مصنف: ڊاڪٽر نور محمد جويو قسط نمبر 4
مترجم: عطا محمد عطائي
آتم ڪهاڻي
(22 نومبر 1986 تي سيشن ڪورٽ نمبر 5 ڪراچي جي جج جناب عبدلعزيز
ميمڻ صاحب قلم 302 جي ڪيس مان بفضل خدا مون کي با
عزت آزاد ڪري ڇڏيو. در حقيقت مان ان مقدمي ۾ بلڪل
بي قصور هئس مون سان جيڪو واقعو ٿيو آهي اهوهڪ
عجيب قسم جو آهي ۽ مان خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي هي
داستان بيان ڪري رهيو آهيان مون سان جيڪو ظلم ٿيو
آهي. اهو شل ڪنهن سان نه ٿي هن کان اڳ جو مان اهو
واقعو ۽ داستانِ ظلم بيان ڪريان، ضروري ٿو سمجھا
ته پڙهندڙن کي پنهنجي متعلق ٿوري ڄاڻ ڏيان ان بعد
هن داستان کي شروع ڪندس. مان پيشي جي لحاظ کان
حڪيم ۽ ڊينٽسٽ آهيان، (موجوده وقت نه) ان وقت
ماچيس فيڪٽري لانڍي ڪراچي نمبر 22 ۾ عرصي 20 سالن
کان مقيم هئيس. منهنجو اصل ڳوٺ ضلعو لاڙڪاڻو تعلقي
قمبر علي خان ۾ آهي. ذات جي لحاظ کان جويو خاندان
سان تعلق اٿم. جيڪو حيرت انگيز واقعو مون سان پيش
آيو آهي، تنهن جو تفصيل هن طرح آهي)
جيڪا هنن جي نظر کان بچندي، ديوار جي ڪناري سان مون طرف وڌڻ
لڳي. جڏهن هوءَ منهنجي دروازي جي ويجھو پهتي ته
مون کي اتي ديوارن وٽ هڪ سهڻي گلن جي ڪونڊي پڻ نظر
اچڻ لڳي جنهن جهڙي عمدي ڪونڊي مون ڪڏهن زندگيءَ ۾
نه ڏٺي هئي. پوءِ اها عورت اُن گلن جي ڪونڊيءَ جي
پاڇي ۾ لڪي ويهي رهي. ۽ مون طرف ڏسي مسڪرائڻ لڳي ۽
چپن تي آڱريون رکي مون کي خاموش رهڻ جو اِشارو
ڏنو، جنهن جو مطلب جو مان چپ رهان، متان سپاهين کي
نه کڙڪ پئجي وڃي. پوءِ آهستي ڀڻ ڀڻ ڪري چوڻ لڳي ته
هاڻي مان تو سان گڏ رهندس. مون خوف مان دٻيل آواز
۾ کيس چيو ته خدا جي نالي هتان هلي وڃ. متان
سپاهين کي نه خبر پئجي وڃي ، جنهن تي هن
مسڪرائيندي چيو ته مان هرگز وڃڻ واري ناهيان. مان
تو سان گڏ رهڻ آئي آهيان. منهنجي ان عورت کي ڏسي
عجيب حالت بڻيل هئي، ويتر هن جي جواب مون کي سخت
ڊيڄاري ڇڏيو. خيال آيو ته متان اها رن ڪا جاسوس نه
هجي. جيئن ٻين قيدين کي ڪٽيو پئي ويو، تيئن مون کي
به نه ڪنهن ڄار ۾ ڦاسائي ڪو ڪٽڪو نه ڏياري. تنهن
تي مون نماڻي صورت بڻائي، کيس ٻاڏايو ته مائي
صاحبه، هتان هلي وڃ ۽ هن کي دڙڪو پڻ ڏنم ته جي تون
نٿي وڃين ته مان سپاهين کي سڏي توکي پڪڙائيندس.
اهو چئي بس ڪيم ته ڇا ٿو ڏسان ته اها عورت آهي ئي
ڪو نه. الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي! ٻه سپاهي مون
ڏانهن وڌي رهيا هئا ۽ ويجھو اچي مون کي چوڻ لڳا ته
اسان کي شڪ پيو آهي ته هڪ عورت تنهنجي طرف آئي
آهي. اهو ٻڌاءِ ته اها عورت ڪير آهي؟ مون کين
ڊڄندي سچ ٻڌايو ته برابر هڪ عورت هتي آئي هئي ۽
جڏهن مون کيس ڌمڪي ڏئي کيس وڃڻ لاءِ چيو ته هوءَ
الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي. وڌيڪ مون کي ڪو پتو
ڪونهي ته هوءَ ڪٿي آهي. پوءِ انهن مان هڪ سپاهيءَ
گرجدار آواز ۾ چيو ته تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. تو ان
عورت کي ضرور ڪٿي لڪايو آهي.هنن ڌمڪي ڏئي چيو ته
بئرڪ جو دروازو کول. مون کين ٻڌايو ته تالو ٻاهران
لڳل آهي، چاٻي مون وٽ ڪانهي. مان پاڻ مجبور لاچار
قيدي آهيان. هن تالي جي چاٻي چڪر جيل جي حوالدار
وٽ آهي. پوءِ هڪ سپاهيءَ ٻي سپاهيءَ کي چيو ته ڇڏ
يار ڊاڪٽر هڪ شريف ماڻهو آهي. رات جي وقت هن کي
ستائڻ ٺيڪ نه آهي. پوءِ ان سپاهيءَ چيو ته ڊاڪٽر
صاحب صبح جو صاحب وٽ پهچي وڃجان. پوءِ هو سپاهي
جلدي هلندي منهنجي اکين کان اوجھل ٿي ويا. ٿوري
دير کان پوءِ مون کي منهنجن دشمنن زال مڙس جو آواز
ٻڌڻ ۾ آيو. جيڪي چئي رهيا هئا ته ڊاڪٽر ڏٺئه
تماشو. اهي سڀئي سپاهي اسان جا نوڪر ۽ اسان جي حڪم
هيٺ آهن، صبح ٿيندي ئي انهن جي هٿان تو کي ختم
ڪرائي ڇڏينداسون. جنهن جو مون کي کين صرف هيءُ
جواب ڏنو ته منهنجو مالڪ منهنجي حفاظت ڪندو. صبح
ٿيڻ ۾ باقي ٿورو وقت هو، جو صبح جي آذان جو آواز
ٻڌڻ ۾ آيو. ايتري ۾ ٻيا قيدي پڻ اٿڻ لڳا. آءُ به
اٿي وضو ڪري ، جماعت سان نماز پڙهڻ لڳس ۽ رات واري
گذريل واقعي بابت نماز کان پوءِ هڪ قيدي کان پڇيو
ته رات جو جيڪو بم جو ڌماڪو ۽ جن قيدين کي مارون
مليون ، ان جي حقيقت ڇاهي؟ ان قيدي کلندي چيو ته
ڊاڪٽر صاحب اهڙي ڪا به واردات ڪانه ٿي آهي؛ لڳي ٿو
ته اوهان ڪو خواب ڏٺو آهي. اهڙي طرح مون ٻن ٽن ٻين
قيدين کان ساڳي ڳالھ پڇي جن پڻ اهڙو ئي جواب
ڏنو.مون سوچيو ته اهو سڄو ڪارنامو انهن جو آهي ۽
مان پوءِ خاموش ٿي ويس. ان بعد اهي ظالم هر ڪنهن
رات ڪو نه ڪو خوفناڪ تصور مون کي ڏيکاريندا هئا.
