سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 4/ 2001ع

مضمون --

صفحو :11

ولي رام ولڀ: صحافت جو دور آهي ۽ ان ۾ رڳو هڪڙي اخبار بغل ۾ کڻي وڏو اديب بنجڻ جو تصور اسان جي ذهن ۾ ويهي ٿو، ههڙي  ڏڪار واري وقت ۾ اهڙي قسم جا ناول اچڻ سچ پچ ته اسان جي ذهن تي هڪڙي اهڙي تازگيءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ جنهن جي وڌائڻ ۾ ادي ماهتاب محبوب جو وڏي ۾ وڏو هٿ آهي. آئون کيس هن ڪتاب تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ اُميد ته ان ڏس ۾ اڃا به وڌيڪ پنهنجا ناول وقت به وقت ڏيندي رهندي.

اياز لطيف پليجو: هن ڪتاب کي آئون اڃا پڙهي نه سگهيو آهيان. پر  ادي ماهتاب جي ٻين سمورين تخليقن کي پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. ان حوالي سان آئون پهرين ته اديءَ کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيندس. هن ڪتاب جي ڇپجڻ جي ته هونئن سڀ ڏين پيا پر اديءَ ۾ جيڪا خاص ڳالهه نظر آئي آهي، سا مون کي هنن ڏهن پندرهن سالن ۾ ساڻس رابطي ذريعي، تخليقون پڙهڻ ذريعي نظر آئي آهي. اُها سندس Fairness مون کي ٿورا ماڻهو ٿا نظر اچن. سنڌ ۾ تمام ٿورا، ٿي سگهي ٿو ڳوٺن ۾ هجن. اهڙا ماڻهو ثابت قدم، جيڪي ماڻهو جنهن ڳالهه کي جيئن چون ٿا، تنهن تي شروع کان وٺي  تيئن ئي آهن، جيڪي سندس Concepts آهن، جن Values کي پاڻ بهتر سمجهي ٿي، جيڪي سندس Arguments آهن. لطيف آباد واري جاءِ کان وٺي هتي، هن دور تائين، اڄ تائين جڏهن پاڻ نئين ملينم ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، فنڪشنس کان پري ڀڄڻ، هجومن کان پري رهڻ، ماڻهن سان جنهن ڳالهه کي ڪرڻ اُن تي ڪميٽيڊ رهڻ، جيڪڏهن چوڻ ته هيءَ ڳالهه غلط آهي ته ادا معاف ڪجو، ايڪسڪيوزمي آئون ان ڳالهه سان متفق ناهينا، ائين ڪونهي ته توهان هن سان آرگيو ڪيو ته ها برابر ائين آهي،صحيح توهين به چئو ٿا، غلط هو به ڪونهي، ائين ڪونهي. هڪڙي اسٽيٽ فار ورڊ، ان قسم جا ماڻهو اسان جي سماج ۾ هجن، سي وري ليکڪ هجن، اهڙا عام ماڻهو هجن ته اُهي پنهنجي خاندان جي لاءِ، پنهنجي ڪميونٽيءَ جي لاءِ پنهنجي پاڙي جي لاءِ آڏو اسٽيٽ آهن، پر اهڙا ماڻهو جيڪڏهن رائيٽر هجن جهيڙاڪ، ڪا ڳالهه نه وڻنديس، ادي ۽ آئون الاهي دفعا گڏجي ويٺا آهيون، ڪيترن ڳالهين تي اديءَ کي رزرويشنس هونديون  آهن ته اُنهن ڳالهين تي اُنهن موضوعن تي جئين ادي ڪمٽينٽ ڪندي آهي. جيڏو ايگريسو، جيڏو بولڊ جيئن چئجي ته ايڪسٽرا اسٽيٽ فار ورڊ هوندي آهي.ڪي شخصيتون آهن، جن تي اسين ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندا آهيون، اُنهن شخصيتن تي ادي جيڪي رمارڪس ڏيندي آهي، جيڪي پسند هوندا اٿس، انهن لاءِ اسٽيٽ فارورڊ رمارڪ ڏيندي آهي ته هي ماڻهو مون کي وڻن ٿا، جيڪي ناپسند هوندا اٿس انهن لاءِ To the Point  ۽ بلڪل هڪڙي کليل انداز ۾ کليل لفطن ۾ ان شيءِ سان Disagree ڪندي آهي ۽ چوندي آهي ته هي مون کي قبول ناهي،هي ڳالهه بهتر ناهي، غلط آهي، سندس ناول ’خواب خوشبو ڇوڪري‘ اُهو مون پڙهيو ته جيڪا سوير ڳالهه ٿي مون کي واقعي لڳو ته فريش نيس جو احساس ٿيو ته، هاڻ جيڪا سوير ڳالهه جاميءَ ڪئي ته هاڻ اسين ڪِليم ڪري سگهون ٿا ته اسان وٽ اهڙا رائيٽر آهن، جيڪي ڳوٺاڻي پس منظر ۾ رهن ٿا ته بلڪل لڳي ٿو ته هو ڳوٺ جي حوالي سان لکن پيا، پر جڏهن هو شهري ماحول کي کڻن ٿا.

اسان وٽ فرمائشي تحريرون جو زمانو آهي، ته بابا هن موضوع تي لکڻو آهي، هن موضوع تي ناهي لکڻو. اهو ايٽيٽيوڊ اديءَ جو ڇهين مهيني سال کانپوءِ ڪجهه ڳڻپ کانپوءِ ڪو اوچتو ائين اخبارن ۾ ڪو نه ايندو ته ڪنڊ ۾ هڪ باڪس هوندو آهي، ٺهيل ته فلاڻو برک ليکڪ يا فلاڻي برک ليکڪا لکڻ جي جستجو ۾ مصروف آهي. ٽن يا ڇهن مهينن کان پوءِ ڪتاب پڌرو ٿيڻ وارو آهي، ائين ڪونهي. اوچتو توهان ٻڌندو ته اديءَ جو ڪتاب تيار ٿي ويو. پر جيڪا اسپيشلٽي آهي، اديءَ جي اُها جڏهن مخصوص ٻن ماين جي گلائن جو چيپٽر کڻي ٿي،  مون کي ياد آهي، اسان جي گهر ۾ ڪافي وقت تائين سندس ان ڪهاڻي جنهن جو نالو مون کي ياد ڪو نه پيو اچي، شايد  مٺي مراد آهي. اها ته ان ۾ جيئن ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسان جي گهر جا مختلف ڀاتي، ان ڪهاڻيءَ جي ڪئريڪٽرز جي هڪ ٻئي سان گفتگو تي کلي ان کي Enjoy ڪندا هئا. ته ڪيڏي Depth ۾ وڃي، ڪيڏو ان شيءِ کي سمجهي ۽ ڪيڏا ان کي پرسيو ڪري ان کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي، ’خواب خوشبو ڇوڪري‘ پڙهيوسين، شهري حوالي سان لڳو ته جيڪو انٽر نيٽ تي ويب تي ۽ ميڪو لائيو پيٽس تي ماڻهو ويٺا آهن، بلڪل ان تي لکڻ کپي. اسان جو سڄي جيڪا سنڌي Generation آهي، سا ڳوٺ ئي آهي ۽ واقعي ائين آهي. پر توهان کي سمجهه ۾ يا يقين ۾ نه اچي ته جيڪڏهن توهان بيڪن هائوس اسڪول ۾ يا ڪراچيءَ جي St:Jass. اسڪول ۾ پڙهندڙ سنڌي يوٿ جي خيال کي ڏسو ته Totally توهان کي لڳندو ته هيءَ ڪا ٻي مخلوق آهي. اها ٻي مخلوق جنهن وقت چيٽس تي ويٺا آهن. نالو ASL سان لکيو، پنهنجي عمر ذات علائقو ٻڌايو ڪٿي ملندؤ، ڪيڪس ايند بيڪس تي Cakes and Bakes شام جو ملنداسين طئه ٿي ويو، ڇا جا ڏوراپا،ڇا جا سرتيون؛ رومال، ڇا جو رومالن ۾ نباتون، ڇا جا گلاب، ڇا جا رستا، ڇا جون ڳالهيون، ڇا جا ميلن تي انتطام، ڇا جا اسپتالن وڃڻ جي بهاني ڳوٺن لاڙڪاڻي ۽ دادو جون ملاقاتون. ASL پڇيو ڇا آهيو، ڪٿي آهيو، توهان جي فيلڊ آف اسٽڊي ڇا آهي.

