سهيڙيندڙ: امر سنڌو
هڪ شخصيت
100 سوال افروز صديقي
نالو گهر ۾ سڏجندڙ؟
افروز آپا، باجي، ادبي نالو امير صديقي نامياري
ليکڪا ۽ تعليمي ماهر افروز صديقي.
ڄم جي تاريخ (سال ڀلي نه ٻڌايو)؟
18 فيبروري.
شهر جنهن ۾ پهريون ساهه کنيو؟
حيدرآباد سنڌ.
شهر جو اڄ به پاڻ ڏانهن ڇڪي؟
حيدرآباد سنڌ.
شهر جو دل جو شهر آهي؟
حيدرآباد سنڌ.
شهر جو دل کي نه آڙبو هجي؟
اهڙو گهرو سوچيو نه اٿم.
زندگيءَ جو پهريون سُڏڪو جيڪو وسري ئي نٿو؟
ايترا سڏڪا انهن مان پهريون ڳولهڻ مشڪل آهي.
زندگيءَ جي پهرين مُرڪ؟
ٻالڪپڻ ۾ شايد ڪو رانديڪو ملڻ تي آيل مرڪ هوندي.
زندگيءَ جي پهرين مهرباني؟
زندگي جي ساعت ساعت هر گهڙي مهربانيءَ تي گذرندي
آهي.
زندگيءَ جو پهريون قرب پهرين يادگيري؟
پهريون قرب جيجل جي هنج ۾، ان جو مرڪندڙ چهرو جنهن
دنيا ڏيکاري.
موسمن سان پيار جي پهرين يادگيري؟
جڏهن هوش سنڀاليو ڪل ئي نه پئي ته ڪهڙي موسم وڻي
ٿي، پر برسات کان ڊڄندي هيس.
وڻندڙ موسم؟
جڏهن موڪلون هونديون هيون، ڀل فضا گرم هجي. صبح جو
اسڪول نه وڃڻو پوي.
ستن ڏينهن جي گول چڪر مان ڪو وڻندڙ ڏينهن؟
جنهن ڏيهن مون ڪو اهڙو ڪم ڪيو، جنهن مان ٻين کي
فائدو رسيو هجي. ڪنهن پيڙا پيل کي آٿت ڏني هجيم.
ڏينهن جي چوويهن پهرن مان وڻندڙ پهر؟
رات جي سانت پهر ۾، مان هجان ۽ ”هو هجي جنهن
سامهون سمورا سور سليان ته ڇا چڱو ٿيو، ڇا برو.
فطرت جي خوبصورتيءَ جو وڻندڙ نظارو؟
اڄ به اکيون ٻوٽي اهو فوڪس ڪيل منظر فلم جيان
سامهون هلندو اٿم، شاهراهه قرارم تان ڪيئن ”منهنجو
سنڌو“ اربيلي نار جيان پنهنجي سکين ندين سان گڏ
پنهنجي واري ڏانهن ور وڪڙ کائيندو پريم مان ڇوليون
هڻندو وڌندو ڏٺو هوم ۽ جڏهن درياهه ڪابل ۾ پاڻ کي
سڪوڙي الڳ الڳ مٽيءَ رنگ ۾ ڀڄندو ڏٺم.
ٻالڪپڻ جي ڪا ياد رهجي ويل ڏنگائي؟
ٻالڪپڻ راند روند ۾ گذريو مون ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين
واريون سڀ رانديون ڪيون ڪرڪيٽ، لغڙ اڏائڻ، اٽي
ڏڪر، گوليون، گُڏيون وغيره ڪا حسرت نه رهي.
ٻالڪپڻ جي ڪا محرومي جيڪا اڄ به دل تي چٽيل هجي؟
بابا سائين تمام شفيق حليم ۽ بي حد پيار ڪندڙ
پيءُ هو. اڃا اهو شعور آيو ته مون کي سڀني کان
وڌيڪ پيار محبت ۽ لاڏ ڏئي ٿو ته جلدي دل کي تڪليف
ڏيندڙ ايڪسيڊنٽ ٿيو بابا جو ۽ سڀ خواب اڌورا رهجي
ويا. اسپتال ۾ تڪليف جي حالت ۾ به اهي لفظ مون
لاءِ ڇانو هئا مون توکي الله جي سپرد ڪيو.
