مسعود لوهار
حصو ٻيو
اڳڪٿيون ۽ انسان
هڪ وڏي شهنشاهت تباھ ٿيندي ايلچي پٿيا کان اهو به پڇيو ته
ڪروئسس ڪيترو عرصو حڪومت ڪندو؟ سندس وارث ڪير
ٿيندو؟ گونگو شهزادو ڪڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو؟ فارس
تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪروئسس کي ڪنهن جي مدد وٺڻ کپي؟
جواب مليو:
خچر تخت تي ويهندو جڏهن،حڪومت ختم ٿيندي تڏهن جي گونگي شهزادي
ڪڏهن ڳالهايو مصيبت ايندي، اهڙي ملڪ تباهي آيو
اتحاد ڪر، جنگکان اڳ ۾. يونان جي بادشاه سان جڳ ۾
. ڪروئسس باھ مان نڪرندو جيئرو پر ويندس حڪومت هٿ
مان، ٿيندو سڀن جھڙو. ڪروئسس سجھيو ته اڳ ڪٿي
شايد سندس حق ۾ آهي. هن يونان جي اسپارٿا حڪومت
سان اتحاد ڪري فارس ٿي حملو ڪيو. هن جڏهن درياءُ
هيلوئس پار ڪيو ته مصيبتن ۽ پريشانين ۾ ڦاسي پيو.
فارسي فوجين هٿان زبردست شڪست مليس ۽ ليڊيا جي
شهنشاھت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي. جڏهن فوجون ڪروئسس جي
محل ۾ داخل ٿيون ته سندس گونگي شهزادي ڊپ مان
رڙيون ڪندي چيو، ”ڇا بابا ڪروئسس قتل ٿي ويو آهي؟“
فارس جو شهنشاھ سائرس اعظم ٻسر هو. سندس ماءُ مصري ۽ پيءُ
يوناني هو. ان ڪري ڪي دل سڙيا ماڻهو کيس خچر چوندا
هئا. اهڙيءَ طرح پٿيا جي اڳڪٿي صحيح نڪتي ته جڏهن
خچر تخت تي ويهندو گونگو شهزادو ڳالهائيندو ته
ڪروئسس جي حڪومت هلي ويندي. ليڊيا جي شهر تي قبضي
کان پوءِ سائرس اعظم حڪم ڏنو ته بادشاهه ڪروئسس ۽
سندس چوڏهن وفادار آفيسرن کي جيئرو ساڙيو وڃي. مچ
تيار ڪيو ويو ۽ جڏهن ڪروئسس کي اندر وڌو ٿي ويو ته
هن مشهور فلسفي سالون کي سڏ ڪري چيو، ”تون صحيح
چوندو هئين سالون!“
جڏهن سائرس اعظم پڇيو ته هو ائين ڇو پيو چوي ته ڪروئسس وراڻيس
ته ”سالون هميشه چوندو هو ته دنيا ۾ موت کان وڌيڪ
ڪنهن شيءِ ۾ مزو ناهي.“
سائرس ان ڳالهه کان اهڙو متاثر ٿيو جو هن ڪروئسس کي معاف ڪري
ڇڏيو. پر جيئن ته باھ اڳ ۾ ٻري چڪي هئي ۽ شعلن
آسمان سان پئي ڳالهايو ان ڪري باھ وسائڻ تائين
ڪروئسس سڙي وڃي ها پر قسمت سان اوچتو مينهن وسڻ
لڳو ۽ باھ وسامي وئي. اهڙيءَ طرح اڳڪٿي موجب
ڪروئسس باھ منجھان جيئرو ٻاهر نڪتو.
ڊيلفي جي آخري اڳڪٿي سن 362 عيسويءَ ۾ ٿي جڏهن مندر تباهيءَ جي
آخري ڪناري تي هو. اتي وهندڙ چشمو خشڪ ٿي ويو هو.
اهو چشمو، روم جي شهنشاھ هئبرين جي حڪم تي سربمهر
ڪيو ويو هو. هئڊرين جي باري ۾ پٿيا اڳڪٿي ڪئي هئي
ته روم جو شهنشاھ ٿيندو جيڪا صحيح ثابت ٿي. ان ڪري
هن چاهيو ته مندر کي ڊهرائي ختم ڪري ڇڏيان ته جيئن
اتان ڪنهن ٻي لاءِ اهڙي اڳڪٿي نه ٿئي.
