راحيله امان قريشي
حسن سازيءَ جو فن
جيئن ڪو مصور پنهنجي تصوير ٺاهڻ لاءِ ڪئنواس تيار ڪندو آهي بلڪل
ائين ئي ڀينرن کي پنهنجي چهري جي چمڙيءَ لاءِ
صفائيءَ جهڙي بنيادي عمل کي نظر انداز نه ڪرڻ
گھرجي. چمڙيءَ جي صفائيءَ جو عمل نهايت ضروري آهي.
چمڙيءَ جي صفائي حسن سازيءَ جي عمل جو پهريو ڏاڪو
آهي.
حسن بابت ٻڌايل طريقن لاءِ ڀينرن جو ڪو به خرچ نه ٿيندو. بس
ٿوري توجه محنت جي ضرورت آهي. اها ڳالهه سمجھڻ
ضروري آهي ته بيوٽي پارلر مان مليل حسن وقتائتو
هوندو آهي. بيوٽي پارلر ۾ هزارين رپيا خرچ ڪرڻ کان
پوءِ جيڪو حسن ملي ٿو، اهو وقتائتو ٿئي ٿو. ۽ هن
وقتائتي حسن حاصل ڪرڻ لاءِ نه رڳو پئسو برباد ٿئي
ٿو پر وقت جو به زيان ٿئي ٿو. پاڻي چهري جي چمڙيءَ
لاءِ نهايت سٺو ۽ فائديمند ٽانڪ آهي. چمڙيءَ جي
مڪمل ڀرپور صفائي جي مقصد لاءِ گرمين ۾ ٿڌو پاڻي
سياري ۾ نيم گرم پاڻي بهتر آهي. جيڪڏهن شاور لڳل
آهي ته اهو کولي پنهنجو منهن شاور جي اڳيان ڪري
ڇڏيو. شاور مان نڪتل تيز پاڻي جو هڪ وهڪرو چمڙي جي
صفائي ڪندو. جيڪڏهن باٿ روم ۾ شاور لڳل ناهي ته هٿ
سان نلڪي جي پاڻيءَ جا ڇنڊا زور سان هڻجن. ڪاٽن
وول جي ٽڪرن کي پاڻيءَ ۾ پسائي چهري جي چمڙي صاف
ڪجي. بيڪار ويهڻ سان عورتون ٿولهه جو شڪار ٿي وڃن
ٿيو. ان لاءِ ضروري آهي پاڻ کي گھريلو ڪمن ڪارين
جو عادي ڪيو وڃي. گھر جي صفائيءَ ۽ ڪپڙي سان فرش
اگھڻ جو عمل بهترين ورزش آهي. صبح جو اٿي هلڪي
ڦلڪي ورزش صحت ، چهري جي چمڙيءَ لاءِ خوشگوار ثابت
ٿئي ٿي. پنهنجي پاڻ کي پنج وقت نماز جو پابند
ڪريو. نماز نه رڳو جسماني پر روحاني فائده پهچائي
ٿي. نماز لاءِ پنج وقت وضو ڪرڻ سان چهري جي چمڙي
صاف سٿري رهندي ۽ هٿن پيرن جي اضافي مٽي به ختم ٿي
ويندي.محفل ۾ ويهي ٻين کي تنقيد جو نشانو نه
بنائجي انهيءَ عمل سان ماڻهوءَ جي پنهنجي شخصيت
تنقيد جو محور بڻجي ويندي ۽ ناپسنديده شخصيت بڻجي
ويندو. چپن تي هميشه خوش گوار رونق برقرار رکجي.
محفل ۾ اخلاق جي دائري اندر ڳالهائجي ماڻهن سان
ملڻ دوران خوشيءَ جي تاثر جو اظهار ڪجي. اهي
ڳالهيون بظاهر معمولي لڳنديون پر جڏهن اسين انهن
تي عمل ڪندا سين ته سٺو نتيجو نڪرندو.هڪ اسي ورهيه
آمريڪي خاتون کان جڏهن سندس وڏي عمر ۽ پر ڪشش
شخصيت بابت پڇيو ويو ته هن جواب ڏنو: مان جوانيءَ
کان پنهنجي گھر جو ڪم ڪار پنهنجي هٿن سان ڪندي پئي
اچان. انهن ڪمن دوران مون هميشه عبادت کي به ترجيع
ڏني آهي ۽ ورزش کي پنهنجو معمول بنايو آهي. مان هر
ڪنهن سان کلي مرڪي ملندي رهي آهيان ۽ عمر جي هن
عرصي ۾ مان اڄ به پنهنجي انهن اصولن تي قائم
آهيان.