جنهن جو بيان اڳتي ڪندس. تصور نمبر 3 هاڻي هي ٽين رات جو ذڪر
آهي جيئن ته سينٽرل جيل جو دروازو چئين بجي ئي بند
ٿي ويندو آهي، ۽ حوالدار قيدي ڳڻي تالو هڻي هليو
ويندو آهي. ان بعد بئرڪ جو منشي قيدين ۾ ڀتو تقسيم
ڪندو آهي.اهو شام جو وقت هو منشي محمد يعقوب سڀني
قيدين ۾ ٻه ٻه مانيون ورهائڻ لڳو. مون کي به ٻه
مانيون مليون جيڪي مون رکي ڇڏيون ڇو ته رات واري
واقعي منهنجي دل تي گهرو اثر وڌو هو، تنهن ڪري
ماني کائڻ تي دل نٿي ٿيم. رات جي نماز کان پوءِ
قيدين ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو. اڪثر هو ڪڏهن ڪنهن رات
اهو شغل ڪندا هئا. مون به دل کي وندرائڻ خاطر رڙهي
وڃي سندن پاسو ورتو. مان به فنڪار قسم هو ماڻهو
هئس. سو مون به دٻو ٿالهي وڄائڻ ۾ هنن جو ساٿ ڏنو.
سڀ ڪنهن مصيبت جي ماريل قيدي خوب ڳائي وڄائي دل
وندرائي آخر تقريبن ٻارهين بجي سڀڪو پنهنجن بسترن
۾ وڃي ڪريو.مان وڌي پنهنجي بستري تي پهتس دل چيو
هاڻي ماني کاءُ، بک به ڏاڌي لڳي هئم سو رکيل ماني
ڪڍي جيئن هٿ سان هڪ گرھ کنيم ته هڪ عجيب پوڙهي
مائيءَ جو ڏڪندڙ آواز آيو ته ” متان ماني کاڌي
اٿئي منهنجا پٽڙا!“ مان تعجب ۾ آواز طرف نهارڻ لڳس
وري به ساڳي آواز مون کي سخت لفظن ۾ تنبيھ ڪئي، ته
منهنجي ظالم پوڙهي جادوءَ وسيلي انهيءَ مانيءَ کي
زهريلو ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجو گرھ کائڻ هوڏانهن
تنهنجو ڦٿڪڻ. مون آواز جي طرف منهن ڪري چيو ته هل
ڙي مڪار رن. مان سڀ قصو سمجھي ويو آهيان ته تون
ڪير ۽ ڇا آهين تون چاهين ٿي ته ڊاڪٽر ڊڄي ماني نه
کائي ۽ بک وگھي مري. فوري طور تي جواب آيو ته ابا
ڌڻيءَ جو قسم مان سچ ٿي چوان جي اعتبار نٿو اچئي
ته تنهنجي مرضي ڀلي ماني کائي مر. سچي ڳالهه تو کي
رحم ڪري ٻڌائي ڇڏيم.
هاڻي تون ڄاڻ تنهنجو ڪم. ايتري ۾هڪدم پوڙهي مرد جو آواز آيو ٻچا
رن ڪوڙي اٿئي پر حقيقت هيءَ آهي ته واقعي مون کي
تو سان همدردي آهي. تنهن ڪري مون ان مانيءَ تي
پنهنجي علم وسيلي منتر پڙهيو آهي ته جيئن تون اها
ماني کائي هميشه زنده رهين نه ڪو تون مرين. هاڻي
هن پوڙهيءَ هڪ زوردار ٽهڪ ڏئي چيو : اي مڪار پوڙها
خبيث هاڻي تون منهنجي پٽ کي ختم نٿو ڪري سگھين.
منهنجو پٽ تنهنجي ان ڪوڙيءَ ٻٽاڪ تي لڳي هرگز ماني
نه کائيندو ۽ نه ئي تنهنجي ڪنهن چال ۾ ايندو. تون
هن کي هرگز دوکو ڏئي نٿو سگھين. مان پاڻ هاڻي
پنهنجي ٻچي کي ماني کارائيندس پوءِ مون کي هنديءَ
زبان ۾ جنتر منتر جھڙا لفظ ٻڌڻ ۾ آيا. جيڪي پوڙهي
جاپ ڪري رهي هئي. پوءِ چوڻ لڳي ، منهنجا گهوٽ پٽ،
هاڻي مون پنهنجي علم سان توڙ ڪري مانيءَ مان زهر
ڪڍي ڇڏيو آهي. هاڻي بي اوني، بي کٽڪي مزا ڪري
کاءُ توکي ڪجهه نه ٿيندو. پوءِ رن پوڙهي کي پٽون
پاراتا ڏئي چوڻ لڳي، الله ڪري پوڙهو خبيث مري. هن
جو جنازو نڪري. جيئن هو منهنجي ٻچڙي کي نقصان
رسائي نه سگهي. جواب ۾ پوڙهي رعبدار آورز ۾
پوڙهيءَ کي چيو ته او مڪار رن خدا تنهنجو ڪارو
منهن ڪري ڪهڙي به مڪر سان منهنجي ٻچي کي تون ماري
نٿي سگهين. هاڻي اگر هي ڇوڪرو ماني کائيندو ته پڪ
مرندو ڇو ته مون جيڪو منتر پڙهيون هو سو هنجي
زندگيءَ کي برقرار رکڻ جو هو پر تو اُلٽي ڳالهه
ڪري ان مانيءَ تي مارڻ وارو منتر پڙهي کيس مارڻ ٿي
چاهين. پوءِ پوڙهو بڙ بڙ ڪري هندي زبان ۾ منتر
پڙهڻ لڳو، ابا بي کٽڪي هاڻي ماني کاءُ ڪو فڪر نه
ڪر مون زهريلي منتر جو اثر زائل ڪري ڇڏيو آهي.
انشاءَالله توکي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچندو.
فوري طور تي ان پوڙهيءَ عورت دانهن ڪري مونکي چيو
ته او پٽ توکي خدا جو قسم آهي متان پوڙهي جي چوڻ ۾
آيو آهين. ماني کائيندين ته مرندين. توکي رب جو
قسم آهي فوري طور ماني ۽ ٻوڙ اُڇلائي ڇڏ. کائيندين
ته مرندين نه کائيندين بچندين.
