سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 4/ 2001ع

مضمون --

صفحو :4

غلام رباني آگرو

اُتَرُ ڊاهي اُن جا، ته ڪَنهن کي ڪارون ڪَن؟

..... چؤطرف چوڏس جي چانڊاڻ ڦهليل هئي، ڪٿي ڪٿي آڪاس ۾ ڪو تارو ٽمڪيو ٿي، ته سڄو ئي آسمان هڪ نوراني چادر سان ڍڪيل هو. مهراڻ جي سطح ائين پئي لڳي ڄڻ ته ڪو چانديءَ جو تهه آهي، ٿڌي هير  پئي گهلي. ٻيڙي ساگر جي ڇاتيءَ تي لڏندي لمندي وچ سير ڏيو پئي ويئي.

بچل جا ابا ڏاڏا به اها ئي ڪرت ڪندا هئا.”کاريون ڄاريون ڇڄ، ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ.“  ماءُ ته  ٿيڻين ئي موڪلائي وئي هئس، پر مڇن جي ساول ٿيس ته پڻس به پٺي ڊگهيري نينگر هوس سدورو ۽ سٻاجهڙو ۽ منهن ۾ ملوڪ، نوران  سان نيهن ته ننڍي لاڪر هئس، هينئر جڏهن ريهه ٿي لٿيس، ته نوران جي مائٽن نوران کي منع ڪئي ته”امان، پنهنجا پير جهل، دنيا جا وات ڪنهن ڪين بنديا آهن.“

بچل ۽ نوران کي ڏک ته ڏاڍو ٿيو، پر  ”نهائين کان نيهن سک منهنجا سپرين، سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.“ سو اڄ رات نوران ساڻس ملڻ جو انجام ڪيو هو.

نوران ٻيڙيءَ تي چڙهي، ته ٻيڙيءَ لوڏو کاڌو، بچل ڪنڌ ورايو، ۽ نوران تي نظر پيس.

”اوير ڪيئي؟“ ”ابي امان کي ننڊ به ته هينئر آئي آهي!“ نوران کلندي وراڻيو.

نوران سڙهه کي ٽيڪ ڏئي بيٺي، بچل ونجهه ۾ هٿ وڌا، ائين ئي ٻيڙي وچ سير ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، ٻيڙيءَ پاڻيءَ جي لاهه تي لٿي، ته  بچل ونجهه ڇڏي اچي نوران سان گڏ بيٺو.

نوران ۽ بچل  سڙهه کي ٽيڪ ڏيو هڪ ٻئي سان اکيون اٽڪايو بيٺا هئا، ٿڌيءَ هير جا جهونڪا نوران جي ڪارن وارن سان پئي کيڏيا. جن جا پاڇولا بچل جي ڇاتيءَ تي پئي پيا، چؤطرف چوڏس جي چانڊاڻ ڦهليل هئي، ڪٿي آڪاس ۾ ڪو تارو ٽمڪيو ٿي، نه ته سڄو ئي آسمان هڪ نوراني چادر سان ڍڪيل هو، مهراڻ جي سطح ائين ٿي لڳي ڄڻ ته ڪو چانديءِ جو تهه آهي. ٿڌي هير پئي گهلي. ٻيڙي ساگر جي ڇاتيءَ تي لڏندي لمندي وچ سير ڏيو پئي ويئي.

”اڄ رات ڪهڙي نه وڻندڙ آهي، منهنجي نوران!“ بچل نوران جي وارن ۾ آڱريون وچڙائندي چيو.

”۽  تون“ نوران مشڪيو

”تو کان گهٽ.“

ٻنهي کلي ڏنو، ۽ ائين معلوم ٿيو ڄڻ ته ڪائنات جو هر ذرو  کلي رهيو آهي. ”اڄ بين ته ٻڌاءِ“. نوران بچل جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو.

”اڳ ۾ تون ڪجهه ڳاءِ.“ بچل مشڪيو.