سن 362ع ۾ شهنشاھ جولين پنهنجو ماڻهو ڊيلفي موڪليو. ان وقت جي
پٿيا بيمار هئي. پٿيا قاصد کي سڄي مندر جو چڪر
هڻايو ۽ چيو: ”هي تباھ ٿيل مندر ماڻهو ڪڏهن به نه
وساريندا پر روم جي شهنشاھ رڳو وڃي رک رهندي“ ۽
تاريخ شاهد آهي ته ڊيلفي جي پٿيا جي اها آخري
اڳڪٿي به صحيح ثابت ٿي.
شمس الدين سومرو
اوڌر جو انجام
تمام گھٽ ماڻهن کي اوڌر جي انجام جي خبر هوندي آهي.، پر ڪجھ
ماڻهن کي اوڌر جي انجام جي خبر ئي نه هوندي آهي.
پوءِ جڏهن اوڌر ڏيندڙ جا ٻئي هٿ اوڌر وٺڻ واري جي
ڳچيءَ ۾ پوندا آهن، تڏهن اوڌر وٺڻ واري کي خبر
پوندي آهي ته ٻيلي! اوڌر وٺي ڦاسي پيس. پوءِ يا ته
ڪو ڪوڙو سچو واعدو ڪندو يا اوڌر ڏيئي جان
ڇڏائيندو.
هڪڙا ماڻهو مجبوريءَ جي حالت ۾ اوڌر وٺندا آهن. مثال طور ڪنهن
دڪان تان سامان وٺڻ ويا، ڪو رپيو ٻه کٽي پيو ته
اڌار رکائي، واپس ڪندا آهن. پر گھڻن ماڻهن کي ڄاڻي
واڻي اوڌر کڻڻ جو شوق هوندو آهي. پئسو کيسي ۾ پيو
هوندن پر اوڌر ضرور کڻندا.
منهنجو هڪ دوست اوڌر وٺڻ ۽ کڻڻ جو ماهر هو. ڪنهن کي مجال جو هن
کي اوڌر نه ڏئي. هن جي نماڻائيءَ سان گھرڻ جو
انداز ئي ماڻهو جو من موهي ڇڏيندو هو ۽ هر ڪو هن
کي خوشيءَ سان اوڌر ڏيندو هو.منهنجو اهو دوست جنهن
کان اوڌر وٺندو هو ، ڪڏهن به ڪنهن وٽ بيهي اوڌر جا
پئسا لکائيندو ڪونه هو. پان وارو، هوٽل وارو، کير
وارو، سيڌي سامان وارو، اهي رڳو سامان ڏيندا هئا ۽
پئسا لکندا هئا.
هڪ ڏينهن پڇيومانس ته ”دوست! آخر ڇا ماجرا آهي، ڪڏهن ته حساب
ڪتاب ڪري پوءِ ته اوڌر لکائيندو ڪر؟“
جواب ۾ چيائين ته ” بابا! اهي ليکا اهو ڪري جنهن کي پئسا ڏيڻا
هجن“
”ته پوءِ توکي هر مهيني هي دڪاندار ، هوٽلن وارا ، پان وارا،
اوڌر ڪيئن ٿا ڏين؟“ مون سوال ڪيو.
پاڻ منهن تي مرڪ آڻي چيائين:”انهن وٽ منهنجو رڪارڊ صحيح آهي“.
اهو وري ڪيئن؟ تنهنجي رڪارڊ جو اوڌر سان ڪهڙو واسطو!“ مون اچرج
مان پڇيو.