ٻالڪپن جي ڪا خواهش؟
ڪنهن ٻار جي واتان ”بابا“ ٻڌڻ سان ڄڻ اندر ۾ چهڪ
پوندا هئا ۽ اهو لفظ ڏاڍو ڏکيو سهي سگهندي هيس، بس
اهو لفظ منهنجي اندر ۾ هر خواهش ۽ خوشي جي پورائي
جي نشاني هو.
ننڍپڻ جو ڪو انگل آرو؟
بابا سان سدائين انگل ڪندي رهندي هيس ۽ امان کان
ڊڄندي هيس. بابا هر انگل پورو ڪندو هو. هميشه هر
وقت پاڻ سان گڏ رکندو هو. دوستن جي مجلس هجي مسجد
هجي آئون گڏ هوندي هيس. بابا سائينءَ جو حلقو ادبي
هو. سمجهه ته ايتري نه هئي، پر اهي ڳالهيون ذهن
تائين پهچنديون هيون.
جوانيءَ جو پهريون احساس؟
مون کي خبر نه آهي ته جواني ڪڏهن آئي بس آئون بابا
جي ٽيجهي تي وڏي سمجهدار زيبدرا ٿي ويس.
جوانيءَ جو پهريون خواب؟
جواني جي اچڻ جي خبر پوي ها ته ڏسان ها.
جوانيءَ جو ڪو خوبصورت پَل؟
خوبصورت پل! جڏهن مون 14 ورهين جي ڄمار ۾ نوڪري
ڪئي، شايد اهو پل مون کي سٺو لڳو هجي.
بار بار چپن تي ايندڙ ڪو گيت؟
عابده پروين جو ”شال، تنهنجو رهان، سنڌ منهنجي
امان“.
دل کي ڇهي ويندڙ ڪا سٽ؟
شاهه جي هرسُر مان موڊ آهرسٽ دل ۾ سمائجي ويندي
آهي.
ڏک جي آخري پناهه گاهه؟
رات جي تاريڪي ماٺ سانت.
خوشيءَ جي اظهار جو طريقو؟
چپن تي مرڪ جنهن ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
اڀرندڙ سج ۽ لهندڙ سج جي پويان ڏينهن رات جي راند
۾ پسند جو ويلو؟
لهندڙ سج جي لام پويان کهنبي رنگ جهڙي شفق ائين
لڳندي اٿم ڄڻ سج جي لهڻ بعد افق کهنبو اوڍيو آهي
يا ڪا شرميلي نار آهستي آهستي ڪائنات کي سڄي ڏينهن
جي اذيت کان پوءِ آٿت ڏيڻ لاءِ مستاني چال سان آئي
آهي.
اڪيلائي جو احساس؟
مون ان سان سمجهوتو ڪري ڇڏيو آهي. سانت ۾ شاهه جي
شعرن ۾ پنهنجي من جي دنيا سان هم خيال مختلف سرن ۾
سرور ڳولهڻ.
تاريڪيءَ جو احساس؟
تاريڪي مان ٽٽي ته پرهه نڪرندي آهي ان ۾ ڪيترا ڏک
لڪن ٿا تاريڪي مان ڦٽندڙ پرهه جو انتظار.
گذرندڙ وهيءَ لاءِ ڪا ميار؟
هيءَ سڄو سفر هڪ جدوجهد هئي ريگستاني پنڌ واري پر
هلندي رهيس ان ۾ ميار ڪنهن سان؟......... جيڪو هن
چاهيو مون کان ڪم ورتو ڪنڀر جهڙو قانون جنهن ڪتب
آندو ان جي مرضي.
خالي رستن جا احساس؟
جيئن سڀئي گهر در بند ڪري سمهي رهيا آهن، شهر
ويران ٿي ويا آهن. ڪاريهر جهڙا ڪارا رستا ڏاڍا دل
کي ڏاريندا آهن.
