سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1994ع

مضمون --

صفحو :3

ع. ق. شيخ

وڏو صاحب

تازو واٽ ويندو ڪن سالن کان پوءِ نثار سان ملاقات ٿي. هو هڪ شاندار موٽر مان لٿو هو. ۽ آئون اتفاق سان هن جي آمهون سامهون هئس. هن سان گڏ ٻيا به ڪي ماڻهو هئا. هو شايد ڀر واري هوٽل ڏانهن پئي ويا. پر منهنجي ڀر سان اچي نثار صاحب بيهي رهيو. مون کي خبر هئي ته هو هن وقت هڪ وڏو صاحب هو. هن مون کي سڃاتو. هو ڀاڪر پائي اهڙي ريت مليو ، جو ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هجون. نهايت هجائتي نموني تي کيڪاري پڇڻ لڳو ”ڪهڙا حال احوال آهن؟“

خوش ته آهين نه!“...۽ آئون دل ئي دل ۾ هڪ دوست جي دوستي ۽ پنهنجائپ واري اظهار کي محسوس ڪري، چوڻ لڳس، ” حال احوال ته الاهي آهن، ۽ ساڳيءَ ملازمت ۾ آهيان جي فرصت هجيئي ته ڪٿي نويڪلائي ۾ ويهي، ڪا ورح رهاڻ ڪريون، ڀلا رات جو منهنجي گھر اچي ماني کائج!“ نثار مرڪندي وراڻيو، ”يار تنهنجي دعوت اکين تي، تنهنجو گھر ته منهنجو گھر آهي، پر اڄ هتي منهنجا مختلف پروگرام آهن. آئون مصروف هوندس ، ٻه ٽي ڏينهن هتي آهيان، پاڻهئي اچي تنهنجو دروازو کڙڪائيندس ۽ حاضري ڀريندس“ آئون اڃا پنهنجي دعوت کي پڪي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موزون اکر ويچاري رهيو هئس ته نثار صاحب ”خدا حافظ“ چئي، پنهنجن ٻين دوستن سان ڀر واري هوٽل ۾ هليو ويو.

هو مون کي ائين ايڏيءَ حب سان ملڻ کان پوءِ ڇڏي هليو ويو، تنهن جو ارمان ته ٿيم، پر اهو احساس بلڪل لحظي لاءِ پيدا ٿيو هو... هو جنهن نموني سان مون سان مليو هو، هن جنهن طريقي سان مون سان ڳالهايوهو... هو ته ساڳيو ئي نثار، اهو نثار، جيڪو منهنجو دل گھريو دوست هو ۽ ننڍپڻ جو يار هو. ڇا ٿي پيو. اِها ته قسمت جي ڳالهه آهي. جي اڄ هو هڪ وڏو صاحب آهي ۽ آئون هن جي ڀيٽ ۾ هڪ معمولي ملازم. هو واقعي مصروف هوندو ، هن پاڻ مرادو مون وٽ هلي اچڻ جو وعدو ڪيو آهي. هو ضرور ايندو. مون کي ناراض نه ٿيڻ گھرجي. دنياداريءَ ۾ هر ڪنهن کي پنهنجا ڪم ٿيندا آهن ۽ پنهنجون ذميداريون... نيٺ هو وڏو صاحب آهي. پر صاحب هوندو ٻين لاءِ منهنجو ته هو دوست آهي.... ۽ ائين ويچاريندي، آئون شهر مان ٿيندو اچي پنهنجي گھر پهتس.

خبر ناهي ڇو اڄ آئون غير معمولي طور خوش هئس. گھر اچي، آئون پنهنجي ڪمري جي صفائي ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لڳس. گھروارن سان پڻ نثار صاحب واري ٿيل ملاقات جو ذڪر ڪيم. در اصل نثار سان منهنجا تعلقات مٽن مائٽن کان به وڌيڪ هئا. اسان ٻئي هڪ ٻئي جي گھر ايندا ويندا هئا سون. اهو سبب هو جو گھر جا سڀئي ڀاتي هن جي استقبال ۽ آڌر ڀاءُ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا. سڄي گھر کي موقعي جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو. هن کي مانيءَ جي دعوت ڏني هيم. تنهن ڪري سيڌي سامان تي به خرچ ڪيم. نثار صاحب جڏهن مون وٽ ماني کائڻ جو پروگرام ٺاهيندو هو، ته مڇيءَ يا مرغيءَ جي فرمائش ڪندو هو. اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکي سڀئي شيون وٺي آيو هئس. هن بندوبست ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي هئم. جيڪڏهن ڪا ڪمي رهجي وئي هئي ته اها هئي نثار صاحب جي گڏجاڻي.

