سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :9

ڪنول سميجو                                            وقت جي ڊائري

 

هيءَ دانهن ڪير ٻڌندو

ڳالهائيندي ڳالهائيندي سوچن ۾ گم ٿيو وڃان. گهريءَ ننڊ مان ڇرڪ ڀريو اٿان، ۽ ڪيڏو لڇان ۽ پڇان، پر ڪيئن ڪڇان؟ هر پل مون کي ستائن پيون ان معصوم نياڻيءَ جون دانهون، اکيون کوليان ته خيال ان جا اکيون بند ڪريان ته خواب ان جا. چؤطرف کان رڙ هڪ ئي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي: ”ڪهڙو ڏوهه آهي منهنجو ازل کان مان ستائي وئي آهيان، اڄ به ان ئي آڙاهه وچ ۾ بيٺي آهيان.“ هوءَ رڙيون ڪري چئي پئي بابا..... او بابا......

”هيءُ ڪهڙو ظلم ڪيو اٿئي پاڻ کان وڏي عمر جي پوڙهي سان پرڻايو اٿئي.“

”جي ڏين ها وهه (زهر) جو پيالو ته خوشيءَ سان مان پي وڃان ها بابا - پر اهو ظلم نه ڪرين ها!

اهو ظلم نه ڪرين ها!!


 

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: گلبدن جاويد

ليوسنٽ اڪيڊمي ۽ ڊي ڪيئر سينٽر جي پرنسپال رخسانه ظهير سان ڳالهه ٻولهه

سرتيون: اوهين پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو ۽ اهو ٻڌايو ته رخسانه چنا کان رخسانه ظهير تائين سفر ڪيئن ٿو هلي؟

رخسانه ظهير: ڪنهن به ماڻهوءَ کان پنهنجو ننڍپڻ ڪڏهن ڪونه وسرندو آهي. اهو دَور بي فڪريءَ جو دَور هو. منهنجو جنم نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. منهنجي شروعاتي تعليم نئون ديرو پرائمري اسڪول ۾ ٿي. چوٿين ڪلاس کان هتي ٽريننگ ڪاليج ۾ داخلا ملي. منهنجي ماسي مون کي تعليم ڏيارڻ لاءِ هتي وٺي آئي.

سرتيون: اوهين ننڍڙيءَ عمر ۾ ماءُ پيءُ کان پري ٿيون اها تبديلي ڪيئن لڳي؟

رخسانه ظهير: توهين صحيح ٿيون چئو ته ان عمر ۾ ٻار کي ماءُ جي پيار جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، پر جيئن ته اسان جو گڏيل ڪٽنب هو. سؤٽ ماسات سڀ گڏ رهندا هائسين. ان ڪري ماسيءَ جي گهر ۾ مون کي تمام گهڻو توجهه مليو. اسان جي ڪٽنب ۾ تمام گهڻو پيار هوندو هو ۽ ننڍيون وڏيون عيدون به اُتي نئون ديرو ۾ گڏجي ڪندا هئاسين. ان کان پوءِ مون کي ماڊل اسڪول ۾ داخلا ملي. ڇهين ڪلاس کان ستين تائين اُتي پڙهيس ۽ اُتان کان ئي ريڊيو تي ٻارڙن جي ٻاريءَ ۾ ڪمپيئرنگ ڪيم، پر اٺين ڪلاس کان پوءِ وري ميران اسڪول ۾ داخلا ملي، پر اتي منهنجي پڙهائيءَ ۾ دل نه لڳي ۽ پوءِ مئٽرڪ وري لاڙڪاڻي مان ڪيم. پوءِ منهنجي وڏي ماسات آپا سڪينه چنا مون کي پي. ٽي. سي ۾ داخلا وٺي ڏني ۽ پوءِ انٽر به ڪيم ۽ ان دوران ريڊيو تي پروگرام به ڪيم. ان دوران اسٽيج پروگرام ساوڪ سنگيت شو ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ڪيم. ان وقت جهانگير قريشي، سرور بلوچ ۽ سڪندر بلوچ جهڙن پروڊيوسرن منهنجي همت افزائي ڪئي. اهڙيءَ طرح تقريبن 12 سال مون ريڊيو تي ڪم ڪيو. ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ آپا سڪينه چنا مون کي سينٽ بونا وينچرز ۾ نوڪري وٺي ڏني. شادي ٿيڻ تائين يعني رخسانه ظهير ٿيڻ تائين.

سرتيون: شادي ڪڏهن ٿي؟

رخسانه ظهير:1985ع ۾ شادي ٿي.

سرتيون: شادي پنهنجي پسند سان ٿي يا مائٽن جي پسند سان؟

رخسانه ظهير: شادي منهنجي پسند سان ٿي.

سرتيون: پسند جو اظهار ڪنهن ڪيو؟

رخسانه ظهير: ظهير مون کي اسٽيج تي ڪمپيئرنگ ڪندي ڏٺو هو ۽ پوءِ رشتو گهريو.

