڀڙ آهي،
اڳ ۾ هٿ ڇهڻا هئا الائجي گل،
عشق منهنجو اڃان الهڙ آهي،
ڪنهن جي جواني پئي اگهاڙي ٿي،
ڪنهن جي تربت تي ڳاڙهو پڙ آهي،
ڪنهن چيو: گيت آهي عاجز جو،
روح منهنجي جيڪا رڙ آهي.
نوٽبڪ منجهه ڪي ڳوڙها ته ڪي سُڏڪا آهن،
ڇورڙا ٻار بکيا ڄڻ سمهي پيا آهن
مطلب ته هي سڄو مجموعو سندس ئي شهر وانگر آهي:
ننڍڙي هڪ تشبيهه ۾، هيءَ دنيا موتيو،
جنهن ۾ تو اوتيو ساگر خوشبو، سونهن جو!
امداد حسيني
رنگ رتي هڪ شام
ماهتاب جي ناول ”پيار پناهون ڇانورا“ جو مهورت جي
رپورٽ
آسمان تي چمڪندڙ مهتاب کانسنواءِ مان ٽن ٻين
مهتابن کي به سڃاڻان، مهتاب اڪبر راشدي، تبسم
مهتاب ۽ منهنجي سوٽ ادي مهتاب، پر ماهتاب رڳو
هڪڙيءَ کي سڃاڻان- ۽ اُها آهي محبوب جي ماهتاب،
جنهن کي موهن ڪلپنا” ماهتاب سنڌ“ سڏيو آهي.
اُها ماهتاب محبوب جڏهن امان (بيبي زلف النساء) جي
عذر خواهيءَ لاءِ اسان وٽ آئي هئي، تڏهن سحر کيس
ڳوٺ (ٽکڙا) ۾ ملهايل منهنجي سالگرهه جي فوٽن جو
آلبم ڏيکاريو. جنهن ۾ امان جا به فوٽو هئا، تڏهن
ماهتاب ٻڌايو ته سندس ماءُ ۽ منهنجي ماءُ پاڻ ۾
ساهيڙيون هيون ۽ ٻنهي جي هڪ ٻئي ۾ خط پٽ لکڻ جي به
واٽ هئي ۽ ماهتاب جي ناني آمنت امان ۽ ٻين بيبين
جي استاد هئي ۽ ماهتاب اهو به چيو ته کيس امان سان
ملڻ جو ڏاڍو اشتياق هو!
سو ماهتاب محبوب جو ٻيو ناول ”پيار پناهون ڇانورا“
به ڇپجي ويو آهي، اُن جي مهورت لاءِ هن ۽ محبوب
پنهنجي گهر”ارم نما“ تي هڪ مهورتي تقريب رکي هئي،
ان تقريب ۾ جيڪي شريڪ ٿيا، تن مان جيڪي نالا مون
کي ياد اچن ٿا، سي هي آهن: حميد سنڌي، غلام نبي
مغل، جامي چانڊيو ۽ سندس گهر واري، فيروز ميمڻ،
تاج جويو، بخشڻ مهراڻوي، ولي رام ولڀ، سحر، گلبدن،
جاويد مرزا، نسيم پنهور، حسن درس، احمد سولنگي،
ارم، زمر، مرشد ۽ سندس وني، اياز لطيف پليجو،
محمود مغل، فدا حسين شاهه، ڪتاب ”پيار پناهون
ڇانورا“ جو مهورت ڪار حميد سنڌي هو.آجياڻي تقرير
ڪندي ماهتاب محبوب چيو ته مان توهان سڀن کي دل جي
گهراين مان ڀليڪار ٿي چوان.... ڪالهه ڪلهوڻي
ڳالهه هئي جو ساڳئي ئي غريب خاني تي ناول”خوب
خوشبو ڇوڪري“ جي پڌرائيءَ مهل گڏ ٿيا هئاسين اڄ پڻ
نئين ناول ڇانورا“ جي پڌرائيءَ تي ڪا دير
پنهنجائپ ڀرئي ماحول ۾ گڏجي ويهڻ جو وجهه مليو
آهي.... مون پنهنجا خيال ناول ذريعي اڳ ۾ ئي توهان
تائين پهچائي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري ان تي وڌيڪ ڪا
روشني وجهڻ ۽ تفصيلن ۾ وڃڻ بدران رڳو ايترو ئي
چوندس ته هي ناول معاشري جي حقيقتن ۽ انساني روين
توڙي بدلجندڙ ۽ قدرن جي ترجماني ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي
ڪوشش آهي، جنهن ۾ تصوراتي يا خيال ڪردارن بدران
هِن ڌتيءَ سان تعلق رکندڙ زنده ڪردارن جي چونڊ ڪئي
وئي آهي. اڄڪلهه معاشري ۾ جيڪا بي حيائي ڪاهي پئي
آهي تنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اسين ضم ٿيندا پيا
وڃون.... جذب ٿيندا پيا وڃون...... چؤڌاري ويساهه
گهاتين درندگين ۽ خونا خونين جو راڄ آهي، ايتري
قدر جو سنگدلن ۽ ظالمن جي خوف کان سنگينن جي سائي
۾ ٿيون نمازون پڙهجن....... پاڻي لاءِ هر روز ڪنهن
جي پڪار ۽ تڙپ،روح ڪنبايو ۽ ڏونگر ڏاريو ڇڏي، پر
جڏهن دعويداري ڪندڙ دِلين ۾ کپر کپ کويو ويٺو هجي
ته لوڪ جون آهون ۽ دانهون اهڙيءَ زهريلي روين تي
ڪيئن اثر ڪنديون........اهڙي شرمناڪ عمل تي مون کي
پنهنجي فار اِيسٽ واري سفر نامي ”راهون چنڊ ستارا“
۾ ذڪر ڪيل اُن هندو ڀاءُ جو طنز ڀريو جملو شدت سان
ياد پيو اچي، جنهن ۾ چيو هئائين ”ورهاڱا انڪري ڪيا
هُيو جو هندن جي غلامي نٿي چاهيَو پر آهيو ته اڄ
به غلام.“ هونءَ به ڇا آهي هن ملڪ ۾ جيسين رهون
پيا..... پاڻيءَ جي اڻ هوند، نوڪرين جي اڻهوند ۽
وڏي ڳالهه ته انصاف نالي جي شيءِ هتي آهي ئي ڪا
نه، ماڻهو مرن پيا، فصل سڪن پيا، بک بيروزگاري
بيماري سڀئي عذاب اِلاهي هتي ٽٽل آهن، پوءِ به
اسين هتي جيون پيا هر گهڙي مرڻ لاءِ..... اهڙيون
يا ان قسم جون نااُميديءَ ڀريون سوچون- ناانصافين
۽ دل آزارين جي ناقصن ۽ راشي ماڻهن جون ڪوڙيون
شاهديون سون جهڙن سچن ماڻهن جو سر روليو ڇڏين، بهر
حال انسان زندگيءَ مان به سکي ۽ پرائي ٿو، ڪامياب
توڙي ناڪامياب تجربا ۽ مشاهدا هن جي ذهن ۾ آيل
سوچن کي وسعت سان گڏ، ڪا نه ڪا معنيٰ ڏين ٿا.
