رضيه هڱورو
”آخري قسط“
هڪ سچي ڪهاڻي
جيجل ماءُ جو عرض، سندس گهر واري مڃيو، جيئن هن
چاهيو ٿي ائين ئي سندس گهر واري ڪيو.
چوندا آهن، چوڻ سولو آهي پر ٻار ڪنهن کي ڏيڻ ڏکيو
آهي سندس گهر واري جي دل به ٻڏل ٻڏل ٿي رهي پر
شاباس آهي هن شخص کي جنهن همت سان پاڻ کي به
سنڀالي ورتو ۽ گهر واريءَ کي به آٿت ڏنائين. ۽ خوش
ٿي نظر آيو. پنهنجي سالي کي اهو شرط ٻڌايائين، ٻئي
زال مڙس ننڍڙي کي کڻي پنهنجي ڳوٺ هليا ويا.
هاڻ بيوس، ماءُ پنهنجي هنج خالي ٿي ڏٺي ته ڪڏهن
خوش ته ڪنهن مهل حيران ۽ پريشان پئي ٿئي، هر ڪنهن
کيس لک لک واڌايون پئي ڏنيون، هوءَ خير مباڪ چوندي
رهي، خوش رهڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. هيترا ٻارڙا اکين
اڳيان هئس پر ائين ٿي لڳو ڄڻ سندس هانوَ کي ڪنهن
مُٺ ۾ ڀڪوڙي ڇڏيو هجي.
ڀاءُ ۽ ڀاڄائس تمام گهڻيون خوشيون ملهايون، دُهل
دمانن سان خيراتون ڪيائون رب سندن عرض اگهاڻو هو،
ڇٺي ڀري ڪين. ننڍڙي جو نالو ممتاز علي رکيائون،
مٺايون، مصريون ورهايون ويون.
ٻارڙي کي دل و جان سان سانڍيو ويو ۽ سر ساهه صدقو
ٿي ڪيائون، ايترو ته ٻار جو خيال رکندا هئا، ۽
سندس ضرورتون پوريون ڪندا هئا جو حقيقي مائٽ شايد
نه ڪري سگهن، ٻارڙي کي پالڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي ٿين.
هڪڙو سياري جي موسم ۽ مٿئين کير تي ٻار کي سنڀالڻ،
ٻار کي ماءُ. جي هنج ۾ تپش ۽ گرمي ملندي آهي، اُها
ڪانه ملي، پر پالڻ واري ماءُ به وسان ڪين گهٽايو.
جيجل ماءُ به پنهنجو سور وساري الڳ رهڻ تي هري
وئي، هوڏانهن ممتاز پنهنجي ماءُ پيءُ سان خوش
گذارڻ لڳو، وقت وڏو مرهم آهي.
مون کي ياد آهي ته هوءَ جنهن وقت اڪيلي ٿيندي هئي
ته پنهنجن ٻين ٻارن کي هنج ۾ کڻي پيار ڪندي هئي
هئي ۽ زاروقطار روئندي هئي، ٻار حيرت مان پڇندا
هئس، امان ڇو ٿا روئو ته سمجهه ۾ ڪونه ايندو هئس
ته ڪهڙو جواب ڏئي، سندن ننڍڙن هٿن سان دعا گهرڻ
لاءِ چوندي هئين ته دعا گهرو ته توهان جو ننڍڙو
ڀاءُ سدائين اتي خوش هجي. ٻار ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا
پڇندا هئا ته ”امان! ماما جن ڇو اسان جو ڀاءُ کڻي
ويا، ماءُ دل تي پٿر رکي چوندي هئن ته توهان جو
ڀاءُ آهي ۽ ماما جن جو به آهي، ممتاز سڀني جو
آهي.“
امڙ جي پهرين ڌيءَ تمام گهڻي لاڏلي هئي، ڇو ته
خاندان جو پهريون ٻار هئي، ذهين به گهڻي هئي، جيئن
ماءُ کان ٻچڙو ڌار ڪيو ويو تيئن ننڍڙي وري اچي
ماءُ جي هنج وسائي، ماءُ سان گڏ کائڻ پيئڻ سمهڻ
انگل آرا ڪرڻ لڳي، پر دل ۾ ڏک به هئس ته ننڍڙو
ڀاءُ ڇو ڏنو اٿن!!
