ماهتاب محبوب
بُک جا چڪ
”اَئي جيجي!“ بختاور ٻهاري ڏيندي عجب مان رڙ ڪئي،
”هيءَ مٺائيءَ جي ڇٻي، ڪٻٽ پويان ڪنڊ مان لڌي اٿم،
وسري وئي هُيَو شايد ڳاڙهيون ڪوليون پيون سُرن،
چئو ته اڇلائي ڇڏيان؟“
”آئي، ڪوهه اڇلائين.“
رئيسياڻي زليخان جيڪا ڪالهوڪي ميلاد کان موٽي اچڻ
کان پوءِ بدهضميءَ سان گڏوگڏ وهمن جو شڪار ٿيو،
کنڻوٽ جي جنڊيءَ جي پاون واري کٽ تي ڍير ٿيو پئي
هئي، تنهن پنهنجي شينهڻ جهڙي سسي کڻندي اوڳرائي
ڏيئي چيو، ”هيڏي کڻي آءُ.“
”جيجي، مٺائي ته بنهه سڪي هڏو ٿي پئي آهي!“
”نپتيون ٻهاري به ته انڌن وانگر ڏيو ٿيون.“ زليخان
مٺائي کي تپاسڻ خاطر، پٽاٽي جهڙوڪ نڪ پيتيءَ ۾
وجهندي چيو، ”نه ته هوند گهڻو وقت اڳ لڀجي پوي
ها.“ پيتيءَ مان نڪ ڪڍي بختاور تي تارا ڦوٽاريندي
چيائين.
”جيجي باڇاهه پير دستگير جو قسم، الله قرآن جو
سنهن، آءٌ ته سٺي ٻهاري ڪڍندي آهيان، الاجي ڪيئن
رهجي وئي جو اک تي ئي نه چڙهي.“ بختاور ميسڻي
ٿيندي چيو.
”ڪهڙو انڌ اکين تي چڙهيو هييءِ ڏائڻ، جو نظر نٿي
آييءِ؟“ زليخان وهاڻي هيٺان پنهنجي عينڪ ڪڍندي
چيو، ”وڃ جلدي واندي ٿي پوءِ هيڏي اچ ته ڪم سان
اُماڻيانءِ.“ ائين چوندي ٿلهن شيشن واري عينڪ
پنهنجي مئل ٻڪري جهڙي اکين تي چاڙهي ڇڏيائين.
ٿوريءَ دير کان پوءِ بختاور به حڪم جي بندي ٿي اچي
اڳيان بيٺي.
”هي سڌو وڃي سرفراز ڪالونيءَ ۾ سيدن جي گهر بيبي
زيبل جي هٿ ۾ ڏيئي آءُ.“ زليخان ڀرت واري پوش سان
ڍڪيل مٺائيءَ جو تشت کيس ڏيندي چيو، ”چئجانس ته
جيجي سانئڻ جهجها سلام ۽ ڀاڪر چيا اٿئي ۽ هيءَ
پوٽي جي ڄمڻ جي مٺائي ڏني اٿس.“
اهو ٻڌي زليخان جي ننهن، جنهن کي ٻانهيءَ تيل جي
تري پئي هنئي سا ڇرڪجي وئي.
”چاچي گهر گهر کي ڏسبو آهي. ههڙي هڏي جهڙي مٺائي
ڏسي هوءَ ڇا چوندي؟“
”آئي سو اڇلايان ڪوهه!“ رئيسياڻي رڍ جهڙيون ناسون
ڦڙڪائيندي ڀرون چاڙهي چوڻ لڳي: ”ڪنهن کي ڏجي ته
وري ٿورو ته ٿيندو نه، پوءِ کئين نه کئين خوشي
سندن. پاڻ تان ته ٻوجهو هلڪو ٿئي. آءٌ به کيس پوٽي
ڄائي هيڏا سارا پنج رپيا ڏئي آئي هئس. هينئر پاڻ
به اچي ڏئي ويندي، ڪوليون سو سڀ چونڊي ڇڏيون اٿم.“
”چاچي تنهنجي مرضي، پر هروڀرو ڪا گلا نه ٿي پوي.“
”ائي وڃي گلا ڪن.“ زليخان موڙو ڏيندي وراڻيو، ”مون
ته پنهنجي هٿن سان ڪانه گهڙي آهي جو آءٌ ٻڌل ٿيس.“
ايتري ۾ ٻيون ٻانهيون، پوپان ۽ جهمٽي به اچي
ٽٽيون.
”جيجي آءٌ ٿي بختاور سان گڏ وڃان.“ پوپان لاڏ مان
وٽجي سٽجي مٿو کنهندي ٻڦو اڏائيندي چيو.
”جيجي آءٌ به“ جهمٽيءَ ڳچيءَ ۾ ٻڌل گَرَ لڳل ڏند ۽
ڪن کوٽڻين سان کيڏندي چيو.
”آئي هاڻي وڃو ڏائڻيون، سک نه ڦٽايو. ٽرو کڻو
مٺائي وري اچي مون کي ڀيڙيون ڏيو.“ ايئن چوندي
سمهڻ ڪاڻ چيلهه سڌي ڪيائين، ”ڪالهه ڪانڀي خان جي
گهر مولود ٻڌڻ ڪاڻ زمين تي ويهي ويهي پاسن ۾ سور
پئجي ويو اٿم. ڀت ڀر ويهان ها ته آرام اچيم ها.“
”جيجي پوءِ کڻي ڀت ڀر ويهو ها.“ بختاور جيڪا وڃڻ
ڪاڻ سنبريو بيٺي هئي، تنهن جو ائين چوڻ ڄڻ فوني کي
چاٻي ڏيڻ:
”ائي وهڙيون اڳئي جايون والاري ويون. اسان جهڙيون
پوڙهيون ڪٿي ٿيون وڻن!“ رئيسياڻي ٿڌو ساهه کڻندي
چيو، ”ائي الله ڪڏهن اهو به وقت هو جو جوانيءَ ۾
منهنجي نالي وٺڻ ڪاڻ پيون سڪنديون هيون. ٻٽا ٻٽا
ڀاڪر پيون پائينديون هئم. پر ڪالهه ته ڪنهن اک کڻي
ڪونه ٿي ڏٺو! سڀڪا پنهنجي ليکي سئو ڏاچڻ جي سانئڻ
ٿيو پئي هلي. هڪڙي نوابڻ سو ويچاري وت سارو وڏو
ڀاڪر پائي ملي. ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اڃا قرب
آهي. ويچاري صغران به چڱي زال آهي، اڳيون عروج
ڪونهيس ڪو پر، قربن جا ٻنا اٿس.“ زليخان
ڳالهائيندي رهي، ٻانهيون ڳالهيون ٻڌڻ ڪاڻ گلم تي
پٿلي هڻي ويهي رهيون.