اهو ڏينهن گذري ويو، شام  آئي رات ٿي، رات جا ڏھ به ٿي ويا، پر نثار صاحب ڪو نه آيو. نثار صاحب ته ڪو نه آيو، پر هن جون يادگيريون، وساريان نه وسرڻ جھڙيون ڳالهيون، وري وري دل ۽ دماغ ۾ پئي آيون. سالن جا سال گڏ گذاريا هئا سين، ساڳي ئي اسڪول ۾ پڙهيا هئا سين، گڏجي رانديون ڪيون هيون سين، ۽ شرارتون به گڏجي ڪندا هئا سين ۽ واري وٽي تي گھران پئسا چورائي بهانا ڪري، چيري ميري به ڪندا هئا سين ته فلمون به گڏ ڏسندا هئا سين، جڏهن اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندا هئا سين، ته خاص ڪري محمود کي ، جيڪو ان وقت اسان جو هم ڪلاسي هو، ان کي جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي هر روز آڌي رات جو لڪي لڪي جنن جھڙا ڪرتب ڏيکاري کيس ڊيڄاريندا هئا سين، هن کي اهڙي ريت ڊيڄاريو هيو سين جو توبھ الامان! جڏهن هاسٽل جا سڀئي شاگرد رهندا هئا، تڏهن اسان جون شرارتون شروع ٿينديون هيون. رڍن ۽ ٻڪرين جون سسيون ڳاڙهي رنگ ۾ تر ڪري، هن جي بستري تي اڇلايون هيون، ته ساڳي ئي وڌيڪ هراس پيدا ڪرڻ لاءِ مئل گڏھ جا ڪن ۽ اٺن جون سسيون به هٿ ڪري محمود جي ڪمري ۾ رکيون هيون، سين. هر رات ڪا نه ڪا شرارت ضرور ڪندا هئا سين نه رڳو محمود جو پر سڄي هاسٽل جو ڇوڪرن جي سک ڦٽائي ڇڏيندا هئا سين...

پر جيئن چوندا آهن ته اوڻٽيهه راتيون چور جون ته ٽيهين رات ساڌ جي، سو هڪڙي رات اسان ٻئي جھلجي پيا سون. معاملو هيڊ ماستر تائين پهتو. هن اسان کي ڏاڌي مار ڏني پر جڏهن آئون ۽ نثار سزا کائي ٻاهر نڪتا سين، ته کلي کلي کيرا ٿي پيا سين ڪهڙو نه دؤر ۽ زمانو هو اهو، بي پرواهيءَ ۽ معصوميت جو. اهو محمود جنهن کي اسان ڊيڄاريو هو، هن وقت ڊپٽي ڪمشنر آهي ۽ مون وارو دوست نثار به هينئر هڪ وڏو صاحب آهي ۽ آئون هڪ معمولي ملازمت ۾ هئس، مون لاءِ حالتون اهڙيون هيون، جو ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ بدران ڪلارڪ جي ڪرسيءَ تي ويهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نه هو.