منهنجي هن ناول ۾ موجود سمورا ڪردار اهڙن ئي تجربن
۽ مشاهدن جي سچي ساک ڏيڻ لاءِ اوهان جي هٿن تائين
پهتا آهن. اڄوڪي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت لاءِ هڪ دفعو وري
مان اوهان جي ٿورائتي آهيان. مهورت کان پوءِ ڪتاب
تي اديبن پنهنجا رايا ڏنا. ان کان پوءِ سڀني کي
ماني کارائي وئي ۽ امبر مهر جو راڳ ٻڌرايو ويو، جن
دوستن ماهتاب جي ناول تي ڳالهايو، انهن جو تفصيلي
اظهار هتي ڏيان ٿو.
تاج جويو: جديد دور جي ترقي يافته سماجي دور ۾
پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سيٽ لائيٽ چينلز جي وسيلي
تبديليون آيون آهن، انساني قدرن ۽ ماپن ۽ ماڻن ۾
جيڪا نواڻ ۽ جدت آئي آهي ۽ اسان جو سماج، جيڪو
سنڌي سماج آهي، جنهن ۾ صدين کان موجود جيڪي هاڪاري
۽ ناڪاري رويا ۽ قدر موجود رهيا آهن. هي ناول انهن
جي ٽڪراءُ جي پس منظر ۾ لکيل آهي، اسان جي ڀيڻ ۽
سنڌ جي مايه ناز ليکڪا ماهتاب محبوب جو هي ناول،
سنڌي ناولن جي دنيا ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي. هن
ناول جا ڪردار ڪي بنهه اڇوتا يا نوان تخليق ڪيل يا
گهڙيل ناهن. پر اڄوڪي دور جي ترقيءَ ذريعي ظاهر
ٿيل هڪ نئين تيز ۽ پل پل بدلجندڙ ۽ دنيا جا
رهواسي، جيئن اديءَ پاڻ لکيو آهي ته ناڪام ۽
ڪامياب تجربا ڪندڙ ۽ مشاهدا ماڻيندڙ عام انساني
ڪردار آهن، جن جا چهرا هن ناول ۾ اسان کي ڏيکاريا
ويا آهن.
اسان جي مانائتي ڀيڻ بنهه تيز رفتاريءَ سان تبديل
ٿيندڙ رشتن جي منافقيءَ ، کوکلائپ توڙي سچائي ۽
اصليت جا روپ اهڙي ته فنائتي ڏانءُ سان پيش ڪيا
آهن، جو هي ناول اڄوڪي سنڌ جي سماج ۾ رشتن جي ڀڃ
ڊاهه واري ماحول ۾ سچ، چڱائي، نيڪي ۽ ڀل مانسائيءَ
جا قدري اهڃاڻ به ساڻ کڻي اچي ٿو.
هن ناول ۾ رڳو اهو ڪجهه ناهي، ته اسان جو سماج
جيئن آهي ۽ جيئن اهو بدلجي ٿو. پر اُن کان ڪجهه
وڌيڪ به آهي ۽ اُهو ڪجهه وڌيڪ مستقبل جي انسان جي
شاندار ورثي ۽ زندهه رهڻ جوڳن قدرن جي نشاندهي به
ڪري ٿو. ڀيڻ ماهتاب جون ڪهاڻيون پنهنجي جاءِ تي
سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مقام رکن ٿيون،
جن جي حقيقت پسنديءَ کي محسوس ڪندي، انهن جي سٽن
جي روح کي پرکيندي، پير حسام الدين راشديءَ کي سنڌ
جي موجوده معاشري جي تباهيءَ جي تاريخ نظر ايندي
هئي. ۽ سندس چوڻ هو ته ماهتاب پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾
سنڌ جي هٿ ٺوڪي خانداني ماحول جي اونداهي معاشري
جي انڌير نگريءَ تي تنقيد ڪري وطن دوستيءَ جو حق
ادا ڪري ٿي. سندس ڪهاڻين خاص ڪري، سريت، مٺي مراد،
مريم جي بُت کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي تمام وڏي نالي،
موهن ڪلپنا، عالمي سطح جون ڪهاڻيون سڏيو آهي. پر
ماهتاب محبوب جا هڪ ٻئي پٺيان پڌرا ٿيل هي ٻه
ناول، ’خواب خوشبو ڇوڪري‘ ۽ ’پيار پناهون ڇانورا‘
پڙهي سنڌ جي سدا بهار شاعر ۽ سنڌ جي تمام وڏي نبض
شناس ۽ نقاد سائين ذوالفقار راشديءَ سان سهمت ڪرڻو
پئي ٿو ته ماهتاب وڏي ماهر نفسيات آهي، جيڪا
ڪردارن جي باطن جا اڻ ڳڻت ۽ اونها سمنڊ ٽٻيون ويٺي
آهي، جنهن جون نظرون احساس ۽ اُڌمن کي ڏسڻ واري
ايڪسريز جو ڪم ڏين ٿيون، ماهتاب جي اهڙي ڪردار
نگاري اونهي مشاهدي، حساس طبيعت ۽ انساني
همدرديءَ سان ٽٻٽار دل ۽ ماحول جي ترجماني واري
صلاحيت ۽ قابليت کي پرکي ذوالفقار راشديءَ ڪيئي
سال اڳ پيشنگوئي ڪئي هئي ته ماهتاب ۾ هڪ يا ڪيترن
مڪمل ناولن لکڻ جا گڻ آهن. ماهتاب محبوب پنهنجي
ڪهاڻين جا ڪيترائي ڀيرا ڇپجندڙ ۽ مقبوليت حاصل
ڪندڙ مجموعن، چانديءَ جون تارون، مٺي مراد، پرهه
کان پهرين لهر لهر زندگي ۾ شامل پنجاهه کان مٿي
ڪهاڻين کان پوءِ اوچتو 1996ع ۾ ’خواب خوشبو ڇوڪري‘
جهڙو بنهه اڇوتو نڪور ۽ ڇرڪائيندڙ ناول لکي فڪشن
پڙهندڙ طبقي کي سچ پچ ته چوڪ ڪڍائي ڇڏيا ۽ هن تازي
ناول ’پيار پناهون ڇانورا‘ کان پوءِ ته معاملو
ڇرڪن کان وڌي، ذوالفقار راشديءَ جي ڪرشماتي اک
کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.