بابا به ڪِنو آهي ۽ ڏاڏي به ڪِني آهي هوءَ پنهنجي
ماءُ کي وڌيڪ ويجهي ٿي وئي، ۽ پنهنجي امڙ جي
پريشاني ۽ اُداسي ڏسي سمجهيائين ٿي ته گهر وارا
ڪٿي اسان جو ٻيو ڀاءُ يا ڀيڻ به نه ڪيڏانهن موڪلي
ڇڏين؟!
هوڏانهن پڦيءَ کي خدا جي طرفان هڪ انمول تحفو ملي
ويو. جنهن جو ڪوبه مُلهه ڪونهي هن گُل جي اچڻ سان
ته سندس طبيعت صفا ٺيڪ ٿي وئي.
امڙ کي به الله جلدي ٻي اميد ڏيکاري، جنهن سان
سندس سمورا سور لهي ويا. ممتاز جي جڳهه تي هڪ ٻيو
ممتاز آيس رب وٽ دير آهي پر انڌير ناهي. امڙ خوش
رهڻ لڳي ته، ممتاز به پنهنجي ماءُ پيءُ سان رهڻ
لڳو، هُن معصوم کي ڪهڙي خبر ته منهنجي ماءُ ڪهڙي
آهي.
امان جي به دل ڪجهه پڪي ٿي، ته بابا کي چيائين ته
”هاڻ ڀلي هلو ته ادا جن جي گهران گمهي اچون،
”ممتاز به ڏسي اچون ته ڪيترو وڏو ٿيو آهي.“ بابا
ته ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي ته مس امان هلڻ جو چيو آهي
ٻن سالن کان پوءِ. هن کي ته ان ڏينهن جو اوسيئڙو
هو ته هوءَ هلي ۽ هلي ٻچڙو ڏسي پر هن کي ڪابه
خواهش ڪانه هئي، بابا کي ته ان ڏينهن جو شدت سان
انتظار هو، هيءَ عورت ڪڏهن چوندي ته مون کي ننڍڙو
ممتاز علي ڏيکاريو، اڄ اوچتو سندس واتان هلڻ جي
ڳالهه ٻڌي، هڪدم هلڻ جون تياريون شروع ٿي ويون.
بابا، امان سڀ ڀائر ڀينر ممتاز ڏي روانيا ٿياسين.
سڄو سفر اهو پئي سوچيوسين ته ممتاز ڪيترو هوندو.
ڪنهن جهڙو هوندو، الائي اسان جهڙو هوندو يا نه!!؟
خيرن سان ماما جن جي گهر پهتاسين، اهو منظر به
عجيب هو، امان خوش به هئي ته روئي به پئي.
ماءُ جي دل ڪٿان لڀي، جيجل پنهنجي جگر جو ٽڪر ڪڍي
ڏنو هو. پنهنجي دل کي تڙپائي ڀاءُ جي گهر جي اڱڻ ۾
چنڊ جهولايو هئائين. ان اڱڻ ۾ ته هاڻ ٽهڪڙا هئا،
مرڪون هيون ٻچڙي جي روئڻ جو آواز هو، رانديڪا،
گاڏيون الائي ڇا ڇا هو، جيڪو زندگيءَ جي هجڻ جو
احساس ڏياري رهيو هو، ماما ۽ ماميءَ امڙ ۽ بابا
سان ملي روئڻ شروع ڪيو ۽ چيائون ته ”اسين توهان جا
ٿورائتا آهيون جو توهان اسان جي زندگي ۾ خوشيءَ
آندي.“ هيءَ اهڙو منظر هو جيڪو وساري نٿو سگهجي.
