چونڊيندڙ: فرزانه سليم
عورتن بابت قول
عورت ۾ سندس حسن کان وڌيڪ نئڙت،سچائي بي ريائي، سليقه مندي ۽
ٻيون به اهڙيون عادتون آهن جي سندس حسن کي دوبالا
ڪن ٿيون.
گانڌي.
حسن ڪا حقيقي خوبي نه آهي ڇا ڪاڻ ته خدوخال ۽ قدوقامت حلم ۽
شيرين گفتار، اهڙيون مظبوط رسيون آهن، جي ڪٽنبن ۽
قبيلن کي ملائي يڪ جان ڪريو ڇڏين.
ٽيلي رانڊ
محبت بذات خود هڪ علم آهي ۽ عورت تمام حقيقي محبتن ۽ دانائين جو
گرما گرم چشمو آهي.
(گرامي)
عورت هڪ شريف جو خواب آهي. هوءَ هر چڱي گھر ۾ سج جي چمڪدڙ ڪرڻي
مثل آهي. ائنگلو سئڪسن زبان ۾ عورت لفظ جي معنيٰ
آهي؛ ”ماني ڏيڻ واري“ هوءَ پنهنجي گھر جي ڀاتين
لاءَ روزانه خوراڪ بخشيندڙ آهي جيڪي هن جي مدد جا
خواهشمند هوندا آهن، تن کي هن جي مدد ڪم ڏيندي
آهي. محبت هن جي اصلي طاقت آهي ۽ سخاوت جا ڪڏهن
ناڪام نٿي ٿئي، ساهن جي شريفانه زندگيءَ جو هڪ
اصول آهي ۽ اها هن جي روح کي هميشه تسڪين ڏيندي
آهي.
(افلاطون)
پاڪدامنيءَ جو قانون مرد توڙي عورت لاءِ ساڳيو آهي. مگر اسين
اهو قانون مرد جي ڀيٽ ۾ عورت لاءِ وڌيڪ سمجھندا
آهيون.عورتن کي گھر کان ٻاهر وارين حالتن کان پري
رکيو ويندو آهي. انهن جو زندگيءَ جي مصيبتن ۽
مقابلن سان ڪوبه واسطو نٿو پوي ۽ کين پنهنجي
سوسائٽي ۾ امن ، آرام ۽ اطمينان جي لاءِ خاموش
رهڻو ٿو پوي. مگر اهو ياد رکڻ گھرجي ته جھڙي طرح
عورت وٽ سوسائٽي جي ڳاٽ اوچي ڪرڻ جي قوت موجود
آهي. تهڙي طرح وٽس ان جي ذليل ڪرڻ جي به طاقت آهي.
(ٽئگور)
مائرن کي پنهنجي ٻارن جي ننڍپڻ جي خوشي ۽ همت واري جوهر جي
سنڀال مردن کان وڌيڪ ٿي ڪرڻي پوي. عورت ئي چڱين
عادتن کي پيدا ڪري ٿي ۽ اهي ئي عادتون ڇوڪرين کي
معزز ماڻهن جي زندگيءَ جي ساٿي بنجڻ جي لائق
بنائين ٿيون. خوش نصيب آهن، اهي مرد جن کي اهڙيون
عورتون پلئه پيل آهن ۽ خوش نصيب آهن اهي ٻار، جن
کي اهڙين مائرن ڄڻيو آهي.
(لارڊ بائرن)
هڪ نيڪ عورت ڇا نٿي ڪري سگھي
جڏهن ان کي سچي محبت هر ڪم لاءِ اڀاري ٿي.
(ڊسرائيلي)
گھر ۾ داخل ٿيڻ تي هڪ زال جو پر خلوص خير مقدم زندگيءَ جو
بهترين ثمر آهي.
(ولن)
حيا ۽ خاموشي عورت جو هڪ بهترين زيور آهي.
(اربيداس)
عورت جي محبت ڀري دل کان زياده قيمتي شيءِ دنيا ۾ ڪا به ڪونهي.
(لوٿر)
تمدن نيڪ عورتن جي اقتدار جو نالو آهي.
(امرسن)
خدا جي انسان تي سڀ کان قيمتي بخشش عورت آهي.