نثار ڪاليج ۾ ، آئون نوڪريءَ ۾ ته به اسان جي دوستيءَ ۾ ڪو فرق ڪو نه پيو هو. گڏجي گھمندا هئا سين ۽ گڏجي شرارتون به ڪندا هئا سين. جيئن چوندا آهن ته ”ياريءَ ۾ ڪهڙا ليکا“، سو پئسن جي معاملي ۾ اسان پاڻ ۾ ، ڪڏهن به حساب ڪتاب يا ليکو چوکو ڪو نه ٿي ڪيو. هڪڙي ڀيري جڏهن هن جي چوري ٿي وئي هئي ته مون پنهنجي پوري مهيني جو پگھار سڄي جو سڄو هن کي ڏئي ڇڏيو هو.ايترو ياد اٿم ته مون هن کان اهي پئسا ڪڏهن ڪين گھريا هئا ۽ نه ڪو هن پاڻ ئي مون کي موٽايا هئا. انهيءَ وچ ۾ منهنجي دوست نثار عشق به ڪيو هو. ان معاملي ۾ آئون ئي هن جو رازدان ۽ همدرد هئس. مون پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي به هن جي مدد ڪئي هئي. نثار به مون تي ساھ ڇڏيندو هو. اسان جي دوستيءَ کي ٽيھ پنجٽيھ سال ٿي ويا هوندا، اسان ٻنهي جي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ بيشمار ننڍڙيون ڳالهيون ۽ واقعا مون لاءِ ڄڻ ڪالهوڻي ڪالھ ٿيا هئا. هو منهنجو پنهنجي يار نثار جي انتظار ۾، ٻيو ڏينهن ۽ ٻي رات به گذري وئي. ٽئين ڏينهن به هو مون ڏانهن لڙي ڪين آيو. خبر ناهي ڇو مون هن لاءِ يڪو پئي انتظار ڪيو، ۽ سچ پچ ته ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين جي هر ويلي تي هن جي لاءِ مڇي ۽ مرغي جو بدوبست به ڪيو هئم. ڇا ، نثار ، صاحب ٿي، واقعي وڏو ماڻهو ٿي ويو آهي هاڻي دوستيءَ جا معيار بدلجي چڪا هئا. ڇو هو مون وٽ ڪين آيو هو؟ اهڙا سوال مون بار بار پاڻ کان پئي ڪيا. پر نثار کي وساري ويهڻ منهنجي وس ۾ ڪو نه هو. آءُ هن جي پڇا ڪندو رهيس، پنجين ڏينهن خبر پيم ته هو ڊاڪ بنگلي ۾ ترسيل آهي. آءُ پنڌ ڪري وڃي اتي پهتس. کيس پري کان دروازر تي بيٺل ڏٺم ، آءُ خوشيءَ وچان تڪڙو تڪڙو وڌڻ لڳس ، ۽ جيئن ويجھو اچي دروازي تي پهتس ته نثار صاحب کي کسڪندو ڏٺم ۽ اندران هڪ وردي پيل ماڻهو تيزيءَ سان وڌي مون ڏانهن آيو. هن مون کي روڪيو ۽ چوڻ لڳو ”ڪير آهين؟ هتي ڇو آيو آهين؟ نثار صاحب نهايت مصروف آهي ۽ اندر آفيسر ويٺا آهن. هو ڪنهن سان به ڪو نه ملندو...“ پر آءُ ته هن جو دوست آهيان، تون هن کي اندر وڃي ٻڌاءِ ته سهي.مون وڏي اعتماد سان چيو.

وردي پيل ماڻهو مون ڏانهن ائين گھورڻ لڳو ڄڻ آءَ ڪو چور هئس. ”ڏسين ڇا ٿو ؟ وڃي صاحب کي ٻڌاءِ!“ مون وري کيس ورجايو.

هو مڙي دروازي ڏانهن ته ويو، پر موٽي اچي چوڻ لڳو. ”نثار صاحب نهايت مصروف آهي هو ڪنهن سان به ملڻ نٿو چاهي. هن جو هن شهر ۾ ڪو به دوست ڪونهي.... منهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪي وئي. منهنجي دوستي جو رنگ محل چڪنا چور ٿي ويو هو. مون کي سمجھ ۾ ئي نه آيو ۽ نڪي اهو فيصلو ڪري سگهيس ته هاڻ مون کي اتي ترسڻ گھرجي يا موٽي واپس وڃڻ گھرجي.

 