سادي، سٻاجهي لڄاري وڏن ميڙن ۽ نمائن کان پري
ڀڄندڙ اسان جي هيءَ مانائتي ڀيڻ پنهنجي طبيعت ۽
سڀاءُ جي سادگيءَ وانگر پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن جي
ٻولي سولي سلوڻي سنڌيت جي لڳاءُ سان ڀرپور
محاوريدار ۽ اصلي لکي ٿي. ماهتاب جو پهريون ناول
سنڌي سماج جي پارکو اديب علي بابا جي لفظن ۾
موجوده سماج الميو يا پوري انسان ذات جو الميو چئي
سگهجي ٿو، ڇو ته ان ۾ سنڌي جاگيرداري سماج جون
ڪڌايون بي شمار وحشتناڪيون ان ۾ موجود آهن، ۽ ڪوڙا
اڊنبر ان ۾ ڏيکاريل هئا.
هي ناول پيار پناهون ڇانورا اسان جي ساڳئي سنڌي
سماج جي هڪ سادي ۽ اسان جي ڏٺل، اسان جي آس پاس
موجود هڪ ڪهاڻي آهي، جنهن جا شهرين ۽ رمل ٻه مختلف
ڪردار آهن، هن ناول جا جيڪي ٻئي ڪردار، ڪنهن نه
ڪنهن نموني ايڪهين صديءَ ڏانهن وڌندڙ، يا جديد
ترين سماج جيڪو اسان جو آهي، اُن ڏانهن وڃڻ جي
ڪوشش ڪن ٿا يا ان جا مطمني آهن. شهرين به مڊل ڪلاس
جي ڇوڪري آهي، جا شادي شده آهي، جنهن جو مڙس ڪنهن
فرم ۾ نوڪري ڪري ٿو. پر ان جي لائيف جيڪا آهي،
اُها اڪيلي ناهي، هوءَ پنهنجي زندگي صرف مڙس سان
شيئر نٿي ڪري، پر هوءَ پيار جي بکي آهي، هوءَ
آزادي جي بکي آهي، ۽ هن آزاديءَ کي ڇڙواڳيءَ جي
معنيٰ ۾ ورتو آهي. هڪ ٻي ڇوڪري آهي، جيڪا اڄ جي
جديد سماج جي نمائنده ڇوڪري آهي، ۽ جيڪا
اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تبديلي آئي آهي، ان حساب سان
هوءَ پنهنجي سماج ۾ تبديلي چاهي ٿي. اُها مئگزين ۾
ڪم ڪري ٿي، اُها خاص اسٽوريون لکي ٿي. جيڪي پڙهي
ماڻهو متاثر ٿين ٿا. ان حد تائين جو ڳاڙهي بازار
سان واسطو رکندڙ مختيار بيگم، جو هڪ طويل انٽرويو
به پنهنجي هڪ صحافڻ دوست سان گڏجي هوءَ ڪري ٿي، ۽
اُها مائي پنهنجن لفظن ۾ پنهنجي ماحول جون سچايون
بيان ڪري ٿي ۽ هوءَ جيڪا نمازڻ به آهي، سڀ ڪجهه
آهي، پنهنجي پيشي جون ڪجهه سچايون آهن، سي کولي
انهن اڳيان بيان ڪري ٿي.
خاص طور تي ناول جي پڄاڻي ايڏي خوبصورت آهي ۽ اُهو
جيڪو ڪلائيميڪس آهي، اهو ئي سڄي ناول جي سونهن
آهي. آءُ سمجهان ٿو ته ڪنهن ناول جي اها وڏي
ڪاميابي آهي.
آئون ڀيڻ ماهتاب کي دل جي گهراين سان ان ناول جي
پڌري ٿيڻ تي مبارڪباد ٿو ڏيان.
امداد حسيني: ماهتاب محبوب، ناول جي جيڪا سنڌي ادب
۾ کوٽ آهي، انهيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي به
ناول ڏنا آهن. ڪهاڻيڪار دوستن کي ناول ڏانهن وڃڻ
گهرجي. جيستائين ڇپجڻ جو سوال آهي ته ان ۾ فيروز
اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو.