ادا سائين! رڪارڊ جو واسطو آهي! ۽ اهو هيئن آهي ته هر پهرين
تاريخ تي جيئن ئي پگھار ملندو آهي، سڌو دڪاندار وٽ
ويندو آهيان ۽ پڇندو آهيانس ته ڪيترا پئسا ٿيا جي
ان جا ٽي سؤ رپيا ٿيا هوندا ته ان کي اڌ جو اڌ
پئسا اتي جو اتي ئي ڏيندو آهيانس ۽ چوندو آهيانس
ته ”بابا قرض وڏو مرض آهي، اوڌر کڻبي ته ڏبي“.اهڙي
طريقي سان کير وارو، هوٽل وارو ، پان وارو سڀني کي
اڌو اڌ اوڌر ڏيندو آهيان“. اهو سڀ ڪجھ بنا فل
اسٽاپ جي چئي ويو. وري ساهي پٽي چيائين ته ”توکي
شايد خبر نه آهي ته مان جنهن جاءِ ۾ رهان ٿو مون
ان جي مسواڙ ڏيڻ ۾ ڪڏهن پهرين تاريخ کان ٻي تاريخ
نه ڪئي آهي. انهيءَ ڏينهن شام جو مالڪ جو در
کڙڪائي مسواڙ جا اڌ پئسا ڏيندو آهيانس. ان جي
معنيٰ ته منهنجو رڪارڊ صحيح آهي“ وري کلندي چيائين
” بابا اوڌر جي ماءُ ڪانه مئي آهي، ان ڳالهه جو
تون ڇو پيو فڪر ڪرين“ منهنجي انهيءَ دوست جو هر
مهيني اهو معمول هوندو آهي. ٽوٽل کان پوءِ ڏيندو
وري به پهرين مهيني واري اڌ جيترا پئسا. منهنجو
اهو دوست هر ڇهين مهيني دڪان ، هوٽل ، کير وارو ۽
ٻين اوڌر وارن کان تنگ ٿي پاڙو ئي بدلائي ڇڏيندو
آهي. سندس مؤفف آهي ته جڏهن مان اوڌر وارن سان هر
مهيني اهڙو سٺو ٿو هلان ٿو ته پوءِ هو مون کي اوڌر
ڇو نه ڏيندا. جاءِ جي معملي ۾ اهڙو چانسي آهي جو
ڇهن مهينن کان پوءِ پاڻهي جاءِ جو مالڪ اُن مان
تنگ اچي، چار پنج هزار ڏئي خالي ڪرائيندو اٿس.
اسان جي هڪ مائٽياڻي جيڪا هاڻي گذاري وئي آهي.(الله جنت نصيب
ڪريس) ان کي به اوڌر وٺڻ جي نه صرف عادت هوندي هئي
پر زبردست فن به هوندو هئس. سودو سلف ته ٺهيو
پٺاڻن کان اوڌر تي ڪپڙو ۽ وياج تي پئسا به وٺندي
هئي. انهيءَ مرهيات تي رڳو پٺاڻن جي لکن رپين جي
اوڌر هوندي هئي ۽ هن وٽ اهڙو فن هوندو هو جو ڪو به
اوڌر وٺندڙ ڀلي ڪيڏو به پهلوان هجي، وڙهڻ لاءِ
سندرا ٻڌي آيو هجي، يا پوليس وٺي اچي،پر هوءَ هن
کي هڪ منٽ ۾ ماٺ ڪرائي ڇڏيندي هئي.
هڪ ڏينهن اهڙي انداز سان روئندي مون کي چيائين ته: ”ادا جي ڀيڻ
جي عزت جو سوال هجي ته ڀاءُ کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
مون جوش ۾ ايندي چيو ته ”ڀاءُ کي ڀيڻ جي مٿان قربان ٿي وڃڻ
گھرجي“.