”پوءِ بين ٻڌائينديءَ نه؟“

”انجام آ.“

بچل يڪتارو کڻي آيو. تار کي آڱر سان

ڇيڙيائين،”ٽڻ........ ٽِڻ.......  ٽِڻ............ٽِڻ.“

نوران چپ چوريا:

”او، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾! پيرين پوندي سان، چوندي سان،

.... رهي وڃ رات ڀنڀور ۾! او، چڙهي ته جبل چوٽ تي. سڏڙا ڪندي سان، چوندي سان،

رهي وڃ رات ڀنڀور ۾! رهي وڃ رات......“”وهه وا! واهه وا! بچل جهونگاريو. ”هاڻي تون بينان ٻڌاءِ،“ نوران چيو.”حاضر.“

”پر ٻڌ،اڳ ۾ هو ڏو هيڙو ٻڌاءِ،جيڪو ڌڻيءَ جو آهي.“

”ٻڌ ڀلا!“

بچل ڪن تي هٿ رکي، ”الو ميان“ ڪئي پاڻيءَ جي ڇولين ٻيڙي سان لڳي ”ٽپڪ، ٽپڪ جو آواز ڪيو، بچل ڳائڻ لڳو.

”ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪيو، جهڙ پئسو جهڄن !

وَر وريءَ وانڍن اڏيا، پکا سي م پسن؛

 اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن.!

وارث وري تن، اچي شال اولو ڪري.“

”صدقي وڃان پير ڀٽ ڌڻي جي نانؤ  تان“ نوران اکين تي آڱريون رکندي چيو.

”هاڻي بينان ٻڌ.“ بچل بينان کڻي چپن سان لڳايون.

پرڀات جو سمو هو. چو طرف چپ چاپ لڳي پيئي هئي. بينن مان نڪرندڙ آلاپ مهراڻ جي ڇولين تي ليٽندا، چوڌاري پکڙبا پئي ويا. آڪاس مان ڌرتيءَ تي نور پئي وسيو. ٻه محبت واريون دليون هڪ سُر ۽ تارتي ڌڙڪي رهيون هيون. ائين  ٿي لڳو ڄڻ ته درياهه شاهه جون ڇوليون، ڪناري وارا وڻ، آسمان ۾ تارا چنڊ، سڀ بينن جي آلاپن تي جهومي ۽ جهوٽي رهيا آهن.

رات ڳچ وهامي وئي هئي، ڪتي به اُڀري سنئين ٿي هئي، بچل بينان چپن کان پري ڪيون، نوران آسمان ڏانهن نهاريندي چيو، ”هاڻي موٽون“

”ها، هاڻي پوئتي ورئون، پنڌ به ڳچ نڪري آيا آهيون،“ بچل وراڻيو.

ٻئي واري وٽيءَ سان ونجهه هلائڻ لڳا؛ سگهو ئي اچي سڻاوا ٿيا. بچل ٻيڙي ڪنڌيءَ ڪئي ۽ نوران لٿي.

”چڱو نوران، سڀاڻي مان چاچي کي ماسيءَ سدوريءَ  هٿان نياپو مجندس؛ پوءِ جيڪي قسمت ۾ هوندو.“ بچل نوران ڏانهن نهاريندي چيو.

”رک سائين  تي!“ ائين چئي نوران پنهنجي ٻيڙي ڏانهن وڌي.

(2)

نوران بچل جي  ڇاتيءَ  تي ليٽي پئي هئي بچل سندس وارن سان آڱريون وچڙائي رهيو هو.

”نوران نيٺ توکي هٿ ڪيم: اهي اٿئي اسان جون مڙسيون!“ بچل کلندي چيو.

”هاڻي ٻڌم؛  بابي کڻي ٿورو ڪيو اٿيئي، نه ته جيڪر منهنجي منهن ڏسڻ کان به سڪين ها.“ نوران بچل جي کاڏي تي چيچ رکندي چيو.

”پوءِ تون مون کان سواءِ ڪيئن ڪرين ها؟“ بچل چيو.

”بس ڄڻ ته سري ئي ڪين ها؟“

”نور تي هٿ رک: مون کانسواءِ سرئي ها!“ بچل  نوران جي اکين ۾ نهاريندي چيو؛ ۽ ٻنهي کلي ڏنو.

