سائينءَ جي گهر واري اچي پيرن تي ڪِريس، ماءُ قرآن
پاڪ کڻي آيس. پر سائين نه مُڙيو. حويليءَ اندر
جيڪي ٻه ٽي نوڪرياڻيون رهيل هيون، تن به مائيءَ
جون دانهون ٻُڌيون. مائيءَ سائينءَ کي ڏاڍو
ٻاڏايو، واسطا وڌائينس رب جا- پر سائينءَ تي ذرو
به اثر نه ٿيو ۽ سائينءَ اُن مائيءَ کي ڪهاڙيءَ
سان ڳڀا ڳڀا ڪري، اڻ ڏاڪڻ واريءَ جاءِ تي پوري
ڇڏيو.
ماسي منظوران ڳالهه ختم ڪئي ته سورٺ ڏٺو سندس منهن
تي خوف جا آثار پڌرا ٿي پيا هئا. سورٺ پاڻ به خوف
وچان ڏڪي رهي هئي. خشڪ ٿي ويل نِڙيءَ کي آلو ڪندي
سورٺ پُڇيو:
”پوءِ ، پوءِ ڇا ٿيو ماسي؟ اهو ماڻهو پنهنجي زال
کي وٺڻ لاءِ ته آيو هوندو نه!.“
ماسيءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
”ها جيجي، پر سائين ڪو مڃي ڇا ته تون پنهنجي زال
مون وٽ ڇڏي ويو هئين- ڪو شاهد به ته ڪو نه هو،
اُنهيءَ ڳالهه جو-پوءِ اهو شخص ڏاڍو پريشان ٿيو.
سائينءَ کي گهڻيون ئي منٿون ڪيائين. ائين ڪجهه نه
وريس ته پوليس ۾ وڃي فرياد داخل ڪرائڻ جي ڌمڪي به
ڏنائين. پر ڪجهه نه وريس.“
”هڪ پاسي تر جو وڏو زميندار، سيد ۽ صوبيدار، ۽ ٻئي
پاسي هڪڙو غريب ماڻهو، هر ڪنهن سائينءَ جو ساٿ ڏنو
۽ هُو ويچارو روئي رڙي ماٺ ڪري ويهي رهيو، چون
ٿا، حويليءَ جي تلاشي وٺڻ لاءِ پوليس به آئي. پر
سڀ سيد هڪ ٿي بيٺا ۽ نتيجي ۾ پوليس واپس موٽي
وئي.“
جيجي، وڏي سائينءَ تي انهيءَ واقعي جو اهڙو ته اثر
پيو جو ويچارو ڪِريو ته وري اُٿي نه سگهيو ۽ وڃي
مقام وسايائين.“
ماسي منطوران، ماٺ ڪئي ته سورٺ چيو:
”مون هاڻي سمجهيو ته ان پاسي وڃڻ کان روڪيو ڇو ٿو
وڃي. مون کي. ماسي منظوران پهرين ڪمري جي در ڏانهن
نهاريو ۽ پوءِ بيحد آهستي آواز ۾ چيائين:
ها جيجي، جيجي وڏيءَ کي اهو ڊپ ويٺل آ ته متان نه
توکي ڪو نقصان رَسي. گهڻا سال اڳ، جيجي وڏيءَ جي
ڀيڻ پنهنجي پٽ جي نُنهن وٺي آئي هئي. ان ضد ڪيو هو
ڇت تي وڃڻ جو- سڀني ڏاڍو روڪيس، پر هوءَ ضد تان نه
لٿي ۽ مٿي چڙهي ويئي، پوءِ جڏهن هيٺ پئي لٿي ته
ڏاڪڻ تان اهڙو ته ٿاٻو آيس، جو ويچاري اچي هيٺ
فرش تي پئي ۽ سڄي رت ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي. بس اُن
ڏينهن کان پوءِ، ڪا به ڪنوار يا پرڻيل عورت ڇت تي
ناهي وئي. مائيءَ جي قتل جي ٻن سالن کان پوءِ،
سائينءَ کي ڌيءَ ڄائي، اُها جڏهن ستن سالن جي ٿي
ته ننڊ مان رڙيون ڪري اُٿندي هئي ۽ ٻڌائيندي هئي
ته خواب ۾ مان هڪڙي ڳاڙهن ڪپڙن واري مائي ٿي ڏاڪڻ
تي ويٺل ڏسان- هوءَ مون کي سڏي ٿي ۽ مان خوف وچان
دانهون ڪريان ٿي ته ننڊ مان سجاڳ ٿي پوان ٿي.