مان پوڙهي ۽ پوڙهيءَ جي خوفناڪ مڪالمن سبب سخت پريشان ٿي ويس ۽
مون ڊپ ۾ ماني ٻوڙ اُڇلائي ڇڏيو ۽ بکيو ئي بکيو
خوف وچان بستري تي ويهي رهيس. اوچتو ئي اوچتو
پوڙهي
پوڙهيءَ پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ هڪ ٻئي تي منتر پڙهڻ شروع
ڪيا. پوڙهو چئي، هي منهنجو پٽ آهي پوڙهي چئي هي
منهنجو پٽ آهي. آخر هن لڙائيءَ ۾ پوڙهيءَ کٽي ورتو
۽ پوڙهو رڙيون ڪندي ائين معلوم ٿيو، ته جيئن هو
ٻري ويندو هجي اهڙيءَ طرح هن جو آواز جھيڻو ٿيندو
ويو. ڄڻ هن جو آواز سوين ميل پري ايندو هجي. پوءِ
اهو به ختم ٿي ويو.
جودت قدرت
مراد مرزا
ويلو
جنوريءَ جو مهينو ڏٺو، ته هوا جو رنگ به ڦري ويو. سرمائيءَ رنگ
جي آسمان هيٺ دنيا وڌيڪ بيرحم ۽ خوشيءَ کان خالي
پئي لڳي. رستا گھٽيون ۽ خاص ڪري ننڍيون گھٽيون
بلڪل خالي ۽ سڃيون هيون. آرهڙ ۾ هر هڪ گھٽيءَ جا
ٻارڙا ٿڌين جاين جھڙوڪ مسيت جي آڳنڌ، بڙ جي هيٺان
۽ چشمن وٽ اچي ڪٺا ٿيندا هئا، هينئر ته اهي هنڌ به
سڃا ٿي ويا هئا؛ اتي ڪو به ڪون هو. البت چشمي وٽ
ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو ٿي؛ ڪون ڪو چشمي تي
آيو ٿي ۽ پاڻي ڀري گھر ڏانهن هليو ٿي ويو.
انهيءَ ڏينهن ٻنپهرن ڌاري هڪ ڇوڪرو پاڻي ڀرڻ لاءِ چشمي ڏانهن
ويو، پر جلد ئي واپس ڀڄندو آيو. هو سهڪيو پئي ۽
گھٽيءَ ۾ پهرين جيڪو ماڻهو منهن ۾ مليس تنهن کي
سهڪندي سهڪندي چوڻ لڳو ته:
”درسن آغا مري ويو.“
ڳوٺ ۾ درسن آغا کي ڪير نه سڃاڻيندو هو! هن جي عمر پنجاھ ورهيه
کن هئي؛ پر جسم ۾ اڃا جانٺو هو ۽ منهن تي گول ۽
ڪاري سونهاري هئس. درسن آغا پخالي هو ۽ ان
مزدوريءَ مان جيڪو ملندو هئس تنهن مان ڇڪي تاڻي
پاڻ سميت زال ۽ ٻن ٻارن جو پيٽ پاليندو هو. جيڪي
ٻن ڪمرن واري هڪ ننڍڙي گھر ۾ رهندا هئا. پاڻيءَ جا
ٻه ڏول، هڪ ڪنواٺي ۽ ان ۾ ڏولن کڻڻ لاءِ لڳل ٻه
زنجيرون، هن جي ڄڻ سموري دولت هئي. صبح ٿيندي ئي
هو ڪنواٺي ڪلهن تي رکندو هو ۽ پوءِ انهن جي ٻنهي
پاسي زنجيرن ۾ ڏول وجھي، گھر مان ٻاهر نڪرندو هو؛
پنهنجي ئي گھٽيءَ ۾ واڪي چوندو هو:
”پاڻي! ڪنهن کي پاڻي گھرجي؟“ هن جو جھيڻو پر پڙاڏيدار آواز
گھٽيءَ جي ڇيڙي واري گھر تائين پهچي ويندو هو.
پوءِ جن کي پاڻيءَ جي گھرج هوندي هئي، اهي
ورائيندا هئا: ”درسن آغا! هڪڙو گھمرو،“ يا ”ٻه
گھمرا،“ يا ”ٽي گھمرا،“ هڪڙي گھمري جو مطلب هو ته
پاڻي جا ٻه ڏول گھرجن. پوءِ درسن آغا چشمي تائين
پهچڻ لاءِ ٽڪريءَ تي چڙهي، ڏول ڀريندو هو ۽ اهڙي
ريت سڄو ڏينهن گھرن کان چشمي تائين ۽ چشمي کان
گھرن تائين پيو ايندو ويندو هو. هن کي هر هڪ گھمري
لاءِ ٽي قرش ملندا هئا؛ روزي ڪمائڻ جو اهو طريقو
ڄڻ ته سئيءَ سان کوھ کوٽڻ مثل هو؛ ڄڻ ته ڦڙيءَ
ڦڙيءَ تلاءُ ڪرڻو هو. جيڪڏهن گھر جا ڀاتي انهيءَ
روزيءَ تي ڀاڙي ويهن ها ته پوءِ چئن انسانن جو پيٽ
پالڻ بنھ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالھ هئي. پر شڪر جو سندس زال
گلناز کي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا پاڙي وارا ٻارڻ ٺاهڻ
لاءِ گھرائيندا هئا. انهيءَ ڪم ۾ جڏهن به هن کي
وجھ ملندو هو تڏهن هوءَ مڙس جي ڪمائي ۾ هٿ ونڊائڻ
لاءِ ٿوري گھڻي ٺڳي ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻائيندي هئي.
اها ٺڳي هڪ بي ضرر ۽ معصوماڻي هوندي هئي هوءَ ان
ڪم ۾ ٿورو وڌيڪ پاڻي، هڪ ٻه ڏول وڌيڪ استعمال ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندي هئي ، ته جيئن مڙس کي ٻه ٽي قرش وڌيڪ
ملي سگھن. پر هاڻي اوچتو ئي خبر پئي ته ڪجھ به ڪين
هو. درسن آغا جي موت جي جلدئي خبر پئجي ويئي.
