رتنا گوديا ”رولاڪ“
پيڙا جو پڙلاءُ
بس ائين هوءَ اسان وٽ هميشه لاءِ اچي ويٺي. هوءَ
امان جي سٺي شيوا ڪندي هئي. جڏهن به نڪرندي هئي
ٻاهر، ته هن جي پٺيان تماشبين هوندا ئي هئا ۽ هوءَ
به خوش ٿيندي هئي. ويچاري اناٿ جوان ڇوڪري، خبر
نه آهي اندر ۾ ڪهڙا ڪهڙا ارمان سانڍيل هئس. مون به
سک جو ساهه کنيو. هتي جا سڀ ڪم نپٽائڻ ۾ مهينو لڳي
ويو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي افسوس ٿيندو هو، ته ڪان
پنهجو وڏپڻ جو وجود ئي وڃائي ڇڏيو هو. ڪم ڪرڻ جي
ته هن کي عادت ئي ڪونه هئي. جوش ۾ ڪجهه وقت لاءِ
ڪم ڪيائين. پوءِ بند ڪري اچي پيءُ جو پلنگ
ڀريائين. جلدي جلدي ڪندي به دبئي پهچندي مهينو لڳي
ويو. هوڏانهن دبئيءَ مان ماڌوءَ نياپا پئي موڪليا،
ته ناسڪ ويهه هزار ڏيئي اچُ جو سري وري ماءُ بڻجڻ
واري آهي. مون کي ته وقت ئي ڪونه هو وڃڻ جو، سري
آئي ناسڪ مان. کيس ناڻو ڏيندي چيومانس، ”سري، اڳ ۾
ئي ٻارن جي پلٽڻ اٿيئي، وري هيءُ ٻار؟“
چيائين، ”ڇا ڪريان؟...
گهر جو سڄو ڪاروبار نان ٻائيءَ جي حوالي ڪري
دبئيءَ آيس. دڪان کي ايترو وقت ڇڏي وڃڻ ڪارڻ گڙ ٻڙ
ته ٿيڻي ئي هئي، هڪ ڪاريگر کي ٻئي دڪاندار سُٺي
پگهار تي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. ٻيو ميان ڀائي به
منهنجي اچڻ جي اوسيڙي ۾ ويٺو هو. ايندي شرط مون
کي چيائين، ”توهان جي هوندي ڇوڪريون جي صرف توهان
کان ڪپڙا ٺهرائينديون هيون، جو توهان خود هنن جي
ماپ وٺندا هئا، پر توهان جي پٺيان ٻڍيون
نوڪرياڻيون اچي ڪپڙا ڏيئي وينديون هيون. ڏاڍي ڪٽ
ڪٽ ڪنديون هيون. انڪري همراهه هليو ويو. هاڻ مون
لاءِ جيئن توهان جو حڪم.“
هفتي جي اندر مون گهر تبديل ڪيو، جتي مان اڪيلي
رهڻ لڳيس. گهر ۾ ئي ڪاريگر کي وهاري ڪم هلائڻ
لڳيس. هاڻ رڳو هول سيل جو ڪم ڪندي هيس. ڏينهن جا
ارڙهن ڪلاڪ ته ڪم ۾ گذري ويندا هئا. پر رات جو
اڪيلو هنڌ، سُنسان گهٽي، سياري جي ٿڌي هوا مون کي
وڇونءَ جيان ڏنگيندا هئا ۽ منهنجي يادن جا کنڊر
تازا توانا ٿي اچي ننڊ ڦٽائيندا هئا. اُن وقت پاڻ
کي ٽٽوليندي هيس، ته ڇا مان ڪان کي پيار ڪندي
آهيان؟ يا موه جي زنجيرن مون کي هن سان جڪڙي رکيو
آهي. ڪڏهن به صحيح جواب نٿي مليو. مان من جي ٻن
ٻيڙين ۾ لڏي رهي هيس، اٿاه ساگر ۾. هڪ من، اُهو ئي
ته پيار آهي، نه ته ڪير هيڏي تپسيا ڪري پيار نه
ڪندڙ کي بچائي! مڙس يا جي پهرئين ڇهاءَ سان ئي
اِستريءَ جي جيون ۾ پيار رس جو سلو اُڀرندو آهي.