ناول ۾ ماهتاب محبوب جي جيڪا ٻولي آهي، اها ٻولي
اسان جي عام سماج مان، اسان جي گهرن مان نڪرندي ٿي
وڃي. ان کي لکي جهڙوڪ هن
Rerserve
ڪيو آهي.
هي ناول بيانيه انداز ۾ ناهي. پر ڊائلاگس تي ٻڌل
آهي ۽ اها ماهتاب جي هڪڙي خوبي آهي، جو سندس
ڊائلاگس تمام پاور فل هوندا آهن. ماهتاب هينئر
جيڪي اسان جي سامهون چيو ان ۾ هڪڙو جملو تمام اهم
آهي. جيڪو اسان کي ياد رکڻ گهرجي. ۽ ان ڪيفيت مان
نڪرڻ گهرجي. ”اسين جيئون پيا هر گهڙي مرڻ لاءِ.“
اسان جو پنهنجو ملڪ آهي. اسان جي پنهنجي ڌرتي آهي.
اسان جي پنهنجي ٻولي آهي، اُها تمام وڏي خطري جي
زد ۾ آهي؛ هينئر ماهتاب چيو، روايتن جو، قدرن جو،
نئين پراڻي جو جيڪو ٽڪراءُ آهي. هي ناول انهي تي
آڌارڪ آهي. هي ناول ته اسان جون هاڪاري روايتون ۽
هاڪاري قدر جيڪي هئا، اهي به ختم ٿي چڪا آهن يا
ختم ٿيڻ تي آهن ته هڪڙي ليکڪ کي بنيادي طرح سان
پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن، پنهنجي سماج سان ۽ پنهنجي
ماڻهن ڏانهن جيڪا ذميواري هن جي بڻجي پيئي، مان
سمجهان ٿو ته ماهتاب ان سان چڱيءَ ريت نڀايو آهي.
جنهن لاءِ مان کيس وري به هڪ ڀيرو مبارڪباد ڏيان
ٿو.
سحر امداد: هن دور ۾ جڏهن سنڌي ڪتاب ڇپجڻ هڪ گهاٽي
جو سودو آهي، اهڙي دور ۾ هڪ ليکڪ لکي پيو ۽
پبليشر ڇپي پيو اهو تمام وڏو ڪم آهي. مان ان سلسلي
۾ نه صرف ماهتاب محبوب کي پر سندس فئمليءَ کي ۽
نيو فيلڊس جي پبلشر فيروز ميمڻ کي مبارڪباد ڏيندس
ته سنڌي ادب جي ههڙي ٻاڙائي جي دور ۾ ڪتاب ڏئي ٿو.
ان لاءِ سندس جگر کي شاباس هجي. ماهتاب هڪڙي تمام
خوبصورت ليکڪا آهي، جنهن نه صرف سنڌي ادب کي
خوبصورت ڪهاڻيون ڏنيون آهن، پر شاندار ۽ سهڻا سفر
ناما به لکيا آهن. ماهتاب جي ناولن جو به هاڻي
جوڙو ٿيو. جيڪڏهن سندس لکڻ جي اها رفتار رهي ته
ماهتاب اڃان به اسان کي وڌيڪ ناول ڏئي سگهندي. مون
کي هڪڙي ڳالهه محسوس ٿي
Gatherings
۾ ماهتاب محبوب سان جڏهن به ملاقات ٿيندي آهي ته
هوءَ جيڪو ڪجهه ڳالهائيندي آهي ۽ هوءَ جيڪو نظريو
زندگيءَ بابت رکي ٿي، زندگيءَ کي هوءَ جيئن ڏسي ٿي
اسان جي ريتن روايتن، رسمن ۽ ماحول کي هوءَ جيئن
پرکي ٿي، ان باري ۾ هوءَ نه صرف لکي ٿي، پر
ڳالهائي به ٿي، ڇو ته س خواب خوشبو ڇوڪريءَ جي
ڀيري به مون کي بلڪل ايئن لڳو ۽ هن ناول ۾ به مون
کي ساڳي شيءِ محسوس ٿي، جيڪي ڳالهيون مون سان ڪيون
اهي ئي ماهتاب لکيون آهن. ٻي هڪڙي شيءِ جيڪا هن
تمام خوبصورتيءَ سان ڪئي آهي، ته غير روايت کي آڻڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي، مثلا هڪ شادي شده عورت پنهنجي
شادي شده زندگيءَ جا
Frustrations
ٻاهر ڪئين ڪڍي ٿي. اسان جنهن کي چئون تهExtra marital Relations
قائم ڪري ٿي ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ عورت کي ان جي
سزا به ملي ٿي، رائيٽر جو ڪمال اهو آهي ته ان کي
مقصد ڏانهن کڻي وڃي. هن ۾ ڪا
Positivity
ڏيکاري اُها
Positivity
ماهتاب پنهنجي ناول ”خواب خوشبو ڇوڪري“ ۾ به ڏيڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ”پيار پناهون ڇانورا، ۾ به ساڳي
Positivity ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
فيرز ميمڻ: مان ڪجهه پبليڪشن جي حوالي سان چوندس
ته ادي ماهتاب محبوب جو پهريون ناول نيو فيلڊس جو
200 نمبر ڪتاب هو ۽ اُهو کيس اعزاز مليو. مون
سوچيو هو ته ادي ايڏو تڪڙو لکندي جو سوا ٻه سؤ
نمبر ڪتاب سندس هوندو، پر ائين نه ٿيو، هي ناول
ٿورو ليٽ ٿي ويو، پر مان اميد ٿو ڪريان ته سندس
ٽيون ناول اڍائي سؤ نمبر ڪتاب ٿيندو.
ناول جي ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ ڪافي پريشانيون ٿيون.
پروفن جي سلسلي ۾ ڪجهه ليٽ به ٿيو، ان ڪري ڪجهه
غلطيون به رهجي ويون آهن، جيڪڏهن انهن کي ختم ڪرڻ
جي ڪوشش ڪجي ها ته ٿي سگهي ٿو ته ناول ٻه ٽي مهينا
اڃا به ليٽ ٿئي ٿا.