”ٻي ڳالهه ته ٻڌ. سڀان آهي لعل جو ميلو. منهنجي مرضي آهي ته گهمي اچون. دل ۾ باس باسي هئم ته نورڻ مولا ڏياريم ته لعل تي سُکا چاڙهيندس. اڳو پوءِ باس به پوري ڪري اچون!“ بچل نوران جي ڳل تان وارن جي چڳ پاسي ڪندي چيو.

”چڱو سڀاڻي هلنداسين.“

”اڄ وڃي ٿو ڪو پلو ماري اچان ته ڪا نئين وٽ ڪيون. تون تيسين بصر وڍ، ڪي تريندينءَ؟“

”آيو ئي نه آهي ته اڳ ۾ چي ”تريندينءَ، ڪي سيئينديئن!“

”ابول، اسان جو ڳالهائڻ به ماڻهن کي نٿو وڻي!“ بچل ڄار هٿ ۾ کڻي مشڪيو.

”هاڻي ٻڌم ني؛ وڃ، سگهو اچ!“ نوران کلڻ لڳي.

”اڙي بچل، اتي بيهه!“ گهوڙي تي چڙهيل هڪ ماڻهوءَ بچل ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪئي.

بچل اوڏو آيو. اچي ماڻهو کي پيرين پيو.

”ڪيڏانهن  ٿي وئين؟ “

” سائين چيم ته ڪو پلو ماريان ته ڪا نئين وٽ ڪجي.“

”ڀيڻا، رڳو  پاڻ پيا کائيندؤ ڪي اسان کي به چکائيندؤ.“

”بابا سائين، اڃان مندئي هاڻي بيٺي آهي.حاضر، اڳ ۾ اوهان جو ڍوئڻو؛  پوءِ اسان،“

”سو ته ٺهيو، پر سڀاڻي صبح جو سويل بانگ مهل ٻيڙيءَ سوڌو اچج. ٻه ڏينهن موڪل آهي ڪين ملنديئي جو واندڪائي ئي ڪين ٿينديئي.

ٻئي ڏينهن، اول خير سوير ساجهر موٽي اچج.“

”سائين ڇو؟“ بچل وائڙو ٿي پڇيو.

”رئيس وڏي جي پٽ جي شادي لاءِ ٻيڙيون کپن. ڄڃ آهي ڳوري.“

”ڪهڙو رئيس؟ هي پاڻ واري ڪيٽيءَ وارو ڇا؟“ ”ها ها.“

”پر سائين مان سڀاڻي ويندس لعل تي!“

”پر ٻر ڪانهي.“

”پوءِ سائين، ٻئي ڏينهن سڀاڻي ته.........“

”آهين ته ڪو اوٺي. اجايو مٿو نه کاءُ.“

”پر سائين........“

”آهين ته ڪو ڪميڻو!“

”مان ڪو نه ايندس؟ بچل ڪاوڙ ۾ چيو،

”تون جواب ٿو ڏين. تنهنجي جوءِ.........“

”بس ڪر ڪتا.“ بچل ڪاوڙ ۾ اڳتي وڌڻ لڳو.

 

ڪمدار گهوڙو ڀڄائي ويو هليو.

(3)

”الله توهار“رئيس صاحب ٻيڙي ۾ ويٺو ته ٻيڙي اڌ پاڻي ۾ هيٺ ٿي ويئي.

”سدورا ابا، چيم ته اڄ ڪماني صاحب به آهي ويجهو لٿل، ڇو نه پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڏئي اچانس. شام جو ڄڃ وڃي، ته مان وڃان صاحب ڏي. ڀلا صاحب کي جي پکي نه کاراءِ ته ڄڻ ڪجهه ڪين ڪيئي. چيو سين ته ڪي ٻه چار ڌڪ هڻي اچئون. من ڪو جوڙو ٻه ماري به اچئون، ۽ وندر به ٿي پئي.ڪم ڪار جو ته الڪو ڪونهي. باقي جو کٽ تي ويٺا پاسا اٿلايون ها، تنهن مان ڇا وري ها!“

”برابر سائين، قبلا اها بندوق ڳچ کائي وئي؟“ سدوري مير بحر پڇيو.