ها، ها، تون هن کي پيار ٿِي ڪرين، نه ته هلي نه
وڃين ها؟ باقي بهانا سڀ بي مطلب آهن.
ٻيو من چوي، ‘نه نه، مان هن کي پيار نٿي ڪريان.
بس، موه اٿم هن لاءِ، جيئن ڪنهن بيمار ٻار لاءِ
ماءُ جو وڃي هن ۾ ساه پوندو آهي. منهنجي به حالت
اهڙي ئي آهي. هي سمجهوتو گهر وارن جي صدقي ڪيو
هوم. جي پيار هجي ها، ته اڄ مان اڪيلي هتي هُتي ڇو
ڀٽڪندي رهان ها. ڇو پيار جي ٻانهن ۾ هجڻ بدران هن
ريتيءَ ڀريل گهٽيءَ جي اڪيلي گهر ۾ اڪيلي ڦٿڪي رهي
آهيان. هڪ منٽ لاءِ سمجهو به کڻي، ته اُهو منهنجو
هڪ طرفو پيار آهي. چوندا آهن ته پيار جي موٽ پيار
سان ملندي آهي، پر مان ته اڃا تائين پياسي جي
پياسي آهيان. ننڍپڻ کان ڪنهن ٻئي جا سپنا سجائيندي
رهي آهيان، دل ۽ دماغ ۾ هر وقت هوُ وسيل ٿو رهي،
پر ڪير آهي، تنهنجي خبر نه اٿم. اُن مان، مان
سمجهان ٿي، ته مان ڪنهن کي پيار ڪريان ٿي. پر ڪنهن
کي، اُها خبر نه آهي.
هاڻ هر مهيني ممبئيءَ ويندي هيس، جو ٻارن جو اونو
هو. هونئن بابا جي آسري بي چنتا ويٺي هيس. ڪان تي
ڀروسو ڪرڻ اجايو هو. ٻن ڪلاڪن جو رستو هو دبئيءَ
کان ممبئي، جيئن دادر کان ڪولابا، نه اڳي وانگر ٽي
هفتا. ٻار به خوش هئا. نيلم اسڪول ويندي هئي. نان
ٻائيءَ مان سڀ خوش هئا. هڪ رات امان وٽ رهي، اٿاهه
پيار پائي ايندي هيس، ته من هلڪو ٿي ويندو هو.
اُها منهنجي ماءُ ئي هئي، جنهن سان دک سک جون
ڳالهيون ڪري سيني سان لڳي ايندي هئس. منهنجي پيار
لاءِ اُها تڙپ نه، بُک هئي، جا اڌوري ئي اڌوري
رهجي ويئي هئي. امان هڪ دفعي چيو، ”ڪستائين ائين
هلندو؟ قرض ته لهي ويو اٿيئي نه، باقي اڃا ڇو اُتي
رهي پيئي آهين؟ ماڻهو ڳالهيون ٿا ڪن.“
”امڙ، منهنجي امڙ! ماڻهو ڳالهيون نه ڪندا ته ٻيا
ڪير ڳالهيون ڪندا؟ جانور ۽ پکي ته نه! ترس، هاڻ
هتي گهر وٺڻو آهي، لک ڏيڍ ۾ کار ۾ ڏسي آئي آهيان.
مون کي هن چال مان نڪرڻو آهي.“
تون ڪجهه سمجهين ٿي يا نه؟ ٻار هتي چال ۾ آهن، ته
تنهنجون ڏيرياڻيون به نظرداري ڪنديون ٿيون رهن.