(گريار)
اگر عورت خوشحاليءَ ۾ نزاڪت ۽ ناز جي ديوي آهي ته مصيبت ۽ افلاس
وقت تسڪين ۽ تسلي جو مجسمو.
(واسنگٽن اورنگ)
نيڪ عورت نه صرف دنياوي صلاحڪار آهي هوءَ روحاني معاملن ۾ به
مدد ڪري ٿي.
(سرجان ليڪ)
عورت فطرت طرفان عطا ڪيل هڪ مقدس نيڪ، خوب سيرت دلڪش ۽ روح پرور
تحفو آهي.
(ملٽن)
عورت اسان جي حڪمران آهي،ماءُ به آهي، ڌيءَ به آهي، زال به آهي.
(منٽگمري)
عورت هڪ گل آهي جنهن سان گڏ هڪ ڪنڊو پڻ هوندو آهي.
(ٽيني سن)
اي گل نو بهار! مان پنهنجن تمام خوش نصيبن کي تنهنجي ئي قدمن ۾
نثار ڪيان ٿو.
(شيڪسپئر)
جيڪو ڪجھ مون ۾ آهي، اهو منهنجي ماءُ مون کي عطا ڪيو آهي. (جان
ايڊمينر)
هر عظيم الشان ڪم جي شورعات جي تحريڪ ڪندڙ ڪا عورت ئي ٿيندي
آهي.
(ڊيمارين)
عورت ۾ اها قوت آهي جو، جي ڪم محنت ۽ تڪليف سان عمر ڀر ٿي نٿا
سگھن، تن کي هوءَ چند گھڙين اندر ختم ٿي ڪري.
(گوئٽي)
بشير احمد شاد
چوسٽا
اسان جي ماٺ کي ئي احتجاج سمجھو ها
اوهان ڪي عشق جا رسم و رواج سمجھو ها
سزا ڏيڻ کان اڳي ڪجھ ته يار سوچيو ها
اسان جو آه عدو هي سماج سمجھو ها
....ھ....ھ.....
ڪنهن وهايا نار تي ها نار اڄ
ڪنهن ڪڍيا هن پار تي اهڙا پار اڄ
ڪنهن ڪڍي هئي ڪاڻ ڪنهنجي ڪاڻ اڄ
ڪنهن ڪيا هئا وار کولي وار اڄ
....ھ........ھ....
ناز وارا نيڻ جنهن دم تو کنيا ٿيو هي اثر
ٿي لڳو جئن گردش دوران صفا رڪجي ويو
مون ته مئي جي، ماه جي ، گل جي، چمن جي
ڳالهه ڪئي
اهلِ محفل جو توجه تو طرف ڇڪجي ويو
.....ھ.....ھ....
چنڊ چوهينءَ ۾ بلاشڪ آ سهائي سوجھرو
رات کي ڏينهن ۾ مٽائي ٿو سهائي سوجھرو
چنڊ تو کي آ چوڻ ، توهين تنهنجي حسن جي
چنڊ کي گرهڻ لڳي، پر تون سدائي سوجھرو
ڪينجھر بلوچ
وائي
زور اڳيان زاري، قيدن ۾ ناري
نئين ڳالهه نه آ...
بيڏوهي ڪسجن پيا، ڪارو ۽ ڪاري،
آزاديءَ جي آس ۾، عورت ويچاري،
سڀ وڏيرو ويو کڻي، سورن ۾ هاري،
پنهنجو آهي ٿي پيو، پنهنجن جو ماري،
ڪينجھر ويري پيارجي، هيءَ دنيا ساري،
نثري نظم
هن کي خبر آهي،
پڙ جي گھاٽي وڻ هيٺان،
ملندا هئاسين اڪثر ٻئي،
هو ايندو،
هن کي اچڻو پوندو ،
ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ،
مون کي لکڻي آهي،
جيون جي ڪهاڻي،
جيڪا اڃا تائين نا مڪمل آهي __
هن کان سواءِ
سيد سردار علي شاهه ”ذاڪر“
اي لال ڪنوار ڀنڀوري
اي لال ڪنوار ڀنڀوري!
تون سانوڻ رت جي راڻي،
رم جھم جي راڄ ڌياڻي؛
تون اڀ ڏي واه اڏاڻي،
تنهنجي پيرن هيٺان پاڻي؛
تنهنجو انگ انگ هڪ آکاڻي،
ڄڻ سيتارام ڪهاڻي؛
تنهنجن کنڀن ۾ کستوري!
