سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :10

 

انيتا شاهه

نظم

چانڊوڪيءَ جو چنگ وڳو پئي

رات پرين جو پور هئي

تون مون کان ڪيڏو دور هئين

مان توکان ڪيڏي دور هيس

ڪا ڪوئل وڻ ۾ ڪوڪي هئي

۽ بدلين ڪيئن بادل جون

ڄڻ جهڙ ڦڙ، جهڙ ڦڙ ٿي پئي ويون

تون مان به اڪيلا اوندهه ۾

ائين آڌيءَ ٽاڻي ويٺاسين

ڄڻ موتئي جي مهڪار هئي

۽ دليون ٻيڙين جئن ٿي ٻڏيون

مان تو ۾ توکي ڳولهيان پئي

تون مون ۾ مون کي ڳولهين پيون

چانڊوڪيءَ جو چنگ وڳو پئي

رات پرينءَ جو پور هئي.

 

اڄ وري!

اڄ وري تون دور آهين

اڄ اڪيلائي اڳي کان وڌ آ

اڄ وري وڻڪار واسينگن جيان

منهنجي ساري جسم کي

هر پل ڏنگيندي ٿي رهي

اڄ وري بادل وريو آ

اڄ وري کنوڻيون کجن پيون

اڄ وري دل ٻار آهي

اڄ وري تون سار آهين

اڄ وري تون پيار آهين

اڄ وري تون دور آهين....

 

ثمن

ليونسٽ اڪيڊمي ۽ ڊي ڪيئر سينٽر جون ٽيچرز برسات جي موسم کي ڪيئن ٿيون انجواءِ ڪن

نازيا سومرو:

جيئن ته اسان وٽ تمام وڏي عرصي کان پوءِ لاڳيتي برسات پئي آهي، ان ڪري هڪ پاسي ته ڌرتيءَ جي اڃ اُجهي وئي آهي ۽ هوا مان هٻس ۽ آلودگي پڻ ختم ٿي وئي آهي، وڻ ٽڻ ڌوپجي ساوا چهچ ٿي ويا آهن. گلن ۾ تازگي اچي وئي آهي، رُگهه ۽ گهٽ ختم ٿي وئي آهي، ڄڻ سڄو ڏينهن اي سي کلي پئي هجي. ان ڪري اسين هن موسم کي خوب انجواءِ ڪري رهيا آهيون. هونئن به مون کي برسات ڏاڍي وڻندي آهي، دل چوندي آهي ته ٻارهن ئي مهينا هلڪي هلڪي برسات پوندي رهي، پر وري ڊپ به لڳندو آهي ته اسان جي شهرن ۾ روڊ رستا اهڙا ٺهيل ناهن جو برسات ۾ به صاف سٿرا ۽ خشڪ رهن. سو برسات جي بيٺل پاڻيءَ ۾ مڇر ۽ جيت جڻا روح خراب ڪري ٿا ڇڏين ۽ بيماريون الڳ ٿيون پکڙجن. انتظاميه ڊرينجنگ سسٽم طرف ڌيان ڏئي ته جيئن اسين هن خوبصورت ۽ حسين موسم مان ڀرپور لطف اندوز ٿي سگهون.

شيرين:

هونئن ته سال ۾ چار مندون آهن، پر پنجين مند سانوڻيءَ جي به آهي جيڪا سال ۾ هڪ دفعو ايندي آهي ته ڪڏهن سالن جا سال برسات ڦُڙي لاءِ ماڻهو توڙي ٻيا ساهوارا  پيا ترسندا ۽ سڪندا آهن. سو ههڙي خوبصورت برسات ۾ ڏاڍو مزو اچي ٿو. خاص ڪري گهمڻ ڦرڻ ۾، هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ ڏسي دل خوش ٿي وڃي ٿي، ۽ اکين کي راحت محسوس ٿئي ٿي، برسات جي ڪري فصل به سٺا ٿيندا ۽ پاڻيءَ جي کوٽ به ڪنهن حد تائين ختم ٿيندي.

رومانا:

الله سائين انسان کي ايتريون نعمتون ۽ رحمتون عطا ڪيون آهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، اهڙين رحمتن مان برسات به هڪ رحمت آهي ۽ انهيءَ کي اسين ڏاڍو انجواءِ ڪريون پيا. دل چوندي آهي ته اسين به ٻارن وانگر روڊن تي نڪري مينهن جو مزو وٺون، اسين مٿي ڇت تي چڙهي سڀئي گهر ڀاتي پاڻ ۾ ڪچهري به ڪندا آهيون مينهن کي به خوب انجواءِ ڪندا آهيون.

مهوش:

برسات جي موسم جي ساوڪ ڏاڍي وڻندڙ ۽ حسين آهي، چوطرف ساوڪ ٿڌاڻ ۽ وڻندڙ هوا ۾ سڀئي ڪٽنب جا ڀاتي برسات کي ڏاڍو انجواءِ ڪريون ٿا، مطلب ته برسات جي موسم ۾، هر نظارو خوبصورت ۽ دلڪش لڳندو آهي. جڏهن ساون وڻڻ ٻوٽن ۽ رنگ برنگي گلن تي مينهن جون ڪڻيون پون ٿيون ته اهو منظر ڏسي دل خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي وڃي ٿي. سوچيون ٿا ته ڪنهن خوبصورت جڳهه تي گهمڻ وڃون، پر ٻاهر پاڻي تمام گهڻو جمع ٿي ويو آهي، ان ڪري ٻاهر وڃڻ تي دل نٿي چئي.

پروين راڄپر

ڪوڙو آٿت!