فدا حسين شاهه: منهنجي خيال ۾ ته جيڪڏهن
Legendry
ماڻهن جو ذڪر اوهان جي چپن تي ايندو آهي ته بي
اختيار اهي ماڻهو اوهان کي ياد ايندا آهن، جيڪي
اوهان جي آس پاس هجن.
And I would Love to be green with anyness. I
have to make my speach about Mahatab Mahaboob,
because she is not Jist a legendry person to me
but very dear degend friend of mine.
۽ هڪ وڏي ڀيڻ پڻ.
جامي چانڊيو: منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه رسمي نه،
پر منهنجي دوستن به چئي آهي، مان وري به ٿو
ورجايان ته مون کي ذاتي طرح ڏاڍي خوشي ٿي آهي،
گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿي، ان ناول جي حوالي سان ۽ مان کيس
دل جي گهراين سان ۽ پنهنجي پوري محسوسات سان
مبارڪباد ٿو ڏيان، ته اڄوڪو دور جنهن ۾ ادب بنهه
گهٽ ٿو لکجي ۽ ان ۾ به وري سٺو ادب جنهن کي ادب
چئجي.گهڻيون ته اهڙيون شيون آهن،جن تي سنگين الزام
آهي ته اهو ادب آهي، ان ڪري اهڙو هڪ سچو دور جنهن
۾ تمام گهٽ ٿو لکجي، خاص ڪري نثر ۾ تمام گهٽ ٿو
لکجي ۽ ان ۾ سٺو لکجڻ ته وڏي ڳالهه آهي، ان ڪري
آئون مئڊم کي مارڪباد ٿو ڏيان ته هن جو اهو سفر
ڪيو آهي، هن ويجهي عرصي ۾ هڪ ناول ڏنو ۽ وري ٻيو
به ڏنو-- ۽ جنهن کي آءُ ادب چوندو آهيان ان کي
پڙهڻ ۾ ڏاڍو سنجيده هوندو آهيان- اسان وٽ سٺي
ٻوليءَ جو مطلب لفاظي ڪرڻ ورتو وڃي ٿو، دنيا جي
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ کوکلي لفاظي ڪرڻ ٻاراڻو ڪم
سمجهيو وڃي ٿو. پر ڪو به سنجيده رائيٽر وڏو
ڪارائتو رائيٽر جنهن کي هڪڙو واقعي به چئجي رائٽر،
اهو اهڙيون حرڪتون نه ڪندو آهي. جو لفاظيءَ کي ادب
سمجهي- اسان وٽ گذريل ٻارهن سالن کان هڪڙو ٽربينڊ
اڀريو آهي، جنهن ۾ بي معنيٰ لفاظي مصنوعيت واري
لفاظي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي اوريجنلٽي، ٻوليءَ جو حسن
نه هجي ۽ لفاظي هجي ۽ لفظن جي اڏي ڀرمار هجي، جو
ڪانٽيڪٽ وڃائجي وڃي. خيال وڃائجي اُهو ثانوي ٿي
وڃي، ۽ ماڻهو ڄڻ لفظن جي شاهي بازار ۾ گهڙي ٿو وڃي
۽ ماڻهو کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ادب آهي ڇا آهي؟
مئڊم ماهتاب هڪ اوريجنل رائيٽر آهي. هن جي ٻوليءَ
۾ خاص سادگيءَ وارو حُسن آهي. هن ۾ اوريجنلٽي
آهي، بي ساخته پڻ آهي. سندس لکڻيون اهڙيون آهن،
جن ۾ ٻوليءَ جو تعلق سچئشن سان، ڪردار ڪهڙا آهن،
ماحول ڪهڙو آهي. هر ڪردار ۽ ماحول جي پنهنجي حساب
سان ٻولي ٿئي ٿي. هن ناول ۾ به مئڊم پنهنجي اها
خوبي برقرار رکي آهي. خوبصورتي ۽ اوريجنلٽي ناول
جي عنصر طور ٻولي ميچوئر نظر آئي، جنهن کي صحيح
معنيٰ ۾ ادبي ٻولي چئجي اها نظر آئي.
ٻيو جيڪو ان ناول جي ڪنٽين جي حوالي سان ڳالهه
ڪندس ته هن ناول جو موضوع رڳو اسان جي معاشري جو
موضوع ناهي، اڄوڪي هر ملڪ، سڄي انساني معاشري جو
اهو صرف اوڀر ۽ اولهه جو به مسئلو ناهي، انسان ذات
جو عجيب وڏو الميو آهي، جو اڃا تائين هزارين سال
گذري وڃڻ جي باوجود هڪڙو متوازن هڪڙو باوقار
انساني معاشرو ٺهڻ هڪ خواب آهي- هڪ افسانو آهي-
اوڀر جا معاشرا پسماندگيءَ جي اهڙي ڇيڙي تي بيٺا
آهن،جتي انيڪ قسم جون جهالتون پسماندگيون آهن.