چيائين ته ”ڀيڻ جي عزت بچائڻ خاطر ان کي اوڌر ڏجي يا ڪٿان اوڌر
کڻائي ڏجي، ۽ اها اهڙي طريقي کڻائي ڏجي جو گھر جي
ڪنهن ماڻهوءَ کي به خبر نه پوي“
مون به ان مائٽياڻيءَ جي چوڻ ۾ اچي نڪو گھروارن سان ۽ نه ئي
پنهنجي زال سان ڳالهه ڪئي ۽ کيس چوويهه هزار رپيا
پٺاڻ کان وياج تي کڻائي ڏنم. ٻن سالن ۾ اهي پئسا
ٽيڻا ٿي ويا. پئي پنڌ ڪيم پر مٿي تي جونءَ ئي ڪانه
سري. گھرواري سان ڳالهه ڪيم گھرواري پئسن ڏيڻ لاءِ
چيس ته ان کي چيائين ته: ”هيءُ اسان ڀاءُ ڀيڻ جو
معاملو آهي تنهنجو ڪجھ ڪونه وڃي“. سالن تائين پنڌ
ڪيم، آخر ماٺ ٿي ويس. پاڻ مري وئي آهي پر اوڌر اتي
جو اتي ٻيٺي اٿس. هڪ ڏينهن مان پئسا وٺڻ لاءِ سندس
گھر ويس ته اتي اڳي ئي هڪ پٺاڻ اوڌر وٺڻ لاءِ بيٺو
هو. سندس هٿ ۾ پستول هو ۽ چيائين پئي ته اڄ هن کي
گولي هڻي ماريندس“ جڏهن در کليو ته پٺاڻ گھر ۾
ڌوڪيندو داخل ٿيو ۽ مان به اندر ويس. مائٽياڻي کٽ
تي ليٽي پئي هئي. ۽ ساه جو هانبارو پئي لڳس. پٺاڻ
سڌو وٽس ويو ۽ ان تي پستول سڌو ڪيائين مائٽياڻي
سهڪندي گولي لڳڻ کان اڳ پٺاڻ کي چيو ته ”ڀائي
صاحب! خدا حافظ مان اڄ مري ويندس مون کي چيو چايو
بخش ڪجانءِ“ ۽ وڏا وڏا ساه کڻڻ لڳي هن جي اها حالت
ڏسي پٺاڻ جي هٿ مان پستول ڇڏائجي ويو ۽ رڙ ڪري
چيائين ته ” نه، ڀيڻ نه. ائين نٿو ٿي سگھي تون نٿي
مري سگھين. تون مري ويندينءَ ته منهنجا ستر هزار
رپيا ٻڏي ويندا“.
پئسن کان سواءِ ڪيئن جيئري رهي سگھنديس، ڪالهه کان وٺي پئسو نه
آهي، جو دوا وٺان. ڊاڪٽر چيو آهي ته هزار رپيا کڻي
اچ ته ٽيسٽون ڪريون. پوءِ علاج ٿيندو، ڪٿان آڻيان
پئسا؟ هاڻي مان مري وينديس ۽ مون لاءِ مرڻ ئي بهتر
آهي.“ پستول هڻڻ واري پٺاڻ کيسي مان اوڏيءَ مهل ئي
هزار رپيا ڪڍي ڏنس ته جئين اڄ ئي ڊاڪٽر وٽ وڃي،
ٽيسٽون ڪرائي ۽ تندرست ٿئي.
پٺاڻ گھر کان ٻاهر نڪتو ته هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهي. ڇا جي
سهڪ؟ ڇا جي بيماري؟ بس ادا ائين پئي اوڌر وارن کان
جان بچايان!.
هڪ ڏينهن سچي پچي بيمار ٿي پئي اهڙي بيمار ٿي جو ڪير به ويجھو
ڪو نه هئس. مان کيس پڇڻ ۽ پئسا گھرڻ لاءِ ويس. پاڻ
ٻڌايائين ته ”اوڌر مون کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو
آهي. مڙس ۽ پٽ کي سڏي چيائين ته ”منهنجي مئي کان
پوءِ منهنجي پينشن جي پئسن مان ادا کي ۽ ويسين
وارين ماسترياڻين کي ضرور پئسا ڏجو ۽ باقي ٻيا وڃي
ڌوڙ پائين.“ پوءِ هوءَ هڪ هفتي اندر پئسو نه هجڻ ۽
علاج نه ڪرائڻ ڪري، سچي پچي مري وئي. سندس جنازي ۾
مائٽن جو ايترو تعداد ڪونه هو، جيترو تعداد ويسين
وارين ماسترياڻين ۽ اوڌر وٺندڙ ماڻهن جو هو. هو سڀ
هڪ ٻئي کي عجيب نگاهن سان ڏسي رهيا هئا.
اسان جي ان مائٽاڻيءَ جو اهو مؤقف هو، ته جنهن کان اوڌر کڻجي يا
ان کان اوترا پئسا بار بار کڻجن يا ايڏا پنڌ
ڪرائجن جو هلي هلي پاڻهي ٿڪي پوي. اچڻ ئي ڇڏي ڏي
يا مري وڃي!!