”ڪنوار ٻڌين پئي؟“ رئيسياڻي گهٽيل ‘چلمائي’ ۽
دونهاٽيل آواز ۾ ننهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي
چيو.
”ها چاچي ڪَنُ اٿم.“ ننهڻس ڦڻي ڏيندي وراڻيو.
”امان، آءٌ به آخر انسان آهيان. ڪيڏي مهل گرهه گهٽ
ڪيڏي مهل وڌ، سو ڪالهه مولودن ۾ ٻوڙ مڙئي مزو ڏنم،
ٻه تڙون ته کائي ويس. هڪڙي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيم.
گهڻئي ڳيتون ڏنم، پاڻي پيتم، ماڳهين ساهه اچي
منجهيم. تون ته الائي ڪيڏي هلي وئي هئينءَ. ٻي ڪا
واهه نه ڏسي وري چاشنيءَ جا ٻه گرهه کائي پاڻي
پيتم تڏهن مسين مسين اها تڙ هيٺ لٿي. ائي ڪنوار
سونفن جو عرق ڪٿي رکيو آهي ته اهو پيئان، من ڪا
اوڳرائي ٻوڳرائي اچي. بدهضميءَ ڪري هانو ڄڻ جهلجي
پيو اٿم. تون ڌيءَ ويٺي آهين جو ڪوڙ ڪريان. مٺي
نور جو قسم.“
”چاچي ڇو ڪوڙ ڪندينءَ، پر اهرو سون ئي گهوريو جو
ڪن ڇني. ٻن ٻوٽين ڪاڻ کڻي پاڻ کي ڇني ڇڏيئي.“
”شابس هجئي! آفرين اٿئي!!“ زليخان ڏوراپي مان چيس،
”هي وڙ ٿي ڳالهائين. آءٌ پنهنجي نياڻي سمجهي توسان
حال ٿي اوريان، تنهن جو ٿي بدلو ڏينم.“
”چاچي تون به ايتري چيڙاڪ نه ٿي، آخر چيومانءِ به
ڇا؟“
ٻانهيون پاڻ ۾ هوريان هوريان کي کي ڪري کلڻ لڳيون.
”ائي ٻڌو بيٺيون بي حيائون!“ رئيسياڻيءَ دڙڪو
ڏيندي چين، ”ديد جو پاڻي سڪي ويو اٿو بي شرميون
کڻي مٺائي دفع ٿيو.“
”ائي جيجي گهر جي ته اسان کي خبر ئي ڪانهي.“ ٽنهي
گڏجي ڪورس جي انداز ۾ پڇيو.
”اي ڪوهه اچي ننڍڙيون ٿيون آهيو. سرفراز ڪالوني ۾
هليا ڪونه هئاسين، جتي پر سال پوٽو ڄائو هو. لمليٽ
ڪونه پياري هئائون. بنهه ڪي انڌيون آهيو.“
”هائو جيجي هائو. اها بيبي نه جيڪا سدائين پينگهي
۾ ويٺي هوندي آهي.“ جهمٽيءَ جهپڪو ڏيندي چيو.
”هائو نپٽيون هاڻي ٽرو.“ رئيسياڻي پوءِ ڄاريءَ جو
رئو منهن تي ويڙهي پئجي رهي.
.......... .......... ..........
سيدن جي حويلي جي در تي پهچڻ شرط، جهمٽيءَ ٺونٺ
هڻندي بختاور کي چيو: ”ائي بختي مون کي ته لڄ پئي
ٿئي. پهرين تون اندر گهڙ.“
”رن ڪک ڪڍي وڌءِ. مئي ماري هائي نويل بنجڻ ڇڏ. سڌي
ٿي اندر هل.“ بختاور ڪک تي هٿ رکندي چنگهندي وري
کيس هانو وارو زورائتو چنبو وهائيندي چانئٺ ۾ پير
رکيو. بيبي زيبل جيڪا پينگهي ۾ چٻاڙيل سنڌي اخبار
جا ٽڪر ڳنڍي پڙهي رهي هئي تنهن ڏيڍيءَ تي سس پس
ٻڌي بيزاريءَ مان چيو: ”ائي امان ڪير آهي، ڇاهي؟“
بيبيءَ جي آواز تي جهمٽيءَ ڏيڍي مان ڏند ڪڍي اڱڻ ۾
جهاتي وڌي ته وري پٺيائنس پوپان ۽ بختاور به ليئا
پاتا. ائي مايون اندر اچو، ڪير ٿو اوهان کان لڪي.“
زيبل ٽوڪ مان چيو. جواب ۾ ٽيئي ڄڻيون لڦ لڦ جتيون
گسائيندي هڪ ٻئي مٿان ڪرنديون ٿاٻڙنديون اندر
آيون.
”بيبي، جيجي زليخان سلام ۽ ڀاڪر چيا اٿو ۽ هيءَ
پوٽي جي ڄمڻ جي مٺائي ڏني اٿس.“ بختاور تشت اڳتي
وڌائيندي چيو.
”ائي امان، لک شڪرانا. الله بخشي ڏيس ڪڏهن ڄائو؟“
”بيبي، هي ٽيون چنڊ ٿو ڏسجيس.“
”هان! مون کي ته ڪا خبر ئي ڪانهي. اڄ ٿي اوهان
واتان ٻڌان، چئجوس ته اچي مبارڪ ڏيئي ويندس.“ تشت
۽ پوش واپس ڪندي چيائين. بيٺي پير نوڪرياڻيون
کانئس موڪلائي هليون ويون.
بيبي زيبل جنهن جي مٺاڻ سان مڙئي گهڻي دل هئي،
تنهن جي خيالن ۾ گرم جليبيون، گلاب ڄمون ۽ پيٺي
جون مٺايون ڦرڻ لڳيون. بيتابيءَ مان کڻي جو پيتي
کوليائين ته بس الله ڏي ٻانهو سهي. دستو هڻ ميڄالي
۾ ته ٽڪر ٿي پوي پر مجال آهي جو مٺائي ڀري! قسم ئي
اور ٿي نظر آيو. ٽڪيون، موڻيون، توشا، سڪل لڏون.