قد کان اڀيون ديوارون؟
ڪوڙي انا ۽ هٿرادو رسمن ۾ وڪوڙيل هن ڌرتيءَ جي
مٿان پاڻ کي اوچو ڏيکارڻ لاءِ صرف ڪوٽ اڏي ۽
ديوارون اوچيون ڪري سگهن ٿا. هن ڪمزور ناتوان کي
پٺتي اڇليندڙ ڪير آهن. پنهنجا وجود محفوظ ڪندڙ ۽
هن جي وجود کي جيئري تابوتن ۾ رکندڙ مصري ممين
جيان.
دوستي؟
دوستي قدرت جو عطيو هيري کان به قيمتي.
هٿ ڇڏائي ويندڙ دوستن جي ڪا ياد؟
جو ور جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
دوستن تي ڪا ميار؟
دوستي ۾ ميار جو واسطو ئي نه آهي.
پيار؟
هي سڀ مانڊاڻ ان جي بدولت آهي. ڪائنات جي سونهن
سوڀيا ان جي بدولت آهي ۽ هر جز جو وجود ان پيار
ڪري آهي ۽ ان سان هر خوبصورتي قائم آهي.
عشق؟
عسق پيار جي انتها جو نالو آهي ۽ ان جو آلاپ سردکم
دکم ۾ آهي اها آتش پاڻ وٽ سوکو پير نه پائڻ
ڏيندي. تن من تان آرو کڻي پوءِ هٿ لائيندا.
پيار جو بي اختيار اظهار؟
قدرت جو ڪو شاهڪار يا مصور جو ٺاهيل منظر يا معصوم
ٻالڪ جي مسڪراهٽ، اتي اظهار لاشعوري طور ٿي ويندو.
پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟
صدين کان هن معاشري ۾ هزارين سهڻيون سسئيون
مارئيون ڪوڙي انا جو بک ٿيون آهن. هي معاشرو مرد
جو آهي جيڪا ڳالهه ان لاءِ جائز آهي ته ان جي
زيردست لاءِ ناجائز. اهو سماج هن واچوڙي ۾ وڪوڙيل
آهي. انا تي ظلم، داتا کي ڀيتا ڏيڻ ان جي پڳ جي
ورن ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو. احڪام الاهي جي قانون
سان هٿ چراند هلندي رهي ٿي.
پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟
اهو ساڳيو جواب ئي ورجائينديس سچ تي ڪوٽ چڙهيل
آهن. ذات پات جا ڪوڙا ڪوڙڪا ٺاهي ڪارو ڪاري جو ويس
ڏنو وڃي ٿو.
ڪلا کيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟
پنهنجي من مان اڀرندڙ جذبا قلم ۽ ڪاغذ تي نمودار
ڪرڻ.
پهرين مڃتا؟
1966ع ۾ پهرين لکڻي رسالي بادل ۾ افسانو”زندگي درد
جي جهولي ۾“ سان ٿي.
ڏکي لڳندڙ تنقيد؟
حق سچ ٻڌڻ ۽ چوڻ ٻئي ڏکيا آهن. انساني فطرت آهي ته
صرف سٺو چئو، پر تنقيد برائي تنقيد نه هجي تنقيد
براءِ اصلاح مڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي.
فن جي اظهار جي پهرين صنف؟
ٻارن لاءِ لکيل ڊراما جيڪي ريڊيو پاڪستان تان نشر
ٿيا، ڊراما ۽ افسانو .
فني زندگيءَ جي ابتدا؟
افسانه ۽ ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا.
سڃاڻپ جو حوالو؟
افسانه نگار ڊرامه نگار، ريڊيو ٽي. وي ۽ نئون نالو
امير صديقي اتان مليو.
سڀ کان وڏو نقاد؟
جيڪو بنان ڪنهن سياست، ايمانداري ۽ ڄاڻ سان ڪري
سچائي کي اوليت ڏئي.
تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟
سچي هجي ۽ بنان ڪنهن خوشامد سان ڪئي وئي هجي.