اولهه جو معاشرو آزاديءَ جي نالي تي ڇڙواڳيءَ جي
انتها تي بيٺو آهي، جنهن کي آزادي چئي نٿو سگهجي،
تنهن ڪري هڪڙو باوقار انساني معاشرو جنهن ۾ جذبن
جو توازن هجي، روين جو توازن هجي، قدرن جو توازن
هجي ۽ رشتن جو توازن هجي. اهڙو معاشرو اولهه توڙي
اُوڀر ۾ به خواب آهي. پر اولهه جو معاشرو پنهنجي
سمورين خرابين سميت تاريخ جي عام تجربن مان گذري
مختلف سماجي ماحول مان گذري،هڪڙي جاءِ تي پهتو
آهسي، اوريجنلٽي ان جي معاشري ۾ آهي. اسانجو
پرابلم اهو آهي ته اسانجو ماڻهو عيسو، موسو، خميسو
رهي هڪڙي اهڙي قديم دور واري زماني ۾، اهڙي سماجي
ماحول ۾ ٿو رهي، جيڪو اڃا تائين ميڊيويڪ دور کان
به پٺتي بيٺو آهي، ڪميونيڪيشن ۽ انسان ذات جي ٻين
اهڙين ايسوسيئيشن سڄي دنيا ان جي سامهون آڻي
بيهاري ڇڏي آهي. يعني هاڻي جيڪو ٻن معاشرن جو
ايڪسيڊنٽ آهي، ان جي وچ ۾ جيڪو ماڻهو بيٺل آهي،
فرد بيٺل آهي، هڪڙو معاشرو بيٺل آهي، جنهن ۾ هڪ
وڏو سوال آهي ته اهو ڪيئن
behave
ڪري، اهو روين جو توازن ڪيئن قائم ڪري.
ان ڪري هي ناول جيڪو آهي، جيترو مون هن کي پڙهيو
آهي، جيترو مون ان جو مزاج سمجهيو هتي جيڪو مئڊم
ان جي باري ۾ فور ورڊم لکيو آهي.
مختصر ته هي جديد معاشري ڏانهن ويندِڙ ڪردارن جو
ناول مون کي نظر نٿو اچي. هي دير اصل ان هڪڙي
ايندڙ، وڌيڪ منجهيل ۽ وڌيڪ هڪڙي غير متوازن بحراني
سماج ڏانهن ويندڙ ڪردارن جي الميي جو داستان آهي.
هي ناول، جديد ته شايد پازيٽو لفظ آهي، ماڊر نٽي
هڪڙو پازيٽو ويليو آهي، پر هي صرف جذيت ناهي،
ماڊرنٽي ناهي، اُن جي نالي ۾ ڪا ٻي شيءِ آهي، جيڪا
معاشري جي رڳن ۾ گهڙي وئي آهي ۽ معاشري جي سامهون
سوال بڻجي بيٺي آهي ته هاڻ اُهي ڪيڏانهن وڃن، ان
ڪري هي ناول، ان جا ڪردار انهن جا رويا، هن ناول
جي ذريعي مئڊم جيڪي قدر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
اِهي سڀ رويا، تصور قدر ۽ رشتا در اصل ان بحراني
قسم جي دور جي ترجماني ڪن ٿا، جيڪو اسين اڄ_
ڀوڳيون ٿا ۽ اسان کي وڌيڪ اُڀرندي نظر اچي ٿو،
اُهو مستقبل ۾ ان ڪري هن ناول جو موضوع ان خيال
کان مون کي اهم نظر آيو -هڪڙو ٻيو پهلو جيڪو مون
ولي رام ولڀ صاحب سان شيئر پئي ڪيو ته سٺي ڳالهه
لڳي ته اسان جي سنڌي رائيٽر يا سنڌي ماڻهو سڄو
جيڪو به آهي، شهر ۾ رهي ٿو يا ٻهراڙي ۾ رهي ٿو، هو
پاڻ کي سمجهي ٻهراڙيءَ جو ماڻهو ٿو، رهي ڀلي
ڊفينس ڪراچي ۾، پر هن جا رويا، هن جا زندگي
ڏانهن جيڪي تصور آهن، شيون آهن، اُهي هن جي
Subconsscious
۾ آهن، تحت الشعور ۾ جيڪو رويو ويٺل آهي، اهو ته
هو پاڻ کي ٻهراڙي جو ماڻهو سمجهي ٿو ۽ مون کي سخت
توهين فيل ٿيندي آهي ته اسان ٻهراڙيءَ جو سماج
آهيون ته شهري سماج به آهيون. اسين گذريل دفعي
T. V.
تي ويٺا هئاسون، محمود مغل به ويٺو هو، مهتاب
راشدي به هئي، اسان ڳالهه پوري ڪئي ته مون ان مهل
T. V.
تي احتجاج ڪيو، ته هي توهان اسان جي توهين پيا ڪيو، ته اسان
صرف ٻهراڙيءَ جو سماج آهيون. ٻيو منهنجو ڀاءُ آهي،
جيڪو گذريل ٽيهن سالن کان ڪراچيءَ ۾ ٿو رهي، هن جا
ٻار هتي پڙهيا آهن، سينٽ بونا وينچر ۾ سڀ شيون هتي
آهن، پوءِ ڇا پاڻ اڃا تائين ٻهراڙيءَ جا ماڻهو
لکائيندا، اِن ڪري هيءَ جيڪا سنڌي ماڻهن جي احساس
ڪمتري آهي، ته فقط پاڻ کي ٻهراڙيءَ جو سمجهڻ،
لاڙڪاڻي جو ماڻهو عيد تي وڃي ٿو ته چئي ٿو ڳوٺ ٿو
وڃان، لاڙڪاڻو ته ڳوٺ ناهي، شڪارپور جو ماڻهو
چوندو، آئون ڳوٺ ٿو وڃان، هاڻ شڪارپور ته ڳوٺ
ناهي، دادو ته ڳوٺ ناهي، نوابشاهه ته ڳوٺ ناهي ۽
هاڻي تصور بدلجي ويا آهن. ڳوٺ ۽ شهر جا، مٺيءَ ۾
به انٽرنيٽ آهي.
هن ناول ۾ مون کي سٺي ڳالهه اِها نظر آئي ته گذريل
جيڪو ناول هو مئڊم جو ان کان پهرين، ۽ هي ناول ته
هن ۾ سنڌي رائيٽر جو مون کي هڪڙو بدلجندڙ رويو نظر
آيو ته هو پاڻ ذهني طرح ٻهراڙيءَ جي سماج سان
واڳيل ته ضرور آهي، اهو فيڪٽ آهي،
گلبدن جاويد ناول جي باري ۾ ڳالهائي رهي آهي.