بيبي ڏڪي وئي.
”اولالي!“ رڙ ڪندي ڌيءَ کي سڏيائين، ”امان هيڏي ته
اچ. هيءَ وڏ گهراڻي مان مٺائي آئي آهي سا ته اچي
ڏس. ماڻهو ٿيون مارين!“
”هائو امان، اچان پئي،“ لاليءَ وراڻيو. ”ائي الا!“
لاليءَ مٺائيءَ کي ڏسندي حيرت مان آڱر کڻي چپن تي
رکي. ”امان ڏي ته لاڏليءَ کي ڏيان.“
لاليءَ مٺائيءَ جو دٻو ماءُ کان وٺندي اڱڻ ۾ بندر
تي بيٺل لاڏليءَ ڏانهن وڌايو جيڪا اڳ ئي مٺاين تي
هريل هئي، سا سڄي مٺائي چٽ ڪري وئي. پر خبر تان
پئي ته هن جو هيانءُ وٺبو ويو ۽ هوءَ بيهوش ٿي ڪري
پيئي.
”ڇا ٿيو! ڇا ٿيو!؟“ گهر جا ڀاتي پريشان ٿي ويا.
لالي پنهنجي لاڏلي کي ڏسي روئڻ لڳي. سڪيلڌي ڌيءَ
جي سڪيلڌي لاڏليءَ جو اهو حال ڏسي بيبي زيبل وڃي
شاهه سائينءَ کي ننڊ مان ڌونڌاڙيو جيڪو آفيم جو
روڙو کائي پنڪين ۾ پيو هو. هو ڇرڪ ڀري ويهي رهيو،
”هان! هان!! ڇو؟ ڇاهي؟“ شاهه سائين گهٻرائيندي
پڇيو.
”مڙيئي خير آ سائين. رکيل مٺائي کائڻ سان لاڏلي
ڍير ٿي پئجي رهي آهي. اٿي ڪو بلو ڪريو.“
”هون.....! سمجهي ويس، اهو زهرات جو اثر آهي.“
شاهه سائين سوچ مان وراڻيو. ”؟جلدي ڪري مٺي سوڍا
ڏيو ته ڦڙو گاسليٽ جو وجهي پياريونس.“
شاهه سائين اهو ٽوٽڪو ڪيو ته ٿوري دير کان پوءِ
لاڏليءَ ڳئون اکيون کوليون. نماڻا نيڻ کڻي پئي
لاليءَ ڏانهن ڏٺائين. شام جو ٻوڙو ڌنار ڏهڻ آيو پر
هوءَ پڙ ڪڍي بيٺي. مجال جو ڌنار کي ويجهو اچڻ ڏي.
لتون هڻي سندس جستي گهاگهر چٻي ڪري ڇڏيائين ۽ کيس
به ٻٽي ٺاهوڪيون لتون ٺوڪي اڌ مئو ڪري ڇڏيائين.
نيٺ ٻارهن رپين جو بازاري کير گهرائي ٻارن کي
پياريو ويو تڏهن ڪو ٻارن جو ڪروڌ لٿو.
ٻئي ڏينهن بيبي زيبل سوير ئي سنبري تيار ٿي. ”لالي
آءٌ وڃان ٿي رئيسن کي مبارڪ ڏيڻ، گهر جو خيال
رکجانءِ.“
”امان ڪهڙو ضرور پيو آهي وڃڻ جو.“ لاليءَ رسندڙ
آواز ۾ چيو، ”ڪني مٺائي ڏيئي اڌ مئو ڪيو اٿن وري
به اوڏانهن پئي وڃين؟“
”امان لالي، پرايا پنج رپيا کايو ويٺي آهيان، سي
ته ڏيئي اچان. ٻوجهو مٿي تي ٿيو پيو آهي. ڇا به
هئي پر هئي ته مٺائي. ننگ جون پاڙون دوزخ ۾.“
”ڪهڙو اچي رئيسياڻيءَ سان ننگ ٿيو اٿئي؟“
”لالي امان هاڻي ٺهيو، وڃان ٿي. هن ويچاريءَ جو
ڪهڙو ڏوهه، اهي نوڪرياڻين جا ڪم آهن. تازي کائي
کڻي پاروٿي ڏنائون.“ بيبي زيبل ٿڌي دل سان ڌيءَ کي
سمجهايو.
”چڱو، ڀلي وڃ امان، پر اچجانءِ سگهي. کائجانءِ به
ڪجهه نه.“
”بس امان اجهو ٿي اچان.“ ايئن چئي بيبيءَ، علوءَ
جي ماءُ کي گڏجي هلڻ لاءِ چيو، جيڪا ڇيڻن جو اڌ
ٿالهه مٿي تي رکي لاڏليءَ جا ڇيڻان ٻهارڻ آئي هئي.
علوءَ ماءُ پهريان ته ڪجهه نه سمجهڻ جي بهاني سان
ڄرڪي جيان وڏو وات ڦاڙيو ۽ پوءِ لاچار هڪڙي ناس
هيٺ ۽ هڪڙي مٿي ڪري ڏند کي ڪرٽو ڏيندي پڇيو، ”ڪٿي
ٿي هلين؟“
”رئيسن وٽ“ بيبي زيبل پرس هٿ ۾ کڻندي وراڻيو.
”انهن ڀينگ پين وٽ،“ علوءَ ماءُ ڇيڻن جو ٿالهه پٽ
تي رکندي هلڪي ڪاوڙ مان چيو، ”جن مون کي زڪات ۾
آنو به رئاڙي ڏنو!؟“
”ٺهيو رن، ڇڏ پراڻيون ڳالهيون. چڱي زال ٿي ماٺ ڪري
هل.“ بيبيءَ حجت مان چيس.
”امان لالي منهنجي ٿالهه جي پارت اٿئي.“ علوءَ
ماءُ، بيبي زيبل جي پٺيان پٺيان ڏيڍيءَ طرف وڌندي
لاليءَ ڏانهن ايلاز واري انداز ۾ ڏسندي چيو.
”ها، ها ڪونه کڻندءِ اهو ٿالهه ۽ پنهنجي امانت پاڻ
اچي کڻجانءِ.“ لالي کيس دلجاءِ ڏني.
.......... .......... ..........