پسنديده شاعر؟
شاهه لطيف، شيخ اياز.
پسنديده نثر نگار؟
امر جليل، آغا سليم، نور الهديٰ شاهه.
راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟
عابده پروين، محمد جمن، ماسٽر چندر.
وجود جي سڀ کان وڏي تيڪ؟
وحدت الوجود.
خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟
موتيو، ٽي روز (اصلي).
ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟
جڏهن من وياڪل نه هجي ته ٻاهر جي موسم سهڻي لڳندي
آهي.
اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟
هلڪو آسماني، اڇو.
ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟
انسان.
چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟
ماٺ، ۽ ماٺ کي اندر ۾ سمائڻ يا ڪو ڪتاب پڙهڻ يا
موسيقي ٻڌڻ.
انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟
اکين ۾ حيا زبان ۾ خلق چهري تي پاڪائي گفتار مٺاس
هجڻ سان.
دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟
جڏهن چڱائي بدلي برائي موٽ ۾ ملي. ڪوڙ تي ٻڌل
گفتگو ۽ چاپلوسي خوشامد آهي خاميون دل تي بار
ڪنديون آهن.
پنهنجي دل جي ڪمزوري؟
منهنجا ماڻهو، منهنجي ڌرتي ۽ ننڍڙا ٻار منهنجون
ڪمزويون آهن.
پيڙا جو ڪو پل؟
ڪا هڪ هجي ته ٻڌايان اتي ڀاڻ آهن، هر پل اندر کي
زخمي ڪري ڇڏين ٿا، ڪهڙا سلي ڪهڙا سلجن. جڏهن
پنهنجن تي ظلم ڪندي مير جعفرن جهڙا ڪردار ڏسجن.
معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟
مظلوم تي ڏاڍ ڏمر خاص طور تي عورتن سان ٿيندڙ ستم.
ڪٽنبي زندگي؟
ٺيڪ.
نفرت؟
انهن سان جيڪي حق ڏيڻ ۾ پٺتي ۽ کسڻ ۾ اڳتي.
اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟
جيڪو پاڻ ۾ تبديلي دل سان آڻي. پنهنجي شعور کي
سجاڳ ڪري ۽ آئنده لاءِ حق جي ساٿ ۾ هلي.
عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟
اها جنگ من ۾ هلندي آهي، ڪڏهن عقل کٽي ڪڏهن جذبو،
پر جذبو عقل کي بار بار شڪست ڏيندو رهي ٿو.
عقيدو؟
وحدت الوجود، صوفي ازم منهجي وجود ۾ سمايل آهي
شاهه ۽ رومي.
عبادت؟
بس زندگي جي ڏور ان سان ٻڌل آهي. هُن راڻي کي
پرچائڻ لاءِ پنهنجي وت آهر وس ڪبا آهن.
وقت؟
وقت بادشاهه طاقتور آهي. آهستي آهستي چرندو وڃي ۽
پوءِ جڏهن ورائي ڏسجي ته ايترو اڳتي نڪري وڃي جو
سمڪ ئي نٿي پئي. آرزو ۽ انتظار ۾ پورو نٿو وڃي.
موت؟
آيا آهيون عارضي. حقيقي گهر ڏانهن وڃڻو آهي. اهو
حقيقي محبوب آهي جو پاڻ سان نيو وڃي، واپس نه
ورائڻ لاءِ.
زندگي؟
بي بقا، بي وفا، پر دوکو هڪ تحريڪ ۽ سونهن جو نالو
زندگي. مالڪ طرفان مليل نعمت هاڻ انهن ٻنهي دائرن
مان ڪنهن لاءِ ڪٿ فٽ ته ڪنهن لاءِ ڪٿ فٽ.
هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟
قرآن شريف ۽ شاهه جو رسالو.
دل کي ڇهندڙ فلم؟
لارنس آف عربيه (Lawerance
of Arabia).
پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟
عمر خيام (صبي) پرائمري استاد.