اي لال ڪنوار ڀنڀوري!
پر اڄ اي نار نماڻي،
تنهنجي حالت حيرت هاڻي؛
تون ڪهڙي سور سٽاڻي،
جھر جھنگ ڦرين جوڳياڻي؛
تنهنجي من ۾ ائين مانڌاڻي،
جيئن جھڻ کي جھڳي جھانگياڻي __
تنهنجي هرڪا آس اڌوري!
اي لال ڪنوار ڀنڀوري!
ڪجھ ٻول، ڇڏي ٻاراڻي،
ڏي ويگس ڪا وراڻي؛
ڇا يار ڇني ياراڻي؟
يا ور لئه تون ويڳاڻي؟
يا تنهنجي نينگر نياڻي،
وڃي رب جي پار رساڻي؟
يا مورهين ٻي مجبوري؟
اي لال ڪنوار ڀنڀوري!
مان سمجھا ٿو ته سيباڻي،
تون تند تڪبر تاڻي؛
تنهنجي روپ کان آھ رنجاڻي،
ڪا دلڙي دردن هاڻي
وڃي عرش تي آ اگھاڻي!
پر سرور ٿيندءِ ساڻي:
تنهنجي ميٽينڊو معذوري!
اي لال ڪنوار ڀنڀوري!
سلميٰ پنهور
نظم
جيون آهي مينهن وانگي،
تنهنجي منهنجي نينهن وانگي:
گھڙي هڪڙي بس ترسي ٿو،
من تي ڪيڏو برسي ٿو.
پوءِ به حياتي پياسي آهي،
من جي ڄڻ ڪا داسي آهي.
مون وٽ ڀي هڪ پل آيو هو،
ڇا، هو منهنجو سايو هو.
گم ٿي ويو مون لئه رات جو،
ڪجھ به نه وريو باتن جو.
پوءِ به آءُ اڪيلي ناهيان،
هو ڏک سرحد تي هو مليو،
مون کي ڏسي ٿورو ڀليو.
ڪن لمحن لئه کليا هئاسين،
۽ وڇڙڻ لئه مليا هئا سين.
اڄ سالن کان پوءِ ياد ڪيئي،
اجڙيل دل آباد ڪيئي.
پر هي ساڳيو ماڻهو ناهي،
منهنجو وڇڙيل راڻو ناهي:
هو ته ڪو ٻهروپ لڳي ٿو،
تنهنجو ڪوئي روپ لڳي ٿو.
مهر خادم
وائي
تنهنجي چهري لاءِ
نيڻ نهارن ٿا.
ساڀيا سپنن جي!
ڪٿان جھاتي پاءِ
نيڻ نهارن ٿا.
رات اونداهيءَ ۾،
ڪونجڙي! ڪر لاءِ
نيڻ نهارن ٿا.
بڙ هيٺان بيٺل!
ڪائي وائي ڳاءِ
نيڻ نهارن ٿا.
اچڻو ناهي ڪو،
در ڏي پو ڇا لاءِ
نيڻ نهارن ٿا.
ساگر ڀٽي
وائي
پرين، پنهنجو ميل،
شايل ٿيندو هيل،
رم جھم برکا رت ۾.
تو بن هيڪل جيون،
ڀاسي ڄڻ جيل،
رم جھم برکا رت ۾.
ڪوئل گيت ڳايو،
پرھ ڦٽي ويل،
رم جھم برکا رت ۾.
موهي من مور ڏي،
ڊوڙي آ ڊيل،
رم جھم برکا رت ۾.
ٻئي پسنداسين،
کنوڻين جا کيل،
رم جھم براکا رت ۾.
رجب ٻگهيو
وائي
مرڪ تنهنجي مان مٺي،
ڪيئن وساري ٿو سگھان!
چنڊ، تو کان ٿو پڇان،
سونهن اهڙي تو ڏٺي؟...
ساھ سان سانڍي اٿم،
تو لکي جيڪا چِٺي...
تو بنا او سانوري،
سانوڻي ڄڻ وِھ وٽي!...
ورھ جي هر راتڙي،
ورهيه جان آ مون ڪٽي... |