اڳئين رات صبح تائين برفباري ٿي هئي ۽ هوا لڳڻ ڪري
برف ڄمي اهڙي ته سخت ٿي ويئي هئي جھڙوڪ ڪائو. وري
چشمي مان پاڻي ڀريندي اتي پاڻيءَ جا ڦڙا ڪريا هئا،
سو ترڪڻ به ڏاڍي هئي. درسن آغا جڏهن ڀريل ڏولن ۾
ڪنواٺيءَ جا ڪڙا وجھي جئن اٿڻ جي ٿي ڪئي ته ڏولن
جي بار کان پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ چشمي وٽ پيل
پٿرن ٿي مٿي ڀر وڃي ڪريو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هو ائين
اوچتو ئي مري ويندو. درسن آغا کي ڏسڻ کان پوءِ
ڪنهن ويچاري ٿي سگھيو ته هن جي ڀيٽ ۾ هڪڙو پٿر
وڌيڪ نازڪ ۽ جلدي ڀڄڻ جھڙو هو پر هو...؟ ڪنهن جي
وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته هو پنهنجي کوپڙي اهڙيءَ
طرح ڀڃائي ويهندو. انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪو
ماڻهو وڌيڪ سگھارو ۽ صحت وارو هجي ته اهو اهڙيءَ
ريت مري سگھي ٿو؛ بلڪل اهڙيءَ ريت اوچتو ئي اوچتو.
اها خبر جڏهن گلناز کي پئي ته هوءَ ٿڌي جھڙي برف ٿي وئي. ڇا
سندس ننڍڙين ٺڳين ۽ اٽڪلن جي سزا هئي؟ نه، نه، خدا
ايترو ته ظالم نٿو ٿي سگھي. اهو ته هڪ اتفاق هو.
ان جا ڪيترائي اکين ڏٺا شاهد هئا: هو ترڪيو ڳاٽي
ڀر ڪريو، مري ويو. ڪو به ماڻهو اهڙي طرح مري سگھي
ٿو.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، اهڙا ماڻهو پنهنجي پٺيان ڪي ڪين ڇڏي
ويندا آهن، جيئن سندن پونير پنهنجن پيرن تي بيهي
سگھن. درسن آغا جيڪا دولت ڇڏي هئي اها رڳو ٻه ڏول
۽ هڪ ڪنواٺي هئي.
هاڻي گلناز ڇا ڪندي؟ هوءَ سوچيندي رهي، ويچاريندي رهي؛ پر ڪو به
فيصلو نه ڪري سگهي. نون سالن ۽ ڇهن سالن جي ٻن
ٻارن سان اڪيلو رهجي وڃڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانه هئي،
هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا پاڙي وارن جا ڪپڙا ڌوئي هوءَ
ڪهڙي طرح انهن ٻن ٻارن جو پيٽ پالي سگهندي؟ هوءَ
انهيءَ پاڻيءَ بابت سوچڻ لڳي جيڪو هو گھڻو استعمال
ڪندي هئي، پر هاڻي هوءَ پاڻيءَ بابت ڪجھ به نه
سوچي سگهي. اک ڇنڀ ۾ سڀ ڪجھ بدلجي ويو هو. هاڻي
گھڻي يا ٿوري پاڻي واپرائڻ ۾ ڪو به فرق نه رهيو
هو. جيڪڏهن ڪا اهڙي راه ملي جو هوءَ پاڙيوارن جي
ڪپڙن ڌوئڻ کان آجي ٿي سگھي.
جنهن پاڻيءَ سان جڏهن کيس پيار هو، هاڻ اهو نفرت جھڙو ٿي پيو
هو. ان جي وهڪري ۾ دشمني هئي، ان چلڪي ۾ دولاب هو.
پاڻيءَ کي ڏسڻ يا ان جي وهڪري کي ٻڌڻ سان کيس نفرت
ٿي وئي هئي.جڏهن ڪنهن گھر ۾ ڪو ماڻهو مرندو آهي،
تڏهن ڪنهن کي رڌ پچاءَ جو ڪو خيال نه رهندو آهي.
گھر جي ڀاتين کي کاڌو ته ڄڻ ياد ئي نه هوندو آهي،
جڏهن پيٽ ۾ وٽ پوندا آهن،۽ جسم ماٺو ٿي پوندو آهي،
تڏهن ڪو نه ڪو چوندو آهي ته ٻه ٽي گرھ پيٽ ۾ وجھو.
اهڙيءَ طرح کاڌي کائڻ کان پوءِ ماڻهو وري پنهنجي
عام زندگيءَ ڏانهن مٽي ايندا آهن. مسلمانن ۾ اهو
عام رواج آهي ته جڏهن پاڙي ۾ ڪو مرندو آهي ته ان
جي گھر هڪ يا ٻن ڏينهن تائين کاڌو موڪليو ويندو
آهي. گلناز ۽ سندس ٻارن وٽ جيڪو پهريون کاڌو آيو
هو سو انهيءَ اڇي گھر مان آيو جيڪو گھٽيءَ جي ڪنڊ
تي هو. اتي رئوف آفندي واپاري رهندو هو. ميل پنڌ
پري کان ئي اهو گھر ڏسي هر ڪو ئي چوندو هو ته اهو
ڪنهن امير ماڻهوءَ جو گھر آهي. جنهن ڏينهن درسن
آغا مئو هو. انهيءَ ڏينهن ٻن پهرن جو اڇي گھر جي
نوڪرياڻي هڪ وڏو طشت کڻي آئي ۽ گلناز جو هن وڃي در
کڙڪايو. طشت ۾ ڀڳل ڪڪڙ، بيدا، ٻڪريءَ جو ڀڳل گوشت،
اڦراٽن ۽ مٺاين جا ڍاڪون رکيل هئا.
انهيءَ ڏينهن ڪنهن کي کاڌي جو خيال ئي ڪو نه هو؛ پر جيئن ئي طشت
تان ڪپڙو لاٿو ويو ۽ کاڌي جي خوشبوءِ پکڙي، هنن ۾
ڄڻ ساه پئجي ويو.
سڀئي ماٺ ۾ کاڌو کائڻ لڳا. اهو انهيءَ ڪري جو ٿي سگهي ٿو ته اڳي
هنن اهڙا سٺا کاڌا نه ڏٺا هئا، يا ٿي سگھي ٿو ته
بک جي ڪري سندن حواس تيز ٿي ويا هئا. پر هنن کي
کاڌو ڏاڍو لذيذ ۽ سوادي لڳو ۽ هڪ دفعو کائڻ کان
پوءِ هنن کي ٻيهر کائڻ ۾ ڪو عيب ڪو نه ٿي ٿيو.
ٻنپهرن جي کاڌي مان جيڪي ڪجھ بچيو، اهو هنن رات جو
کاڌو.
ٻئي ڏينهن هنن وٽ هڪ ٻئي پاڙيسيري وٽان ماني آئي. اهڙي طرح ٽي
چار ڏينهن ٿي ويا. اهو صحيح آهي ته ٻين گھرن مان
جيڪو کاڌو ايندو هو، اهو اڇي گهر مان آيل کاڌي جي
ڀيٽ ۾ گھٽ ۽ بيسواد هوندو هو.