پر هو پاڻ کي شهري به سمجهي ٿو. سنڌي سماج ۽ شهري
نوعيت جا مسئلا به آهن، سنڌي سماج جو هڪڙو حصو
شهري به آهي، تنهن ڪري هي جيڪو اپر مڊل ڪلاس يا
اڀرندڙ اپر مڊل ڪلاس جا جيڪي پرابلمس آهن، جيڪي
سماجي پيچيدگيون آهن. هي ناول انهن کي به ڊپڪٽ ڪري
ٿو ۽ هن ناول جي ذريعي مون کي هڪڙي اِها ڳالهه
انسپائر ڪندڙ نظر آئي ته سنڌي رائيٽر جو
T. V.
ڊرامو ڏسو يا ٻيون شيون ڏسو، هاڻ وچ ۾ اِها تبديلي
آئي آهي، محمود ڪجهه ڊراما لکيا آهن، ٻين لکيا
آهن ته اسان کي ائين ڪرڻ کپي.اسان کي ٻڌائڻ کپي،
دنيا کي ته اسين شهري سماج به آهيون. سمورين
Ifs
۽
Buts
سان گڏ، سمورين پيچيدگين سان گڏ اسين شهري سماج به
مسئلا آهن، سي اسان سان به آهنو، پر اسين هڪڙو
شهري آهيون، ان ۾ جيڪي جنرل انساني معاشري جا سماج
به آهيون، اسان کي ضرورت آهي ٻڌائڻ جي. ان ڪري
سنڌي رائيٽر جو اهو تبديل رويو، گذريل ناول ۾ به
ائين هو، مون کي خوشي ٿي ڏاڍي ۽ هڪڙي ڳالهه ۾ مون
کي حيرت ٿي آئون شيئر ڪرڻ چاهيندس ته مئڊم سماجي
طرح تمام گهٽ اٿي ويهي ٿي، گهٽ نڪري، پر هن جو
سماجي مشاهدو ايڏو تيز آهي، جو آئون حيران آهيان
ته ڪٿان ٿي خبر پوي اُن جي معاشري جي. مئڊم ايڏي
پاڻ کي ايسوسيئيشن ۾ رکي ٿي، ايترو اُٿي ويهي گهٽ
ٿي، ٻاهر اسين ڏسونس ڪو نه ٿا، ته اهو ايڏو جيڪو
هڪڙو تمام جذبات ۾ وڃي هڪڙو سماجي مشاهدو هُن جو
جيڪو اڄ آهي، مطلب ته هن کي خبر ڪيئن ٿي پئي، ته
اهو واقعي مون کي خوشي به ٿي، حيرت به ٿي، سچي
ڳالهه اِها آهي. ڇو ته ڊائلاگس مان، جيڪي ان
ڪردارن ڊائلاگس آهن، ڊائلاس پوري ڪردار جي نفسيات
جو اظهار ڪن ٿا. هڪڙيون ٻه شيون ڊائلاگس جون پر
اُهي اُن ڪردار جي شعور ۾، توڙي لاشعور، هن جو تحت
الشعور هن جو پس منظر هن جو پوري رويي جي ترجماني
ڪن ٿا. ٻن ٽن ڊائلاگس ۾ پورو ڪردار ظاهر ٿي ٿو
پئي، ته اهو جيڪو ايڏو ڊائيورسٽي فار جو سمورو
ماحولن جي ڪردارن جو ايڏو مشاهدو ڏسي مون کي حيرت
ٿي. مان هڪ وار وري ٿو مبارڪباد ڏيان مئڊم کي.
گلبدن جاويد مرزا:
ادي ماهتاب محبوب هن دور جي عظيم شخصيت آهي، جنهن
جي ويجهڙائيءَ کي مان پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز
سمجهان ٿي. اديءَ جي مون تي شفقت آهي ۽ مان هڪ ئي
وقت ساڻس عزت، عقيدت ۽ محبت ڪريان ٿي. ماهتاب
محبوب جي لکڻين جي اهميت ڏسي آئون حديث نبويءَ جو
هي حوالو ڏيڻ مناسب سمجهان ٿي ته عالم نبين جا
وارث آهن، تڏهن جي نبين جي علم مان ڪجهه هنن کي به
ورثي ۾ ملي ٿو، ته معجزي ۽ ڪرامت جي به ڪا نشاني
هِنن کي به ورثي ۾ ملندي هوندي جئين حضرت موسيٰ
کي فرعون ۽ ٻين ڪافرن جي مقابلي لاءِ لٺ ۽ روشن هٿ
ٻه هٿيار مليل هئا، تيئن ليکڪ ۽ عالم کي به ٻه
هٿيار آهن، هڪڙو قلم ۽ بي زبان. ماهتاب محبوب جي
قلم مان نڪتل هر لفظ وڏي افاديت رکي ٿو. سندس هم
عصر شاعر ليکڪا سحر امداد چواڻي ماهتاب محبوب جو
قلم اهو پارس آهي، جيڪو لوهه لفظن کي سون ڪري ڇڏي
ٿو، ماهتاب محبوب پنهنجي پهرين لکڻيءَ کان وٺي، اڄ
سندس تيرهين ڪتاب، ”پيار پناهون ڇانورا“ جي مهورت
تائين پوري ادبي دور تي ڇانيل نظر اچي ٿي،
اليڪٽرانڪ ميڊيا جي باوجود به جيئن ته آئون ادبي
شعبي سان وابسته آهيان. تنهن ڪري آئون اِهو بلڪل
چئي سگهان ٿي، ته اديءَ جي لکڻين جي ڏينهون ڏينهن
پذيرائي ٿيندي ٿي رهي، ٻي هڪڙي ڳالهه جا آئون ڪرڻ
چاهيان ٿي ته منهنجي خيال ۾ اڄ تائين سنڌ جي ڪنهن
به اديب، ڪنهن به سياستدان يا ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ
وڏين دعوائن ڪرڻ جي باوجود به سنڌي ٻوليءَ جي
ايتري خدمت نه ڪئي هوندي، يا سنڌي ٻوليءَ جي ايتري
خدمت نه ڪئي هوندي، يا ڪنهن سرحد پار اديبن سان
ڳانڍاپي جي ڪوشش ڪئي هجي. ماهتاب محبوب جو سفر
نامو ”اندر جنين اُڃ“ اهڙي پس منظر ۾ ڪنهن ڪرشمي
کان گهٽ ڪو نه آهي، ماهتاب محبوب جي لکڻين جا
ڪردار رمزن ۽ رازن سان گڏوگڏ سهڻي ۽ سولي انداز ۾
هئڻ ڪري، سنڌي سماج تي سڌا سنوان مثبت اثر ڇڏين
ٿا. جيئن ته سندس ڪهاڻيون سريت، لهر لهر زندگي اڄ
به جڏهن اسين فرينڊز پاڻ گڏجي پڙهنديون آهيون ته
انهن ڪردارن جا ڏک رنج اهنج ڏسڻ کان سواءِ وري
جيڪا انهن تي تنقيد ٿيل هوندي آهي ته ٽهڪ ڏيئي
ٿڪجي به پونديون آهيون. آئون اديءَ جي هن ناول
پيار پناهون ڇانورا لاءِ ڪجهه چوڻ چاهيان ٿي، هي
ناول اسان جي موجوده سماج جي چٽي تصوير آهي، هن
ناول جي مين ڪردار رمل جنهن لاءِ ادي ماهتاب
محبوب پاڻ لکيو آهي ته هوءَ ڪليو پيٽرا جهڙو جسم
۽ ماريو جهڙو روح رکندڙ ڪردار آهي. سو ان جو ته
گهڻي ڀاڱي ادا تاج جويي ذڪر ڪري ڇڏيو آهي، بهر
حال هڪڙي پوائنٽ جيڪا مون کي ڊسڪس ڪرڻي آهي، هن
ناول جي، رمل پنهنجي ڪليگ امرت سان گڏ جڏهن مختار
بيگم جي بنگلي تي پهچي ٿي اُتي هوءَ مختيار بيگم
کان سوال ڪري ٿي ته ڇا توهان پنهنجي موجوده
زندگيءَ مان مطمئن آهيو؟ ته مختيار بيگم ڏاڍي فخر
مان چوي ٿي، ته هن شيءِ مون کي ان جي ڪري متوجه
ڪيو آهي، ته اسان وٽ سماج ۾ جيڪو مردن پنهنجو
ڪردار وڃائي بلڪل کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، ادي هرو ڀرو
ان ۾ معنيٰ هٿ وٺي ڪارو ڪاريءَ جو ذڪر ڪري ها، نه
ڪرڻ کپيس ها، ڇا ڪاڻ جو هي ناول سڄو شهري ماحول تي
آهي. پر هن ۾ جيڪا هڪڙي طوائف اسان جي سماج تي
تنقيد ڪري ٿي، زال ۽ مڙس جي رشتي تي جيڪو چوي ٿي.
اُها شيءِ آئون توهان کي پڙهي ٻڌائڻ چاهيان ٿي
ته:
رمل پڇي ٿي ”اوهان جي سٿ جي ساٿاياڻين جو شاديءَ
جي باري ۾ ڪهڙو رويو آهي؟“ ته چويس ٿي، ”هتي به
درجا آهن، هرڀرو ڪنهن کي مرد بدلائڻ جي عادت
ڪونهي، اُهي گهٽيا رنون ٿين ٿيون، جيڪي ٽڪي پئسي
تي پيون وڪامجن، جيڪڏهن اسان کي ڪو هڪ مرد واقعي
به ڪنهن مرد جيان، سٺي طرح رکي ٿو ته پوءِ ٻئي ڏي
اک کڻي به نه نهاريون، هونءَ به مرد وٽ اسان
ويهاريلن جي عزت نڪاح ٻڌين کان سوين درجا مٿي آهي.
توهان اشرافن وٽ شينهن ڪلهي چڙهڻ وارو سودو ڪيڏو
نه گهاٽي وارو ٿيندو آهي، اُها ڳالهه وقت ۽
مشاهدي مون کي سمجهائي ڇڏي آهي.“ اهو مختيار بيگم
ٿي چوي، توهان مڃو نه مڃو پر اِها حقيقت آهي ته
مرد وٽ هڪ ويهاريل يا طوائف جي زال کان وڌيڪ عزت
آهي. هو کين گهمائڻ ڦيرائڻ، نت نئين ملڪن جا
سير سفر ڪرائڻ سان گڏ هر منهنجي گهربل رقم يا
عيوضو ۽ ٻيون سوکڙيون پاکڙيون، تحفا تحائف وڏي قرب
مان عقيدت منداڻي نموني ڏي ٿو، جڏهن ته گهر
ڌياڻين کي ڪو خرچ پکو ملندو، ته اهو سهائي مارڻ
کان پوءِ خيرات وانگر ملندو، ته هيئن ٿو ڪمايان،
هونءَ ٿو ڪمايان، اهو سڄو
گهر ٿو سنڀاليان، ڪهول ٿو پاليان، اسان پاري ڪا بڇڙو ڪندس ته ان
کي به اسان جي ادا سمجهي پيو مرڪندو. جڏهن ته
اشراف زال طلاق جي ڊپ کان خاموشيءَ سان پئي ظلم
سهندي آهي. ڇو ته نڪاح جي ٻولن ۾ ٻڌجڻ کان پوءِ
پنهنجو وقار ۽ قدر مڙس اڳيان ڄڻ وڃائي ٿي ڇڏي.“
هوءَ نان اسٽاپ ڳالهائيندي خيال ظاهر ڪرڻ لڳي
منهنجي خيال ۾ ته اديءَ جو هي ناول هر لحاظ کان
تمام سٺو ۽ ڀرپور آهي. |