ٺيڪ آهي توهان سان کڻي Cates and Jeaks تي ملندا سين. سڀاڻي شام جو يا پيزا هَٽ تي هونداسين. اُن جنريشن کي Represent ڪير ٿو ڪري؟ اُن کي جيڪر  اسان محمد خان مجيدي جي ”هي مٽي جي مٽي“ پڙهي ٻڌائينداسين. ان کي ان سان ڪا به دلچسپي ڪونهي. اُن کي سمجهه ۾ ئي ڳالهه ڪا نه ايندي. انهن کي اسين جڏهن عابده پروين جي ڪا ڪيسٽ ٿا ٻڌايون ته ان سان به کين ڪائي دلچسپي ڪانهي. انهن سان توهين ڪيئن چوندو ته اسين هڪڙي شيءِ آهيون؟ انهن جا آئيڊيلز ٻيا آهن، انهن جا ٽارگيٽس ته ٻيا آهن.

سنڌ جي نوجوانن جي پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ جدوجهد آهي، ان موضوع تي قلم کڻي ان لاءِ جيڪا انهن جو هڪڙو نظر انداز ڪرڻ وارو Aptitude آهي، اهي باقاعدي اديءَ ۾  صلاحيتون موجود  آهن ته جيڪر هوءَ ان تي ريسرچ ڪري لکڻ چاهي ته اڄ جو نوجوان نسل ايندڙ  پنجن ڏهن سالن ۾ پنهنجي وطن جو هڪڙو  Representive
بڻجي يا دفاع ڪندڙ اسان جون ڇوڪريون يا ڇوڪرا بڻجي سگهن ٿا يا   نه، جيڪر نه پيا بڻجن ته اُن جا Reasons ڪهڙا آهن؟ انهن ريزنس کي ڪيئن منهن ڏجي، اُن  سلسلي  ۾ پڻ اديءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪيوآهي.

سنڌ هينئر تمام هڪڙي ڏکي دور ۾ آهي ان ڏکي دور ۾ رڳو اهو ئي ڪم ناهي، ته اسان Politicaly role play ڪيون. توهان جنهن جنهن فيلڊ ۾ آهيو، ان فيلڊ ۾ ثابت قدميءَ سان لڳاپيا هجو، اهو توهان جو وڏو ڪنٽريبيوشن آهي، ۽ ادي پنهنجي جنهن فيلڊ ۾ ڄمي بيٺي آهي، اها هڪ تمام Positive ڳالهه آهي. پروجيڪشن لاءِ هڪڙي ڏينهن هڪڙي پوائنٽ، ٻئي ڏينهن ٻي پوائنٽ، هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪرڻي آهي، ٻئي ڏينهن ٻي اسٽيج تي تاڙي وڄائڻي آهي، اهو ادي ڪم ڪو نه پئي ڪري، پنهنجي ڳالهه تي ڄمي بيٺي آهي، پر آئون مبارڪباد ٿو ڏيڻ چاهيان ۽ سندس ثابد قدميءَ کان سچ پچ متاثر ٿيو آهيان. مهرباني!

حميد سنڌي: محترمه ڀيڻ ماهتاب محبوب، محبوب صاحب، سندن خاندان جا فرد، هتي آيل پنهنجا دوست ۽ همسفر.....

ماهتاب محبوب جو هي ڪتاب جنهن نموني ۾ آيو، ان تي مان پوءِ ٻه چار ڳالهيون ڪريان ٿو. پر مون کي پنهنجي جاءِ تي هي وڏي ڳالهه لڳي، ته اڄ جڏهن هن مهورت جي تقريب ۾ جنهن نموني سان هن ڪتاب جي واسطي سان، يا هن ڪتاب سڀني کي مجبور ڪيو ته ايتريون گهريون ڳالهيون ڪجن، جيڪي اسان جي ذهن سان وابسته نه آهن. پر اسان جي سماج سان وابسته آهن. اسان جا مسئلا پيدا ڪندڙ جيڪي به Factors  آهن. انهن کي اتي بيٺي دوستن دل کولي بيان ڪيو آهي. ۽ مان سمجهان ٿو اِها هِن تقريب جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي، ڪتاب جي ڪاميابي پوءِ  جي ڳالهه آهي. پر ڪتاب جي ڪاميابي ۾ هئي. ظاهر آهي ته جيڪي به  دوست اُتي آيا، انهن کي دل کولي ان تي ڳالهايون ته هن ڪتاب جي موضوع ۽ ڪردار تي ڳالهائڻ سان گڏ اسان جي منجهيل سماج ۽ نوجوان نسل جي منجهيل ذهن ۽ اسان جهڙن وهي ويندڙ ماڻهن جي ذهنن ۾ به جيڪو تضاد پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، هاڻي اهو جيڪو آهي، سو هن عمر ۾ اسين محسوس ڪريون ٿا ته ايڏو پنڌ لتاڙي آيا آهيون. سج لهي ويو، ان وقت ۾ ڪيترا دوست اسان کي چون ٿا، توهان ڇو نٿا ناول لکو، توهان شارٽ اسٽوري لکو ٿا، ناول لکو پر ايڏو ته ذهن ۾ تضاد ۽ Confusion آهي، جو خود اڄ جيڪو به اسان جي جامي ڳالهايو يا اياز ڳالهايو هيانو ڦاڙي انهن کي Cries  آهن. اُهي انهن پنهنجي جاءِ تي بيان ڪيون آهن، ڇا ڪاڻ ته هو ڏسي رهيا آهن، ته هنن سان گڏ جيڪو نوجوان نسل آهي، اُهو ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهي ۽ انهن کي ڪهڙيون ڏکيائون پيش اينديون، آيا ههڙا ناول آيا ڪي ٻيا ڪتاب آيا، ڪي ٻيا مضمون ڪن اخبارن جو جيڪو رويو آهي، انهي جي تبديلي، ڪا سماج ۾ اهڙي تبديلي ايندي، جيڪا نوجوان نسل کي مطمئن ڪري سگهي.