نه ڏي ڪوڙو آٿت تون مون کي

تون چاهين نه چاهين مون کي

ڀل ياد ڪرين نه ڪرين

ڀل سارين نه سارين

آهين ته رڳو تون ئي

منهنجو پرين!

بس تون ئي تون!

توسان لڌيون

مون پرين لائون

پاتم ڦيرا پريت جا

من مندر ۾

نه مِسي نه مُساڳ

آهين منهنجو تون سُهاڳ!

اهوئي آهي ائين ئي ٿيندو ٿئي

خبر سڀ اٿئي پوءِ به اهڙو قدم کنيو ٿئي

هاڻ ڪنهن کي ڏيندين دانهن

اندر جو سور اندر ۾ رکج

اهوئي آهي ائين ........

تو ڪمي پوري ڪئي آهي

منهنجي حيات جي

اهو مون کي چوين ٿو

پوءِ به تون هن کي

ڀاڪر ۾ ڪري

هلندو رهين ٿو

اهوئي آهي ائين..........

خبر سڀ اٿئي..............

 

سانگ

بي جان جسم کي

ڌونڌاڙين ٿو

اهو ڪهڙو پيار نڀائين ٿو

ڪڍي پهرين جان ٻاهر

پوءِ ڪهڙا سانگ رچائين ٿو!

کڻي آڪاس تي پهرين

پوءِ پاتال ۾ مون کي ڪيرائين ٿو

پائي ڀاڪر پيار جو

پوءِ پيرن هيٺان لتاڙين ٿو

ڏئي ڏڍ مون کي

پوءِ پيرن هيٺان ڌرتي منهنجي

ڪڍين ٿو

ٿي ڇپر ڇانوَ

پوءِ سائبان منهنجو لاهين ٿو

گرهه کارائي هٿن سان

پوءِ ٽڪر ڪاڻ سڪائين ٿو

پهر گذاري مون سان

راتيون ٻئي هنڌ گهارين ٿو

ور- مالا منهنجي ڳچيءَ ۾

سينڌ ڪنهن ٻئي جي سنوارين ٿو

پارائي پائل پيرن ۾

تون ڪهڙو ناچ نچائين ٿو

مون کي تون ڪهڙو ناچ نچائين ٿو!

 

آهي ڪو تو وٽ جواب؟

ميڻ بتيءَ سان دل به ٻاري

پين هٿ ۾ جهلي

ويٺي آهيان

ڪابه سوچ دل ۽

دماغ جي نٿي ملي پيئي

جنگ آهي ٻنهي ۾

دماغ ٿو چئي

ڇڏينديس ته ڀلي لوڙهي

پنهنجا ڪرتوت

ڇو ته هو ڪانئر ۽

بزدل آهي

قوتِ اراديءَ جو

ڪمزور آهي

ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا

ڪڏهن ‘ها’ ته ڪڏهن

‘نه’ ٿو ڪري

پاڻ کي ۽ مون کي

پريشان ٿو ڪري!

۽ دل

مڃي نه ٿي

ته تون خود غرض نه ٿي

هن جي مجبوريءَ ۽ لاچاريءَ کي ڏس

هو بي وس آهي

”بي وس اٺن بار ڇڏيا“

هو اِهڙو نه آهي

هن جو چيل جملو بار بار دماغ کي

ڌڪ هڻي رهيو آهي

مَهلون،

”وري به مڙس ڪندا آهن“

ڪهڙيون مهلُون؟

ڪهڙا مڙس؟

آهي ڪو هن جو تو وٽ جواب؟

 

قيد

هن سامان کنيو

مون تي نظر وڌائين

لمحا بيهي ويا

سواءِ دل جي

ڌڪ ڌڪ جي

نه لفظن جي ڪا

ڏي وٺ

نه لبن جي ڪا

سرگوشي

نه هٿ مليو نه

ڳرهاٽي پاتي

هڪڙو روح

منهنجو وڃڻ وارو نيندو رهيو

ڇڏي جسم منهنجو اڪيلو

هو ماڻهن جي پيهه ۾ گم ٿيندو رهيو

۽ مان پٿر جي پيرن سان

پنهنجي ڪمري ۾ قيد

ٿيندي رهيس ٿيندي رهيس!

 

سَکڻو دلاسو!

وڃڻ وارا ويندا رهيا

نيڻ ڀرجي پسندا رهيا

ڀيڻ اداس نه ٿي

اهو چئي هو هلندا رهيا

ڇا اهو ڪافي هو چوڻ لاءِ!

ڇو هو مون کي اڪيلو ڪري ويا

هو باخبر آهن

منهنجي هر تڪليف کان

پوءِ به

مون کي ماري

ڪنهن کي جيارڻ هليا!

رُوپوشي!

اڄ تنهنجي گهر آڏو

لنگهندي منهن موڙي ڇڏيم

پيار جي ڳنڍ ڇوڙي ڇڏيم

تنهنجي جن راهن تي

نگاهون ڪنديون هيون سجدا،

اڄ انهن نگاهن جا

رخ موڙي ڇڏيم

جنهن دل ۾ هو گهر تنهنجو

انهيءَ گهر کي اڄ ڊاهي ڇڏيم

جنهن درد جو هئين

تون درمان

انهيءَ درد کي

دل ۾ سانڍي ڇڏيم

جن چپن تي تولاءِ

هئي مرڪ هردم

اڄ انهن چپن کي سبي هميشه لاءِ

خاموش ڪري ڇڏيم!

پاڻ کي

پاڻ ۾

روپوش ڪري ڇڏيم!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com