”ائي منهنجي جيجل ڀيڻ!“ بيبي زيبل کي ڏسندي ئي
رئيسياڻي خوشيءَ مان کيڪر ڪندي کٽ تان اٿي.
”ڀلي ڪري آئينءَ.“ ايئن چوندي ايڏو ته ڀاڪر
پاتائينس جو بيبي زيبل جي اکين جا تارا ڦري ويا.
بدن ڍرو ٿي ويس. ڀانيائين ته اهو ڪو وڃڻ جو وقت
آهي ۽ اڳيان رئيسياڻي جي روپ ۾ ڪو عزرائيل بيٺو
آهي. نيٺ اڌ مئو ڪري رئيسياڻي کيس ٻانهن کان وٺي
وڃي پلنگ تي ويهاريو.
”ائي ڪنوار، منهنجي جانب ڀيڻ سان ته اچي کيڪر ڪر.“
رئيسياڻي هڪل ڪندي ننهن کي چيو.
”چاچي اچان ٿي،“ ننهڻس ڪوٺيءَ مان ئي وراڻيو.
”ننڍڙي جا ڪپرا پئي بدلايان.“
”ائي منهنجي ڪا جيڏي ٿي اچي ته ٻرڪو لڳيو وڃنئي.“
رئيسياڻيءَ چڙ مان بيبي ڏي منهن ڪندي چيو، ”ادي
ڏسين ويٺي اڄڪلهه جي ننهن جا حال، جواب جو سوال
پيو پوي. پنهنجيون سرتيون هيڏا مٿا کنيو ڄڻ سير
سير جا ٽوپلا وجهيو اچن، سي وڻن ٿيون باقي تون ۽
آءٌ نٿيون وڻون.“
”ادي واندي ٿي پاڻهي ايندي.“ زيبل مرڪندي چيو.
”پر ڀيڻ اهي وار ڏٺا اٿئي جيڪي ڳوڙهين ڳوڙهين
وانگر مٿي ۾ چڪ هنيو پيا اٿن. آءٌ ته ڏڪيو وڃان.
کڻي پڇين: ”ائي بڇڙيون ڪوهه ٿيون آهيو. اهو ڇا
پاتو اٿو؟“ ته چون: ”ماسي اها مگ (وگ) آهي.“ اسان
جي بابي ڏاڏي به اهي مگيون ڪونه ڏٺيون! منهنجي
ننهن کي لڳي مٺيان ته هاسڪار سندس ساهيڙين جي ٿي
بيغزتي ڪريان.“ چيم: ”امان آءٌ ڪوهه بي عزتي
ڪنديس، منهنجيون ته نياڻيون آهن. اسان ته اهي شيون
نه ڏٺيون نه ٻڌيون.“
رئيسياڻي زليخان ڳالهايو پئي ته ننهڻس به ڪڪو هنج
۾ ڪري آئي، ”ماسي، بسم الله ڀلي ڪري آئينءِ.“
زيبل کي کيکاريندي چيائين.
ڌيءُ توکي مبارڪون هجن ڪيڪ جون . الله بخشي بچائي
ڏيئي. جيئن ئي خبر پئي اٿم تيئن ئي آئي آهيان.“
زيبل کيڪر جو جواب ڏيندي چيو.
زليخان جهپٽو هني ڪي ڪي کي ننهڻس کان وٺي زيبل جي
هنج ۾ ڏنو. بيبي زيبل جيڪا اڳيئي انهيءَ موقعي
لاءِ تيار هئي تنهن پرس مان ڏهن جو نوٽ ٻاهر ڪڍيو.
ڪڙڪ نوٽ ڏسي رئيسياڻيءَ جون واڇون مڙيئي ڪنن ڏي
رڙهيون. چيائين: ”ائي ادي ڪوه پئي ٿورا چاڙهين؟“
”ادي اهڙا ٿورا شال سدائين چڙهن.“ زيبل وراڻيو.
”ائي بختاور،“ رئيسياڻي رنڌڻي ڏانهن منهن ڪندي رڙ
ڪئي، ”بيبي ڪاڻ ڪا چانهه پاڻي کڻي اچ.“
”حاضر جيجي،“ ٻانهيءَ اندر ڪمري ۾ ايندي چيو،
”بوتل وٺي اچان؟“
”ائي سڃاتئي نه بيبيءَ کي!؟“ زليخان بوتل واري
ڳالهه اڻ ٻڌي ڪندي پڇيو.
”هائو جيجي ڇو نه!؟“ بختاور ڪٽيل ڪموڊ جهڙا ڏند
ڪڍندي چيو، اڃا ڪالهه ته مٺائي ڏيئي آئي آهيان.“
”ها امان،“ زيبل ائين چيو ڄڻ ڪا وسريل ڳالهه ياد
پئي هجيس، ”مٺائي ڏاڍي سٺي هئي، اصل حاڪماڻي. چپ
سان پئي ڀري، تنهن پنڌ وڌو!!“
زيبل جي ٽوڪ کي زليخان جي ننهن سمجهي ورتو جو شرم
کان سندس منهن ئي لهي ويو پر سسڻس نه سمجهيو تيئن
خوشيءَ ۾ ڏيڏريءَ وانگر ڦونڊجي ۽ تيز وکون کڻي
رڌڻي ۾ بختاور کي وڃي جهليائين.
”مٺن مئي ڪڏهن بي سورو ويهڻ ڏنو اٿو؟ بوتل اها
پيئندي ته ٻيون نور وانگر ويهي ڏسنديون ڇا؟ ڏيڍ
رپئي لڳي پئي آهي بوتل چار کن ته اچن. ائي گهوڙٽ!!
ڇهه رپيا. مائي ماٺڙي ڪري چانهه جي ڦڙي کڻي ٺاهه،
آئون به هڪڙو ڪوپ کڻي پيئنديس، سستي ٿي پئي اٿم،
هڏن مان ٽڙڪاٽ پيا نڪرنم.“ زليخان آرس ڀڃندي چيو،
”۽ ٻيو ٻڌ، اهي جيڪي وهاڻي وانگر گول گول ٺهيا پيا
آهن اهي گرم ڪري چانهه سان گڏ آڻي رک.“
”جيجي!“ بختاور عجب مان پڇيو، ”اهو وهاڻي وارو ڇا
آهي؟“
ڌوڙو پويو هوريان ڳالهايو ”رئيسياڻي سڀني کي گڏ
پٽيو، ”وهاڻي وانگر ڪونهن، جن ۾ قيمون ڀريل آهي.“
”ها جيجي ها، جيڪي ڏهه ٻارنهن ڏينهن اڳ ڪراچيءَ
مان گراري واري مائي وٺي آئي هئي نه!؟“
”ائي هائو هائو، فرج ۾ پيا آهن جلدي ڪري وٺ.“
”آئي جيجي!“ بختاور فڪرمنديءَ مان چيو، ”ڪالهه
رئيس ننڍي فرج کوليو ته چيائين: اڇلي ڇڏيو انهن ۾
ڇٽ آهي.“
”ائي سسڻس مان ڇٽ آئي هوندس. ڪوهه لاءِ اڇلين.