هن ڪتاب  ۾ اها ئي ڳالهه آهي، ته آزادي

 

آهي ته ڪيئن هڪڙي ڇوڪري رَمل پنهنجي ليکي استعمال ٿي ڪري، ته ٻئي پاسي شيري ڪيئن ٿي استعمال ڪري، رضيه ڪيئن ٿي استعمال ڪري، يا انهن جو اڳيون جيڪو منڍ کان وٺي روايتي طرح سان گهرن جون جيڪي واسطيداريون هيون ۽ درنسل جيڪي جهيڙا آهن ۽ مايون ڪيئن ٿيون.Behave ڪن تنهن کان پوءِ هو ماڊرن پيريڊ ۾ اچي ٿو، هن وقت مونجهاري ۾ اسان جا نوجوان هر ڳالهه جي آزادي گهرن ٿا. پر ائين نه ٿئي جو هو ان دؤر ۾ هليا وڃن، جو اسان سنڌ جي قدرن يا سماجي نظريي کي ڌڪي نه سگهون يا سانڍي نه سگهون، ڳالهه تمام ڳري آهي.

هاڻ اُنهي سماج سان ٽڪراءُ ٿيڻو آهي،جنهن ۾ ڪيئي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي طرف ماهتاب پنهنجي هن ناول ذريعي Clear cut  نشاندهي ڪئي آهي. بلڪل مان هن سان سهمت آهيان ته هي جيئن هن ناول جي پهرين شروعات ٿي ته مان ته صفا منجهي پيس ته نه هيرو آهي، نه  هيروئن 60 صفحا هليا ويا آهن. ستر صفحا هليا ويا، هڪڙو ڪئريڪٽر ڪنهن مهل اوچتو شيري پيدا ٿي وئي، ڪنهن مهل رمل ڪنهن مهل رفو وري ان جي ڀيڻ جو مان چيو مان ڪاٿي آهيان اڃا ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي،  پر It had daffinately a trail جيڪا اسان جي ئي نسل کي يا اسان جي ئي ٽهيءَ کي يا انTrail کي ظاهر ڪري ٿي، ته اسان جو بنياد ڪا ٿي آهي. ۽ انهي بنياد  سان ملي آهي. هن جون ڪهاڻيون مُنڍ کان وٺي بنيادي طرح سانClear cut literature  جو آئينو آهن. جيڪي ڪهاڻيون منهنجي سامهون تخليق ٿيون، سريت ۽ مٺي  مراد جڏهن   ماهتاب لکي بس ڪيون ۽ جڏهن مون کي ٻڌايو هئائين ته اسان گڏجي تبصرا به ڪندا هئاسين، ته انهيءَ وٽ اِهي خاص طرح سان تمام تيز ۽ ڪڙيون ڪهاڻيون هيون. سندس ڪجهه ٻيون به تيز ڪڙيون ڪهاڻيون هيون. سندس ڪجهه ٻيون به تيز ڪهاڻيون آهن.پر هي ناول به تمام تيز ۽ وڏو آهي.IT is not  easy to obsorbit تنهن جي ڪري مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته مان ان کي ٻيهر وري پڙهڻ شروع ڪيو آهي ۽ هاڻي جيڪا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ اچي ٿي ته اهو ئي جيڪو تضاد آهي، Contrast آهي، سوسائٽيءَ ۾ ٻچا پڙائي چئون ياڊبل اسٽينڊرڊ چئون  اهو آهي. اسين کڻي ڪيڏو به چئون ته اسين صحيح  طرح سان سنڌ جي سماج ۽ هر ڪنهن قدر جي امانت اسان سنڀاليو ويٺا آهيون، پر اسين پنهنجي اولاد کي يا جڏهين هو ڪا بيراهه روي ڪري ٿو، اسان جي حساب سان هُن جي حساب سان اها ناهي.

 

سحر امداد

حمد

 آڪاس تي گنگهور گهٽائون ڇانيل آهن،

 راتو ڪران مينهن لڳاتار وسي رهيو آهي

 ڌرتيءَ سائي مخلمين چادر اوڍي آهي،

 املداس، انب ۽ ڄمونءَ جي ويڪرن پنن تان

ورهين جي مٽي ڌوپجي وئي آهي،

ٽالهيءَ جا چهچ  ساوا پن

 زمرد جيان جرڪي رهيا آهن

چمپا، گلاب ۽ گل مهر جي

اُجري شفاف ۽ رنگا رنگ گلن

سانوڻ ۾ گلڪاري لاتي آهي

جهرڪيون، ڪوئل، ڪانءَ، ڪبوتر،

مينائون ۽ ٻاريهر

چوڄ منجهان چڻڪارون ڪن ٿا

۽ ’همنگ برڊ‘ جو سريلو مٺڙو آلاپ

ڪنن ۾ ماکي اوتي رهيو آهي

۽ مينهن لڳاتار وسي رهيو آهي

آسمان گهاٽن ڀورن ڪڪرن جي

ڇٽي تاڻي ورتي آهي

مينهن ڪڻين جي  لڳاتار جهڙ

جلترنگ  جيان وڄي رهي آهي

۽ منهنجي هيري جهڙي اُجري  دل

ڌڪ ڌڪ، ڌڪ ڌڪ-  ڌڪ ڌڪ، ڌڪ ڌڪ،

جي ردم ۾ تي لڳاتار رقص ڪري رهي آهي.

(مي رقصم، ومي رقصم، و مي رقصم)

ان ڌڙڪن ۾

 مان ڄاڻان ٿي

تون ڌڙڪين ٿو

تون ئي تون

بس تون هي تون!

 


 

سونهن سنگيت سهاري

هي ڇا!

هي ڇا!سرسنگيت، آواز جي ناتي

توکي پئي ٿي پرکيان

اوويراڳي!

تو ساڻ هجڻ، سمجهڻ سميت

سُر ۾ سنگيت ۾، هر گيت ۾ هر گيت ۾

لاڙيل هر هڪ لڙڪ ۾

آواز جي سُرَ، سڏڪي، سُرڪَ ۾

موجود.....

تون ئي آهين تون

مرڪ به  تنهنجي

ماکيءَ لارجيان

هر لُڙڪ ۾ لهي ٿي......!

لڙڪن جي هن ساري سمونڊ ۾

لهر لهر سنگيت آهين تون

ورهه ونڊڻ جي، ڪا ورونهن- آهيون تون

ماڪ ڀني ڪا ريت- آهين تون

سڻندي سڻندي

لڇندي پڇندي

مون کي به ننڊ کڻي ويندي

تنهنجو ڇا ٿيندو؟

او پيا!