انهيءَ هوندي به گلناز جي گھر ۾ جيڪي ڪجھ پچندو هو، انهيءَ کان
هزار ڀيرا سٺو ۽ جھجھو هوندو هو.جيڪڏهن اهو کاڌو
لاڳيتو ايندو رهي ها ته گلناز۽ سندس ٻار پنهنجي
حياتي جي پڇاڙيءَ تائين درسن آغا جي مرڻ جو ڏک
سولائيءَ سان سهي وڃن ها. پر جڏهن طشت اچڻ بند ٿي
ويا ۽ گھٽيءَ جي ڪوئلن واري کان اڌ سير ڪوئلا
گھرائڻ به هنن جي وس کان ٻاهر ٿي ويا، تڏهن اهو ڏک
سندن سهپ کان بنهه مٿي ٿي ويو.
پهرين ڏينهن جڏهن کاڌو نه آيو ، تڏهن ٻن پهرن تائين هنن کي اميد
هئي ته ڪٿان نه ڪٿان کاڌو اچي ويندو.ٻاهر گھٽيءَ ۾
ڪو کڙڪو ٿيندو هو ته هو ڊوڙي در تي ويندا هئا.
انهيءَ اميد سان ته اڇي ڪپڙي سان ڍڪيل کاڌي جو ڪو
وڏو طشت هوندو. پر انهيءَ جي بدران هنن ڏٺو ته
ماڻهو رواجي طرح پنهنجن ڪمن ڪارين سان پي آيا ۽
ويا، ۽ سندن هٿ خالي هئا. انهن ٻن ٽن ڏينهن ۾ هو
بلڪل نئين قسم جي کاڌن کائڻ جا هيراڪ ٿي ويا هئا.
تنهن ڪري هنن کي گيھ جي ذري ۾ گلناز جي رڌل پٽاٽن
کائڻ ۾ ڏاڍي تڪليف پئي ٿي. پر هاڻي ٻي ڪا به واھ
نه هئي ، کين پنهنجي اڳوڻي کاڌي کي شڪرسان کائڻو
پيو.ٽن چئن ڏينهن تائين ته هنن کي بک ئي ڪانه ٿي
لڳي. پر نيٺ گھر ۾ رکيل کاڌي جون سڀ شيون جھڙوڪ:
گيھ، ڪڻڪ ۽ پٽاٽا کپي ويا. ٻه ٽي ڏينهن هنن کي
جيڪي ٿي نظر آيو، اهو کائي ٿي ويا. ٻه ٽي بصر، ۽
ٿوم جون ڳڙيون
۽ ڪٻٽ ۾ پيل سڪل ليما. آخر اهو ڏينهن به آيو.
جڏهن گھر جو هر ٿانءُ، ڇٻي، شيشي ۽ پيتي خالي ٿي
وئي. انهيءَ ڏينهن پهريون ڀيرو اهي سڀئي بکئي پيٽ
سمي رهيا. ٻئي ڏينهن به کاڌي لاءِ ڪجھ ڪين هو.
ٽپهريءَ جو ننڍو پٽ رڙيون ڪرڻ لڳو، ”امان مون کي
پيٽ ۾ وٽ پيا پون!“ ماڻس وراڻيو ، ”پٽ ! ٿورو صبر
ڪر ٿوري دير ماٺ ڪر. ڪي نه ڪي ضرور ٿيندو،“هنن
سڀني کي ائين پئي لڳو ته سندن معدا سُسي ڪنهن ٻار
جي مٺ جيترا وڃي ٿيا آهن. هو جڏهن اٿي ٿي بيٺا ته
سندن اکين ۾ اوندھ ٿي اچي ويئي. پٺيءَ ڀر ليٽيو
رهڻ هنن کي وڌيڪ سولو ٿي لڳو، ڇا ڪاڻ ته هنن کي
محسوس پئي ٿيو ته ڪي خواب پيا ڏسون. سندن اکين
اڳيان ساوا ۽ ڳاڙها ترورا پئي آيا ۽ سندن ڪنن ۾
انيڪ آواز پئي ٻريا. هنن کي محسوس پئي ٿيو ته سندن
آواز آهستي آهستي وڌيڪ جھيڻو ٿيندو پيو وڃي. ٻئي
ڏينهن گلناز هڪڙو خواب ڏٺو. شايد گھٽيءَ ۾ ڪو
ماڻهو آيو هو، جنهن کي گھرو ڪم ڪار لاءِ ڪنهن
نوڪرياڻيءَ جي ضرورت هئي. ڪجھ به چيو نه ٿي ويو.
ٿي سگھيو ٿي ڪنهن صبح جو هن کي نياپو ملي، گلناز
کي چئو ته اڄ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ اسان وٽ اچي.“ گلناز
جنهن سنهن کنيو هو ته آءُ ڪڏهن به پاڻيءَ جي ڏول
ڏانهن اک کڻي نه ڏسنديس، هاڻي انهيءَ سڏ لاءِ
واجھائي رهي هئي. پر گھٽيءَ جي رهاڪن مناسب نه
سمجھيو ته هن کي ڪنهن ڪم لاءِ گھرايون. ”ويچاري
غريب عورت!“ هنن سڀني چيو،”اڃا هن جي دل غم کان
ماندي هوندي؛ هوءَ اڃا ان لائق نه هوندي ته ڪپڙن
ڌوئڻ جو ڪم ڪري سگھي. ويچاري غريب!“
انهيءَ صبح جو گھر جي ڀاتين مان ڪنهن به اٿڻ جو خيال نه ڪيو،
هنن سڀني کاڌي جا خواب پئي ڏٺا. البت ننڍي ڇوڪري
ڪڏهن ڪڏهن ڳالهايو ٿي. ”آءُ ته ماني پيو ڏسان.
امان! هيڏانهن ڏس ( هن اهڙي طرح پنهنجو هٿ وڌايو
ڄڻ ته ماني کي جھٽڻ ٿي گھريائين) ماني ڪهڙي نه
نرم، ڪهڙي نه ميزيدار ۽ ڪهڙي نه پڪل ماني آهي“ وڏي
ڇوڪري مانيءَ بدران مٺائي ڏٺي. هن ويچاريو ته مون
ڪهڙي غلطي ڪئي، مون ڪهڙي نه بيوقوفي ڪئي، جڏهن
مٺائيءَ جا طشت ڀرجي آيا هئا، تڏهن مون انهن مان
پورو لطف به حاصل ڪونه ڪيو. ڪهڙي نه بيوقوفي ڪئي
هئي جو مون پنهنجو حصو هڪ دم کائي ڇڏيو. جڏهن هڪ
دفعو وري مٺائي ملي ته مون کي خبر آهي ته آءُ ڇا
ڪندس؛ آءُ تمام آهستي آهستي مٺائي کائيندس، هر هڪ
گرھ مان پوري طرح مزو وٺندس.