هاري کان پيتا چڱا آهن. انهن کي ڇا آهي. انهن ڏٺا
آهن اهڙا ڇا ٿيندا آهن؟ مٺائي به ته کاڌئون تنهن
لاءِ ڪري ته پنڌ پيئي.“
هن پنهنجي پر ۾ گهڻئي هوريان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي
پر سندس ڦاٽل دهل جهڙو آواز تڏهن به وڃي ننهڻس جي
ڪنن تائين رسيو. ننهڻس نه ڪئي هم نه تم ڪڪو زيبل
جي حوالي ڪندي سڌو رڌڻي ۾ وڃي سس جي مٿان ڪڙڪي.
بختاور جيڪا تئي تي پيٽيز گرم ڪري رهي هئي تنهن کي
چيائين: ”هي پيٽيز کڻي در کان ٻاهر اڇل.“
”ڪنوار، جيجي سانئڻ جو حڪم آهي ته ڪوسا ڪري کڻي
اچان.“
”آءٌ ٿي توکي چوان، خبردار جو اندر کڻي آئي آهين.
اڇل نه ته رئيس کي چئي کل لهرائيندي سان“. الله
ماريءَ وانگر ٻارنهن ڏينهن پيٽيز هليا آهن. ڪنهن
غريب کي مارينديون ڇا؟“
”ائي تون ڪوه ٻري وئينءَ.“ رئيسياڻي، جنهن رڌڻي
سان لڳ اسٽور مان چانهه لاءِ کنڊ جا چمچا ڳڻي پئي
ڪڍيا ڪاوڙ مان چيو، ”تنهنجو نالو ته ڪونه
ورتوسين؟“
”منهنجو نالو ڇو وٺندا. مان ته سچ ٿي چوان.
مٺائيءَ جا به ته پاڻ سڀن کي منهن تي ويهي ڀونڊا
گهڙيائين. ته به نه سمجهئي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا
چوندي! سڀ ڪجهه اتي پيو هوندو چاچي، ايمان ڪريو.
جيئن جهجهي دولت تيئن وڌيڪ بک!“ ننهڻس ٿورو
تکائيءَ مان ڳالهايو.
”ائي تون ته ڍاولن جي آهين، اسين ته بکين جا
آهيون.“ سسڻس ڦڪائي وندرائيندي چيو.
”ڇو نه آهيان ڍاولن جي جڳ جهان جو چوندو.“ انگيءَ
مان خرچيءَ وارا ڏهه رپيا ڪڍي جهمٽيءَ ڏانهن
وڌائيندي چيائين: ”چار بوتلون ۽ بسڪيٽ وٺي جلدي
موٽ.“
.......... .......... ..........
بيبي زيبل سهي وانگر ڪن اُڀا ڪيو رڌڻي مان ايندڙ
آواز ڏانهن لڳايو ويٺي هئي، تنهن ڪنوار کي ڏسي
مشڪندي چيو: ”بس ڙي امان، ڪٿي چور سڃان ڪٿي ڍور
سڃان، تنهنجي سس به زور آهي.“
”بس ماسي، ڪهرا سور ٻڌايانو، مڙئي پيو وقت پاس
ٿئي.“ ڪنوار شرمساريءَ مان وراڻيو.
”ائي امان تون ڌيءَ آهين، توکان ڇا لڪايان.“ ڳالهه
کي وزن ملندو ڏسي زيبل جي همت وڌي، ”مٺائي کائڻ
سان هيڏي ساري ڳئون بيهوش ٿي وئي. الله کڻي ڪو
وسيلو ڪيو نه ته وسن جهڙي ڳئون ٿي هٿن مان وئي.
ٻارنهن رپيا ڏيئي دڪان تان چار سير کير گهرايم، سي
به گهوريا پر ٻار گهر جي کير تي هريل سي راتوڪي
رات ۾ پائوڊر ۾ پاڻيءَ وارو کير پي بيمار ٿي پيا
دست الٽيون بيهن ئي نه، اهي سور جدا ڏسڻا پيا. مون
سان نسورو ويل ٿي پيو.“
”بس ماسي، ڌڻي کڻي خير ڪيو، آءٌ به توهان ڏي
سنبريس پئي. لاليءَ سان ته هڪ ڀيرو ملاقات ٿي هئم
باقي توهان جي ننهن ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ اٿم.“ ڪنوار
ڳالهه بدلائڻ خاطر چيو.
ايتري ۾ بختاور بوتلون ۽ بسڪيٽ آڻي اچي اڳيان
رکيا. رئيسياڻي زليخان به پٺيائنس سهڪندي آئي ”ائي
زيب، خوش ته ويٺي آهين؟“ ائين چوندي پلنگ تي ٿي
ويٺي، ”اڀ ساهي بيهڻ ئي نٿي ڏئينم. نوڪرياڻين سان
مٿو پئي هنيم. مٺيون ڪجهه سمجهن ئي ڪين ٿيون. جيئن
مولودن تان موٽي آهيان، تيئن سگهي ڏينهن ڪاڻ پئي
سڪان!“ ايئن چوندي زليخان تراليءَ تي لامارو هنيو
ڪجهه بسڪيٽ وڃي هيٺ گلم تي ڪريا جيڪي علوءُ ماءُ
ميڙي کڻي کوهه جهڙي وات ۾ وڌا.
زيبل اڃا هڪ بسڪٽ مس کاڌو ته زليخان ٽي کائي بوتل
اوتي بکايل ڍڳيءَ وانگر خوفناڪ اوڳرائي زيبل جي
منهن منجهه ڏيندي چيو: ”هاءِ هاءِ، هينئون ئي ٺري
پيم!“
زيبل جو روح ئي ڦري ويو. ساهه کڻي گهٽيائين ۽ هٿ
وارو بچيل بسڪوٽ علوءَ ماءُ جي تريءَ تي رکيائين
جنهن موڙو ڏيئي ڦڪي ڇڏيو.