”زوراور آهين ڪو. هي مڙئي مال واڻين وارو ته آهي! ڪهڙي پرواهه آهي! ڪامورو ڪڙو اسان سان ڪو وڃائيندو!؛“

”نه سائين نه.بادشاهه توهان. اسان به  توهان جا ئي ٻچا آهيون. تنهنجي پاڇي ۾ پيا تڳون!“ سدوري خوشامد ڪندي چيو.

.اڙي پر هي بچو وري ڪهڙو ساماُڻو آهي، سوئر ڪالهه منهنجي سڏ تي نه آيو آهي.“

”سائين ائين ڪيئن ڪندو، توهين حاڪم آهيون،“ سدورو ڊڄڻ لڳو.

”چئين ڇا ٿو؟ ڪالهه سائين جي نالي گٿا لفظ ڪيا اٿئين. مون تي الر ڪري آيو ميان.“ ڪمدار رئيس جي آڏو حقو رکندي چيو.

”ڳچيءَ ۾ پٽڪو وجهي گهلي اچينس ها مون تائين!“ رئيس جو وات گجيءَ  ۾ ڀرجي ويو.

”سائين، هو سرڪش ماڻهو آهي.“

”بس ڪر تون به. اجايو مون کي ڪاوڙ نه ڏيار.“ رئيس ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ٿوري گهڻي چپ چاپ ٿي وئي.

اوچتو ڪمدار رڙ ڪئي.” سائين اجهو بچو!“

رئيس اُڀو ٿي ويو، ”ڪٿي آ ڪٿيئ رڙ ڪرينس رڍ جي پٽ کي.“

ڪمدار ڪوڪر ڪئي، ”بچا، اڙي بچا!“

(4)

اڄ سوير صبح ساڻ، نوران ۽ بچل، آسمان ۾ اڪيلن ٻن پکيڙن وانگر، محبت  جي مهراڻ ۾ اڏامندا، لعل جي ميلي تي وڃي رهيا هئا.

بچل ونجهه جهليندي نوران ڏانهن نهاريو.

”تون ڇا وٺندينءَ ميلي مان، نوري!“

”سڳيون ته ضرور وٺنديس. پازيب هوندا؟“

”پازيبن جيترا ڏوڪڙ ته ڪونهن.“

”گهڻئي آهن. اڳ ۾ تون باس باس جا ڏوڪر ته ڪڍي ٻاهر رک.“

”سمجهان ٿو ته پازيبن جيترا ڏوڪڙ بچن ته به شڪ ناهي.“

”هِرو ڀرو ڪو ضرور..... “ نوران ڪنائڻ لڳي.”بچا...... اهو، ڪو سڏي ٿو:“

بچل نهاريو. سامهون ڪمدار تي نظر پيس. ونجهه تيز ڪيائين. پکين کنڀڙاٽيون هنيون. گوهي هڻي نڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪيائيون.

”اڙي چور جا پٽ بيهه اتي.“ رئيس بندوق سان اشارو ڪيو. وات مان گڦ پئين وهيس، بچل هيڪاري ونجهه تيز ڪرڻ لڳو.

.اڙي ڪميڻا......“ زميندار گهوڙو ڇڪيو...... ٺاٺا!“

پاڻي ۾ دڌڪو ٿيو، بچل هيٺ وڃي ڪِريو. ”منهنجا......“ نوران دانهون ڪري مٿانئس ٽپو ڏنو.

پاڻيءَ جون لهرون وڌي ويون............

محبتي مهراڻ جي منهن مان دانهن نڪتي.

سندس پڙاڏو گهڙي فضا ۾ ٿرٿلو مچائيندي هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو.

 

شبانه سنڌي

ڳَرُو پاسو

 

نما شام جو وقت هو. حويليءَ ۾ ڪم ڪندڙ سڀ مايون پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي چڪيون هيون ۽ حويليءَ جون نياڻيون پنهنجيءَ ڏاڏيءَ سان گڏ ٿلهي تي  پيل کٽن تي ويهي ڪچهري ڪري رهيون هيون. هنن جي ڪچهريءَ جو موضوع ناني مريم ۽ ان جي پوٽي فاطمه هيون. فاطمه  جي شادي ٿي رهي  هئي. ۽ اها  رات فاطمه جي شاديءَ واري هئي.  ڀر واري ڳوٺ مان ڄڃ اچڻي هئي. ماين ٻڌايو هو ته ناني مريم پنهنجي پوٽيءَ کي ڏاڍو ڏاج ڏنو آهي. ڇوڪرين کي انتظار  رڳو اهو هو ته ڪيڏي مهل ٿي ڄڃ اچي ۽ هي سڀ ڇت تان ڄڃ وڃي ڏسن.