پريت پانڌيئڙو

وڃايل ڪنهن راهه جو

جڙيل ڪو ميت آن تون

لهر لهر سنگيت آن تون

سمنڊ سڄي جو گيت آن تون

ڳاءِ...........

ڳاءِ! ڳاءِ! ۽ گنگناءِ تون

 ردم روان ڪي ٺاهه تون

ڳالهيون نيون ڪي ڳاءِ تون

من مُنڌل پرڀاءِ تون

 سُر سٽون، سنگيت سان پريت

ڳنڍي رکنديون ساهه جي ڏور

ٻيو سڀ، اجايو ٿئي ڙي پيارا

مُٺ ۾ ريتيءَ ذرڙا رهڻا

سمنڊ مٿان هي ڪرڻا کٽڻا ناهن

تسبيح جا ڪڻا هِي ٽٽڻا ناهن

پريت پناري، سمنڊ ڪناري

شعاع ٿيا جي، سونهان منهنجا

سُر........

سوريندي  سليندي

هوريان هوريان،کسڪندي

گسڪندي

سوين هزارين ورهيه  وهامي ويا

دک سميت دکيءَ کي

اجهاڳ ننڊ جي واديءَ ۾

 تنهنجا مڌر، آلاپ هي مٺڙا

گم ڪندي، گمنام ڪندي

هڪ ڪري، هڪ نام ڪري

الهي، الوپ جي هڙ ٿي ويا

تنهنجين آنڱرين وچ ۾

۽ منڌل من محور تي

تسبيح جا، ڪي ڪڻا

ڪنهن گرهه وانگر ڦرندا

چڪر پويان چڪر ڦيريندا رهيا

ڪشش.........

۽ ڪشمڪش ۾ هي روح رڙهي ٿو

من منهنجي سان روز وڙهي ٿو

مڙي وڃ اي يار چريا!

او دلبر دلدار، مٿي ڦريا

چت نه ڪنهن جو چکيا چاڙهه

وري نه ڦاٽل فراق هي ڦاڙ.

هي درد جو در آ

گهاٽ گهٽي ۽ گهر آ

جنهن ۾

سنسان سارو شهر آ

دنيا..................

۾ ڪيئن شاهه ۽ گدا

تنهنجي سُر سنگيت سهاري

تسبيح جي هڪ  هڪ مڻي جيان

چري پري سُري سُري

ساهه جي سٽ  ڇڏائي ويا

جيون جوت جوڻ مٽائي ويا

لڇندي پڇندي

ڪجهه به نه ڪڇندي

مون کي ننڊ کڻي ويندي

تنهنجو ڇا ٿيندو! 

او پريتم، پيارا!

تنهنجو ڇا ٿيندو!

او پيارا!
 

اياز عالم ابڙو

ڏيڍ سٽا

ادنر ۾ اڌما، سهيڙي ساهه ۾

سانڍيم سؤ صدما.

زندگي ٿر بر، جيون جي رڻ ۾،

ڦٽي پيا ٿوهر.

هو منهنجو ويري، ويڙهي ويو آ روح کي،

ڄڻ ڪا وڻ ويري.

منهنجو اندر، بنا در جي گهر،

ڊٺل ڦٽل مندر.

 

ڏات ڏکن جو ڏيهه

ڏات ڏکن جو ڏيهه پرين،

ڏانءُ سندو ڏوهاري آن،

ڏات  ڏکن جو جو ڏيهه........

خالي نيڻن، اجهاڻيل آسون،

ڏنگ ڏنگي ٿي، پوءِ به جياسون،

جيون ڄڻ ڪو جوڳ پرين،

ڏات  ڏکن جو ڏيهه.......

 من منڇر  ۾ ڇر نه ڇولي،

ڏات جي ڏيهه ۾ خالي جهولي،

رڻ ۾ رولي روڳ پرين،

ڏات ڏکن جو ڏيهه.......

 دل درياهه جي سير اڃايل،

بر ۾ ڄڻ  ڪا هرڻي گهايل،

چوڏس سڃ ۽ سوڳ پرين،

ڏات ڏکن جو ڏيهه

 

روشن آرا

او ساز زندگيءَ جا

سُر ٿو سوين سڻائين، هر رات ٿو وڄائين،

ڪنهن وقت ٿو روئارين، ڪنهن وقت ٿو کلائين

کولي نه ٿو ٻڌائين

پر راز زندگيءَ جا

اوساز زندگيءَ  جا!

 

ڪنهن وقت ڏس ته ڳوڙها، منهن زرد، دل دکي آ

ڪنهن وقت کل خوشيءَ جا، ڇيڙين پيو ترانا

سمجهيا نه مون نرالا

آواز زندگيءَ جا

اوساز زندگيءَ جا!

 

يا عيد هئي وطن ۾، ۽ چاندني چمن ۾

 يا دور ديس کان هان، ۽ آ اَماس من  ۾

ڄڻ ئي ڏسان سپن ۾

انداز زندگيءَ جا

او ساز زندگيءَ جا!

اڳ پوءِ ڏي نهاريون، اميد تي گذاريون

 ڪلهه  کي نه جي وساريون، ٻئي ڏينهن کي به ساريون

کِن ۾ سوين مڪاريون

لک ناز زندگيءَ جا!

او ساز زندگيءَ جا!

--•--

 

امداد سروري

غزل

اڄ بادلن ۾ تنهنجي تصوير نظر آئي،

تصوير ڇا اسان کي تقدير نظر آئي.

 جڏهن رات جو ڏٺو مون، ٿي آسمان ڏي،

تارن ۾ مون کي تنهنجي تصوير نظر آئي.

خط کولي خوبصورت لفظن کي مون ڏٺو،

جملن ۾ ڪهڪشان جي زنجير نظر آئي.

سالن کانپوءِ مون ڏي پردو کڻي ڏٺائين،

صورت ته ساڳي هئي پر دلگير نظر آئي.

مُرڪي مقال مون سان ڪيائين ته دل چيو.

”خوابن جي خيالن ۾ تعبير  نظر آئي.“

 ”امداد“ درد پنهنجا مونکان لڪائين ٿو پر!

 ٽهڪن ۾ تنهنجي غم جي تصوير نظر آئي.

 

چؤسٽا

درد اوهان جا سڪون  دل جو،

 نالو اوهان جو آهي لبن تي،

اوهان کان جيڪي مليا اسان کي،

 مٺا! مون مرڪي رکيا اکين تي

لکي پني تي اوهان جو نالو،

سهڻا سڄڻ ٿو رکان اکين تي،

حُسن اوهان جي، جي حڪمراني،

مڃي ٿو هرڪو لکين دلين تي.

 سڪون دل جو کسي مون کي بيقرار ڪري،

ستم جو تير منهنجي سيني مان ويو پار ڪري،

حياتي ساري صنم مون ڏي مرڪي ڪين ڏٺو،

چيائين تنهنجي محبت وڌو آ بار ڪري.

 

ساجده جبين

غزل

پنهجي پيار ۾ گم آهيان،

هيئن جي هار ۾ گم آهيان.

