”فقير“ شهمير خان چانڊيو
لال ڪنوار
مريضن جي رش هئڻ ڪري اڄ گھڻي دير ٿي چڪي هئي سانوڻيءَ جي موسم
وسڻ جا ويس ڪري آئي هئي آسمان تي ڪڪر ڪارو نڀار
ڪري آيا هئا. ڪمپاؤنڊر پڻ وڃي چڪو هو، رکي رکي
بادلن جي گجگوڙ سان گڏ کنوڻ چمڪا ڪري رهي هئي.جنهن
جي روشنيءَ ۾ ڳوٺ جو منظر هڪ ڀيانڪ روپ ۾ ڏيکائي
ڏيئي رهيو هو. دل ۾ عجيب وسوسا پيدا ٿي رهيا هئا ۽
اڻڄاتل خوف ذهن تي سوار ٿيندو پئي ويو. ڪنهن ڪنهن
مهل ڳوٺ جي رولو ڪتن جا آواز، اونائيءَ جي صورت ۾
ماحول کي وڌيڪ خوفائتو بنائي رهيا هئا.
زندگيءَ ۾ اڄ پهريون ڀيرو خوف سان گڏو گڏ اهو به احساس ٿيڻ لڳو
هئم ، ته شهري زندگيءَ جون رونقون ڇڏي، ڳوٺ ۾
ڪلينڪ کولي، هڪ وڏي غلطي ڪئي هئم. بديءَ جو ضمير،
نيڪيءَ تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل هو، پر حساس
طبعيت هئڻ سبب، مون بديءَ جي ضمير کي اندر ئي اندر
گھٽي مات ڪري ڇڏيو. حساس هئڻ سبب، انسيت جي ضد
انسانيت کي اجاگر ڪري ڇڏيو. ايمرجنسي وارڊ جي
انچارج هئڻ جي حيثيت ۾ ۽ هڪ مقدس پيشي سان منسلڪ
هئڻ جي ناتي، مون کي انهن بيوس ۽ لاچار ۽ خاص طور
تي مسڪين مريضن جو احساس ٿيندو هو،جيڪي پٺن
اگھاڙا، سردي توڙي گرميءَ ۾ ڌرتيءَ جي ڪشادي
ڇاتيءَ ۾ پنهنجي پگھر سان گڏ، کهرن ۽ فولادي هٿن
سان هر هلائي، ٻج ڇٽي، آڌي- مانجھي پاڻيءَ جي وارن
تي مامور ٿي، خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پنهنجو مان
سمجھندا هئا ۽ پوءِ جيڪي پاڻيءَ جو وارو ورائيندي،
رات جي اونداه ۾ زهريلين بلائن جي ڏنگن سبب ڪکجي،
پوندا هئا يا ڪن مختلف بيمارين ۾ مبتالا ٿي ڳوٺ
جھڙي سڃي ماحول ۾ ترت علاج نه ملڻ سبب مون تائين
پهچندي پهچندي ڳوٺ جي ناهموار رستن کي پار ڪندي،
بس اسٽاپ تي ئي هن فريبي دنيا کي ڇڏي، موت جي آغوش
۾ ابدي ننڊ سمهي پوندا هئا. انهن دکي انسانن جي
مڙني مجبورين کي ذهن ۾ رکندي، مون ڳوٺ ”معروف
ڀنڀري“ ۾، علاج جي هر قسم سان ليس هڪ چڱي موچاري
جديد ڊسپينسري کولي هئي- هڪ ٻانهن ٻيلي الهداد،
جيڪو ان ڳوٺ جو هڪ باشعور نوجوان هو ۽ جنهن مئٽرڪ
تائين تعليم پڻ حاصل ڪئي هئي، تنهن کي ڪمپاؤنڊري
جي فن سان آراسته ڪري رکيو هئم، جيڪو منهنجو هڪ
سٺو معاون ثابت ٿيو هو. ڊسپينسريءَ جي ديوارن تي
شاه جي بيتن جون ڪجھ تصويرون، جيڪي گل محمد کتريءَ
جي فن جي عڪاسي ڪري رهيون هيون، آويزان ڪري ڇڏيون
هئم. ڳوٺ جا ساده لوح ڳوٺاڻا، منهنجي نفسياتي علاج
سان گڏوگڏ منهنجي سهڻي اخلاق سان پيش اچڻ تي ڏاڍا
متاثر ٿيل هئا. ان سبب جمعو ۽ خميسو پاڻي ڀرڻ ۽
ٻهاري- سهاري ڏيڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. ڪنهن ڪنهن
وقت ڪي اهڙا به ڪيس ايندا هئا ، جو مون کي مريضن
جي گھر به وڃڻو پوندو هو ۽ هڪ حياتي بچائڻ لاءِ ان
مريض جي گھر جي ڀاتين جي حسرت ڀريل نگاهن جو
احترام ڪرڻو پوندو هئم. منهنجي نفسياتي علاج جو
طريقو، مريض کي مڪمل طور صحتياب ڪري ڇڏيندو هو.