اڪيلي فليٽ ۾ اُنهن جو رهڻ ٺيڪ نه رهندو. ڌيئر
وڌندي دير نٿي لڳي. ڪوئي ته هنن جي سنڀال لاءِ
هجي. هيئن ڇو نه ٿي ڪرين، وجيه ارڙهن سالن جو ٿيو
آهي، کڻي شادي ڪرائينس.“
”نه امان، ننڍپڻ جي شاديءَ منهنجو ڪهڙو حال ڪيو؟
اُهو سور مان ٻارن کي سهڻ نه ڏينديس. اڃا هن ۾
سمجهه ڪٿي آهي؟“
”شادي ڪندو ته سمجهي ويندو. تنهنجي صهري سڀني پُٽن
کي اُن عمر ۾ ئي شادي ڪرائي آهي. ڇا اُهي پنهنجي
گهر هلائڻ ۾ ڪامياب ثابت نه ٿيا؟ منهنجي ڀاءُ جي
ڏوهٽي ويٺي آهي. ويچارا غريب ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ ته
سُکيا سهنجا هئا، هتي حالت اُها اٿن، جو هڪ ويلو
به مشڪل سان نصيب ٿو ٿئين. سنڌ ۾ ٿورا ٻار هئن ۽
هتي چوڏنهن ٻار. ايشور جا کيل نيارا آهن. هاڻ تو
وٽ ناڻو آهي. تون هنن کان ڌيءَ هڪ وڳي ۾ وٺي ٿي
سگهين، نه ته اُهي ڇوريون جيون ڀر ڪنواريون رهجي
وينديون.“
”پر ممي، هوءَ ڇوڪري ته وجيه کان وڏي آهي.“
”پُٽ ٻه چار سال وڏي هوندي، پوءِ ڇا؟ اڳي راجا
مهاراجا پنهنجي وارث پُٽ کي وڏي جوءِ وٺي ڏيندا
هئا، وڏي جيئن اُنهن کي سنڀالي سگهي.“ اهو چوندي
منهنجي منهن ڏانهن نهاري، کلندي رهي.
اُن وقت منهنجي ڀيڻ راڌيڪا به آيل هئي، تنهن ماءُ
جي پٺڀرائي ڪندي چيو، ”سٺو ٿيندو. نه ته چوندا
آهن، ته کليل هانڊي ڪانون هاڻي. مطلب ته تون رهين
ڪونه ٿي. جيڪو ايندو گهر جو نقصان ڪندو رهندو.
چُئه شِوَ. امان ڳالهه ٿي پڪي، مون تنهنجي صهري
سان به اُها ڳالهه ڪئي هئي. هو به ان مائٽيءَ مان
خوش هو.“
”امان، هاڻ ته ڇڏيو. گهر وٺان پوءِ ڏٺو ويندو.“
مان کار ۾ جاءِ بڪ ڪرائي واپس دبئيءَ ويس. دبئيءَ
۾، ڪم ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيم. ڪنهن ماڻهوءَ تي کار
واري جاءِ ۾ فرنيچر ٺاهڻ جو ڪم رکيو هوم. مان اُتي
رهي نه ٿي سگهيس، جو ڪم تمام گهڻو هو. مون سلائيءَ
کان سواءِ ڪنهن پارٽنر سان گڏ پئسينجر لائين جو ڪم
به کوليو هو. ڪم سٺو پئي هليو. مون کي ناڻي ڪمائڻ
جو جنون سر تي سوار هو. جاءِ ٺاهڻ کان پوءِ، سوچيم
ته امان ٺيڪ ٿي چيو ته ٻار اڪيلا ڪيئن رهندا؟ ڪان
جواب ڏنو، ته مان نئين جاءِ ۾ نه هلندس. مان هتي
پنهنجي جاءِ ۾ سُکي ويٺو آهيان.