هو سامهون اچي ويٺو آ ۽،

مان ديدار ۾ گم آهيان.

هو هليو ويو اڄ واپس،

۽ مان سار  ۾ گم آهيان.

سڀ ڪجهه اڄ ويو آ وسري،

هڪ منٺار ۾ گم آهيان.

امر ڪلا ابڙو

 

منزل ڏور نه آ

زندگي جي اوڙاهن سان

مهاڏو اٽڪاءِ

منزل ڏور نه آ.

منزل ڏور اجهاڳ سهي ڀل

تنهن کي سهل بڻاءِ

منزل ڏور نه آ.

نيڻين ڏات جا ڏيئا ٻاري

سرجڻهار سڏاءِ

منزل ڏور نه آ.

روز ٿو اڀري اُلهي سورج

سهسين سج جرڪاءِ

منزل ڏور نه آ.

مئي پڄا‎ڻا، ماڻهو اياڻا

لهندءِ سُڌ سماءُ

جيئري پاڻ مڃاءِ.

مري امرتا ماڻ ”ڪلا“ تون

جيون جوت جلاءِ

منزل ڏور نه آ.

 

 آڪاش خليل لاکو

                           آزاد نظم

آخري تمنا

اڄ ويجهو ويهه مان پياسو آهيان

تنهنجي اکين مان سمورو مڌ سمورو خمار پيئڻ ٿو چاهيان

زندگيءَ کان ڪائي تمنا ڪانهي

سواءِ تنهنجي

تون منهنجي ويران زندگيءَ جي

اڪيلي آس آهين.

تو ڪاڻ هيڏيون وڏيون راتيون

مون جاڳي گذاريون آهن.

تون اچ هڪ ڀيرو بلڪل به آخري ڀيرو

مون کي پنهنجي نيڻن جي ڪٽورن مان

سمورو جام پياري وڃ

۽ هي زندگيءَ جو ڏيئو

پنهنجن هٿن سان اجهائي وڃ

ڇو ته تون منهنجي زندگيءَ جي

آخري تمنا آهين

وائي

انسان  زخمي ٿيا هن،

احساس زخمي ٿيا هن، جيون جي راهن ۾.

روئندي تولئه اي پرين.

ٽهڪ وسري ويا هن، جيون جي راهن ۾.

هميشه جن کي چاهيو سين،

سي ئي خفا ٿي پيا هن، جيون جي راهن ۾.

نيڻ منهنجا رُنا ائين تو لئه،

ڄڻ سانوڻ مينهن وٺا هن، جيون جي راهن ۾.

خليل تنهنجي جدائي ۾،

ڪيئي گيت لکيا هن، جيون جي راهن ۾.

 

فرزانه سنڌو

غزل

تون جي آهين اسين به آهيون،

باقي هو نئن ته ڪجهه به ناهيون.

 

گهڙي هڪ به توکي اسان،

ڪين ٿا پنهنجي دل تان لاهيون.

 

من ڪئنواس تي تنهنجي تصوير،

ويٺا پيا ٿا ٺاهيون ڊاهيون.

 

دنيا سڄي پئي چاهي اسان کي،

پر اسين ٿا توکي چاهيون.

 

پاڻ ارپي ڇڏيوسين، جنهن کي،

سينو تنهن سان ڪهڙو ساهيون.

فياض چنڊ ڪليري

سنڌي عورت جو پروفائيل

هوءَ جا ڪالهه ڪهاڙيءَ جي بڻي هئي قسمت

ڪنهنجي خوابن جي محل جي سا حسين حور هئي

ڪنهن جي بي تاب محبت جو اهو نور هئي

هوءَ  جا رات جو ڪمري ۾ ٽڙي پوندي هئي

هوءَ جا ڏينهن جو پاڇي  سان وڙهي  پوندي هئي

هن جي پيرن جا نشان ڪين وساريا  واٽن

انب جو وڻ ٿو ڏسي راهه اڃا ڀي هن جي

مور جا کنڀ ڀلا ڪئين کلن ٽالهيءَ  تي

هاڻ آنڀو نه اهي سيڪ سياري جا بچيا

چنڊ چغليون به ڪيئن ٻڌي چوڙين جون

سانت جا زخم ٽڪورڻ لئه ڪٿان ٽڪڪ اچن

هاڻ ميلي مان خريديل سا سڳي سڏڪي ٿي

 دل ۾ مدفون ٿيل دل جي لڳي سڏڪي ٿي

چار ٻارائي ٻنيءَ جا ٿيا دشمن هن جا

پير- پايل جو ڪوئي ڏوهه نه هو

هوءَ  ڪاري نه هئي ، پوءِ به ڪسي وئي ڪلهه رات

ڳوٺ ساري تي وٺي هئي برسات

پر ڪهاڙي  تي لڳل خون نه  ڌوپي سگهيو 

آسمان، سنڌ کان ساڳيو ئي سوالي آهي:

هوءَ  جا ڪالهه ڪهاڙِي  جي بڻي هئي قسمت

 ڇا اها ڀيڻ، نه  ڪا ڌي، نه ڪا ڄائي هوندي

 جيڪا ڳترن ۾ ڪلهه رات ورهائي هوندي.‘

 

 

ساڀيا سانگي

 

جلندڙ جذبن جي

ڪٿ ڪندين ڪهڙي

 

جن ۾ جيءُ لڇي

اهڙن اڌ من جي

ڪٿ ڪندين ڪهڙي

تانگهه بڻيو جيون

سڪ سڪڻن جي

ڪٿ ڪندين ڪهڙي

ارهو لوڪ سڄو

ڪهڙن ڪهڙن جي

ڪٿ ڪندين  ڪهڙي

 

ڦاهيءَ تي لٽڪيل

منهنجن سپنن جي

ڪٿ ڪنڊين ڪهڙي

ساڀيا وچنن جي 

ڪٿ ڪندين ڪهڙي

••••

 

مارئي عطار

انجمن بهبود خواتين ‎ڄامشورو جي سرگرمين تي هڪ نظر

ڪافي عرصي کان پوءِ وري سينٽر  تي اهي  رونقون نظر آيون، جيڪي مانواري آپا اختر صديقي (مسز وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو) جي پهرئين واري دؤر ۾ هيون.

انجمن خواتين بهبود جي مرڪزي آفيس يونيورسٽي ڪالوني ۾ هئڻ ڪري سوسائٽي جون عورتون به جٿن جي صورت ۾ هتي اچي گڏ ٿيون هيون ۽ هر طرف رونق لڳي پئي هئي. اهم ڳالهه اها ته زندگي جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ عورت، جنهن ۾ علم جي روشني پکيڙيندڙ  استاد به هئي ته قوم جي مستقبل جون معمار شاگردياڻيون به هيون. انسان جي مسيحائي ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي به هئي ته، ساڳي مهل رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي گهراڻي کي خوشحال ڏسڻ واري بزنس وومين پڻ هئي ته گهر جي زينت سمجهي ويندڙ گهر ڌياڻي به هئي. اتي پنهنجي زندگي کي پنهنجن ئي هٿن سان هيري جيان تراشيندڙ هڪ ڪامياب ورڪنگ ليڊي به هئي. مطلب ته زندگيءَ جو اهڙو ڪو ميدان نه هو، جنهن سان تعلق رکندڙ عورت موجود نه هجي.