گلناز پنهنجي هنڌ ۾ ليٽي پئي هئي. هن پنهنجن ٻارن جا اهي ڀڻڪا
پئي ٻڌا. هن پنهنجي چپن ۾ چڪ پئي هنيا ته متان ٻار
هن جا سڏڪا ٻڌي سگھن. هن جي پوريل اکين مان ڳوڙها
نڪري، لؤندڙين وٽان ٿيندا هيٺ پئي ڪريا. ٻاهر
زندگي اڳي وانگر جيئن جو تيئن هئي. هوءَ آواز ٻڌي
سمجھي ٿي سگھي ته ٻاهر ڇا پئي ٿيو.ٻاهر ان گھٽيءَ
۾ جنهن ۾ رهندي هن کي ورهين جا ورهيه ٿي ويا
هئا.هڪڙو دروازو بند ٿيو. پاسي واري گھر جو ننڍو
ڇوڪرو جودت اسڪول پيو وڃي. هو سدائين ٺڪاءَ سان
دروازو بند ڪندو آهي. جيڪڏهن هن جي بدران وڏو
ڇوڪرو سليمان هجي ها، ته اهو آهستي دروازو بند ڪري
ها؛ٻنهين ڀائرن جون عادتون ڪيتريون نه جدا جدا
آهن! هاڻي سنڌن جي سور ۾ ورتل پوڙهي پير پير ۾
رکيوگھلبي پئي وئي.هوءَ صالح جي ماءُ آهي،جيڪو
سامونڊي جهاز ۾ ڪيبن بواءِ جو ڪم ڪري ٿو.هوءَ
بازار مان سودو سلف وٺڻ پئي وڃي، وڌيڪ قدمن جا
آواز. هاڻي تحسين آفندي حجم آهي، جيڪو گھٽيءَ جي
ڇيڙي وٽ ڳاڙهي گھر ۾ رهندو آهي.بازار ۾ پنهنجي
دڪان کولڻ لاءِ هو هميشه صبح جو هن وقت هتان
لنگندو آهي.هن کان پوءِ ٻيو واپاري ۽ دڪاندار
ادريس آغا جو پوٽو حسن بي آهي.هو بجلي آفيس ۾
ڪلارڪ آهي. جيئن ئي هن جي ڪنهن پڙهيل لکيل ڇوڪريءَ
سان شادي ٿي، ته هو هن گھٽيءَ مان لڏي ويندو. هيءَ
وري اسڪول جي ماسترياڻي نوري خانم آهي. هن کان
پوءِ وري فيض الله آفندي آهي، سليپر ٺاهيندو آهي.
وري جميل بي ٽئڪس اڳاڙيندڙ آهي. سڀني کان پوءِ
روٽيون وڪڻدڙ آهي. جيڪو سدائين رفالي بي جي گھر وٽ
ضرور بيهندو آهي. هو روز ايندو آهي، بلڪل هيڏيءَ
مهل هن جي گھوڙي جي ٻنهين پاسي کان ٻڌل وڏا کوکا
روٽين ۽ نانن سان ڀريل هوندا آهن. انهن جو آواز
پري کان ئي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. اهو آواز پهرين پهرين
وڏي ڇوڪري ٻڌو ۽ هن پنهجي ڀاءُ ڏانهن ڏٺو ٻنهين
جون نظرون مليون. ننڍي ڀاءُ ڀڻڪيو ”ماني!“
آواز جيئن پوءِ تيئن ويجھو ايندو ويو. ٿڌي ڪمري مان گلناز آهستي
آهستي اٿي ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ بدن تي لوئي ويڙهڻ لڳي.
هن فيصلو ڪيو ته ٻه نان اوڌر تي ضرور وٺنديس. پوءِ
جڏهن ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪم مليو ۽ پئسا آيا ته قرض لاهي
ڇڏينديس.هن جو هٿ در جي ڪڙي تي هو ۽ هوءَ در جي
اندرئين پاسي ٿي بيهي رهي. سندس سمورو ڌيان آواز
ڏانهن هو. گھوڙي جي سنبن جي ويجھو ايندڙ آواز سندس
همٿ کي چچري ڇڏيو. هن جو حوصلو ۽ همٿ چيڀاٽبو
چچربو رهيو. نيٺ جڏهن آواز ٿورن قدمن تائين پهتو،
ته هن اوچتو زور سان دروازو کوليو، گلناز جون
اکيون ڦاٽنديون ويون هوءَ ان کاڌي کي، ان ايمان کي
پنهنجي اڳيان لنگھندي ڏسندي رهي. اڇي گھوڙي جي
پاسن کان ٻڌل چورس کوکا ايترا ته وڏا هئا جو نه
رڳو وهٽ جو پاسو ڍڪجي ويو هو، پر اهي زمين سان به
پئي لڳا. ٻئي کوکا ڪناتار نانن سان ڀريل هئا.اهي
نان خالص ۽ نج اڇي ڪڻڪ جا پڪل هئا. سڀئي نان ڏاڍا
تازا، ملائم ۽ نرم پئي لڳا. انهن کي هٿ لائڻ سان
ڪيتري نه خوشي، ڪيترو نه آرام ملندو! پري کان ئي
انهن جي خوشبوءِ نڪ مان ٿيندي نڙيءَ کي واسي ٿي
ڇڏيو. گلناز هڪ ڳيت ڏني ۽ جيئن ئي هن روٽين واري
کي ڪجھ چوڻ لاءِ پنهنجو وات کوليو، ته هن وڏي واڪي
چيو،giddy-yap
هن جي سموري همت ۽ حوصلو هارجي ويو ۽ هن جي وات
مان ٻڙڪ به ٻاهر نه نڪتي.
هوءَ اتي بت بڻي کوکن ڏانهن ڏسندي گھوريندي رهي، جيڪي گھر جي
ڪاٺ جي ڀتين سان گھڪندا پئي ويا. ان جيڪو ايمان
آهي، هن جي گھر اڳيان پئي ويو، پر هن ۾ ايتري سگھ
نه هئي جو هٿ وڌائي ان مان ڪجھ کڻي سگھي. گھوڙو
آهستي آهستي اڳتي وڌندو ويو. ۽ پنهنجو اڇو ۽ ڊگھو
پڇ رومال وانگر لوڏيندو ويو: ”خدا حافظ، گلناز !