مون وري به هن کي سمجهايو، ته هتي توکي کاڌي پيتي
جي تڪليف ٿيندي.
ڪان چيو، ”تو وٽ ٻه ٻه نوڪرياڻيون آهن، کاڌو موڪلي
ڏج يا منهنجي لاءِ به هڪ مائي رکي وڃج.“
ڪان ائين پئي چيو ڄڻ مون کي قرض لهڻي. ٺيڪ ته سوچي
ٿو، هي سڀ ٻار هن جي دين هئا ۽ ڪان کي اها به خبر
هئي، ته اهي ٻار ئي منهنجا سڀ ڪجهه هئا.
هاڻ ڇا ڪريان؟ ٺيڪ آ، امان جي ڳالهه تي موٽي اچي
ڌيان ڏينديس. مون تي هاڻ ڪمائڻ جو جنون چڙهي چڪو
هو. اُن اڳيان ڪابه مشڪلات بيهي نه ٿي سگهي.
دبئيءَ ۾ اڃا ويهه ڏينهن مس ٿيا، ته ناسڪ مان خط
آيو ته امان اسپتال ۾ آهي. تون جلد اچ. فون ته اُن
وقت هئا ڪونه. منهنجو سڄو بدن ڏڪڻ لڳو، پوءِ به
وڃي پاسپورٽ ويزا جي لاءِ ڏيئي آيس. مندر ۾ وڃي
ماءُ جي ٺيڪ ٿيڻ لاءِ پرارٿنا ڪيم. ٻئي ڏينهن ويزا
کڻڻ ويس، ته آفيسر سوال جواب پئي ڪيا ته توکي ويزا
نه ڏينداسين.
مون آفيسر کي وينتي ڪندي چيو، ته ”مون کي پڪي ويزا
آهي. چار سال ٿيا آهن، ته ڪنهن پڇيو نه آهي.“
”ڪنهن نه پڇيو آهي ته مان به نه پڇندس ڇا؟ تون
ڪنهنجي ويزا تي آئي آهين؟“ آفيسر پڇيو.
”ڀيڻ جي مڙس جي ويزا تي.“
مون وراڻيو، ”اُن جو ويزا سان واسطو نه آهي.“
منهنجي تکي ڳالهائڻ تي هن چيو، ”ٺيڪ آ، سڀاڻي
اچج.“
مان وري ٻئي ڏينهن ويس، ته به هن ويزا نه ڏني. مون
چيو، ”سر، منهنجي ماءُ سخت بيمار آهي، مهرباني ڪري
ويزا ڏيو. مون کي اڄ وڃڻو آهي انڊيا.“
آفيسر چيو ته، ”پاسپورٽ وڏي آفيسر وٽ موڪليو اٿم.
سڀاڻي اچج.“
اُتان ٿي سڌو مندر ۾ وڃي ويٺيس، ته روئڻ اچي ويو.
سڏڪا ڀري ايشور کي پرارٿنا ڪندي رهيس، ته ‘پرڀو،
منهنجي ماءُ کي وڏي عمر ڏج. ڀلي منهنجي عمر به هن
کي ڏج. ماءُ کان سواءِ منهنجو ڪو همدرد ساٿي نه
آهي. هن کان سواءِ مان جيئري مري وينديس. پرڀو،
مون تنهنجا سڀ انياءَ خوشيءَ سان سٺا آهن، هاڻ مون
۾ باقي شڪتي ناهي.’
پر گهر پهچندي ئي قاسم، منهنجو ڪاريگر ويٺو هو،
تنهن چيو، ”ادي سيٺياڻي، توهان جي ماءُ اڄ جنت
ڏانهن رواني ٿي ويئي. هيءَ تار آئي آهي.“
پهريون دفعو لڳو، ته مان تمام ڪمزور پئجي ويئي
آهيان. منهنجا ڳوڙها بند ٽوڙي وهي ڇُٽا. اندر جي
ٻاڪار زبان تي اچي ويئي. منهنجي گهر جي سامهون
وڪيي مل ويسيءَ واري جو دڪان هو. هو پهرين مندر تي
گهر جي پاسي ۾ رهندو هو. هتي به هو منهنجو خيال
رکندو هو ۽ پٺيان ڪاريگرن کي پوري وقت تي چانهه
وغيره ڏيندو هو، جنهن کان تار پڙهائي آيو هو.