هيرانند سوز

سلمان سومرو

هڪ ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي

بينڊ باجن وارا جوڪرن جھڙي ورديءَ ۾ بنگلي جي ورانڊي ۾ ڪڪ ٿيو ويٺي ٻيڙيون پي رهيا هئا. انهن جون توتڙيون ۽ شرنائيون  ڀت سان هڪ قطار ۾ پيون هيون. بينڊ ماسٽر ٿوري دير کان پوءِ شايد گھر وارن کي پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ لاءِ پنهنجي دهل تي هڪ هلڪو ڌڪ هڻي پيو، پر اندر دعوت  اوج تي هئي مهمان ڍؤ ڪري کائي رهيا هئا. ۽ انهن جون پليٽون هرهر مٺاين سان ڀريون وڃن پيون ۽ مهمانن کي اڃا وڌيڪ کائڻ لاءِ هرهر چيو پيو وڃي، ڄڻ دعوت نه، پر کاڌي کارائڻ جي جنگ ٿي رهي هجي. مٺاين کان سواءِ سڀني جي اڳيان گرم کير جا گلاس به ڀريا رکيا هئا. اهي به انهن سڀني کي پيئڻا هئا. رسم ئي اهڙي هئي ڇوڪريءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ چاچو، ٻنهي جو گلابي رنگ ۾ تڙ ٿيل هو. ٻين مهمانن تي گلابي رنگ وڏي کليل دل سان ڇٽيو ويو هو. کاڌي پيتي سان گڏوگڏ انهن سڀني سان کل ڀوڳ به ٿي رهي هئي. جيتوڻيڪ ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ڪنهن جي طنزيه جملي تي، اڱڻ ٽهڪن سان ڀرجي پئي ويو. سوما پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي دريءَ جي ڄاريءَ مان اهو سڄو کيل ڏسي رهي هئي. ان جي ڀر واري ڪمري ۾ مٺاين ۽خشڪ ميون سان ڀريل چاليهه ٿالهه رنگين ڪاغذن سان ڍڪيل تختي تي رکيا هئا، هتي هڪ ڪمري جي کٽ تي پيل ايڪيتاليهون ٿالهه نوٽن سان ڀريل هو. ڏهن ڏهن رپين جي نون نوٽن جا ٽي بنڊل ان ۾ ڏاڍي ترتيب سان رکيل هئا. هن جو ننڍو ڀاءُ مون اڃا تائين بازار کان ميون جي ٽوڪري کڻي نه موٽيو هو. هن جي اچڻ سان ئي هن جو سهڄ هتان وڃڻ وارو هو. سوما جي لاءِ هي کيل نئون نه هو. اڳ به ڪيترائي ڀيرا ائين ٿي چڪو هو. ڪيترائي گھمرا هن جي مڱڻيءَ جو جلوس وڏي شان ۽ شوڪت سان ڪڍيو ويو هو جيئن ئي هن جي شڪل ۽ صورت جي باري ۾ ڳالهيون ٿيڻ لڳنديون هيون. مڱڻي جو سهڄ واپس هليو ويندو هو. سوما جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڏک اهو هو ته هوءَ بدصورت هئي. بيڪار مهانڊا ۽ گھري ڪاري رنگ واري پنهنجي خوبصورت دل  ۽ روشن دماغ جي باوجود اڃا تائين ڪنهن کي نه وڻي هئي پهريان ته ڇوڪري وارا هن کي ڏسندي ئي رشتي وٺڻ کان پاسو ڪري ويندا هئا يا وري جيڪڏهن ڪنهن جاءِ به بدصورتيءَ کان اکيون بند ڪرائي يا پنهنجي ملڪيت جي سهاري تي هن جو رشتو ڪيو به ويندو هو، ته راز کلندي ئي هن جي ساهرن ۾ هڪ هنگامو پئجي ويندو هو. ڇوڪرو باغي ٿي گھر کان ڀڄي نڪرندو هو ۽ رشتو ٽٽي ويندو هو. ائين ٽي ڀيرا ٿي چڪو هو. هن جو پيءُ امير ۽ حوصلي وارو هو هن ڌيءَ کي سون ۽ چانديءَ ۾ مڙهي ڏيڻ ٿي چاهيو، پر ان تي به سڀني کي هيءُ سودو نقصان ۾ پئي لڳو. اهڙي طرح پنجويهن سالن جي ٿيڻ تي به سوما اڃا تائين غير شادي شده هئي. هوءَ پهاڙ گنج جي هڪ پرائيويٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ ماتسرياڻي ٿي پنهنجي جواني گذاري رهي هئي. ٽي سو رپيا مهينو پگھار وٺندي هئي ۽ پنهنجي والدين تي ڪنهن به قسم جو بار نه بڻي. پر هن جي شادي ڪرڻ ته انهن جو سماجي ۽ اخلاقي فرض هو. ان ڪري ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن نئين رشتي جي ڳالهه اڃا گذريل هفتي ئي هنن جي گھر ۾ هلي هئي. ڇوڪري جون ٻئي ڀاڄايون سهڄ کان اڳ ۾ اچي هن کي ڏسي به ويون هيون. ان جي باوجود به انهن طرف کان ”هائو“ ڪئي وئي هئي ۽ اڄ ڌڙاڌم هن جي مڱڻي جي رسم ٿي رهي هئي. سوما حيران هئي ته هي سڀ ڪجھ ڪيئن ٿي ويو؟ هن کي ڏسڻ کان پوءِ به انهن ها ڇو ڪئي؟ ڪٿي اهي ڀاڄايون ئي گھر ۾ عزت برقرار رکڻ لاءِ هن کي پنهنجي ننڍي ڏير سان ته نه اٽڪائن ٿيون؟ ٿي سگھي ٿو ته انهن گھر وڃي هن جي ڪوڙي ساراھ ڪئي هجي ۽ هن گھر کان چڱو سهڄ ملڻ جي لالچ ۾ پنهجي گھر وارن کي هيءُ رشتو وٺڻ لاءِ راضي ڪيو هجي؟