گڏجاڻي جي شروعات ٿيڻ کان اڳ هر عورت آپا اختر صديقي سان ائين ملي رهي هئي، جيئن سالن  جي وڇوڙي کان پوءِ پنهنجي ڪنهن عزيز سان ملبو آهي. شايد اهو نڪري هو جو سندن پروقار شخصيت ۾ سادگي، سچائي، ايمانداري، ملنساري، پيار ۽ شفقت جهڙا گڻ موجود آهن، ۽ هر خاتون لمحن ۾ سندن شخصيت جي قائل ٿي ويندي آهي.

هن پر وقار تقريب جي Suppervision ۽ Management ڪندڙ مانواري سانئڻ پروفيسر مئڊم ممتاز ڀٽو، ڊين فيڪلٽي آف اسلامڪ اسٽيڊي، يونيورسٽي آف سنڌ جي هئي. مئڊم رشيده ڀٽي ۽ مئڊم رضيه راشدي صاحبه سندن ٻانهن ٻيلي هيون.

ميزبانيءَ جا فرائض افشان ڀٽو تمام خوبصورت انداز سان نڀايا.

تقريب جي باقاعدي شروعات ٿيڻ کانپوءِ مهمان خاص آپا اختر صديقي صاحبه جيڪو ڳالهايو هو، سو  ساڻيهه جي سڪ جو هڪ مثال  هو.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ اهڙن ئي موقعن لاءِ

پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو افشان ڀٽو فخر السناء ٽالپر مارئي عطار

چيو آهي ته:

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري،

حيف تنينِ کي هوءِ وطن جينن وساريو.

آپا اختر صديقي آيل مهمانن ۽ تنظيم جي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. توهان کان دُور جڏهن اسلام آباد ۾ هيس، توهان جي يادگيري هميشه دل ۾ رهي. سندن چوڻ هو ته يونيورسٽي جي رهواسڻين جيڪا عزت ۽ محبت ڏني، انهيءَ  جي بدولت قدرت مون کي ٻيهر توهان سان ملايو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عزيز ڀنڀرو!  توهان کي ياد هوندو ته سينٽر جو بنياد منهنجي وقت ۾ ئي پيو هو. ۽ سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ڪواٽر A-I ۾ انجمن بهبود خواتين، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي نالي، هڪ فلاحي مرڪز کوليو( جنهن ۾ ڇوڪرين  کي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي.) جنهن جي رجسٽريشن آگسٽ 1986ع ۾ Volountry Social welfare agencies (Registration & Control  Ordienance 1961) تحت گورنمينٽ آف سنڌ ۾ ٿي ۽ هي سينٽر وڏي ڪاميابي سان هلايو ويو.

انجمن بهبود خواتين طرفان هڪ پروجيڪٽ ٺاهي، منسٽري آف وومين ڊولپمينٽ سوشل ويلفيئر کي موڪليو ويو. جنهن ۾ هڪ ملٽي پر پز بلڊنگ جي گذارش ڪئي وئي. انهيءَ پروجڪيٽ تحت گورنمينٽ اسان کي هي بلڊنگ ٺهرائي ڏني، پر جيئن ته منهنجي گهر واري ( محترم مظهر الحق صديقي وائيس چانسلر يونيورسٽي آف سنڌ) جن جو ٽرانسفر اسلام آباد ٿيو، ته آءُ به اوڏانهن هلي ويس.

(سندن وڃڻ کان پوءِ هن بلڊنگ جي سنڀال مسز اقبال دين محمد جن ڪئي. تنهن کانپوءِ هڪ Executive Body اليڪشن ذريعي ڪم ڪري رهي آهي ۽ نهايت محنت ۽ جفا ڪشي سان هي سينٽر هلي رهيو آهي. ليکڪ)

مانواري سانئڻ مئڊم اختر صديقي وڌيڪ چيو ته مون کي خوشي آهي ته ڊاڪٽر پروفيسر ممتاز ڀٽو نهايت ڏکي وقت ۾ هن سينٽر کي سنڀاليو آهي. ڪو به ادارو مالي امداد کانسواءِ نه هلي سگهندو آهي. فنڊن جي اڻاٺ باوجود به هنن  ادارو ڪاميابي سان هلايو آهي.

هن سينٽر جي نئين رجسٽريشن سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ 03 جون 2001ع ۾ ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ ڪالوني سان گڏ سوسائٽي کي به شامل ڪيو ويو آهي،

مئڊم صديقي وڌيڪ چيو ته جيئن هر انسان جو خواب هوندو آهي، تيئن منهنجا به ڪجهه خواب آهن، جن ۾ غريب ڇوڪرين جي بهتر تعليم، نوجوان نسل مان بيروزگاري ختم ڪرڻ، اهي نياڻيون جيڪي غريب هجڻ ڪري شادي جهڙي پوتر  ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي نه سگهيون آهن، تن جي شادي ڪرائڻ. بيواهه ۽ بي سهارا عورتن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت  روزگار کولي ڏيڻ شامل آهن. هنن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تدبيرون ۽ رستا تفصيل ۽ وڏي مهارت سان ٻڌايا، ۽ اهو پڻ  چيو ته  اهي سڀ خواب توهان  جي سهڪار سان ئي ساڀيان ٿي سگهن ٿا. ڇو ته ادارا ۽ فرد هڪ ٻئي جي تعاون سان ئي منزل تائين پهچي سگهندا آهن.

 ان کان پوءِ آپا اختر صاحبه جي نگراني ۾ هڪ جنرل باڊي ٺاهي وئي، جنهن جا ميمبر هيٺين ريت چونڊيا ويا:

Partan:

Madam Akhtar siddiqui

President:

Madam Proffessor Mumtaz Bhutto

Vice president:

Madam Rashida  Bhatti

Genral Secretary:

Madam fakhrunisa Talpur

Joint Secretary:

Madam Razia Rashdi

Treasurer:

Madam Tahamiana Mufti

P.R. O. Public Ralation officer:

Miss Marvi attar

هن پروگرام جون ٽي نشستون ٿيون، جنهن  ۾ پهريون تعارفي مرحلو، تنهن کان پوءِ عورتون  پنهنجي سنڀال ڪيئن ڪن تحت ”دي اميج پارلر“ جي ايڪسپرٽ ڪوثر خليل پنهنجي معاون نويد ميمڻ جي مدد سان پريڪٽيڪلي  ٿيوري ٽيڪلي ڪجهه ٽپس ٻڌايا. ”ووگش“ نالي سوسائٽي ۾ پارلر کليو آهي، تنهن  جو پڻ تعارف ڏنائون.

ٽئين مرحلي ۾ آغا خان اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽر شازيه خواجه ۽ سندس ٽيم جنهن عورت ۾ ڇا تي جي ڪينسر ۽ مردن  ۾ پان گٽڪي ۽ سگريٽ جي تباهه ڪارين کان آگاهي ڏني ۽ سوالن جوابن جي نشست پڻ ٿي.