امان جي اکين ۾ هڪ روشني هئي، پنهنجي ٻچي کي ڏسڻ
جي لاءِ دل ۾ هڪ آنڌ مانڌ هئي، پر هوءَ چپ هئي.
مان هر هر پڇان ”امان ڀلا ڀاءُ ممتاز ڪٿي آهي،“
مامي کلڻ لڳي، چيائين صبر ڪريو ڀلي ممتاز کي ڏسو،
گهڻو پيار ڪريوس پر راڻي هن کي نه ٻڌائجو ته ڪو
هُو تنهنجو ڀاءُ آهي. ”ٺيڪ آ مان نه ٻڌائيندس پر
آهي ڪٿي؟!!“ منهنجي انهيءَ ڳالهه تي امان کان به
صبر ڪونه ٿيو ۽ هڪدم ڪمري ۾ هلي وئي، جتي ممتاز
ستو پيو هو، مان به پويان هلي ويس، ڇا ڏسان امان
بي ساخته ننڊ ۾ سُتل ننڍڙي ممتاز کي هٿن تي، پيرن
تي چميون پئي ڏنيون. ممتاز کي کڻي پنهنجي سيني سان
لاٿو ۽ اکيون هيون بن بادل پئي مينهن وٺو.
هر ڪنهن جي اک آلي هئي، هيءَ ڪهڙو ميلاپ هو، مون
به ننڍڙي ممتاز کي پيار ڪيو.
امان خوش به هئي ته روئي به پئي، ممتاز کي کڻي به
پئي پر هو ته ڪنهن وٽ نه پيو وڃي!؟ ڇو ته هو ڪنهن
کي سڃاڻي نه پيو ۽ ننڊ به ڪچي ڦٽي هئس ان ڪري روئڻ
شروع ڪيائين.
ماما ۽ مامي پريشان ٿي ويا هڪدم هنج ۾ کڻي ماٺ
ڪرايائونس. پر ممتاز، اوپرا منهن ڏسي وڌيڪ زور سان
روئڻ شروع ڪيو.
مامي، ممتاز کي کڻي پري نم جي وڻ هيٺيان وئي جتي
ڪڪڙ جا رنگ برنگي ٻچا هئا، ممتاز اُتي وڃي چپ ڪئي.
خدا جو شان ممتاز جي شڪل شبيهه به اسان جهڙي نه
هئي، امان جي ڪنهن به ٻار سان سندس منهن مهانڊو نه
پيو ملي ۽ ماما ۽ ماميءَ جهڙو پيو لڳي، ماميءَ چيو
ته اديءَ پنهنجي ننڍري ڌيءَ ته ڏي ته منهنجو ٻچڙو
هن سان کيڏي. امان ڏي نه پيو وڃي، پر ننڍڙيءَ سان
ڏاڍو خوش ٿيو. ننڍڙيءَ کي ڌڪ هڻڻ لڳو ته امان چيو،
”ڀاڄائي پنهنجي ننڍڙي کي کڻ منهنجي ننڍڙيءَ کي پيو
ماري“، ٻار ٻئي امان جا پر ان مهل امان کي پنهنجي
ننڍڙي مٺي لڳي، امان جڏهن ڏٺو ته ممتاز سکيو ستابو
پيو پلجي ۽ ڀرپور پيار مليو اٿس ته دل ۾ امان به
گهڻي مطمئن ٿي ۽ چيائين رب جي جوڙ ته ڏسو، لڳي به
هنن جهڙو ٿو. شايد قدرت واري هنن لاءِ ئي خلقيو
هو. اسان ڪجهه ڏينهن رهي واپس آياسين.
امان وري ڪڏهن ڪانه رُني ۽ نه ئي پريشان ٿي. سندس
دل کي خدا جي طرفان هڪ صبر اچي ويو هو. |