”ادي زيبل اڱاري ٿي پئي اٿم ڀانيان ته وڃي ڦڪي
ڦڪيان.“ زليخان لاڳيتو چار پنج کٽيون اوڳرايون
ڏيندي وري ڪمري ڏانهن ويئي.
”چڱو ڪنوار امان، هاڻي آءٌ به هلان ٿي.“ بي بي
زيبل علوءَ ماءُ ڏانهن ڏسندي برقعي ۾ هٿ وڌو.
ڪنوار به وجهه ڏسي ڪاغذ ۾ ويڙهيل رئو کڻي زيبل کي
ڏيندي چيو: ”ماسي هي رئو اٿو، منهنجي طرفان تحفو.“
”امان، ڇو ٿي هلاڪيون ڪرين.“ زيبل قرب مان چيس.
هلاڪين جو لفظ ٻڌي رئيسياڻي جا ڪجهه فاصلي تي بيٺي
هئي تنهن ڦڪي ڦڪڻ کان سواءِ ئي پويان پير ڪيا.
”ائي ڪوهه هلاڪيون آهن. جهڙي هيءَ تهڙي آءٌ، اها
به ته منهنجي پٽ جي زال آهي. ڪنوار يادگيري ڪئي،
مون کي وسري ويو سو توکي کڻي ڏنائين. منهنجو مغز
ته جيئن مولودن تان آئي آهيان تيئن آهي ئي ڪونه.“
هن ٽيڏيءَ اک سان رئي کي ڏسندي چيو.
”ڇو ادي خير ته آهي، ڇا ٿيو، مولودن کي؟ سوير به
مولودن جي ٿي ڳالهه ڪيئي.“ بيبي زيبل رئو علوءَ
ماءُ کي جهلڻ ڪاڻ ڏيندي پڇيو.
”ادي، الله رسول جا وٺي اهڙا ڊپ ڏياريا اٿن جو
منهنجا رات ڏينهن ويا پيا آهن. ڀانيان ته هڏا پيا
ٽڙڪ ٽڙڪ ڪن.“
”ادي ڇو پيا ٽڙڪ ٽڙڪ ڪن!؟“
”ڀيڻ مولودياڻيءَ صالحان بيبيءَ چيو ته زمين تي
وڏائيءَ سان نه هلو. قبر ۾ اهو ماس ماڪوڙا ۽ تڏيون
کائينديون. پوءِ اهي هڏا ٽڙڪندا سو ادي آءٌ ته ڳري
زال، ڀانيان ته اها تعدي جيئري ئي مون سان پئي
ٿئي.“
”ادي ان ۾ ڊپ جي ڪهڙي ڳالهه. موت ته سڀ مٿان بيٺو
آهي ڪي اوير ڪي سوير. هي ته صالحان بيبيءَ ثواب
کٽيو جو اسان جهڙن انڌن کي واٽون پيئي ڏسي.“
”تون ڀيڻ ويٺي آهين زيبل، سڀ سچ پئي چئين، پر ٻيلي
منهنجو حال ڪونه اٿئي. رات جو ننڊ مان گهوڙا گهوڙا
ڪيو اٿان. ڀانيان ته ماڪوڙا پيا پٽين، تڏيون پيون
چڪ هڻن. رات ٻه گوريون سڄيون ننڊ جون کاڌم تڏهن به
ڀانيان ته هڏن مان ٽڙڪاٽ پيا نڪرن. پٽ چيم ته
ماليخوليا اٿئي، هاڻي وڃان ته ڪيڏي وڃان.“
”ادي رب رحم ڪندو. تون وهم ڇڏي ڏي.“ ائين چوندي
زيبل برقعو پاتو.
.......... .......... ..........
”سس ننهن زيبل کي اماڻي واپس آيون. رئيسياڻي جنهن
جي منهن تي ڪجهه دير پهرين رسمي خوش اخلاقي هئي سو
ڦري نر ڦوٽو ٿي پيو. ڪنوار به ڍري ۽ وساڻيل هئي.
کيس اچڻ وارين حالتن جا پسڻ پئي پيا. آخر اهوئي
ٿيو. رئيسياڻيءَ ڦاٽ کاڌو، ”ائي اهو ڪو ٿي رئو
ڏنئي؟ آئون نه ڏسان ها ته اهو لڪائي ٿي ڏنئي. ڪو
پٽ ٿي هينئر پرڻايئي ڇا جو رئو ٿي ڏنئي؟“
”چاچي مون کي ماءُ وانگر سڪ ڏنائين تڏهن ڏنو مانس
ڪا وڏي ڳالهه ته ڪانهي. عزت ته توهان جي ئي گهر جي
ٿي ڪا امان جي ته ڪونه ٿي!“
”آئي آءٌ اڃان جيئري ويٺي آهيان. رستو منهنجو تون
پنهنجا رستا ڳولي هٿ ڪر. خوشي منهنجي ڪنهن کي ڏيان
يا نه. چاليهن رپين جي پوتي ڪڍي کڻي ڏني اٿئي!
هينئون ئي سڙي ويم جيڏيءَ مهل پوتيءَ تي نظر پيم.“
”چاچي اوهان جي ته ڪانه ڏنيم. مون کي پنهنجي ماءُ
ڏني هئي سا ڏنم.“ ڪنوار منهن سڄائيندي چيو.