احساس ڪمتريءَ ڪري سوما جي دل ۾ ڪيترائي وسوسا هئا. هن جي دل هڪ اڻڄان خوف کان ڌڙڪي رهي هئي. هرهر جي انڪار هن جي دل ۾ هن مسئلي جو روشن پهلو ڏسڻ جي صلاحيت ئي نه رهڻ ڏني، بدصورتيءَ جا خراب پاڇا هن جي سوچن کي ڏنگي رهيا هئا، ان ڪري هن جو دماغ هميشه اوندھ ڏانهن ئي ورندو هو.هوءَ پنهنجي غير يقيني مستقبل کان خوفزده هڪ ڪمري ۾ ويٺي هئي. مهمان دعوت کائي اٿي بيٺا، مون به ميون جا ٽوڪرا کڻي پهچي ويو هو ۽ سهڄ جا ٿالهه هاڻي ڇوڪري وارن کي ڏنا پئي ويا، ايترو وزندار سهڄ ڏسي سڀني جون اکيون حيرت سان کليل هيون پر هن جو پيءُ جو اڃا به سڀني جي اڳيان پنهنجي عاجزيءَ ۽ گھٽتائيءَ جو اظهار ڪري رهيو هو. هن کي پنهنجي ڪراڙي پيءُ تي رحم اچڻ لڳو. هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا پنهنجي لاءِ هن جي اندر ۾ نفرت جو جذبو جاڳي پيو. هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڏوهي سمجھڻ لڳي. ڄڻ بدصورتي هن جو پنهنجو ئي گناھ هئي. جنهن جي ڪري هن جي پيءُ جي هر دفعي بي عزتي ٿي رهي هئي. ڪاش! هوءَ اهو سڀ ڪجھ ڏسڻ کان پهريان ئي مري وڃي  ها!

بينڊ باجن وارن پنهنجا باجا ساز سنڀاليا هئا. ڪرائي جا مزدور سهڄ جا ٿالهه مٿي تي رکي هڪ قطار ۾ ٻاهر نڪري رهيا هئا. پوءِ مهمان وڏي چاه سان هڪ ٻئي سان هٿ ملائي ۽ هڪ هڪ ٿي ٻاهر وڃڻ لڳا. باجن جو شور وڌيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر هن جو سهڄ جلوس جي صورت ۾ هن جي گھر کان روڊ جي پاسي ٿي ويو. هاڻي گھروارا پنهنجا ٿانو سنڀالڻ ۾ مصروف هئا. پليٽن، گلاسن، چمچن جو شمار ٿي رهيو هو. سڀ ماڻهو خوش ۽ مطمئن نظر اچي رهيا هئا. ڄڻ سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويو هجي ۽ هاڻي خطري جي ڪا به ڳالهه باقي نه رهي هجي. هيءَ ڳالهه هن جي دل ۾ گھر ڪري وئي هئي ته ڇوڪري جي ڀاڄائين گھر وڃي هن جي شڪل جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ جيئن ئي ان ڳالهه جو راز کلي ويو، ڳالهه وري اتي ئي اچي ويندي.