منهنجي دل ۾ هاهاڪار مچي ويئي، ”امان، تون مون کي
ڇڏي ڪيئن هلي وئينءَ؟ هاڻ منهنجو ڪير آهي؟“
داد وڪيي مل اچي ڀاڪر پائي، آٿت ڏيندي چيو، ”پُٽ
اها سنسار جي ريت آهي، جنهن کي گهڻو پيار ڪبو آهي،
ته اُن جي آتما به تنهنجي دک کي ڏسي دُکي ٿيندي
رهندي. تون هن کي دک نه ڏي. ايشور جي اڳيان ڪنهن
جو وس نه هليو آهي. ايشور هن جي آتما کي شانتي
ڏيندو.“
شام تائين ماڻهو ايندا رهيا. مون قاسم کي چيو،
”مان توکي چاٻي ڏيئي وينديس. مون کي موٽڻ ۾ وقت
لڳندو، تيستائين ڪم سنڀالي وٺجو. جن دڪانن جو مال
ڏيڻو آهي، تون ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي ٺاهي، هنن کي
ڏيئي اچج. مان ڪوشش ڪنديس جلدي اچڻ جي.“
قاسم چيو، ”ادي، مان تنهنجو حڪم اکين تي رکندس. ڪم
۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿيندي، توهين دل جاءِ ڪريو. چيڪ به
جيڪي ملندا، سي بئنڪ ۾ وجهائي ايندس.“
”قاسم، دعا ڪر ته مون کي ويزا ملي وڃي. ماءُ جي
مڙهه جو منهن ته ڏسان.“
”الله سائين ڪندو ته توهان کي سڀاڻي ويزا ضرور ملي
ويندي.“
ٻئي ڏينهن به آفيسر ٽال مٽول ڪئي. منهنجي صبر جو
بند ٽُٽي پيو. مون چيومانس، ”ٺيڪ آهي، تون مون کي
پاسپورٽ واپس ڏي ۽ لکي ڏي ته ويزا نه ڏيندين.
پاسپورٽ روڪڻ جو توهان کي حق مليل نه آهي. هي
انڊيا جو پاسپورٽ آهي نه ڪي لنڊن جو.“
هن منهنجو اهڙو رخ ڏسي چيو، ”ٺيڪ آ، هڪ منٽ بيهه،
صاحب کي فون ٿو ڪريان، ته ويزا ڏيان يا نه ڏيان.“
”مان ويزا لاءِ نه ٿي چوان، پنهنجو پاسپورٽ ٿي
گهران.“
”ضرورت ڪانهي“ چوان ئي چوان تنهن کان اڳ هن فون
ڪري ڇڏيو. هلو جو آواز آيو. آواز منهنجو سڃاتل هو.