”ائي مائي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏينس.“ رئيسياڻي دوري
پوندڙ لهجي ۾ ڳالهايو، ”اهي نٿون بولا، دهريون،
پازيب، ساڙهيون سينڊل جيڪي ٽپڙ اٿئي، سڀ ڏي زيبل
کي. مون به زيبل جي پچر ڇڏي. اها آئي توکي آءٌ
ائين سمجهنديس ته ماڻهين ڏاج ۾ ڳڻائي هيئه.“ ائين
چوندي زليخان جوش منجهان بختاور ۽ جهمٽيءَ کي سڏ
ڪيو: ”ناس ٿيو ڪيڏي ويون. اچي ڀيريون ڏيونم. پٺن
کي مڪون هڻوم ته اوڳرائي اچيم. هانو تي بار چڙهيو
پيو آهي.“ ايئن چوندي کٽ تي ٿي ويٺي ۽ چلمچيءَ ۾
چٻاڙيل ڦوٽا ڦٽي ڪيائين. ”آئي بختاور ڪٿي آهين،
موت پئي هيڏي آءُ.“ بختاور سڏ ٻڌي به ڪن لاٽار ڪري
ڇڏي ۽ جهمٽيءَ کي چوڻ لڳي: ”ائي ڏسين ٿي اها مئي
مڙهانگ ٻه گهڙيون آرام ڪرڻ نٿي ڏي. مائي اسين به
ته ماڙو آهيون ڪي لوهه جا ٺهيل ڪونه آهيون.“ ”ادي
پاڻ کي ته ڪنوار کي ڏسڻو آهي. تازو ڪڪو ڄايس ته
ريشمي وڳا لڪائي پاڻ کي ڏنائين. ان جي سر ڪاڻ ته
انهيءَ کوڳ جا سور سهيو ويٺيون آهيون. هل ته ٻٽي
ڀيڙيون ڏئي اچونس.“ جهمٽيءَ بختاور کي سمجهائيندي
چيو.
”مٺيون رستو ڏسي ڏسي منهنجون اکيون پيون سور ڪن.
پنهنجو ته خيال ڪونه ٿو پئيوَ.“ رئيسياڻي ڳوهه
وانگر ور ڏيئي اونڌي ٿي پيئي. ايتري ۾ پوپان به،
جيڪا واڙي مان کير کڻڻ وئي هئي تنهن به چئونري رکي
اچي بختيءَ ۽ جهمٽيءَ سان گڏجي پوڙهيءَ جي پٺيءَ
پيرن ۽ چيلهه تي مڪن جو مينهن وسائي ڏنو، ڄڻ
انهيءَ بهاني سان اڳيون پويون ڪسرون ڪڍڻ جو ارادو
هون.
”اين .... اون.... ٻائو.“ رئيسياڻي ڍڳيءَ جي
رانڀاٽ جيان هڪ خطرناڪ اوڳرائي ڏني جو ٽيئي
ٻانهيون ڇرڪي ويون.
”ائي جيجي اهو ڪهڙو مرض آهي جو پٺن کي مڪ هنئي
اٿئون ته ٻائو ٻائو پئي ٿئي؟“ جهمٽي پڇڻ کان سواءِ
رهي نه سگهي.
”صدقي ڪيون، مرض لڳيو ستن پيڙهين کي، مون کي ڪو
ٿئي.“
”جيجي پوءِ ڪارو لوڻ ڇو نٿي کائين؟“ پوپان جيڪا
پيرن ڀر ويهي ٽنگن کي ڀيڙيون ڏيئي رهي هئي پڇيو.
”آئي ميون ڏسو نٿيون ته اڳيئي، ”بليڊ پيشر“ اٿم
وري لوڻ کارائي هٿن سان ٿيو ماريوم.“
رئيسياڻي زورائتي لت هڻندي پوپان کي کٽ تان هيٺ
ڪيرائي ڇڏيو.
سانئڻ هو سڪل پڃرائين هڏي جهڙو ڏاڪدر جو سدائين
وات پيو چوريندو هو سو ڇو نٿي گهرائين؟“ بختيءَ،
جهمٽي ۽ پوپان جو حشر ڏسي ڊڄندي ڊڄندي صلاح ڏني.
”ائي بختي ان مئي جا هوش حواس موڪلائي ويا. پيري
وٺي ويس. هٿن سان ٿيون ماريوم. ابتيون سبتيون سيون
هڻي ويٺو ماڻهو ماري.“ رئيسياڻي ڪنجهندي وراڻيو.
”چاچي خير ته آهي ڊاڪٽرن جون پيون ڳالهيون نڪرن؟“
ڪنوار فڪرمنديءَ سان پڇيو.
”ائي هاڻي ٺهيو ٺهيو. ماڻهين ته تعويذ ڪري هي حال
ڪيو اٿم. هاڻي ٺريو ويٺي آهي.“
”چاچي تڪليفون ڪي تعويذن سان ٿينديون آهن ڇا؟ امان
ويچاري ته در کان ئي ٻاهر نه نڪري سو توهان تي
تعويذ ڪرائيندي، اهي وهم وسار.“
”تون ڪير آهين مون کي نصيحت ڏيڻ واري. مون کي ته
ولوءَ ڀوپي چيو آهي ته تعويذ اٿئي روز پئي ڳرندي
وڃين.“
”چاچي جيئن وڻئي تيئن چئه، وڏي واٽ اٿئي.“
”وڏي واٽ! ڇا چيئي؟ آئي وڏي واٽ ڇا کي چئبو آهي،
اها خبر اٿئي؟ بي اي پڙهي آهين پر ڪڙهي ناهين. مون
کي وڏين واٽن جا پئي ڏس ڏين. اهو شان هوندو ماڻهين
جو، انهيءَ کي وڏي واٽ ڏيکار.“
”آءٌ ته سمجهي نٿي سگهان! الائي ڪهڙا مطلب ويٺي
ڪڍين؟“
”تون ڪوهه لاءِ سمجهين. توکان ته ٿڃ جو کير پيو
وهي ڦيڻان وجهي سڄو سارو منهنجو ٻچو ٻانهون ڪري
ڇڏيو اٿئي. مون کي ڏسيو اکيون هيٺ ڪيو ڇڏي. مون کي
ڪا پرواهه به آهي ڇا سندس. آءٌ به سڄي ملڪيت
پنهنجين نياڻين کي نه لکي ڏيان ته منهنجو نالو به
زليخان ناهي.“
”چاچي وڃي لکي ڏيون. مون کي ڇو ٿا ٻڌايو. پنهنجو
پٽ اٿو، پاڻ ڄاڻو.“ ايئن چئي ڪنوار پنهنجي ڪمري ۾
هلي ويئي ۽ رئيسياڻي نوڪرياڻين کي تڙيون ڏيئي پري
ڪري پاڻ چلم پيئڻ ويهي رهي.
.......... .......... ..........
”ٺڪ ٺڪ ٺڪ“
”ائي بختاور ڏس ته در تي ڪير آهي؟“
بختاور ڊوڙي در ڏانهن ويئي ۽ دعوتي ڪارڊ کڻي آئي.