منهنجو هڪ دوست مهمير خان آهي. ان کي وري اوڌر وٺي وسري وڃڻ جي
عادت آهي. ڪڏهن به ڪنهن کي اوڌر واپس نه ڪيائين
کيسي مان ٽڪو به خرچ ڪونه ڪري. سودو سلف ته ٺهيو،
پر سڄو مهينو ٻيڙي سگريٽ به اوڌر تي. مون ڪڏهن به
نه ڏٺو ته هن غريب جي کيسي ۾ پنج رپيا هجن. سندس
پگھار جي انچارج سندس گھر واري آهي. اها ئي بيماري
دوا دارون ۽ دڪان
وارن کي منهن ڏئي. پاڻ ته ان جي اڳيان به سگريٽ جي
بل تي انڪار ڪريو بيهي ۽ چوي ته مون کي ياد ڪونهي.
مون کان اوڌر وٺي وٺي، اهڙي ته ويسر ٿي وئي اٿس جو
هاڻي سالن کان اوڌر جا پئسا ڏيڻ ته ٺهيو، پر
ماڳهين اوڌر وٺڻ ئي وسري وئي اٿس. سندس چوڻ آهي ته
”اوڌر امداد جو هڪ قسم آهي، ۽ اها ڪنهن کان وٺي
سگھجي ٿي“. مان زوريءَ ته ڪونه وٺندو آهيا. رڳو
گھر ڪندو آهيان. پوءِ جيڪو خوشيءَ سان ڏي ان کي
واپس وري ڪهڙي ڪجي. توهان ٻڌو هوندو ته گھڻا ٺڳ
دڪاندار ۽ واپاري ڀائيواريءَ جو بهانو ڪري دوستن ۽
ماڻهن کان لکين رپيا اوڌر وٺندا آهن ۽ پوءِ انهن
کي منافعو ته ٺهيو پر اصل رقم ڏيڻ کان به انڪار
ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن جي مارڪيٽ ۾ ٽڪي جي به ساک
ڪانه هوندي آهي.
اهڙو هڪ واقعو مون سان به ٿيو. هڪ ٺڳ واپاريءَ کي (جنهن جي
ٺڳيءَ جي مون کي خبر ڪا نه هئي، بلڪه اها خبر مون
کي ڏاڍي دير سان پئي) ڀائيواريءَ لاءِ پئسا ڏنم.
ٻن ٽن مهينن کان پوءِ جواب ڏنائين ته پئسا ڪونهن.
تقاضا ڪرڻ تي ماڳهين مون تي ڪوڙو ڪيس ڪيائين. جڏهن
به مارڪيٽ جا کيس واپاري سمجھائيندا هئا ته ”سيٺ
پرايا پئسا واپس ڪر“ته انهن کي چوندو هو ته ”مون
وٽ ڪجھ آهي ئي ڪونه ته ڇا ڏيان“. خدا جي قدرت ٻه
سال ڪوڙو ڪيس هليو. شاهد ڪونه بيٺس ۽ جڏهن ڪيس ختم
ٿيو ته رب پاڪ به سندس اها دعا ٻڌي ورتي ۽ انهيءَ
عرصي ۾ اهڙو ڪنگال ٿيو جو پائي پائي جو محتاج آهي
۽ هاڻي انهيءَ ئي مارڪيٽ ۾ سيٺ چوائيندڙ ، مزدور
ٿيو ويٺو آهي. ۽ هاڻي حالت اها ٿي اٿس جو ڪو اوڌر
ته ڪونه گھريس يا ڏئيس ، پر هن ڏسڻ شرط ماڻهو
پنهنجو رستو ئي بدلايو ڇڏين.
بهرحال ڪير ڪجھ به چوي ! ڪيئن به چوي ! اوڌر جو انجام برو آهي.
برائيءَ جي بدلي برائي ئي ملندي. نيڪي ڪونه ملندي
۽ نه وري اوڌر کائيندڙ ماڻهن جي ڪٿي عزت هوندي
آهي. ان ڪري اڄ ئي پنهنجي اوڌر لاهي آجا ٿيو.
نياڻين کي تعليم ڏياري,
ڏکويل انسانن جي خدمت ڪرڻ جو درس ڏنو وڃي.