پوءِ جيجي اُها ننڍڙي گهڻو وقت جيئري نه رهي ۽ مري
وئي. سائين صفا ديوانو ٿي پيو. نياڻيون ميڙ وٺي
وڃي بخشرايائين، تڏهن مس وڃي پٽ جو اولاد ٿيس. پر
پوءِ به هن حويليءَ تي ڏکيون گهڙيون ۽ مصيبتون
اينديون رهيون. هن حويليءَ وارن ڪڏهن سک جو ساهه
ناهي کنيو. اڃا تائين اهو سلسلو جاري آهي. مائي
ويچاري مظلوم ۽ بيڏوهي هئي. ويچاري ناحق ماري وئي.
جيجي، چون ٿا ته مائي پيٽ سان به هئي.“ ماسي
منظوران ڳالهه پوري ڪندي اُٿي ته سورٺ چيس:
”ماسي مان ڊڄان ٿي، سائين به خير ڪو آهي. اڄ رات
تون مون وٽ ئي سمهي رُههُ.“
”ٺيڪ آ جيجي. جيجي وڏيءَ کي ٻڌائي ٿي اچان.“ ائين
چئي ماسي ڪمري مان نڪري وئي.
ٻئي ڏينهن سانجهيءَ مهل سورٺ اگر بتين جي پيتي ۽
ماچيس هٿ ۾ ڪري مٿي ٿلهي تي چڙهي ڏاڪڻ طرف وڃڻ لڳي
ته سَسُ ڏسي ورتس ۽ دانهن ڪري روڪيائينس:
”امان، ايڏانهن متان وڃين، توکي ايڏانهن وڃڻ جي
جهل ٿيل آهن.“ هن سَسُ کي جواب ڏنو.
”امان، هن جي ڪاوڙ ۽ غصو توهان بيبين تي آهي. مان
ته سندس جهڙي اُميتاڻي آهيان، مون کي يقين آهي ته
هوءَ مون کي ڪو به نقصان نه رَسائيندي. امان،
مهرباني ڪري مون کي روڪيو نه. مون کي اجازت ڏيو
وڃڻ جي ته مان هن کي پرچائي اچان. معافي وٺي اچان.
۽ امان، مون کي پڪ آهي ته هوءَ مون کي خالي هٿين
نه موٽائيندي. منهنجو چوڻ ضرور مڃيندي ۽ پوءِ هن
حويليءَ تان هميشه هميشه جي لاءِ هر مصيبت دُور ٿي
ويندي.“
سندس سَسُ حيران ۽ پريشان اتي بيٺي رهجي وئي ۽
هوءَ اڳتي وڌي ويئي.
علي محمد درد سولنگي
نثري نظمن جي شاعره
امينه ناز ڀٽي
5 آڪٽوبر تي حاجي نبي بخش ڀٽيءَ جي گهر ۾ هڪ نياڻي
جنم وٺي ٿي، ڪنهن کي خبر نه هئي ته اها نياڻي اڳتي
هلي ايتري حساس ثابت ٿيندي جو، شاعره بڻجي ويندي.