اڪثر مريضن جون مائرون، پوتين جا پلاند، هٿن ۾
جھلي مون کي دعائون ڪنديون هيون ۽ منهنجي دل اهڙو
جذبو ڏسي، خوشيءَ ۾ سرشار ٿي ويندي هئي ۽ مون کي
ائين لڳندو هو، ڄڻ منهنجو هيءُ مقصد پيشو، خلق ۽
مخلوق درميان ويڇا ختم ڪندڙ آهي، جيئن ڪو بندو،
جڏهن به ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي پنهنجي خالق کي
ٻاڏائيندو هجي ۽ پوءِ رب راضي ٿي، ان بندي کي معاف
ڪري ڇڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح مان به مسيحا بنجي،
صدقِ دل سان مريضن جو علاج ڪندو هوس.
کٻيءَ ٻانهن کي جھٽڪو ڏيئي، واچ ۾ ٽائيم ڏٺم. بس اچڻ ۾ اڃا منو
ڪلاڪ هو. بس تائين پهچڻ ۾ مون کي اڌ ڪلاڪ جو پيچرو
طئه ڪرڻو هو پر هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي هئي. آءُ اڃا
ٻڏتر ۾ ئي هئس، ته هڪ دفعو وري کنوڻ چمڪاٽ ڪيو.
کنوڻ جي چمڪاٽ ۾ مون کي پريان ايندڙ به همراه نظر
آيا، جيڪي ڪلينڪ ڏانهن اچي رهيا هئا. ”خدا خير
ڪري!“ مون دل ۾ چيو.
”ڊاڪٽر صاحب اسان جي گھر ۾ ويم ٿيڻ وارو آهي، پري کان ڪهي آيا
آهيون، اوهان جو نالو ٻڌي! پڪ ته نه هئي اوهان
ملندا، پر ڀاڳ ڀلا هئا، جو اسان جو پنڌ سجايو ٿيو“
ٻنهي همراهن مان هڪ اندر داخل ٿيندي، يڪ ساهيءَ
چيو.
”پر بابا، مان ڇا ٿو ڪري سگھان!؟“ هيءَ ڪيس ته داين جا هوندا
آهن“ مون کين مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو.
”سائين اسان کي دائيءَ ئي ته موڪليو آهي. ان جو چوڻ آهي ته
جيسين ڪو ڊاڪٽر، سورن کائڻ جي سئي نه هڻندو،
پهرياتڻ جو ويم ڏکيو ٿيندو!“ پهرين همراه ٻيهر
چيو. هاڻي ته گھر وڃڻ جو سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو.
ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، مون انهن همراهن سان هلڻ جو
راضپو ڏيکاريو، جيتوڻيڪ دماغ تي ڪافي بوج محسوس
ڪري رهيو هئس. پنڌ کٽڻ جي ئي نه پيو ڪري! پيچرا
ڏاڍا اڻانگا هئا، ڪنهن ڪنهن مهل ته ديوين جي جھڳٽن
۾ قميص جو پلو به اٽڪي ٿي پيو. شايد مون زندگيءَ ۾
ايترو پنڌ نه ڪيو هو. آخر خدا خدا ڪري همراهن پنڌ
کي کٽايو هو ٻئي همراه مون کي هڪ چڱي خاصي جاءِ ۾
اندر وٺي آيا. ڪمري ۾ ان حامله عورت جون رڙيون ،
منهنجي اندر ۾ هڪ عجيب احساس ڏياري رهيون هيون.