برک سماجي ڪارڪن منظر راول پهوڙ جون گلشن سومرو سان ڳالهيون.
سوال: اوهان جو ننڍ پڻ ڪيئن گذريو؟
جواب: جيئن ته اسان يارهن ڀائر ڀينرون هئا سين. انهن ۾ سڀني کان
وڏي آئون هيس ان ڪري مون کي سڀ باجي چوندا هئا.
ايتريقدر جو ماءُ پيءُ مون کي باجي چوندا هئا. ان
ڪري منهنجو ننڍ پڻ سنجيده گذريو.
سوال: ننڍي هوندي پڙهائيءَ جو شوق هو؟
جواب: مون کي ننڍي هوندي پڙهائيءَ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ هميشه
اسڪول ۾ سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندي هيس. هونئن به مان
هڪ پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکندڙ هيس. ان ڪري
مون کي پڙهائي ورثي ۾ مليل آهي.ان وقت منهنجا
ننڍڙا ڀائر ۽ ڀينر به پڙهندا هئا.
سوال: ننڍ پڻ ۾ ڪو تصور هو ته توهان وڏا ٿي ڇا ٿيندا؟
جواب: ان وقت ڪو به تصور نه هو ته مون کي وڏو ٿي ڇا ٿيڻو آهي.
رڳو پڙهائيءَ ڏانهن گھڻو توجھ هو ۽ اسڪول مان اچي
هوم ورڪ ڪري گھر جو ڪم ڪار ڪندي هيس.
سوال: قرآن شريف پڙهيل آهيو؟
جواب: اهو مون يارهن سالن جي عمر ۾ پورو ڪري ڇڏيو هو.
سوال: توهان جي شادي ڪيئن ٿي؟
جواب: اسان جي گھر ۾ هڪ پاڙيسيري عورت گلناز ايندي هئي. مون
جڏهن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ان کي منهنجي ماءُ پيءُ چيو
ته منظر جي اهڙي هنڌ شادي ڪراءِ جو سکي رهي.
منهنجو پيءُ هڪ غريب ۽ مذهبي ماڻهو هو ۽ اڪيلو
ڪمائڻ وارو هو. ان ڪري هن چاهيو ٿي ته نياڻي جو
بار جلدي لهي، اوترو سٺو. ائين منهنجي مائٽن جي
مرضي سان سترهن سالن جي عمر ۾ منهنجي شادي ٿي ۽
مان ”منظر“ مان ڦري ”منظر راول“ ٿي ويس.
سوال: پوءِ اوهان جي پڙهائي؟
جواب: شادي ڪري جڏهن اسان ڳوٺ وياسين ته مون پنهنجي گھر واري کي
وڌيڪ پڙهڻ جو چيو ۽ هن ها ڪار ڪئي ۽ مان شاديءَ
کان پوءَ به پڙهندي رهيس، ۽ ڏهن سالن تائين
يونيورسٽي ۾ پڙهندي رهيس. منهنجي مڙس جو مون تي
اعتماد هوندو هو، هو ڪڏهن مون سان گڏ يونيورسٽي ڪو
نه آيو. مان اڪيلي سر ايندي ويندي هيس.
سوال: ان جو سبب؟
جواب: ان جو سبب اسان جي عمر ۾ تفاوت هو. هن جي عمر 58 سال هئي
ته مان 17 سالن جي هوندي هيس. ان ڪري هو مون کي
پاڻ سان گڏ گھمائڻ به نه وٺي ويندو هو. مان
ڪاليجن، يونيورسٽي جا فنڪشن اڪيلي سر اٽينڊ ڪندي
هيس.
سوال: ايڏي وڏي فرق سان توهان جي گھريلو زندگي ڪيئن گذري؟
جواب: اسان جي گھريلو زندگيءَ تي ڪو به اثر نه پيو. آئون پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڪافي مطمئن هئس.
سوال: هن وقت توهان جي تعليم ڪيتري آهي؟
جواب: هن وقت مان ڊبل ايم.اي. ايل ايل بي انگلش، جرنلزم
انٽرنيشنل پاس ڪيل آهيا.