روايت موجب ڇٺيءَ رات سندس نالو امينه رکيو وڃي
ٿو. امينه ننڍپڻ کان ئي نازڪ ۽ نفيس طبيعت جي مالڪ
هجي ٿي، هوءَ ڪنهنجون آليون اکيون ڏسي ٿي ته
پنهنجي مُرڪ وساري لڙڪ لاڙي ويهي ٿي، هوءَ پنهنجين
سهيلين سان، سڳين ڀينرن جهڙي سڪ، پيار ۽ پريت سان
ملي ٿي. وقت جڏهن عمر سان گڏ سندس سوچ، شعور ۽ عقل
۾ اضافو ڪري ٿو ته هوءَ اڃا وڌيڪ پره خلوص ۽ حساس
بڻجي وڃي ٿي. هوءَ پنهنجي آسپاس جي ماحول ۾ عورت
تي ٿيندڙ ظلم ڏسي دل ئي دل ۾ ڪڙهندي ۽ ڪجهه نه
ڪجهه لکندي رهي ٿي. ليڪن اهو قلمي رياض/ ادبي
پورهيو يا هوءَ ڦاڙي ڦٽو ڪري ٿي/ رديءَ جي ٽوڪريءَ
جي حوالي ڪري ڇڏي ٿي يا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن راز جيان
سندس ڊائري جي سيني ۾ دفن ٿي وڃي ٿو. وقت اڃا
اڳڀرو وڌي ٿو ۽ امينه جي لڇڻ ۽ لکڻ جو عمل به اڳتي
وڌي ٿو، هوءَ لکي ٿي پاڻ تي، پنهنجي ڏکن سورن
تي، هن معاشري تي، عورت تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي،هن
جو قلم عورت سان ٿيندڙ ناانصافيون ڏسي، سندس دل
جيان رت روئي پوي ٿو ۽ هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي
قلمبند ڪيل جذبن کي ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ ڇپجڻ لاءِ
ڏياري موڪلي ٿي ۽ ائين سندس پهرين تخليق/ ڪهاڻي
1998ع ۾ هالار ڊائجسٽ ۾ شايع ٿئي ٿي. ائين سوچ جي
سلسلي جو سفر جاري ٿي وڃي ٿو. ائين امينه ناز
ڀٽيءَ جي نانءَ سان هوءَ ادب جي ميدان ۾ اچي پيرا
پائي ٿي.
امينه ڪهاڻين سان گڏ، شاعري به سرجڻ لڳي ٿي.
ڪهاڻين وانگي سندس غزل به متاثر ڪندڙ هجن ٿا، ليڪن
سندس نثري نظم سندس وانگيان سادا ۽ دل جي تارن کي
ڇهندڙ ٿين ٿا، جيئن سندس هيءُ نثري نظم آهي:
آءُ سوچيان ٿي
ان سوچ تي
جڏهن سوچيو هئي،
تو کي وساري ڇڏينديس
دل تان ڌڪاري ڇڏيندس
پر.............
ڪيڏي نه غلط هئي اها سمجهه
جيڪا سوچ کي سمجهي نه سگهي
اي سمجهه
ايترو ته سمجهه
ڪنهن کي وسارڻ
دل تان ڌڪارڻ
ڪنهنجي وس ۾ ئي نه آهي.
اهڙو خوبصورت خيال ۽ فڪر جي/ خيال جي ايتري گهرائي
ڪنهن ڪنهن نصيب واري کي ملندي آهي، ڏات جي ديوي
جڏهن ڪنهن دلواري جو در اچي کڙڪائيندي ته تات ۽
طلب، تخليق جا انيڪ روپ ڌاري وٺندي آهي. امينه به
جڏهن پنهنجي اندر جي اڌمن /الفتن جو اظهار ڪري ٿي
ته سندس وجود کي ويڙهيل اڻ ڏٺل مجبورين جا زنجير
به ظاهر ٿي پون ٿا ۽ هوءَ پنهنجي پاڻ کان ئي شڪايت
ڪندي نظر اچي ٿي ته:
نه ٿيس مارئي، نه ٿي سگهيس هير،
رهي رشتن جي ٻيڙي، سدا سوچ سير،
نه ئي اورانگهي سگهيس حدون حياءَ جون،
نه ئي ٽوڙي سگهيس رسمن جي زنجير.