تاريخ جي پسنديده هستي؟
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (رحمته)
سياست؟
اها ڪبير جي ڊاسز آهي. هر لحظي هن جا ذاويه بدلبا
رهن ٿا، جنهن ۾ دين ۽ ايمان متاثر ٿين ٿا. ڪوبه
ٻين لاءِ نٿو سوچي ۽ نه وري خدمت گار بنجڻ چاهي
ٿو. بس ڪرسيءَ جي ويڙهه آهي ۽ صرف پنهنجا مقصد.
باقي عوام تماشبين آهن، ان ڪري سياست لاءِ سوچڻ
کان اڳ سو بار سوچڻو پوي ٿو ته ڇا تي اچڻ کپي.
ونندڙ سياسي شخصيت؟
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، فيوڊل ڪاسترو، نيلسن
منڊيلا.
وڻندڙ مشروب؟
شگر جي ڪري مشروب جي پسند ڪابه ڪانه.
وڻندڙ اخبار؟
عوامي آواز روزانه.
وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟
ڪي ٽي اين.
پسنديده اداڪاره؟
هندي اداڪاره مرحومه نرگس ۽ پاڪستاني ريما.
سواري جيڪا پسند هجي؟
جيڪا وقت تي ملي اها غنيمت
خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟
منهنجو سپنو جيڪو اڪثر شايد جاڳندي ڏسندي آهيان.
موئن جي دڙي ۾ زندگي روان دوان آهي، پيار جي نرتڪي
جا عبارتي حوض ڀر ۾ پنهنجي داسين سان گڏ سورج
مکيءَ جي گلن جي مالا پاتل پايل جي ڇمڪي سان، سج
ديوتا کي آجيان لاءِ داسيون جي هٿن ۾ وؤنڻن جا
گلدسته کنيو اسٽوپا ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ پرهه
ڦٽيءَ جو جرڪندڙ صدين کان اهو ديس جرڪندي ڏسان!
خواب جيڪو ساڀيا نه ماڻي سگهيو؟
اهوئي خواب جيڪو اڃا ساڀيان نه ماڻي سگهيو.
مستقبل جي باري ۾ پلان؟
منهنجي واديءَ جو جهر جهنگ علم سان جرڪي پوي. هٿ ۾
ڪهاڙي ۽ بندوق بجاءِ قلم جي ترار هجي: پڙهڻ، ڪڙهڻ
۽ نياڻين کي علم جي روشنيءَ ڏين ان جي هنج کي روشن
درسگاهه بنائين. سڀني اهنجن جو اهو علاج آهي.
ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟
منهنجي واديءَ ۾ اڄ به علم جو فقدان آهي. ڪنهن کي
به اهو محسوس نٿو ٿئي ته اڃا ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول
گهرون ٿا، اڃا سوچيون ٿا ته عورتن لاءِ تعليم
ضروري آهي يا نه! اهو وڏو الميو آهي جو عورت کي
ايترو ويڳاڻو رکيو آهي.
خوشي جنهن جو انتظار هجي؟
منهنجي قوم جو هر فرد خاص طور تي عورت سجاڳ ٿئي.
سماج ۾ تاريخ جو سونهري باب رقم ڪري، عورت آزادي
ماڻي جيڪا هن کي قرآن ۽ اسلام بخشي آهي ۽ شعوري
طور بيدار ٿئي.
آزادي؟
آزادي هر بني نوع انسان جو بنيادي حق آهي اها
آزادي جيڪا فطرت کان مليل آهي، جنهن ۾ هرڪو پنهنجي
علم ۽ شعور سان حق وٺي انساني قدرن جي ڄاڻ ۽ هر
برائي کان پاڪ معاشرو، فريب ۽ ڏاڍ کان آجو برابري
وارو حق. اها آزادي جتي ڪابه پوليس اسٽيٽ نه ٺهي.
جت امير کي بالاتر نه سمجهيو وڃي، جت انسان جو
ملهه ۽ قدر هجي!
ڇڙواڳي؟
مغر بيت جو رنگ علم کان وانجهيل، شعور جو فقدان
طبقاتي ڪشش، رشتن جو لحاظ نه. انسان جانور جيان
موت جو سوداگر نه هجي ته اهو ڇڙواڳي جي معنيٰ
سمجهندو.