اوهان جا خط
ايڊيٽر جو خطن سان متفق هئڻ ضروري ناهي.
قابل احترام ڀيڻ !
سرتيون ۾ جيڪڏهن ٻهراڙيءَ جي عورتن جي مسئلن بابت فيچر ۽ ڪالم
شايع ڪريو ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ ان سان گڏ اهڙيون
به لکڻيون شامل ڪريون ته اسان جون تعليم يافته
ڀينرن ڪيئن ٻين ڀينرن کي اڳتي آڻي سگھن ٿيون
انهيءَ ڏس ۾ هنن کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
ٻيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن، جيڪي عورتن جي
نالن سان منسوب آهن. مثلاّ : شهيد بختاور جو ڳوٺ ،
همون جو تلاءُ وغيره ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ڳوٺ توڙي
شهر آهن جن جو بنياد ئي عورتن رکيو هو يا وري اتي
تاريخي ڪردار هيون. جيئن ”مهراڻو“ هڪ وسيع علائقي
جو نالو آهي، جنهن لاءِ اها به روايت آهي ته اهو
علائقو ٺڪرن جي هڪ ڇوڪريءَ ”مهرو“ جي نالي سان
سڏجي ٿو. لاکي ڦلاڻي سان شادي ڪرڻ بعد مهه راڻي
سڏبي هئي. مطلب ته اهڙن علائقن ۽ ڳوٺن بابت ڄاڻ
ڏيو جيڪي عورتن جي نالن سان منسوب آهن ته وڌيڪ سٺو
ٿيندو.
روشن گرگيز
پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو
وايا نئو ڪوٽ، ضلعو مير پور خاص،
ڀيڻ!
معياري رسالن جي ايڊيٽرن ۾ توهان ئي آهيو، جنهن ڏانهن لکڻي
اماڻي، ان اميد تي شايع ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهيون
ته اوهان رڳو ميٽر (لکڻيءَ جو معيار ئي) ملحوظه
خاطر رکو ٿا. ۽ انشاءَالله اسان جون لکڻيون ان تي
لهنديون. مان هينئر پنهنجو هڪ مضمون، جيڪو
LMC
۾ هڪ سيمينار ۾ پڙهيو هئم توهان ڏي اماڻيان پيو.
اميد ته جاءِ ملندي. رسالو ماهوار ڪيو اٿوَ. خيال
رکجو ڪٿي
Quality- Quantity کي متاثر نه ڪري. بحيثيت ايڊيٽر توهان جي هيلتائين پاليسي
واکاڻ جوڳي رهي آهي.ان لاءِ جو بجاءِ پيشوار ۽
نالي چڙهين اديبن کي لکڻين لاءِ عرض ڪري سندن پاڻ
پڏائي کي هٿي ڏيڻ جي، توهان نوجوان ٽئلنٽ کي
همٿايو آهي. اميد اهو عمل جاري رهندو.
ڊاڪٽر الله نواز سمون
سيو دي چلڊرين فنڊ- اسلامي ڪوٽ ٿر.
مانواري ايڊيٽر، جيئي ڌرتي ماءُ.
ماهوار ”سرتيون“ جنوري 1994ع جو پرچو هٿن ۾ آهي. ثماهي ”سرتيون“
کي ماهوار بڻائڻ وارو عمل نه رڳو وقتائتو آهي، پر
انتهائي ساراھ جوڳو پڻ آهي. هونئن ته اسان وٽ
ڀينرن جي رسالن جي انتهائي گھڻي کوٽ آهي. ”سرتيون“
ان کوٽ کي ڪنهن حد تائين پورو ڪري سگھي ٿو.