سوال: توهان سماجي ڪمن ۾ ڪيئن آيا؟
جواب: منهنجو مڙس هڪ سياسي ماڻهو هو. 1984 ع ۾ جڏهن ڊسٽرڪٽ
ڪائونسل جي اليڪشن ٿيڻي هئي، ان وقت منهنجي
گھرواري جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. ان ڪري هن مون کي
اليڪشن ۾ بيهڻ جي اجازت ڏني. مان پهريون ڀيرو
اليڪشن ۾ بيٺيس ۽ عجيب اتفاق اهو ٿيو ته ڪامياب
ٿيس. ٽي دفعا اليڪشن ٿي ۽ ٽيئي دفعا ميمبر ٿيس.
جنهن وقت مان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر هيس ته ان
وقت جي حڪومت کي اختيار هوندو هو ته هوءَ ڪنهن کي
به صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سليڪٽ ڪري. حاجي راول
صاحب جي ميمبر ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مٿس بيماريءَ جو
حملو ٿيو ۽ هو ٻاهر نڪرڻ جھڙو نه رهيو ته ان وقت
جي گورنمينٽ مون کي اها سهوليت ڏني ته مان حاجي
صاحب جي بدران اسيمبليءَ جو پورو سيڪشن اٽينڊ
ڪريان. ان ڪري مان چئن سالن تائين صوبائي اسيمبلي
جي ميمبر پڻ رهيس.
سوال: اها ته اوهان جي سياسي زندگي ٿي، منهنجو سوال سماجي ڪارڪن
ٿيڻ بابت هو؟
جواب: ها هاڻي مان توهان کي ٻڌايان ٿي ته مان سماجي ڪارڪن ڪيئن
ٿيس. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر ٿيڻ شرط مون کي اهو
احساس ٿيو ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي. پوءِ مون
مٺي، ڇاڇرو، عمرڪوٽ ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪيو. ۽ اتي
موجود ڍير مسئلا ڏسي منهنجون اکيون کلي ويون ۽
سوچيم ته ڇو نه سماجي ڪارڪن ٿي ، قوم ۽ ملڪ جي
خدمت ڪريان.۽ ائين مون سماجي ڀلائي جي ڪمن جي
شروعات پنهنجي ڳوٺ کان ڪئي.ڳوٺ راول پهوڙ ۾ ڇوڪرن
۽ ڇوڪرين جو اسڪول ، ڇوڪرين لاءِ دستڪاري اسڪول،
اسڪول جو فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي جي ٽانڪي ۽ هڪ
ننڍڙي اسپتال پنهنجي خرچ تي قائم ڪيا. ان بعد ڀٽي
ڳوٺ ۾ هڪ سرڪاري عمارت ۾ ٻارن لاءِ عليز پرائمري
اسڪول معمولي فيءَ سان کوليو، جنهن مان صرف
پٽيوالي جو پگھار نڪرندو هو. اهو اسڪول اڃا تائين
منهنجي نگرانيءَ هيٺ هلي رهيو آهي.
سوال: عليز اسڪول رجسٽرڊ ڪرايل آهي؟
جواب: ها، عليز اسڪول منهنجو رجسٽرڊ ڪرايل آهي. مون ڊسٽرڪٽ
ڪائونسل جي هڪ اجلاس ۾ باقاعده اعلان ڪيو هو ته
جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي رجسٽريءَ تي عوام جي ڀلائي
لاءِ اسڪول کولڻ چاهي ته مان ان کي خوشيءَ سان
اجازت ڏينديس. هن وقت عليز جي نالي سان ٽن بنگلن ۾
پرائمري، مڊل ۽ هائر سيڪنڊر اسڪول منهنجي نگرانيءَ
۾ هلي رهيا آهن.”عليز“ نالو مون حضرت علي سائينءَ
جن جي عظمت جي پيش نظر چونڊيو.
سوال: هن وقت ڪيترن سماجي ادارن ۽ ٻين تنظيمن سان وابسته آهيو؟
ج: هن وقت مان هيٺين سماجي ادارن سان وابسته آهيا.
آنرري ٽيچر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سنڌ.
ٽريزرار ريڊ ڪريسنٽ.
پريزيڊنٽ
HKA
سينٽر.
چئرمين وومين ڪاميٽي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل.