اهڙي طرح انجمن بهبود خواتين جي پهرين  گڏجاڻي جي پڄاڻي ٿي.  لائٽ ريفريشمينٽ کانپوءِ هر خاتون نئين جوش ۽ جذبي سان پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿي.

اسان جي دعا آهي ته سانئڻ اختر صديقي صاحبه جيڪي نيڪ خواب پنهنجين اکڙين ۾ کڻي واپس آئي آهي، سي سڀ جلد کان جلد ساڀيان ٿين.

 

رپورٽ: گلشن سنڌو سولنگي

اُستاد بخاري جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. تاج جويو

اُستاد بخاري ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪئي آهي.ادل سومرو

اُستاد بخاري جي نائين ورسيءَ جو اکين ڏٺو اجوال

 

13 آڪٽوبر 2001ع تي سنڌي ادبي سنگت دادو ۽ استاد بخاري اڪيڊمي جي تعاون سان طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾، استاد بخاري جي نائين ورسي ملهائي ويئي. تقريب پنهنجي مقرر ڪيل ٽائيم کان ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿي، جنهن جو سبب سنڌ يونيورسٽيءَ مان نڪتل بس هئي. جنهن ۾ امداد حسيني، طارق عالم ابڙو، انعام شيخ، هدايت پريم، ڊاڪٽر قمر مرزا، مئڊم راحيله بچاڻي ۽ ٻيا پنجاهي کن اديب ۽ اديبائون شامل هئا، پر جئن ته اها بس سن وٽ خراب ٿي پئي، جنهن بعد اهي واپس حيدرآباد هليا ويا، اهڙو اطلاع اسحاق  سميجو ۽ علي دوست عاجز اچي ڪيو، جنهن بعد پروگرام جي شروعات ڪئي ويئي. سڀ کان پهريان صدارت سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي سيڪريٽري تاج جويو کي اسٽيج  تي سڏايو ويو.(جڏهن ته دعوتي ڪارڊ ۾ صدارت لاءِ شمشير الحيدريءَ جو نانءُ درج ٿيل هو، پر اوچتو ڪنهن مصروفيت ڪري هو پهچي نه سگهيو.) ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ادل سومرو کي مهمان خاص ۽ اعزازي مهمانن طور مشهور سگهڙ حافظ محمد بخش، ميرل فقير جويو ۽ استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جي چيئرمين  ۽ استاد بخاريءَ جي فرزند ڊاڪٽر الطاف بخاريءَ کي اسٽِج تي سڏايو ويو. اسٽيج تي ويٺل مهمانن کي علي محمد درد سولنگي، رجب آزاد، وزير منگي، محمد عرس، اظهر ۽ الهرکيو ڳورڙ اجرڪ اوڍايا.

ڪلام پاڪ  جي تلاوت  سان پروگرام جو آغاز ڪيو ويو. سنڌي  ادبي سنگت دادوءَ جي جوائنٽ سيڪريٽري رجب آزاد ۽ استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جي سيڪريٽري احمد خان سهاڳ آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جي سيڪريٽري علي محمد درد سولنگيءَ تاثر پڙهيو  ته ان وقت تقريب ۾ اداسي ڇائنجي ويئي. سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا ته پنڊال ۾ ويٺل سيد حاڪم علي شاهه، ڊاڪٽر الطاف بخاريءَ سميت ڪيترن ئي مهمانن جون اکيون آليون ٿي ويون، درد سولنگي پنهنجي تاثر ۾ چيو ته استاد بخاريءَ جو جسم محبت واري مٽيءَ مان ٺهيل هو. استاد جي دل ۾ ديس ۽ ديس واسين جو ديرو هيو، استاد جي شعر جي سٽ سٽ ۾ سانگين جي سڪ ۽ مارن جي محبت سمايل هئي، سندس اکر اکر ۾ اڪير، الفت ۽ قوم جو درد سمايل هو. هن پنهنجا سور ۽ تڪليفون وساري، مالوند مارن، هارين، نارين ۽ سانگين سٻاجهڙن جي پورن ۽ پيڙائن جي ڳالهه ڪئي. استاد نفرت ۽ ويڇن کي وساري، پاڻ ۾ ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو درس ڏنو. استاد، امن، پيار ۽ پريت جو پيغام، شهر شهر، ڳلي ڳلي، ڳوٺ ڳوٺ،گهر گهر عام ڪيو ۽ گيتن رستي سجاڳي ۽ بيداري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اُستاد بخاري ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هوندي به، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتيءَ سرتيءَ لاءِ، لهر لهر درياءَ بڻجي، جستجو لاتقنطو جي اصول مطابق سوچون ڀڻڪا واڪا ڪندو رهيو، استاد مئو ناهي هن موت کي مات ڏني آهي.

انور ساگر ڪانڌڙي چيو ته استاد سنڌ جي پنج هزار سال، تاريخ جو سونارو ۽ ڍاٽارو آهي، ليڪن استاد بخاريءَ کي نظر انداز ڪيو ويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي تاريخ ۾ شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل جو ذڪر ته ملي ٿو پر استاد بخاريءَ جو ذڪر گهٽ ملندو. ليڪن استاد کي انهن جي ضرورت نه آهي. استاد زنده جاويد شاعر آهي، استاد جو فڪر روشنيءَ جو فڪر آهي.

دلشاد ڀٽي چيو ته راڳ رنگ جون محفلون استاد بخاري ۽ ان جي شاعريءَ کانسواءِ بي رنگ، بي رونق ۽ اڌوريون آهن، بخاري، ڀٽائيءَ جيان، پنهنجي مشاهدي کي پنهنجي لفظن ۾ سمائي ڇڏيندو هو ۽ لفظ سندس آڏو سدائين سجده ريز  هوندا  هئا، سندس سٽ سٽ ۾ مزاحمت نظر اچي ٿي، هو سماج جي نبض تپاسي ان جو ترياق ڪندو هو.

پريس ڪلب دادوءَ جي جنرل سيڪريٽري گلڻ ڀنڊ چيو ته استاد جنگي علمن جو عالم هيو، استاد فلسفي هو جنهن شاعريءَ ۾ فلسفو اوتيو آهي.

پرواني سيوهاڻي چيو ته استاد بخاري، گذريل دور هن دور ۽ ايندڙ دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.

عظيم سنڌي چيو ته استاد بخاري جي شاعري پڙهي، مون شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني 1986ع کان منهنجو واسطو استاد سان رهيو بخاريءَ چيو ته:

ٽٽي پوندي استاد دادوءَ جي دل،

 بخاريءَ کان مورو متان موڪلائي .

اهو مورو، آءُ، راشد مورائي ۽ حافظ محمد بخش هياسين.

الهنواز رڪڻائي چيو ته استاد جمالياتي شاعر هو، سندس شاعري وڏو مقام رکي ٿي.

احمد خان مدهوش چيو ته استاد بخاريءَ تي ڇا ڳالهائجي هو عظيم شاعر هو.