ڌرتيءَ سان پيار؟
ڌرتي ماءُ آهي. نصف ايمان آهي. منهنجو ساهه سر هر
لمحو هن تان قربان.
زندگيءَ کان ڪا سڪايت؟
ڪابه نه. آئون ڪا پاڻ وهيڻي، واڳ ڌڻي تنهنجي وس
الا. منهنجي مرشد جي سٽ جيان.
انساني ڪردار جي سونهن؟
اعتبار جوڳو هجي .ڪردار ۽ گفتار ۾، شعور ۾ پاڻ ڀرو
هجي. حق وٺڻ ۽ ڏيڻ اچنس.
انساني روين جو رنگ جيڪو رئاڙي؟
منافق، بدنيت، لالچي، پاڻ پڏائڻ وارا ”مان“ جي
حامين جو رنگ رئاڙيندو آهي.
پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟
ڪابه نه.
تقدير تي ويساهه؟
تدبير ۽ تقدير جي جنگ اصل کان جاري آهي، پر منهنجو
عقيدو آهي ته لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙي نه وهي.
زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
اهي جيڪي منهنجي من جا ويچار آهن سي انهي زمري ۾
اچن ٿا.
زندگيءَ جو اعتراف؟
قدرت واري زندگي هڪ رحمت طور ڏني آهي. ڏاڍي
خوبصورت ڏني آهي، پر هن ڏاڍ جي ڏيهه ۾ ريتن رسمن
هن جي ڪٺن صورت ڏني.
ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟
منهنجو اهو عقيدو نه آهي، پر جي ايئن آهي ته هن
امڙ جي جهول ۾ سو بار جنم وٺان ۽ سو ٻار هن جي
مٽيءَ ۾ جذب ٿيان ته اها منهنجي خوش نصيبي هوندي.
ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿو؟
ڪوڙ تي، انهن تي جيڪي پنهنجي مقصدن لاءِ هنن
مسڪينن کي لٽيندا رهندا آهن. انصاف لاءِ
واجهائيندڙ مايوس ٿي جتي محافظ نه ٿين، تڏهن من
ويا ڪل ٿي پوندو آهي ۽ ضبط ئي ڪرڻو پوندو آهي،
پنهنجي وسيءَ تي چڙ ايندي آهي.
پيغام؟
ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري.
هي منهنجي مرشد سنڌ جي ڪک پن کان ڄاڻو حالات جي
مشاهدي سان 400 سال اڳ تلقين ڪئي آهي ۽ پيغام ڏنو
آهي ان جي روشنيءَ ۾ آئون پنهنجي واديءَ جي
رهواسين کي چوندس ته هاڻ ننڊ جي نڀاڳ سڀ ڪجهه کسي
ورتو آهي. هن ڌرتيءَ جي وارثن ۽ وارثياڻين کي
چوندس اي سنڌ جا وارثو، ڪهاڙين ۽ بندوقن بدران قلم
جي طاقت کي سگهارو ڪيو ۽ سنڌ جون ڌياڻيون پاڻ کي
علم سان آراسته ڪريو. پڙهو ۽ ڪڙهو شعور کي بيدار
ڪريو ايندڙ نسل جي معمارن جي پهرين درسگاهه توهان
جي هنج آهي. اچو ته گڏجي اهو وچن ڪريون. علم لاءِ
جهاد ڪريون. جهر جهنگ ۽ جهوپا علم جي روشنيءَ سان
منور ڪريون.
هيءَ ڌرتي صدين کان واجهائي رهي آهي ته اهي
سورميون ڪڏهن اڳتي اينديون جن جي گود هڪ مڪمل
انسان پيدا ڪندي. پڙهيل باشعور پٽ ۽ ڌيئرون،
پنهنجي حق ۽ سچ لاءِ ڪي ڏانهن نه نهارينديون. هاڻ
اهوئي سهارو بچيو آهي دير ڪئي بنان اڳتي وڌو! |