چئرمين وومين ڪاميٽي ”چاليهون سڌار سنگت“.
ميمبر حيدرآباد ايڊيوڪيشن ڪميٽي.
ميمبر اپوا.
ميمبر سوشل ويلفيئر ورڪنگ ڪميٽي حيدرآباد.
ميمبر گڊ هوپ لائن ڪلب.
ميمبر ويلفيئر سوشيو اڪانامڪس سينٽر.
پئٽرن ميگزين ”ميرا پاڪستان“.
پئٽرن تنظيم اتحاد پاڪستان.
چيئرمين موتمر عالم اسلامي وومن ڪميٽي ڊسٽرڪٽ حيدرآباد.
ميمبر مئنيجنگ ڪميٽي پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي.
ميمبر سوشل ويلفيئر گورنمينٽ آف سنڌ.
ميمبر روٽري ڪلب.
ميمبر گورنر رليف ڪميٽي.
باني پرنسپل عليز انگلش هاءِ اسڪول حيدرآباد.
آنرري سيڪريٽري ڪائونسل رجسٽرڊ ايڊيوڪيشن سوسائٽي سنڌ.
چيئرمن سوشل ويلفيئر ڪميٽي ريڊ ڪريسنٽ.
پئٽرن همدم تنظيم آف پاڪستان.
ميمبر اسپيشل فرينڊس آف اسپيشل چلڊرينس
ڊسٽرڪٽ پريذيڊنٽ آل پاڪستان يوٿ.
ميمبر هلال احمر ضلع حيدرآباد.
سوال: ڇا انهن جي پروگرامن، ميٽنگن ۾ ويندا آهيو؟
جواب: زياده تر سڀني جي ميٽنگن ۾ ويندي آهيان. پر سڀني کان وڌيڪ
هلال احمر کان متاثر آهيان، ان ڪري جو هيءَ ورلڊ
ليول تي آهي ۽ ڏکويل انسانن جي خدمت چڱي طرح ڪري
رهي آهي.
سوال: توهان پنهنجي ڪا تنظيم ٺاهي آهي جنهن جي پليٽ فارم تان ڪم
تان ڪري سگھون؟
ج: ها مون ”حيدرآباد وومين ويلفيئر ائسوسيئيشن“ (حيدرآباد ۾
عورتن جي سماجي ڀلائيءَ جي ائسوسيئيشن) جي نالي
سان تنظيم ٺاهي آهي. جنهن جي مان باني ۽ چيئرمن
آهيان ۽ حيدرآباد کان علاوه سڄي سنڌ ۾ ان جون
شاخون قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ آهيان. مون اڄ ڏينهن
تائين ٻين جي تنظيمن ۽ ادارن سان ڪم ڪيو آهي. پر
هاڻي پنهنجي پليٽ فارم تان ڀلائيءَ جا ڪم ڪنديس.
تمام جلد ان جو افتتاح حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪرائڻ
واري آهيان. ائين کڻي سمجھو ته سوشل ورڪ ۽ مان
لازم ۽ ملزوم آهيو.
سوال: خدمتن جو ڪو سلو مليو؟
جواب: غريب نادارن مسڪينن جي خدمتن جو حقيقي سلو ته رب پاڪ جي
طرفان ملندو. باقي سماجي خدمتن تي ”بهترين سماجي
شخصيت“ طور سلور ميڊل، شيلڊ، ڪپ ۽ سند وغيره مختلف
سماجي تنظيمن پاران مليا آهن.
سوال: عورتن لاءِ ڪو پيغام؟
ج: اهو ته ضروري آهي. منهنجي عورتن کي (والدين کي) ادب سان
گذارش آهي ته هو پنهنجين نياڻين کي تعليم جي اعليٰ
زيور سان آراسته ڪن، ڏکويل انسانن جي خدمت ڪرڻ جو
سبق پڙهائين ۽ سٺين سماجي ڀلائيءَ جي تنظيمن ۾ حصو
وٺڻ جي ترغيب ڏين. ائين اسين دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو
ٿي سگهنداسين.
سوال : ڪو نه وسرندڙ واقعو؟
ج: اهڙا ڪيئي هزارين واقعا آهن جيڪي لکجن ته وڏا ڪتاب لکجي وڃن. |