”جيجي، گنجي مٿي وارو ٿلهو ڀائي، هي ڪاڳر ڏيئي ويو
آهي.“
”ائي منهنجي اڳيان ڪاڳرن جو نالو نه وٺو. سڏ ڪيو
ڪنوار کي ته پڙهي.“ زليخان ڪارڊ ڏسي دهلجي وئي.
”چاچي خير ته آهي“ ڪنوار اندر ايندي پڇيو.
”ائي امان سدائين خير هجي. هي ڪاڳر الائي ڇاجو آيو
آهي. مولودن جو ته ڪونهي؟“
”ها چاچي واهه جي ڳجهارت ڀڳئي. ڪلهوڙن مان آيو
آهي. ميلاد ڪيو اٿن سڀاڻي شام جو ستين وڳي.“
”مائي مون بس ڪئي. منهنجا ڦڦڙ ٿا ڪنبن. اهي روز
روز جا واعظ مون کي ڏڪائن ٿا. تون وڃي ٻه پير ڀري
اچجان. ثواب جو ڪم آهي.“
”چاچي ايتري دير آءٌ ننڍي ٻار سان ڪيئن ويهنديس؟“
”ائي جهجهي ويهڻ جو ڪهڙو ڪم. تون ماني جي ٽائيم تي
وڃجانءِ.“
”چاچي ماني گهر ۾ ڪونه آهي ڇا؟ سچي سردار جي
ساراهه نه ٻڌيسين ته وڃي ڇا ڪيوسين؟“
”پر امان ‘رواز’ جي ڳالهه ٿي ڪيان. تازو هينئر
ڪانڀي خان جي گهر به ڏٺم ته نوين سوڌو به زالون
پئي آيون. ڪير جي پڇين ته دير ڪوهه ڪيو؟ چي: ”اسان
ٻين دعوتن تان پيون اچون.“
”چاچي مون کي ته شرم پيو اچي ماني ڪاڻ وڃڻ.“
”ٺهيو امان مون بس ڪئي. جي طاقت ساريم ته پاڻهي
وينديس توکي منهنجن رستن سان قدم کڻڻوئي ڪونهي.
آءٌ وڻان ته منهنجو راڄ به وڻي.“
ڪنوار جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي پنهنجي ڪمري ۾ هلي
وئي. ايتري ۾ وري در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. ٻانهي وئي ۽ ٻيو
ڪارڊ کڻي آئي.
”جيجي هي مٽياريءَ جي سيدن جو ڊريور عيد ميلاد جو
ڪاڳر ڏئي ويو آهي.“
”ائي نڀاڳيون، نپٽيون چيو مانوَ ڪونه ته مون کي
ايهي ڪاڳر نه ڏيکاريو. انهن سان منهنجو هيانءُ ٿو
ڦاٽي. وڃي ڪنوار کي ڏيو. رکي نه رکي سندس مرضي.“
رئيسياڻي پلاند مان ڦوٽا ڇوڙي تڪڙي تڪڙي چٻاڙڻ لڳي
پوءِ ڳيت ڏيندي ٻانهيءَ کان پڇيائين:
”ائي بختاور اهي وري ڪڏهن کان ميلاد ڪرڻ لڳيون؟
اسان به اڇو مٿو آندو. ٻه عيدون ٻڌيون سڻيون سين،
اها عيد ميلاد وري ڪوهه؟ اڳي مڙسن منجهه مولود
ٿيندا هئا. هاڻي وريون چون عيد ميلاد. مٺاسين
مائي! منهنجو به ساڻن نانين ڏاڏين کان رستو آهي
تڏهن ته ڪونه ڪيا هئائون اهي ميلاد.“
”ائي جيجي اهو ميلاد جو فيشن اچي هن خلق وڌو. تنهن
لاءِ ڪري گهر گهر ۾ ٿا ميلاد ٿين. ڪلهوڙن به ته
ديکا ديکيءَ ۾ نئين بنگلي جي خوشيءَ ۾ ميلاد ڪرايو
آهي.“
”ائي پوءِ اسين ڇو نه ڪريون؟ اسين ڪنهن ڪانڀي ۽
ڪلهوڙن کان گهٽ آهيون ڇا؟ سڪي پني پوٽو ڄايو اٿم
ڇو نه عقيقي سان گڏ ميلاد به ڪرايون. ڦيشن جو ٿيو.
مون به سڄي ڄمار ڏنو آهي. ستر ۾ پهتي آهيان، ڪو
مفت جو ڪونه ڏنو هئم. ماڻهن کي ته نينگر جي توهر
جي به خبر نه پئي، اها ڊاڪٽرياڻي امينا چڱي ملڪ
الموت ساماڻي آهي جو ڄمڻ سان ئي ٻڪر ٻوساٽ ۾
معصومڙي جي توهر به ڪري ڇڏيائين. اڃان چوڏهن
پندرهن جو هجي ها ته ڳاڙهي گوڏ ٻڌي گهوڙي تي بينڊن
باجن سان سرڪس ڪري ها ته لوڪ ۾ به واهه واهه ٿئي
ها. ائي مُئي جهمٽي ڪنوار کي سڏي وٺ.“
”چاچي خير؟ ڪنوار اچي کانئس پُڇيو.
”آئي امان مڙسهين اچي ته چئينس ڪاڳر ٺهراءِ سڀني
کي ميلاد، عقيقي ۽ نينگر جي توهر جي خوشيءَ جو سڏ
گهمرائي.“
”پر چاچي پوءِ ته چار ٻڪر ڪسندا، ٻه عقيقي جا، هڪ
توهر جو ۽ هڪ ميلاد جو.“
”آئي چئن کي کڻي ڇڏ. ماڻهو اچي کلون ڳڻيندا ڇا؟
عقيقي لاءِ هڪ ٻڪر ڪافي آهي. کٽو ته ٻيو ٿورو کليو
گوشت به گهرائي وٺنداسين.“
”چاچي سنت ۾ ته ٻه ٻڪر آهن هڪ ۾ عقيقو ڪيئن
ٿيندو؟“
”مائي سنت ڪير ٿو ڏسي، اڄ فرض ئي پورا ڪين ٿا ٿين.
اڀرو سڀرو ٻڪر به ڇهين سوين کان گهٽ ڪونهي. هاڻي
وڃي تياري ڪر. مڙسهين اچي ته انهيءَ سان صلاح ڪر
تيسين ويهه ته انهن زالن جي نالن جون لسٽون
لکرايانءِ، جن سان ڏيڻ وٺڻ جو رستو آهي.“ |