سرتيون: اوهان جي خيال ۾ لوميريج ڪامياب آهي يا ارينج ميريج؟

رخسانه ظهير: ڪامياب شاديءَ جي ضمانت ته ٻنهي صورتن ۾ نٿي ڏئي سگهجي. شادي ڪامياب تڏهن آهي جڏهن ٻنهي ڌرين يعني زال مڙس جي وچ ۾ ذهني هم آهنگي هجي. باقي ارينج ۾ اهو فائدو آهي جو ڇوڪريءَ کي هر شيءِ ٺَهي ٺُڪي ملي ٿي. پسند جي شاديءَ ۾ ائين  ٿئي ٿو ته ڪو ڀاتي راضي هوندو ڪو نه هوندو. جنهن سان شاديءَ ۾ پوري خوشي ملي نٿي سگهي. هينئر تازو مثال منهنجي ڌيءَ مهڪ جنهن جي انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ شادي ڪرائيسين. سڀ گهر جا ڀاتي مطلب ته سڄو خاندان گڏ هو. اوڙي پاڙي جا مائٽ پورو هفتو رهيل هئا. رات جو سهرا ٿيندا هئا. صبح جو مان اسڪول ايندي هيس. واپس وڃي ماني کائي آرام ڪندي هيس. گهر جو سڄو ڪاروهنوار منهنجي نڻان ارشاد، سندس ٻار ۽ منهنجون ڏيرياڻيون سنڀالينديون هيون. اهڙيءَ طرح ارينج ميريج جو هڪ پنهنجو نمونو آهي. پر مائٽن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته زندگي ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري کي گذارڻي آهي. انڪري انهن جي به مرضي ۽ خواهش کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. مائٽن کي اولاد جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

سرتيون: جيئن ته اوهان سينٽ بوناوينچرز ۾ به سروس ڪئي آهي ۽ ٻارڙا به سنڀاليا آهن اهي سڀ ڪم ڪيئن سرانجام ڏنو؟

رخسانه: جڏهن ٻارڙا ٿيا ته پوءِ مون ريڊيو تي پروگرام ڪرڻ ڇڏي ڏنا ۽ ظهير جي مرضي هئي ته مان سروس به ڇڏيان، پر منهنجي سس ۽ وڏي نڻان جيڪا قاضي خادم جي گهرواري هئي، تن ظهير کي سمجهايو ته رخسانه کي سروس ڪرڻ ڏي. ۽ سروس دوران ٻارڙا منهنجي سس سنڀاليا. جيئن بونا وينچرز اسڪول ۾ پڙهائڻ سان گڏ آئون ايڪٽوٽيز انچارج هوندي هيس، سو ڪڏهن ڪڏهن اسڪول ۾ فنڪشن دوران دير ٿي ويندي هئي ته ظهير ناراض ٿيندو هو، پر منهنجي سس هر طرح سان منهنجو ساٿ ڏنو. باقي جڏهن (منهنجي سس وفات ڪري وئي ته پوءِ گهر کائڻ ايندو هو. وري آخري ننڍڙي ڄائي ته هيڪاري پريشان ٿي ويس.

سرتيون: ان ننڍڙيءَ کي ڪنهن سنڀاليو؟

رخسانه ظهير: سينٽ بونا وينچرز جي سامهون مسز خان جو ڊي ڪيئر سينٽر هوندو هو. ان مون سان تعاون ڪيو ۽ ننڍڙيءَ کي سنڀاليو. باقي شام جو سندس چاچيون ۽ پڦيون کڻي وينديون هيون. اهڙي نموني ننڍڙي پلجي پئي.

سرتيون: اوهين ننڍپڻ  ۾ ڪهڙي قسم جو ٻار هونديون هيون.

رخسانه ظهير: ڏاهي ٻار هيس. اهوئي سبب آهي جو منهنجا ٻار به ڏاڍا سدورا آهن.

سرتيون: اوهان کي گهڻا ٻار آهن؟

رخسانه ظهير: چار ڌيئر آهن. مهڪ، فلڪ، شفق ۽ سونهن افق.

سرتيون: سينٽ بونا وينچرز مان سروس ڇو ڇڏي؟

رخسانه ظهير: مون 20 سال اُتي نوڪري ڪئي پوءِ مون سوچيو ته هاڻي گهر ۾ ويهجي، پر ٿوري ئي عرصي ۾ مون محسوس ڪيو ته مان گهر جي ڪمن ڪارين ۾ ايڊجسٽ ٿي نه ٿي سگهان. انڪري اسان اڪيڊمي کولي.

سرتيون: هن کان اڳ اوهان بورڊنگ هائوس به هلايو. اهو تجربو ڪيئن رهيو؟

رخسانه ظهير: پهرين اسان جو بورڊنگ هائوس منهنجي گهر جي ٻئي پورشن ۾ هو، ان ۾ ٽئين ڪلاس کان ميٽرڪ تائين ٻهراڙيءَ جا شاگرد رهندا هئا، جيڪي بيڪن ۽ بونا وينچرز ۾ پڙهندا هئا. مان شام جو انهن کي ٽيوشن به پڙهائيندي هيس مطلب ته انهن ٻارن کي اسان پنهنجي اولاد وانگر رکيو.