اُن وقت منهنجي من مان هڪ آهه نڪتي. ڪجهه دير کان
پوءِ آفيسر ويزا لڳل پاسپورٽ ڏنو. مون بنان هن
ڏانهن نهارڻ جي پاسپورٽ وٺي ساڳئي ڏينهن جهاز ۾
ممبئيءَ اچي پهتيس، ته خبر پيئي ته ڪان سميت سڀ
ناسڪ ۾ آهن. ٽئڪسي ڪري مارڪي واري ڏينهن ناسڪ
پهتيس. حشام ماڻهن جا هئا. سڀ اُداس اُداس، هر
ڪنهن جون اکيون ۽ دليون ڀريل هيون. منهنجا ناناڻا،
ڏاڏاڻا، منهنجا ٻار ۽ ڀيڻ سڀ اُتي موجود هئا. مون
ڏاڏيءَ جي گلي لڳي اوڇنگارون ڏيئي رنو. ٻئي ڏينهن
تائين منهنجو روئڻ بند ئي نه پئي ٿيو. ڀيڻ ۽ ڏاڏي
سمجهائينديون رهيون. منهنجي ڏاڏيءَ ٻاڪاريندي چيو،
”اڙي، مان ڇو اڃان جي رهي آهيان؟ اُهو دک ڏسڻ لاءِ
ته هڪ هڪ ڪري، سڀ نونهر مون کي ڇڏينديون وڃن؟
منهنجي عمر مان ٿوري منهنجي ننهن کي نٿو ڏيئي سگهي
ڀڳوان؟“ هن ائين پئي ٻاڪاريو، ڄڻ هن جي دل کي ڪير
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪُٽي رهيو هو. ڀيڻ مون کي ڏاڏيءَ
کان جدا ڪندي چيو، ”بس ڪر، هي ڏس هيترا زالون ۽
مرد چئن ڏينهن کان روئندا رهيا آهن. هنن جو چوڻ
آهي، ته ‘اسان جو ڇا ٿيندو؟ ڪير اسان جي ٻارن جي
في ڀريندو؟ ڪير اسان کي مفت دوائون ڏيندو؟ ۽ ڪير
اسان کي دک سک ۾ دلداري ڏيندو؟ توهان جي ته رڳو
ماءُ ويئي آهي، اسان جو ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.
اسان رڪمڻيءَ جي ڀروسي تي جي رهيا هئاسين. اسان جي
دوا درمل، اسان جي ٻارن جي في، سڀ ته هوءَ ڀريندي
هئي. هاڻ اسان جو ڇا ٿيندو؟ اَمان جيڪو ڪمائيندي
هئي، گهر جو خرچ ڪڍي، باقي گهرجائن کي ورهائي
ڏيندي هئي.
مون دل ۾ سوچيو ته نانو ڪمائي اچي ماءُ جي اسپتال
سنڀالينديس ۽ هنن سڀني جي مدد ڪنديس. بس ٿورو وقت
آهي. پر اُهو وقت ڪڏهن نه آيو. سپنو سپنو ئي رهجي
ويو. امڙ جو سڀ ڪجهه ٽڙي پکڙي ويو. منهنجي ڀاءُ
ڀاڄائيءَ اسپتال کي هوٽل بڻائي ڇڏيو. پوءِ اُها به
وڪڻي ناسڪ ڇڏي هليا ويا. منهنجا سپنا اُتي ئي ختم
ٿي ويا، پر امڙ جي ياد سڀني جي دلين ۾ اڄ تائين
تازي تواني آهي. مان جاءِ واري سان گڌيس جنهن چيو،
”ڀاءُ جي صحيح وٺي اچ ته جاءِ تنهنجي حوالي
ڪنديس.“ پر ڀاءُ صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ اُها
جاءِ مالڪ کڻي ويو. جنهن تي وڏي عمارت ٺاهي
ڇڏيائين. ڌرتيءَ تي نصيب سان رهي سگهبو آهي.