گھر جا سڀئي ڀاتي جن ۾ سڀ عورتون هيون، هڪ کٽ تي
ليٽيل غير معمولي حسن جي ڌنياڻيءَ جي سيراندي-
پيراندي بيٺل هيون. هڪ اڌڙوٽ عمر جي زائفان، جيڪا
دائي پئي لڳي رت سان ڀريل هٿ، پنهنجي ميريءَ
گنديءَ سان اگھي رهي هئي. هو ٻئي همراه کٽ ٿي
ليٽيل نوجوان عورت ڏانهن اِشارو ڪري، ٻاهر نڪري
ويا ، مون پاڻ سان گڏ آندل فرسٽ ايڊ باڪس مان سرنج
ڪڍي. سئي ڀري ان حامله عورت جي دڏ ۾ هنئي ۽ ٿوري
دير انتظار ڪرڻ خاطر ٻاهر نڪري ويس. ڪا مهل ٿي ته
”اوئان – اوئان“ ڪن تي پيم. مون خدا جو شڪر ادا
ڪيو. ٻئي همراه جن مان هڪ ان عورت جو مڙس ٿي لڳو،
ٿورائتين نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳا ۽ مون کي سؤ جو
نوٽ هٿ ۾ ڏئي، هٿ ٻڌي ، بيگاھ وقت، تڪليف ڏيڻ جي
معافي وٺڻ لڳا.
بهرحال مان کانئن موڪلائي، وري بنڌ کٽائن لاءِ ٻاهر نڪري آيس.
همراهن ڪافي زور ڀريو ته هو مون کي پنهنجي مهاڳ
پهچائي اچن. پر مون انهن کي ائين چئي، ”توهان جي
هاڻي گھروارن کي سخت ضرورت آهي“ موٽائي ڇڏيو.
ٻاهر مينهن جون سنهيون سنهيون ڪڻيون پوڻ شروع ٿي چڪيون هيون.
مٿي آسمان تي نظر ڪيم ته ڪڪرن جي پيشقدمي زور شور
سان جاري هئي چنڊ جي چاڊوڪيءَ کي پنهنجي اڪثريت جي
زور تي زمين جي سطح کي روشن رکڻ کان هٽائي رهيا
هئا. مان ان خدشي جي پيش نظر تڪڙيون تڪڙيون
ٻرانگھون ڀرڻ لڳس ته متان وڏ ڦڙو نه وسي پوي. پاڻ
سان گڏ آندل ٽارچ روشن ڪري ،اوندھ جو سينو چيريندو
اڳتي وڌندو ويس. ڏينهن جي ٻي ڳالهه آهي، رات جو
وڳڙو، نهايت ڏکيو پئي لڳو. همراهن سان اچڻ مهل
بوريت ڪانه پئي ٿي، پر چوندا آهن، ته ڦاسڻ ته ڦٿڪڻ
ڪهڙو!.
اوچتو پريان ٽارچ جي روشنيءَ ۾ هڪ جھڳٽي ۾ جيڪو شايد کٻڙ جو هو،
چر پر ٿيندي ڌٺم، دهلجي بيهي ويس. منهنجي بيهڻ سان
چر پر بند ٿي وئي هئي.همت ڪري مان ان جھڳٽي طرف
وڌڻ لڳس چئني پاسن موت جھڙو سناٽو ڇانيو پيو هو.
ذهن ۾ ڪنهن بد روح جو تصور ڇانئجڻ لڳو. ويجھو
پهچندي ئي ٻيهر جھڳٽي ۾ چر پر ٿيڻ لڳي محسوس ڪيم
ته شايد ڪو اندر ماڻهو، پنهنجي وجود کي لڪائڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو آهي.
مون کيس هڪل ڪئي :
”ڪهڙو آهين!“ پر جواب نه آيو . آخر ان اسرار تان پردو هٽائڻ
لاءِ دل ٻڌي، جھڳٽي اندر ڪاهي پيس. تجسس ايڏو وڌي
ويو هو جو سهڻيءَ وانگر اها خبر ڪانه هئي ته گھڙو
ڪچو آهي يا پڪو“
زبان گنگ ٿي ويم . حيرت مان اکيون ڦاڙي ، ٽارچ جي روشنيءَ ۾ ان
مونن ۾ منهن لڪائڻ واري دوشيزه کي ڏسي رهيو هئس.