خدا حافظ، خدا حافظ!“
دروازي کي زور سان بند ڪري هوءَ ڪمري ۾ موٽي آئي.هن کي پنهنجي
ٻارن جي تپيل اکين ۾ ڏسڻ جي همت ئي نه ٿي جيڪي وڏي
اميد رکيو ويٺا هئا، هن کي ڪا به اهڙي جاءِ نظر نه
ٿي آئي جتي پنهنجا خالي هٿ لڪائي سگهي. اوچتو هن
کي ائين لڳو ڄڻ ته هوءَ انهن هٿن جي ڪري شرمندي
هئي. ڪمري ۾ ڪنهن به ڪونه ڳالهايو. ڇوڪرن ماٺ ڪري
پنهنجا منهن ڦيرائي ڇڏيا. وڏي ڇوڪري پنهنجون اکيون
ٻوٽي ڇڏيون، ته جيئن ماءُ جي خالي هٿن کي ڏسي نه
سگھي.سندس ڀاءُ به اهو ئي ڪيو. گلناز فرش تي وڇايل
پنهنجي هنڌ ڏانهن وئي ۽ هڪ پاڇولي جھڙي نرمي
هلڪڙائيءَ سان هن پاڻ کي ان تي کڻي ڇڏيو. هوءَ
ڪرونڊڙي ٿي ويٺي. هن پنهنجا پير ڊگھي چولي ۾ لڪائي
ڇڏيا ۽ پنهنجون ٻانهون ڪلهن تي پيل ڦاٽل لوئي ۾
ويڙهي ڇڏيون. هن پاڻ کي ڪنڊ ۾ لڪائي ڇڏيو. ائين ٿي
لڳو ڄڻ هن گھريو ٿي ته پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي. هوءَ
پراڻن ڦاٽل ڪپڙن جو ڍير پئي لڳي. ڪمري جي فضا ۾ هڪ
قسم جي ڇڪتاڻ پئي معلوم ٿي. ماٺ گھري ٿيندي وئي.
گھڻي وقت تائين ڪنهن چرپر نه ڪئي. نيٺ ننڍي ڇوڪري
کان رهيو نه ٿيو. هنڌ مان هن جي دانهن ڪمري جي ماٺ
۾ پڙاڏو ٿي اُڀري:
”امان ! امان!“
”جيءُ پٽ؟!“
”هاڻي مون کان سٺو نٿو ٿئي! منهنجي پيٽ ۾ الائي جي ڇا پيو
ٿئي!“
” ماءُ، تو تان گھور وڃي، منهنجا مٺڙا پٽ!“
”امان! هت منهنجي پيٽ ۾ ڪا شيءِ پئي سُري.“
” اهو بک جي ڪري آهي پٽ ! مون کي پڻ پيٽ ۾ وٽ پيا پون. تون ڳڻتي
نه ڪر ، ڪجھ به ڪونهي تنهنجا آنڊا پيا چُرن“
”آءُ مران ٿو امان، امان آءُ ماران ٿو،“
وڏي ڀاءُ پنهنجيون اکيون کوليون۽ ڀاڻس ڏانهن نهاريو. گلناز وري
ٻنهي ڏانهن گھوريوننڍو ڇوڪرو ماٺ هو هن جون اکيون
ڪاريون ٿينديون ويون ۽ چپ خشڪ، ٺوٺ ۽ اڇا. هن جي
منهن جا هڏا نڪري آيا هئا. هن جي چمڙيءَ جو رنگ بي
رت، ڦڪو هئڊو ٿي ويو هو. نيٺ گلناز اِشاري سان وڏي
ڇوڪري جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. هو اٿي کڙو ٿيو ۽
ٻئي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويا. ٻئي ڪمري مان گلناز
اهڙي طرح آهستي ڳالهايو جو ڄڻ ته ڊني ٿي ته ڪير
ٻڌي نه وٺي. ”پٽ تون هينئن ڪر جو بوڊي دڪاندار
ڏانهن وڃ. ۽ هن کان ٿورا چانور، اٽو ۽ پٽاٽا وٺي
اچ. چئجانس ته ڏينهن ٻن ۾ پئسا ڏئي وينداسون.“
ٻاهر گھٽيءَ ۾ ڏاڍو سيءُ هو ۽ ڇوڪري جو ڦاٽل ڪوٽ اهڙو مظبوط نه
هو جو سيءَ جي سٽ سهي سگھي. هن جي ٽنگن مان سگھ ئي
نڪري وئي. هو ڀت کي ٽيڪ ڏيندو، پاڻ سنڀاليندو،
دڪان ڏانهن روانو ٿيو. جراح پاشا جي ٽڪري وٽ پهچي
هن دڪان جي در تي قدم رکيو، اندر هڪ وڏي سگريءَ ۾
باھ پئي ٻري ۽ سڄو دڪان گرم هوڇوڪرو اندر وڃي بيهي
رهيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو ٻيا گراهڪ پنهنجو پنهنجو
سودو وٺي وڃن، ته پوءِ دڪاندار سان اڪيلائيءَ ۾
ڳالهائي ڪمرو ڪيترو نه گرم هو! جڏهن هر ڪو سودو
وٺي هليو ويو ته ڇوڪرو سگريءَ وٽان اڳتي وڌيو
دڪاندار کي اڌ سير چانور، اڌ سير اٽي، اڌ سير
پٽاٽن ڏيڻ لاءِ چئي پنهنجي کيسي ۾ اهڙيءَ طرح هٿ
وڌائين ڄڻ ته پئسا ڪڌي ڏيندو پر پوءِ اهڙي طرح
منهن ڪيائين ڄڻ پئسا گھر وساري آيو آهي. انهيءَ
ڪري ٿورو پريشان ٿيندي چيائين، ” اڙي آءُ پئسا ته
گھر وساري آيو آهيان. تنهنجو ڇا خيال آهي؟ مون کان
اهو نه ٿيندو جو ههڙي سيءَ ۾ وري گھر موٽي وڃان. ۽
پئسا کڻي اچان، تون مهرباني ڪري لکي ڇڏ، سڀاڻي
سودو وٺڻ ايندس ته اهي پئسا به کڻي ايندس.“
بوڊو دڪاندار ته اهڙين چالاڪين مان اڳ ۾ ئي واقف هو. پنهنجي
عينڪ ۽ ڀرن جي وچ مان ڇوڪري کي ڏسندي هن چيو، ”
تون ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهين جن وٽ گھر ۾ پئسا
هوندا آهن اهي ايترو ڪمزور نه ٿيندا آهن. هن ڇوڪري
جي ڪا به ڳالهه ڪا نه ٻڌي چيائين، ”پهرين پئسا کڻي
اچ ته پوءِ شيون توريان.“
”جيڪا تنهنجي مرضي.“ ڇوڪري جواب ڏنو ۽ پنهنجي بهاني ۽ ڪوڙ تي
ششدر ٿيڻ لڳو. آءُ پئسا کڻي ايندس.“ اهو چئي هو
تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو. جڏهن ڇوڪرو دڪان مان
هليو ويو تڏهن بوڊي آغا پنهنجي زال ڏانهن ڏٺو،
جيڪا دڪان جي ڪم ڪار ۾ سندس هٿ ونڊائيندي هئي.“
”ويچارا غريب!“ هن چيو. ”هنن لاءِ مون کي ڏاڍو ڏک آهي. مون کي
عجب لڳي ٿو ته هاڻي هنن جو ڇا ٿيندو؟ ”اهي پنهنجو
گذر سفر ڪيئن ڪندا؟“
هن جي زال ڪنڌ لوڏيندي چيو،”هائو مون کي پڻ ڏاڍو ڏک آهي. ويچارا
غريب!“
ڇوڪري کي هينئر لڳو ته سيءُ گھڻو وڌي ويو آهي. اهو هن جي سهپ
کان ٻاهر هو گھٽيءَ جي ڇيڙي تي اڇيءَ جاءِ جي
چمنيءَ مان دونهون پئي نڪتو. انهيءَ جاءِ جا
رهاڪون ڪيترا ئي خوش نصيب آهن! هن اها ڳالهه ڪا
ساڙ وچان ڪا نه سوچي هئي. پر هو ته مورڳو شڪرگذار
هو جو انهن ماڻهن هن کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سٺا
سٺا طعام کارايا هئا. ڇوڪرو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو
پنهنجي گھر ڏانهن هلندو رهيو. سيءَ ۾ هن جا ڏند
پئي کڙڪيا. گھر پهچي هن پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ کي ڪجھ
به ڪو نه چيو. سندس خالي هٿن هنن کي سڀ ڪجھ ٻڌائي
ڇڏيو هو.