سرتيون: ڊي ڪيئر سينتر کولڻ جو خيال ڪيئن آيو؟

رخسانه ظهير: مون محسوس ڪيو ته قاسم آباد ۾ ورڪنگ ليڊيز کي ٻارڙن جي ڪيئر لاءِ ڪو ذريعو ڪونهي. انڪري اهو سينٽر کوليو اٿم. هن سينٽر ۾ ٽن مهينن جي ڄمار کان ٻارڙا اچن ٿا. هڪڙي ته 14 ڏينهن جي ٻارڙي به آئي. جيڪا هينئر ڪجهه وڏي ٿي آهي.

سرتيون: ٻار کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ڪيئن راضي ڪجي؟

رخسانه ظهير: اسڪول جي ماحول تي مدار آهي ته هو ٻار جي دلچسپي ۽ وندر لاءِ ڪيترو سهڪاري آهي. اسڪول ۾ ٻار کي ايترو لطف اچي جو ٻئي ڏينهن هو اسڪول اچڻ لاءِ آتو هجي. پر اسان وٽ گهڻي ڀاڱي اسڪولن جو اهو معيار ناهي. فقط ڪتابن جي گهڻائي تي زور ڏيڻ سان ڪي عالم ڪونه پيدا ٿيندا،  ٻار جي نفسيات کي سمجهي هن سان تعاون ڪجي. ٻار ۽ ٽيچر جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو جڙيل هجي ته جيئن ٻار خوف محسوس نه ڪري.

سرتيون: اسڪول ۾ پرنسپال جو تجربو ڪيئن رهيو؟

رخسانه ظهير: الله جو شڪر آهي ته منهنجو سڄو اسٽاف ريگيولر ۽ ذميوار اسٽاف آهي، جيڪي ٽيچرز هتي پڙهائين ٿيون اهي مون کي منهنجي ڌيئرن وانگر آهن. مون کي ڪابه شڪايت هوندي آهي ته مان کين گهرائي ڳالهه ٻولهه ذريعي ان جو تدارڪ ڪندي آهيان. جيڪڏهن ساڻن ڪو ذاتي مسئلو به آهي ته مون سان ڊسڪس ڪري وٺنديون آهن. منهنجو کين چوڻ هوندو آهي ته ٻارڙن کي هر ڳالهه نرمي ۽ پيار سان سمجهايو. منهنجي اسڪول ۾ ٻار کي سزا ڏيڻ جي اجازت ناهي. الله جو شڪر آهي جو ٻارن توڙي ٽيچرز جا ماءُ پيءُ مون تي اعتماد ڪن ٿا ۽ سهڪار ڪن ٿا. مون کي خوشي آهي ته منهنجو اسٽاف منهنجي ايتري عزت ٿو ڪري جيتري عزت اولاد به شايد ڪنهن جي ڪندو هجي.

سرتيون: پسند جو رنگ؟

رخسانه ظهير: سائو.

سرتيون: اوهان کي ڪهڙو گل پسند آهي؟

رخسانه ظهير: موتيو.

سرتيون: ڪهڙي خوشبو پسند آهي؟

رخسانه ظهير: ڪابه.

سرتيون: پسند جو کاڌو؟

رخسانه ظهير: جيڪو به وقت تي عزت سان ملي.

سرتيون: پسند جو ڪتاب؟

رخسانه ظهير: هونئن ته قرآن شريف کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي، پر اهو ڪتاب وڻندو آهي جنهن ۾ ڪانه ڪا سبق آموز ڳالهه هجي ۽ ذهن کي فرحت ڏئي.

سرتيون: فنڪار / فنڪاره؟

رخسانه ظهير: سڀئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سُٺا آهن.

سرتيون: پسند جي فلم؟

رخسانه ظهير: جيڪا واندڪائيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ ملي.

سرتيون: پسند جو اداڪار/ اداڪارا؟

رخسانه ظهير: بابره شريف

سرتيون: زندگيءَ جو مقصد.

رخسانه ظهير: جيڪي ٻارڙا منهنجي اڪيڊمي ۾ اچن ٿا اهي سڀئي مستقبل ۾ ڪامياب ڪامران ٿين، ڇو ته مان سمجهان ٿي جيڪي ٻار اسان جي تربيت ۽ تعليم هيٺ آهن انهن جي ماءُ پيءُ کان پوءِ اسان جي ذميواري آهي.

سرتيون: پڙهندڙن لاءِ پيغام؟

رخسانه ظهير: سٺو سوچيو، سٺو ڪيو نيڪ نيتيءَ کي زندگيءَ جو حصو بڻايو. ڇو ته نيڪ نيتيءَ سان ڪيل پورهيو ڪڏهن به صايع ناهي ٿيندو. خاص ڪري استادن/ استادياڻين جي مستقبل جو دارو مدار اوهان جي تربيت ۽ تعليم تي آهي. ڇو ته اڄ جو ٻار سڀاڻي جو معمار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com