”سرتيون“ جو ٽائيٽل تمام گھڻو جاندار ۽ خوبصورت
آهي. مواد جي چونڊ به وڻندڙ آهي. ”سرتيون“ ،”سنڌي
ادبي بورڊ“ جھڙي سگھاري اداري جو پرچو آهي. اگر
ليکڪن کي سندن لکڻين جو اجورو ڏنو وڃي ته وڌيڪ
بهتر ۽ ٻيو ته هر ان ليکڪ کي ڪاپي موڪلي وڃي جنهن
جو مواد ڇپجي ٿو.
”سرتيون“ ۾ منهنجي وائي شامل آهي، جنهن جي پهرينءَ سٽ جو هڪڙو
لفظ ڪمپيوٽر جي ور چڙهي ويو آهي. سٽ هيئن آهي:
”هوءَ جا ڪالهه“ ”ڪُٺي“ ۽ ڪمپيوٽر ”جا“ کي غائب ڪري ويو آهي.
قلمي سهڪار جاري رهندو- معشوق ڌاريجو، قاضي احمد.
محترمه ايڊيٽر،
جنوريءَ جو ”سرتيون“ هٿن ۾ اٿم، ٽائيٽل خوبصورت اٿس. فهميده جو
مضمون اڀياسي هو. ڪهاڻين ۾ ڪابه ڪهاڻي متاثر نه
ڪري سگھي.
شبنم گل جي ڪهاڻي به جذباتي انداز ۾ لکيل، هروڀرو ڊيگھ، بيڪار
ڊائلاگ، ڪو مقصد ڪونه ٿو نڪري.
ڪهاڻيڪار کي ڪو مقصد
(Concept)
ڪهاڻين ۾ سمائڻ گھرجي. ”ايڊٿ ماويل“ مضمون وڻيو.
”اڳڪٿيون ۽ انسان“ جو پهريون حصو نظر مان گذريو. ڄاڻ ڏيندڙ
مضمون آهي. آتم ڪهاڻي جي ٽين قسط به وڻي.
شاعري ۾ روبينه ابڙو ۽ راهي چنا کان سواءِ ٻيا شاعر ڪو خاص تاثر
نه ڇڏي سگھيا آهن. خليل عرف جي وائي ۾ روانيءَ جي
شديد کوٽ محسوس ٿي. اهڙي طرح معشوق ڌاريجو جي
وائيءَ ۾ به کوٽ آهي روانيءَ جي، جيئن: ”هوءَ
ڪالهه ڪٺي ڪاري الزام ۾“
مٿين سٽ ۾ لفظ ”جا“ وجھڻ سان رواني ٿئي ٿي. عزيز ڪنگراڻي جي
وائي به ردم کان وانجھيل (ڪريل) آهي.
شاعري ”سرتيون“ لاءِ هڪ نثري نظم ۽ ڪهاڻي موڪليان پيو. آشا تي
ته فيبروريءَ واري پرچي ۾ شايع ڪندا.
اوهان جو ننڍڙو ڀاءُ، جاويد سوز هالائي، هالا پراڻا سنڌ.
پياري ڀيڻ، سدائين سرهيون هجو!
جنوريءَ جو ماهوار ”سرتيون“ پڙهيم. تمام گھڻو پسند آيو. خاص ڪري
ڊاڪٽر فهميده حسين جو مضمون ۽ شبنم گل جي ڪهاڻي ۽
ان سان گڏ ايديٽوريل پسند آيا. ڀيڻ هن ڀيري
”سرتيون“ ۾ شاعري بلڪل ٿوري ڏني اٿو. ڇو ڀلا؟
ڀيڻ، هن کان اڳ مان اوهان ڏانهن پنهنجي شاعري اماڻي چڪي آهيان ،
پر اڃا ڪو جواب نه مليو آهي. اميد ته هن ڀيري
مايوسيءَ کان بچائيندؤ.
مهرباني- شاهده کوکر، لاڙڪاڻو.
محترمه ايڊٽر صاحبه
”سرتيون“ ڪافي وقت کان پڙهندي پئي اچان. پر خط پهريون ڀيرو لکي
رهي آهيان. ڀيڻ هيءَ شاعري موڪليان پئي اميد اٿم
حوصلا افزائي ڪنديون. ثمينه ”مهراڻ“ ڪانڌڙو، باڊه.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
”سرتيون“ جو جنوريءَ جو شمارو پڙهيم تمام سٺو لڳو ۽ خوشي به
تمام گھڻي ٿي جو ”سرتيون“ ماهوار ڪيو ويو آهي.