اعزازي مهمان حافظ محمد بخش چيو ته استاد تمام پيارو انسان هو، هن ۾ غرور نالي ڪا شيءِ نه هئي.

ميرل فقير چيو ته استاد بخاريءَ سان منهنجي جده کان خط و ڪتاب هئي. استاد جده ۾ ٿيندڙ مشاعرن لاءِ شعر لکي اماڻيندو هو. ڊاڪٽر الطاف بخاريءَ چيو ته آءُ سنڌي ادبي سنگت دادوءَ وارن جو ٿورائتو آهيان جن استاد جي نائين ورسي ملهائي. آءُ سڀني آيل مهمانن جو به ٿورائتو  آهيان. جو اوهين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪهي هن ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيا آهيو. استاد بخاري کي سنڌ جي ٻچي ٻچي ۽ سنڌ جي چپي چپي سان محبت هئي.

مهمان خاص سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ادل سومرو چيو ته استاد بخاريءَ جيترو وڏو شاعر، اوترو وڏو انسان هو، هن ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ديس جي درد سان گڏ سموري دنيا  جو درد آهي، ان ڪري استاد بخاري بين الاقوامي شاعر آهي. بخاري قومي شعور سان گڏ بين الاقوامي شعر به ڏئي ٿو، جيڪا لغت جي وسعت استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ آهي اوتري ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ ۾ نه آهي. استاد لغت ۾ نوان نوان تجربا ڪري، لغت جي لفظن ۾ روح ڦوڪي ڇڏيو آهي.

صدارتي تقرير کان اڳ ۾ هيٺيان قرار داد منظور ڪرايا ويا.

* سنڌ اندر آثار قديمه جي ماڳن، موهن جو دڙو، خدا آباد جي مسجد، ميان يار محمد ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جا مقبرا مرمت ڪرايا وڃن.31- 10- 2001ع مورو گرلس ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ثريا سولنگيءَ جي زبردستي ٿيل ڏهرڪي وارو آرڊر واپس وٺي کيس دادوءَ يا مورو ۾ مقرر ڪيو وڃي.

صدارتي خطاب ڪندي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي سيڪريٽري تاج جويو چيو ته، اگر استاد نه هجي ها ته اسين به نه هجون ها، استاد بخاريءَ کي اها خاطري هئي ته ايندڙ نسل سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محافظ هوندو. بخاري سنڌ جو اهو واحد شاعر آهي، جنهن جي زندگي، سوچ ۽ خيال سڀ ڪجهه سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان سلهاڙيل هئا. اهڙا شاعر صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن ۽ اهڙن شاعرن تي صديون فخر ڪندوين آهن. استاد جو منڪر، سنڌي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو منڪر آهي، هر شاعر وٽ پنهنجو فن ۽ فڪر هوندو آهي، اياز، اُستاد نه ٿو ٿي سگهي، استاد نارائڻ نه ٿو ٿي سگهي، نارائڻ تنوير نه ٿوٿي سگهي، ته تنوير امداد نه ٿو ٿي سگهي. سنڌي  شاعريءَ جو وجود انهن ئي شاعرن جي وجود  ان آهي. اسين ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون جو ڪالهه اسان وٽ شاهه، سچل، روحل، بيدل، بيڪس ۽ سانگيءَ جهڙا شاعر  هئا ۽ اڄ اسان  وٽ، اياز، استاد، شيام، تنوير ۽ امداد جهڙا  شاعر آهن. اچو ته انهن جي پيغام کي ڦهلايون، استاد جا شعر اهي آيتون آهن، جن جو تفسير هر ڪو پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر ڪڍي سگهي ٿو.

مقالن دوران مشاعر به هلندو رهيو، مشاعري ۾، گلشن سنڌو سولنگي، بينظير عادل سخيراڻي،  امينه ناز ڀٽي، فوزيه ڀرڳڙي، ابل اداس ٻٻر، وفا ڪوڙل چنا، همدرد کوسو،  ٻاجهي خان لغاري،  علي دوست عاجز، گل گوهر ڳورڙ، لياقت علي لياقت، مسڪين ملاح، گلزار سيال، ذوالفقار گاڏهي، معصوم بخاري، نياز خالدي، احمد خان  مدهوش، خليل عارف سومرو، دلبر جمالي، مئڪش سومرو، جاني اسحاق ملاح، گل ٽکڙائي، آصف مٺياڻوي، شاهنواز مسافر، محمد عرس اظهر، بيتاب، مشهور ميمڻ، گدا خاصخيلي، اظفر ميمڻ، ڀيڄو فقير، صابر سيد پوري، طالب قمبراڻي، همراز ڀٽي، محبوب ڏيپر، خاور قبولائي، شاهد ڀرڳڙي، مصطفيٰ سولنگي، پروانو سيوهاڻي، حاجن پنهور، مارو جمالي، شبير سيال، زاهد انصاري، اعظم لغاري، وفا منظور پنهور، ضمير کرل، فتاح ابڙو، جبار جوش، گل حسن ساگر ڪوري، مولائي منظور شعر پڙهيا. ورسيءَ ۾ راڳ رنگ جي محفل ۾ سڪندر سومرو، ذر منگي، رضوان ڪابورو قادر سنڌي، رزاق سنڌي، خادم حسين سمون، اسلم راهي، شبير سخيراڻي، ٻالڪ سنڌي، اختر سخيراڻي، غلام شبير شاهاڻي، ۽ شفيع محمد جمن، استاد بخاريءَ جي شاعري ڳائي ٻڌائي. پروگرام دوران نوجوان راڳي سرور سخيراڻي جي مرتئي تي هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي ويئي. رشيد چارڻ پڻ ٽوٽڪا ٻڌايا، پروگرام جي ڪمپئيرنگ جا فرائض، درد سولنگي، گلشن سنڌو سولنگي، رجب آزاد ۽ تابش بخاريءَ انجام ڏنا. رات جو ڏهين وڳي  شروع ٿيل پروگرام صبح جو ستين وڳي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ اديبن استاد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي.

 

رپورٽ: گ.ج

ڇا عورت مرد کي رشوت وٺڻ تي مجبور ڪري ٿي؟

 سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۽ ريڊيو  پاڪستان  حيدرآباد  جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي ۾ مذاڪرو

 

مئڊم تنوير جوڻيجو چيئرپرسن سوشيالاجي (سماجيات) ڊپارٽمينٽ پروگرام جي ڪمپيرنگ ڪندي چيو ته ڪرپشن سماج جو اهم مسئلو آهي ان ڪري مذاڪرو سڏايوسين. جيئن عورت جو هڪ روپ ماءُ وارو به آهي ۽ جڏهن ٻار ڪا فرمائش ڪن ٿا ته هوءَ مجبور ٿي مڙس کي چوي ٿي ۽ مڙس رشوت وٺڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ان ڪري ئي اسان هي موضوع رکيو آهي.

  بيگم آپا اختر صديقي      تنوير جوڻيجو              سحر امداد

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com