امينه جو وجود، خلوص واري خمير مان ٺهيل آهي، وفا
هن جي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي، هن کي لائي نڀائڻ اچي ٿو،
تڏهن ئي چوي ٿي ٿي ته:
هر حال ۾ ويندي امينه نڀائي،
پر صحيح نه، جو ڪجهه هو ڪري ٿو پيو،
ڪير صحيح ڪري يا غلط، پر امينه ناز ڀٽي ڪڏهن به
غلط نه ڪيو آهي، نه ئي ڪڏهن پنهنجي ضمير جو سودو
ڪيو اٿس، سندس ئي چواڻي ته:
اڄ تائين اهو ئي ڪندي رهي امينه،
جيڪو چوندو رهيو، هن کي پنهنجو ضمير،
پنهنجي ضمير جو چيو مڃيندڙ هيءَ شاعره، تعليم جي
لحاظ کان گريجوئيٽ ۽ پيشي جي لحاظ کان سرڪاري
ملازم آهي. اڄ تائين هن سنڌي ادب کي ڪافي ساريون
ڪهاڻيون ۽ شاعري ڏني آهي، ليڪن طبيعت جي لحاظ کان
ٻالڪپڻو اڄ به ان جي اندر ۾ موجود آهي ۽ سندس دل
به ڪنهن ٻار جيان ئي معصوم آهي تڏهن ئي ته چوي ٿي
ته:
جيئن مان وڏي ٿيندي ٿي وڃان،
دل منهنجي ٻار ٿيندي ٿي وڃي.
واقعي دل ته ٻار وانگيان ئي هوندي آهي ۽ دل چنڊ جي
تمنا ڪري ويهي ته پوءِ ڇا ڪجي، هي دل جيڪڏهن ڪنهن
ستمگر تي اچي وڃي ته پوءِ ڇا ڪجي، سواءِ ان جي ته:
هر ستم ڪر تون، شوق سان صنم،
پر هي منهنجو پيار گهٽ نه ٿيندو.
دعا آهي شال هوءَ ائين ئي لکندي رهي ۽ اهڙي ئي
پيار سان اڃا وڌيڪ خوبصورت تخليقون ڪندي رهي ۽ گلن
سان پيار ڪندڙ هيءَ شاعره شل ڪنڊن ۽ ڪدورتن کان
محفوظ رهي.”آمين“
منظور ڪوهيار
حق سچ
نور شاهه ڪنگ سوار، ڪنگ کي ٻاهر بيهاري ڏکن جون
ڳٺڙيون کڻي درگاهه ۾ اوڀارين دروازي کان داخل ٿيو،
وزير سيد علي سرمست سندس انتظار ۾ اڀي پيرين بيٺو
هو،
”اڄ ڪنهن جا ڏک کڻي آيا آهيو؟“
”اڄ پنهنجن جا ڏک کڻي آيو آهيان“ نور شاهه وراڻيو
۽ پوءِ سيد علي سرمست جي هٿن ۾ ڳٺڙيون ڏنائين.
سيد علي سرمست اندر داخل ٿيو ۽ سائين جن جي آڏو
پهرين ڳٺڙي کولي رکي، اها ڇٽي امراڻي جي ڏکن جي
ڳٺڙي هئي، تنهن پاڻ مرادو ڳالهائڻ شروع ڪيو.
اوهان کي خبر آهي ته پهريائين منهنجو ڏيئو پاڻي تي
پئي ٻريو پر پوءِ اوهان جي طريقت جي تيل تي ڏيئو
ٻرڻ لڳو.....هاڻي ته حرص و هوس جي تيل تي جلي رهيو
آهي. جيڪو به اچي ٿو، دنيا ئي شين جي طلب ڪري ٿو.
هاڻ ڪنهن کي به دين و ايمان نه گهرجي.
منهنجا مرشد!