ممبئيءَ موٽي اچي وجيه جي پڪ ڪئي، جو امان جي
ڀائٽي به آيل هئي. راڌيءَ چيو، ”امان جي خواهش
پوري ڪر، نقصان ۾ نه ويندينءَ“
پڪ ڏيئي مان پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويس. دبئيءَ ۾
ماڌوءَ جي ويزا هئڻ ڪارڻ تڪيلف سهڻ جي شڪتي نه رهي
هاڻ، سو پنهنجي پرفيوم جي واپاري فردان سان ڳالهه
ڪيم، جنهن هڪ ڏينهن ۾ ماڌوءَ جي ويزا رد ڪرائي،
مون کي شيخ راشدي جي ڀيڻوي ئي ابي بن ٿانيءَ جي
پنجن سالن جي ويزا هڻائي ڏني. اُها ويزا صرف اُنهن
ماڻهن کي ملندي آهي، جن کي وڏيون وڏيون ڪمپنيون
هونديون آهن. جنهن لاءِ واپسيءَ جي ويزا وٺڻ جي به
ضرورت نه هئي. منهنجي پئسينجر جي لائين سُٺي پئي
بڻائي ڇڏيم. ڏهن مهينن کان پوءِ، وجيه جي شادي
ڪرائي. ته سلائيءَ جو ڪم بند ڪري ڇڏيم. گهر کي
آفيس بڻائي ڇڏيم. ٺيڪ ان وقت منهنجي پارٽنر جئرام
چيو، ته ڇو نه کار ۾ دڪان وٺون. مال ٻين کي ٿا
ڏيون ته نفعو گهٽ آهي، پنهنجي دڪان تي وڪڻبو ته
وڌيڪ فائدو ٿيندو. منهنجي دڪان وٺڻ تي دل نه هئي.
پوءِ به وجيه جي سوچي دڪان وٺي وجيه کي وهاري هلي
آيس دبئي. ان کان اڳ مون پنهنجو ليسن وٺي ڇڏيو هو،
تمام مشڪل هو. پر چوندا آهن ته سٺو وقت به اچانڪ
اچي در کڙڪائيندو آهي. مون سان به ائين ئي ٿيو.
جڏهن ٻه ڪاريگر هئا، ته هڪ ڏينهن اوچتو هڪ گراهڪ،
اڪبر ملڪ نالي، جوءِ لا ڪپڙا سبائڻ آيو. هيڏانهن
هوڏانهن نهاري چيائين، ”تون وڏو دڪان ڇو نه ٿي
وٺين؟ هتي ته ويهڻ لاءِ به جاءِ ناهي.“
مون هن کي پٽائڻ لاءِ چيو، ”مان هول سيل جو ڪم
ڪندي آهيان. اڪيلي هئڻ ڪري دڪان سنڀالڻ مشڪل آهي.
پنهنجو ليسن نه آهي، جنهن لاءِ پنهنجي ڪنهن
ماڻهوءَ کي گهرائي به نه ٿي سگهان.“
هن پلنگ تي ويهندي چيو، ”مان جو ويٺو آهيان توکي
ليسن وٺي ڏيڻ لاءِ. بس، حڪم ڪر. هفتي ۾ ليسن ڪڍائي
اچي توکي ڏيندس.“
مون دل ۾ سوچيو ته چريو ٿي پيو آهي، ليسن ڪڍائي
ڏيندو؟ ٻاهران چيم ”ڏسبو.“
اڪبر چيو، ”ڏسبو ڇا؟ هاڻي ڏي پاسپورٽ، ويزا ۽ ٻه
فوٽا. مان بلديا ۾ آفيسر آهيان. (بلديا معنيٰ جتي
ليسن وغيره ڏيندا آهن.)
مون ڪپڙن جي بئگ ميان کي ڏيئي چيو، ”ڀائي، هن جا
ڪپڙا پهريائين تيار ڪريو، پوءِ ٻيا ڪم.“
مون جهٽ پاسپورٽ جي ڪاپي هن کي ڏيندي چيو، ”خرچ
گهڻو ايندو؟“
اڪبر ٻڌايو، ته ”بلديا جي في ٻه هزار درهم ۽ باقي
پوءِ ٻڌائيندوسانءِ. پر باقي توهان کي ڏيڻو پوندو،
اُهو واعدو ڪيو.“ هن جي اکين ۾ شرارت ڀريل هئي.
پر مون کي به ليسن جو ڀوت سوار هو، چيومانس، ”ٺيڪ
آ، جيڪو گهرندا، اُهو ڏينديس.“ |