جنهن جي جسم تي نهايت سهڻو لباس پيل هو. پهرين ته
هن سنسان ويراني ۾ ههڙي حسين دوشيزه ڏسي ، ڏائڻ جو
تصور ذهن ۾ اڀري آيم، پر پوءِ دل ٻڌي مون هٿ وڌائي
، سندس جھڪيل ڪنڌ مٿي کنيو. مرگھ جھڙيون ڪجليون
اکيون جن ۾ خوف جو تاثر نمايان نظر اچي رهيو هو،
پر مون کي گھورڻ لڳيون، چپ ٿڙڪي رهيا هئس، شايد هن
ڳالهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر ڳالهائي نه پئي سگھي.
هن جي حسن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. ڪجھ دير ته
مان به هن کي گھوريندو رهيوهئس پر هن معمي کي حل
ڪرڻ لاءِ مون کيس دلاسا ڏيڻ شروع ڪيا، ته هن کي
ڪجھ ڏڍ ٿيو۽ دل جي ڳالهه زبان تي آندائين. ۽
هذياني انداز سان پر دٻيل آواز ۾ چوڻ لڳي: ”مون کي
پاڻ گڏ وٺي هلو، هو مون کي ماري ڇڏيندا. منهنجو
سوٽ سسيءِ جي ڏيرن وانگر، مون کي هتي هيڪلو ڇڏي
هليو ويو آهي. منهنجي ڀائرن کي منهنجي سوٽ سان ڀڄڻ
جي خبر پئجي وئي آهي، جيڪي منهنجي ڪڍ آهن. خدا
واسطي مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلو، هو مون کي ماري
ڇڏيندا.!!“
هوءَ چوندي رهي ۽ مان پٿر جي بت جيان ساڪت کيس ٻڌندو رهيس.
منهنجي جواب نه ڏيڻ تي هوءَ دٻيل سڏڪا ڀري روئڻ
لڳي.
منهنجي اندر جي عجيب ڪيفيت هئي. کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ ڳوٺاڻن
سان دشمنيءَ جي برابر هو. آخر مون کيس صبح تائين
اتي ترسڻ جو چئي، وري عجيب و غريب خيال ذهن ۾
سميٽي، پنهنجي ماڳ ڏانهن روانو ٿي ويس رات ڪافي
گذري چڪي هئي، وقت جو ڪو احساس نه رهيم، ته ڪيڏي
مهل ڊسپينسريءَ ۾ وارد ٿيو آهيان ۽ مريضن لاءِ
ٺهيل بيڊ جي جھوليءَ ۾ هليو ويو آهيان!
رات جو دير سان سمهڻ ڪري، اک دير سان کلي هئي راتوڪو واقعو ذهن
مان نڪري ويم، ڊيوٽيءَ تي دير ٿي وئي هئم. جيئن
تيئن ڪري اچي بس اسٽاپ تي پهتس. پهرين بس نڪري چڪي
هئي اڃا ٻه ٽي منٽ بيٺي مس ٿيا هئا ته پري کان ٻي
بس ايندي ڏٺم. الله جي آس ڪري بس تي چڙهي پيس. بس
بنا پرن جي اڏامندي، آڻي اسپتال جي گيٽ وٽ ڇڏيو.
گيٽ عبور ڪندي، ايمرجنسي وارڊ سامهون هڪ کٽ جي
چوڌاري منهن تي پوتيءَ پلو رکي ڪجھ عورتون پار ڪڍي
رهيون هيون. مون کي ان منظر ڏڪائي ڇڏيو ۽ لاشعوري
طور قدم ان طرف وڌڻ لڳا. کٽ جي ويجھو پهچي ، لاش
مٿان پيل چادر هٽائي ڇڏيم. چادر هٿ مان ڇڏائجي وئي
کٽ تي پيل لاش ، لاش نه هو بلڪل اها سڳي رات واري
دوشيزه هئي، جيڪا هن وقت لال لهوءَ ۾ لال ڪنوار
لڳي رهي هئي ۽ ڄڻ مون کي چئي رهي هجي: ”مون کي پاڻ
سان گڏ وٺي هلو، هو مون کي ماري ڇڏيندا!!!“ |