لالچ ۽ طمع کي طريقت جي چيچڙي ۾ پيڙي تيل ڪڍيو وڃي
ٿو، انهي تيل مان منهنجو ڏيئو ٻري ٿو، جنهن جي زرد
روشني ۾ انسانن جا چهرا ايڏا ته خوفناڪ ڏيکائي ڏين
ٿا، جو ڏسي روح ڪنبي وڃي ٿو.
ڇا اها اسان جي ڏيئن جي روشني آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجو روح به وهمن ۽ وسوسن جو شڪار
ٿي وڃي ٿو، ائين لڳي ٿو ڄڻ وقت جون گهڙيون ابتيون
هلي رهيون آهن، راجا چرٻٽ وري نروار ۽ سندس نگري
آباد ٿي چڪا آهن.انور ڪاسائي هر سو ڦري رهيو آهي ۽
ماڻهو برملا چئي رهيا آهن ته هي دنيا ڪوڙ آهي ۽
ڪوڙ رهندي، ايئن ڀاسي ٿو ڄڻ اسان پنهنجن مقبرن ۾
جسم خاڪي سان نه، پر پورين روحاني قوتن ۽ نظرين
سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون.
او دلين جا فاتح،
تنهنجي خاڪ پاڪ جو قسم!.... مون ڪڏهن به اوهان جي
حڪم عدولي جو سوچيو ناهي.
اوهان جي تلقين تي، صبر ڪيو:
پوريون ڏهه صديون، صبر ڪيو آهي، ايستائين جو قيامت
جا آثار به هاڻي قيامت جو دليل ناهن، دل چوي ٿي
ته، چورن ڦورن جي پيٽ مان وڏا وڏا اجگر ڪڍي نروار
ڪيان.
شايد، هاڻي صبر جو پيمانو بريز ٿي چڪو آهي، ٻڌايو
ته اسان لاءِ ڇا حڪم آهي
اهو ٻڌائي ڳٺڙي خاموش ٿي وئي.
سيد علي سرمست ٻي ڳٺڙي کولڻ چاهي ته مرشد منع
ڪئي:”ڳٺڙين ۾ ساڳيو ئي ڏک ڀريل آهي، نه کول.“ پوءِ
حڪم ڏنو.”سڀن کي چئو ته مزارن مان نڪري، گهٽي گهٽي
۽ گهر منادي ڪن ته، اسان اچڻ وارا آهيون. وقت جي
چرٻٽ کي ٻڌائن ته، اسان ورڻ وارا آهيون..... وري
هڪ وڏو دنگل ٿيندو. جنهن ۾ سچ حق ٿيندو ۽ باطل ڀڄي
ويندو.“
ٻه شاعر -
پرهه پروين گل
آزاد نظم
هن کي پوڄڻ
هن کي سارڻ
منهنجو ڪم آ.
ڌڪارڻ، وسارڻ
هن جو ڪم آ
درد وڃي آڪاش رسي ٿو
دانهن رسائڻ منهنجو ڪم آ
مرڪ ورهائي
ڀاڪر پائي، ڳل لائي
درد گهٽائي
درد وڌائي
هن جو ڪم آ
آءُ ڄڻ روبوٽ مثل
هن وٽ آ رموٽ ڪنٽرول
هن جي چورڻ، پورڻ سان چرندي آهيان
هلندي آهيان
منهنجي محبت هن وٽ آهي.
منهنجي طاقت هن وٽ آهي
منهنجو سڀ ڪجهه
دل جو سڀ ڪجهه
هن وٽ آهي.
هن وٽ آ رموٽ ڪنٽرول
۽ مان روبوٽ مثل
--•--
ٽيڙو
ڏسي پيو يڪو،
سمجهان ٿي ته پرين
ڏيندو ڪو تحفو.
الفت پوندي ساب،
ڦوهه جوانيءَ ۾ پرين.
ڏسان پئي خواب.
تو آهي وڻ تي،
منهنجو نالو جو لکيو،
پيو ٿو ڳڻجي.
تو سان آ محبت.
ساڻ وڌي وئي.
ويتر آ الفت.
خوشبو جو کيت،
مون آ هڪ ڊائري،
جنهن جو لکيل بيت.