عورتن لاءِ رسالا تمام گھٽ ٿا نڪرن ۽ جي نڪرن ٿا ته ٻهراڙيءَ ۾
پهچن نٿا. ڪهاڻيون مجموعي طور تمام سٺيون لڳيون
جنهن ۾ حسين مسرت شاه جي ڪهاڻي مان ائين لڳو ڄڻ
ڪوئي فلم جو سين هلي رهيو هجي، لوڪ داستان، ٽريا
سوز ڏيپلائيءَ جو به سٺو لڳو ۽ شاعري سيڪشن ۾ خليل
عارف سومرو، راهي چنا، عزيز ڪنگراڻي، معشوق ڌاريجو
۽ روبينه ابڙو جي سٺي لڳي.
هڪ نماڻو عرض ته ترجمو ٿيل ڪهاڻيون بور ٿيون ڪن. مهرباني ڪري
انهي جڳهه تي ڪو سفرنامو يا ڪنهن شاعر يا شاعره جو
انٽريو هلايو وڃي ته بهتر ٿيندو.
جبار آزاد لغاري، مٺي.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
”سرتيون“ جو 94 جو پهريون پرچو نظرن مان گذريو بهتر لڳو،
”سرتيون“ کي ماهوار ڪرڻ وارو قدم انتهائي وڻيو.
اهو ئي سبب آهي جو پهريون دفعو ليٽر لکي رهيو
آهيان. مواد ۾ انعام شيخ جو مضمون پهريان ”سارس“ ۾
پڙهي چڪو آهيان. ليکڪ کي هڪ ئي وقت ٻن ٽن رسالن
ڏانهن ساڳيو مواد نه موڪلڻ گھرجي. باقي مواد بهتر
لڳو-
اي آر آزاد، سانگھڙ.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
”سرتيون“ نئين روپ ۾ مليو هن پرچي ۾ نوڪري ڪندڙ عورت جي مسئلي
تي ادي شبنم گل جي ڪهاڻي ”تنهائي جي خوشبو“ سٺي
لکڻي هئي. ٻولي توڙي مقصد جي لحاظ کان بلڪل ٺيڪ
هئي البته ڪهاڻي ڊيگھ جو شڪار لڳي. منظر نگاري به
ايڏي ڀرپور ڪانه هئي. موضوع ۾ ڪي قدر نواڻ ضرور
هئي. ڪردار جي اجائي ڊائي لاگ بازي ڪهاڻي جي
خوبصورتي کي متاثر ڪيو. شاعريءَ سان ڄڻ ساڳي ويڌن
هئي. دوست خليل عارف جو شعر پنهنجي جاءِ تي مڪمل
نظم جي فارم ۾ آهي. ان کي وائي ڪري لکيو ويو آهي.
ادي در اصل مسئلو اهو آهي ته اڄ جو نوجوان لکڻ وارو هڪ ئي وقت ۾
سڀني رسالن ۾ ڇپجڻ چاهي ٿو. هو معيار کان هٽي رڳو
تعداد ۾ پورو آهي. ظاهر آهي ته تعداد وڌندو ته
معيار گھٽبو.لکڻ وارو محنت نه ڪندو ته معيار کي
برقرار رکي نه سگھندو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جو
نوجوان گھڻي ڇپجڻ جي حرس ۾ پنهنجي لکڻي سان صحيح
معنيٰ ۾ انصاف ڪري نٿو سگھي. اوهان کي گذارش آهي
ته هڪ سڄاڻ ايڊٽر جي حيثيت ۾ اهڙين شين کي چڱي طرح
چيڪ ڪري پوءِ شايع ڪريو. هڪ ٻي گذارش ته ”سرتيون“
جھڙي نج ادبي پرچي ۾ فلمي اداڪاره سري ديوي جو
انٽرويو ڀر تي لڳو. اهڙن انٽرويو لاءِ کوڙ سارا
فلمي پرچا اخبارون موجود آهن. اوهان ڪوشش ڪري
”سرتيون“ کي ادبي پرچو ڪري هلايو ته بهتر ٿيندو.
راهي چنا، ڄامشورو سنڌ. |