هنن جي سوال پڇندڙ اکين اڳيان هن پنهنجو ڇنل ڦاٽل ڪوٽ لاٿو ۽
هنڌ ۾ ليٽڻ لڳو، جنهن ۾ اڃا تائين گرمائش هئي. هن
کان رهيو نه ٿيو ۽ چوڻ لڳو ” مون کي سيءُ ٿو لڳي،
مون کي سيءُ ٿو لڳي.“ هن جي ڏڪندڙ جسم مٿان سوڙ
هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي.
گلناز کي جيڪي ٽپڙ مليا ، اهي کڻي هن جي مٿان وڌائين. هوءَ ڇوڪر
جي ڏڪندڙ جسم مٿان هيٺ مٿي ٿيندڙ سوڙين ۽ ڪمبلن کي
خوفائتين نظرن سان ڏسڻ لڳي. ڪلاڪ اڌ تائين ڇوڪرو
ائين ئي ڏڪندو ۽ ڪبندو رهيو، انهيءَ کان پوءِ هن
کي سخت بخار ٿيو.۽ هن جي جسم جو سڄو ست نڪري ويو
ڇوڪرو هنڌ تي پٺيءَ ڀر سنئون سڌو ليٽيو پيو هو.هن
ڪا به چر پر نٿي ڪئي۽ خالي خالي اکين سان گھوري
رهيو هو. گلناز سوڙ جو پلاند مٿي کنيو ۽ پنهنجن
ٿڌن هٿن سان هن جي ٻرندڙ پيشانيءَ کي ٿڌي ڪرڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳي. مايوسيءَ ۽ نااميديءَ وچان شام
تائين هيڏانهن هوڏانهن هلندي رهي. هن کي ڪجھ به
سمجھ ۾ نه پئي آيو ڇا ڪجي. هوءَ سوچي به نٿي سگهي.
هوءَ هڪڙي ڪمري مان ٻئي ڪمري ۾ ايندي ۽ ويندي رهي
۽ خالي چمڪندڙ اکين سان گھر جي ڀتين، ڇتين ۽ سامان
کي ڏسندي رهي. اوچتو هن کي احساس ٿيو ته کيس ذري
به بک ڪانهي. اها شايد اهڙي بي حسي هئي جيڪا گھڻي
گرميءَ يا سرديءَ سبب ٿيندي آهي.بک هن جي رڳن ۽
پٺن جون نوڪون ۽ ڪنارا مڏا ڪري ڇڏيا هئا.
سج لٿي ڪا ويرم ٿي هئي ۽ بخاريل ڇوڪري جي مٿان لاٿل سوڙن ۽
ڪمبلن جا فرش تي پيل ڌير ڄڻ اوندھ جو هڪ ڍڳ پئي
لڳا. انهيءَ ننڍڙي ڍير کي تڪيندي اوچتو هن جي ذهن
۾ هڪ خيال آيو ته ضرور ڪو نه ڪو هوندو جيڪو هن ڌير
کي خريد ڪري مون کي پئسا ڏيندو هن کي پنهنجي هڪ
پاڙيسريءَ جي ڳالھ ياد آئي جنهن چيو هو ته شاهي
بازار ۾ هڪڙو دڪان آهي، جتي پراڻا ڪپڙا وغيره خريد
ڪيا ويندا آهن. پر اهو دڪان ته هينئر بند ٿي ويو
هوندو هاڻي صبح ٿيڻ تائين انتظار ڪرڻو
پوندو.انهيءَ خيال هن جي ماندي من کي ٿوري آٿت
ڏني. ۽ هوءَ هڪڙي ڪمري مان ٻئي ڪمري ۾ اچڻ وڃڻ بند
ڪري پنهنجي پٽ جي هنڌ تي اچي هن جي ڀر ۾ ويٺي.
ڇوڪري جو بخار تيز ٿي ويو هو. گلناز بت بڻي هن کي
گھوريندي رهي. ننڍو ڇوڪرو به بک کان ننڊ نه ڪري
سگھيو. هن پڻ اکيون ڦاڙي هنن کي پئي تڪيو. بيمار
ڇوڪرو آهستي آهستي ڪڻڪيو، بخار ۽ بي آراميءَ وچان
ڦٿڪيو ۽ لڇيو. هن جا ڳل تپي سرخ ٿي ويا هئا. هن
جون وڏيون، نه چرندڙ ۽ چمڪندڙ اکيون ڇت ۾ کتل هيون
۽ بنا ڏسڻ جي ان طرف گھوريندو رهيو ۽ غشيءَ ۾
ڳالهائيندو رهيو. ننڍو ڇوڪرو پنهنجي هنڌ مان ڏاڍي
غور سان هن کي چتائيندو رهيو. بيمار ڇوڪرو بخار جي
تپش کان جڏهن وري ٻيهر ڳالهائڻ لڳو ته ننڍو ڇوڪرو
پنهنجي هنڌ تي اٿي ويٺو ۽ جھيڻي ۽ نرم آواز ۾ جيڪو
رڳو ماڻس ٻڌي سگهي، چوڻ لڳو، ”امان ادا مري ويندو
ڇا؟“
گلناز ائين ڏڪي وئي ، ڄڻ ته برف ڀريل هوا اوچتو هن جي چمڙيءَ کي
ڇهيو هو. هن ڀوائتين اکين سان پنهنجي پٽ ڏانهن
نهاريو. ”تون اهو ڇو ٿو چوين پٽ؟“
ماءُ جي ڀوائتي گھور هيٺ ڇوڪري پل کن لاءِ ماٺ ڪئي، پوءِ هو
اڳتي وڌي ماءُ جي ڪن ويجھو آيو ۽ ڀاءُ کان پنهنجي
آواز جي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ تمام آهستي چوڻ لڳو:
”ڇا ڪاڻ ته اڇي گھر مان وري سٺا سٺا کاڌا ايندا.“
(ترڪي افساني جي انگريزيءَ ۾ فلز ڪاراباءِ جي ڪيل ترجمي تان) |