ڪنوار سورٺ، جنهن جي شاديءَ کي اڃان ڇهه مهينا به نه گذريا هئا. تنهن ان مهل رڌڻي ۾ ٻوڙ پئي چاڙهيو. سندس سَسُ وري تعويذن لاءِ آيل مريدياڻيءَ سان پئي ڳالهايو.

جيئن ئي پري کان دهل ۽ شرناءِ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سڀ ڇوڪريون هڪ ٻئي پٺيان ڇت تي هليون ويون.

سورٺ جي دل به چيو ته هوءَ به وڃي ڄڃ ڏسي. ٻوڙ  تيار ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه دير هئي. سو هن ڇا ڪيو جو ديڳڙي لاهي هيٺ رکيائين ۽ رڌڻي مان نڪري مٿي ٿلهي تي چڙهي آئي. جڏهن ته ڏاڏي تسبيح پڙهڻ ۾ مصروف هئي.

هن جيئن ئي ڏاڪڻ واري پاسي وِکَ وڌائي ته ڏاڏيءَ دانهن ڪئي:

”ڪنوار تون متان اُن پاسي وڃين. ڳرو پاسو آ، متان نه ڪو نقصان پرائين. اُن طرف رڳو نياڻين کي وڃڻ جي اجازت آهي. پرڻيل زال کي جهَل آهي.،

هن جا وڌندڙ قدم رُڪجي ويا.

سوچيائين؛ پرڻجي آيس ته چيائون،  نئين ڪنوار نه وڃي ۽ هاڻي وري مورڳو ئي پرڻيلن کي جهل آهي. سمجهه ۾ نه آيس ته آخر ڪهڙي ڳالهه آهي، جو هن کي ان پاسي وڃڻ کان روڪيو ٿو وڃي.

هن کي اُها خبر هئي ته اُن ڏاڪڻ ۾ هڪڙو ڄارو ٺهيل آهي. جتي هر جمعي تي رات اگر بتيون دُکايون وينديون هيون ۽ ڏيئو ٻاريو ويندو هو.

هيءَ سوچيندي هئي، اُتي ڪو خزانو ته پوريل ناهي؟ يا ڪا ٻي  ڳالهه آ......؟

”امان، پاڻي ته پيئارينم-“ ڏاڏيءَ جي آواز تي ڇرڪ نڪري ويس. ”حاضر جيجي اَمان، اجهو ٿي آڻيان-“ ائين چئي هوءَ ٿلهي کان هيٺ لهي آئي. اڱڻ ۾ رکيل گهڙا منجيءَ تي جوهيءَ جا مٽ پيا هئا. گلاس به هڪ مٽ جي مٿان ئي رکيو هو. هن پاڻيءَ جو گلاس ڀريو ۽ ٻيهر ٿلهي تي چڙهي اچي گلاس ڏاڏي جي هٿن ۾ ڏنائين.

هڪ لمحي جي لاءِ  اهو به سوچيائين ته جيجي اَمان کان ان بابت پُڇان، جيجي امان جي رعبدار شخصيت آڏو هوءَ ڪُڇي نه سگهي. چپ چاپ خالي گلاس کڻي هيٺ لهي آئي.

انهيءَ ئي رات، ماسي منطوران سندس ڪمري ۾ کير پهچائڻ آئي ته هوءَ رهي نه سگهي ۽ ان کان پڇيائين:

”ماسي، تو  ته سڄي زندگي هن حويليءَ ۾ گذاري آهي. توکي ضرور خبر هوندي ته مون کي ان ڏاڪڻ واري پاسي، ڇت تي چڙهڻ کان روڪيو ڇو ٿو وڃي.،

ماسي منظوران پهرين ته مُنجهي پئي ۽ پوءِ ڪمري جي در تائين وڃي ڪنڌ ٻاهر ڪڍي هيڏي هوڏي نهاري، ڪمري جو دروازو ٻيڪڙي اچي هن جي پلنگ جي پيرانديءَ کان ٿي ويٺي ۽ رازداريءَ واري انداز مان، تمام آهستي آهستي آواز ۾ چيائين:

”جيجي ڪنوار، مون کي توسان اها ڳالهه ڪرڻ ته نه گهرجي. ڇو جو پتو جيڪڏهن جيجي وڏيءَ کي پئجي ويو ته منهنجو خير ڪونهي. پر تون به هاڻي هن حويليءَ جي ننُهن آهين، مالڪياڻي آهين. تون کان لڪائي ڇا  ڪبو. اُڄ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مان جيجي وڏي جي منع ڪرڻ جي باوجود به توسان اها ڳالهه ڪري رهي آهيان. مرشد سائين بخش ڪندم- ۽ پوءِ تون به ڪا ڌاري ته ناهين جو توکي ٻڌائي مان ڪو گناهه ڪنديس تون هاڻي  هن حويليءَ جو حصو آهين. عزت آهين، توکان ڪهڙو لڪائڻو. ائين چئي ماسي هڪ لمحي لاءِ چپ ٿي ويئي ۽ پوءِ وري شروع ڪيائين:

”جيجي، مان اڃان ننڍي هُيس، تڏهن جي اها ڳالهه آهي.ڳالهه نه آ پر ڏڪائي وجهندڙ واقعو آ هڪڙو- ورهيه ٿي ويا آهن. انهيءَ واقعي کي پر اَڄ به جي اهو واقعو ياد ٿو اچي ته  لَڱ ڪانڊار جي ٿا وڃن.

چون ٿا. جيجي وڏيءَ جو سهرو سائين رسول بخش شاهه انهيءَ وقت ۾ تر جو ناليوارو زميندار هو. ڪاوڙ ۽ غصي جو ايڏو ته تيز هوندو هو. جو سڄو ڳوٺ ڊڄندو هُئس. سائين پاڻ صوبيدار هو. هڪڙو سيد سڳورو، ٻيو ڪاوڙ جو تکو، مٿان وري صوبيدار- اصل رڻ ٻاري ڏنو هئائين- نه ڏسندو هو ڪنهن غريب کي ۽ نه نظر  ايندي هيس ڪنهن مِسڪين  ماڻهوءَ جي ڪا مجبوري. جيترو پاڻ ڏنگو هوندو هو- پيءُ وري اوترو ئي رحمدل ۽ سخي هوندو هيس، پر سائين پنهنجي پيءُ  جي به ڪو نه ٻڌندو هو. ڀر واري ڳوٺ ۾ ٻن گهرن جو سڱاوتيءَ تان پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو ته موسيٰ نالي هڪ ماڻهو زال وٺي اچي سائينءَ جي اوطاق ڀيڙو ٿيو. ٻه مهينا اڳ ان جي شادي ٿي هئي ۽ بدلي ۾ سندس ڀيڻ ڏنل هئي. پر هاڻي هو ڀيڻ جو سڱ ڏيڻ کان انڪاري هو. هن کي ڊپ هو ته مائٽ سندس زال کي متان وٺي وڃن. ان ڊپ کان ان شخص امانت طور، پنهنجي زال وٺي اچي سائينءَ جي حوالي ڪئي، اعتبار هيس سيد  ۽ سيد جي ذات تي. ڀانيو هئائين ته سندس زال حويليءَ اندر مرشدن جي پناهه ۾ بنهه محفوظ رهندي. ان ڏينهن سائينءَ جو پيءُ به مُريدن ڏانهن ويل هو. مائيءَ کي ڪي ڏاڍا زيور پيل هئا. جن کي ڏسي سائينءَ جي نيت بدلجي وئي. امانت جو خيال ئي نڪري ويس.  ڇا جي امانت، ڇا جي پناهه، مائيءَ جي مڙس کي خاطري ڏئي روانو ڪيائين. ۽ مائيءَ کي وڍي حويليءِ اندر آيو. پوءِ ڇا ڪيائين جو مائيءَ کان سمورا زيور لهرائي مٿس ڪهاڙي اُڀي ڪري بيهي رهيو. مائيءَ وٺي  رڙيون ڪيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com