غزل
تو سان جو گڏ هجان ٿي.
ڪيڏي خوش رهان ٿي.
تون ياد جو اچين ٿو،
لڙڪ نه روڪي سگهان ٿي.
ڪو خواب يا تصور،
تو کي ئي بس ڏسان ٿي.
مون کي ڪيئي اڪيلو.
تنهائي ۾ لڇان ٿي.
منهنجي پسند گل ها،
ڪنڊن ۾ جيئان ٿي.
تون پرهه جو آن سڀ ڪجهه،
تو کي نه ڪجهه چوان ٿي.
آزاد نظم
مان تنهنجي آهيان
ها پڪ ڄاڻ
مان تنهنجي آهيان
پر سوچيان ٿي
هي جيون
ڪنهن جو آهي
ها!
هي جيون
نه ڪي تنهنجو
نه ڪي منهنجو
جيون آهي امانت
موت جي،
چوسٽا
توهان جي ته محفل متل آ سدائين،
اسان جي ته قسمت رٺل آ سدائين.
رقين سان راتيون ڪرين ٿو رهاڻيون،
هتي ننڍ اسان جي ڦٽل آ سدائين،
من مندر ۾ تنهنجي صورت،
ذهن تي نانءُ تنهنجي گردش،
سوچ ننگر ۾ تنهنجي صورت.
ٻه جيون ساٿي
غلام مصطفيٰ سولنگي
غزل
بي چسي، بي رنگ ۽ بلڪل ڦڪي،
مون گذاري هر گهڙي تو لاءِ سڪي.
زندگيءَ کي جيڏو مون ڳوليو،
اوترو مون کان الاءِ ڇو لڪي.
ڇرڪ سو تنهنجو مون آ سانڍي رکيو،
جنهن گهڙي مون ٻانهڙي تنهنجي ڇڪي.
تو سوا سانئڻ! حياتيءَ ۾ سدا،
درد جي موسم اسان ڏي پئي ٽڪي.
خودڪشين جي موسمن ۾”مصطفيٰ.
زندگي ڪنهن ٻي طرف آهي ڌڪي.
غزل
عام گهر جي آشنائي جو رواج،
ڪين گهر جي پارسائي جو رواج.
عشق جو اڳ ۾ هو قائم وجود،
اڄ به گهرجي آشنائي جو رواج.
مس ڳنڍڻ جي ڪريان ڪوشش پرين،
ڇو وجهين ٿو تون جدائي جو رواج.
ڌوڙ منهن ۾ ڪوڙ جي وجهندا رهو،
نيٺ وجهڻو آ سچائي جو رواج.
ڏس ته ڪيڏي رهزني ٿي هت ٿئي،
واهه جو رهنمائي جو رواج.
مصطفيٰ شل آرسي ڪنهن کي ڏسيان،
ڇو ته هت آ خودنمائي جو رواج.
--•--
غزل
حور آهين يا ڪا پري سانئڻ، دل ڏنم توکي سو کڙي
سانئڻ.
رات اوندهه کي ڪري روشن،سونهن تنهنجيءَ جي روشني
سانئڻ.
تون سفر، همسفر به تون آهين، تون ئي منزل جي رهبري
سانئڻ.
جسم مان، جان تون جدا ناهيون، ساهه کان تون ته
ويجهڙي سانئڻ.
دلڪشي ۽ خوشي رڳو تون هين، زندگي تو سوا ٻُسي
سانئڻ.
مصطفيٰ وٽ ٻيو ته ڪجهه ڪونهي،پيو لٽائي ٿو شاعري
سانئڻ.
غزل
اوندهه گهر مان نڪري آ، روشن در مان نڪري آ.
سج جي واٽ وڃڻ جي چاهين، ڪوڙي تر مان نڪري آ.
بند اکين سان ڇا ملندئي، خواب نگر مان نڪري آ.
يادون تو کي ٻوڙينديون، انت بحر مان نڪري آ.
جيڪا تنهنجو چين کسي، ان ٻڏتر مان نڪري آ.
گهاءَ ڏسي وڃ غربت جا، ٺٺ ٺانگر مان نڪري آ.
دوڌ، دغا وارن جي تون، مصطفيٰ اثرمان نڪري آ.
فوزيه حبيب صديقي_________________
نفسيات
ٻارن سان بدسلوڪي (Child Abuse)
ن بظاهر مهذب دنيا۾، ڪمزورن سان ڏاڍايون ٿين ٿيون،
ٻار بالخوص انسان جي حيواني، بلڪ حيوانن کان به
بدتر سلوڪ جو شاڪر آهن. بد سلوڪيءَ جون قسمين
قسمين وارداتون ٿينديون رهن ٿيون. اُنهن ۾ اغوا يا
خريداري بعد، جسماني، جذباتي، نفساتي ۽ جنسي بد
سلوڪي شامل آهي. هي جديد دؤر جي انسانن جو بيحد
تشويشناڪ مسئلو آهي، ڇا ڪاڻ ته ٻار، مستقبل جو
ٻيجارو ۽ قدرت جو بهترين تحفو آهن. اُنهن جي بهتر
پرورش ۽ تعليم و ترتيب تي انساني نسل جي بهتر
مستقبل جو دارومدار آهي. وڌيڪ افسوس اُنهن آزادي
جي علمبردار جنگجو تنظيمن تي ٿئي ٿو، جيڪي ڏهن،
ٻارهين بلڪ انهيءَ کان به گهٽ عمر جي ٻارن کي
پنهنجي جنگي ڪارروائين ۾ استعمال ڪن ٿا. ٻار
معاشري جو سڀ کان ڪمزور حصو آهي. هُن جو سڀ کان
وڏو مسئلو اهو آهي. ته هو پنهنجي متعلق ڳالهائي
نٿو سهگي، ۽ پاڻ سان ناانصافي ڪندڙ سان وڙهي نٿو
سگهي. اهو ئي اهم سبب آهي جو هو سڀ کان وڌيڪ بد
سلوڪي جو شڪار آهي. بد سلوڪي جو هڪ ننڍڙو مثال
نوڪر ٻار آهن. خوشحال گهرن ۾ اسان کي نون ڏهن
سالن جا ٻار ملندا جن کي عورتون پنهنجن بلڪل ننڍڙن
ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ اُجرت تي رکن ٿيون. اهو هڪ ئي
وقت ۾ ٻن ننڍڙن ٻارن سان بدسلوڪي جو مثال آهي. هڪ
اُنهي ٻار سان جنهن جي پنهنجي عمر هن وقت ايتري
ننڍي آهي جو ڪير ٻيو کيس سنڀالي ۽ ٻيو اهو ٻار
جيڪو هُن کي سنڀالڻ لاءِ ملي ٿو. ڇا ايتري ننڍي
عمر ۾ ڪم ڪندڙ ٻار ٻئي ننڍڙي ٻار کي سنڀالي
سگهندو؟ اهو توجهه ۽ پيار ڏئي سگهندو جيڪو هُن کي
فقط پنهنجي ماءُ ڏئي ٿي سگهي!
ننڍڙن ٻارن کان هوٽلن، گيرجن،گهرن ۽ پيٽرول پمپن
تي ڪم وٺڻ به ٻار سان بد سلوڪي جو هڪ قسم آهي،
اُنهيءَ عمل کي ٻارن کي نظر انداز ڪري ڇڏڻ (Child meglect)
چئجي ٿو. بد سلوڪي جي هن قسم ۾ والدين ٻارن جي صحت
۽ ضرورتن جو بلڪل به خيال نه رکنداآهن بلڪه
پنهنجون ضرورتون. به اُنهن معصومن جي محنت سان
ڪمايل پئسن مان پوريون ڪندا آهن. ٻارن جو پورهيو(child
Labour)
اُنهيءَ مزدوري کي چئجي ٿو جيڪا چوڏهن سالن کان
گهٽ عمر وارو ٻار ڪري ٿو. |