هوءَ ته پاڻ پنهنجي مڱيندي کي هڪ دفعو ڏسي چڪي هئي. گھر ۾ وڏن جي ڪجھ ڳالهين مان هن کي خبر پئجي وئي هئي ته ان جو نالو گلشن آهي.۽ دهلي ريلوي اسٽيشن تي ريزرويشن ڪلارڪ آهي. ۽ پوءِ اهو رڳو هڪ اتفاق هو ته هڪ ڏينهن هن کي فواري کان پهاڙ گنج جي بس مهل تي نه ملڻ ڪري دهلي اسٽيشن کان ٽرين جي ذريعي اسڪول وڃڻو پيو ۽ دهلي ريلوي اسٽيشن جي ورانڊي مان گذرندي هن جون نظرون اوچتو ريزرويشن آفيس ڏانهن کڄي ويون. بابو صاحب ان وقت ڪنهن مسافر سان ڳالهائي رهيو هو ٺيڪ ٺاڪ هو سوما محسوس ڪيو ته هيءَ هن جي لاءِ بلڪل مناسب ناهي. هن جي صورت ڏسي هو يقناّ هن رشتي کان انڪار ڪري سگھي پيو، پر ائين نه ٿيوسهڄ وئي کي هڪ مهينو گذري چڪو هو پر ڪنهن پاسي کان ڪا به اڻوڻندڙ ڳالهه نه ٿي هئي. ڇوڪري وارن کان هن جي لاءِ سوني منڊي آئي هئي ۽ هاڻي شاديءَ جي تاريخ پڪي ڪرڻ لاءِ خط لکجي رهيا هئا. مگر سوما دستور مطابق خوفزده هئي هن کي اهو سلسلو واريءَ جي ڀت نظر اچي رهيو هو ۽ شاديءَ جي تيارين سان گڏوگڏ هن جي ڳڻتي وڌي رهي هئي. هوءَ پنهنجو پاڻ کي صليب تي لٽڪيل محسوس ڪري رهي هئي هر روز اسڪول کان واپس ايندي هن کي هڪ دفعو ضرور خيال ايندو ته اڄ هن جو سهڄ واپس آيو هوندو. گھر پهچي جڏهن هن کي خبر پوندي هئي ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ٿي ته هوءَ اداس ٿي فڪرمند ٿي ويندي هئي. سهڄ جي واپسيءَ جو انتظار هوءَ بلڪل هڪ متوقع جوابي خط وانگر ڪري رهي هئي، جنهن ۾ هن جي سزا جي منسوخيءَ جو حڪم اچڻ وارو هو. گھر ۾ هوءَ جيترو وقت رهندي هئي، هن جو ڪن هر وقت ٻاهرين دروازي جي ڪنهن کڙڪي ڏانهن رهندو هو. ان وقت جيڪڏهن گھر جو پنهنجو ڀاتي به اوچتو اندر ايندو هو ته هوءَ دروازي ڏانهن ائين چنگهي ڪري ڏسندي هئي ڄڻ هن جو سهڄ واپس اچي ويو هجي. هوءَ پاڻ به حيران هئي ته اهڙيون اُبتيون سُنتيون ڳالهيون هن جي ذهن ۾ ڇو اڀري اچن ٿيون؟ هوءَ ته شاديءَ جي ڏاڍي خواهشمند هئي. سالن کان ان موقعي جو انتظار ڪري رهي هئي. ازدواجي زندگيءَ جي لاءَ هن ڪهڙا ڪهڙا خوابن جا ڄار اُڻي رکيا هئا؛ مگر هاڻي جڏهن سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي رهيو هو. هوءَ ڇو خراب انديشن جي باري ۾ سوچي رهي هئي؟ ڇو انهن خوش ڪندڙ حقيقتن کان پاسو بچائڻ چاهي پئي جيڪي هن جي زندگيءَ لاءِ هڪ سڌو رستو ٺاهي رهيون هيون؟ شايد هن جو پنهنجو ئي چور هن جي دل ۾ خوف بڻجي لڪي ويو هو ۽ هوءَ هزار ڪوششن جي باوجود به پنهنجي ذهن ۾ هڪ خوشگوار زندگي جو تصور نه پئي آڻي سگھي... هميشه هن جا گندا خيال ئي هن تي حاوي ٿي ويندا هئا. گھر ۾ شاديءَ جو ذڪر ٿيندي ئي هن کي ائين لڳندو هو، ڄڻ هن کي ڪنهن تمام وڏي آپريشن لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جون تياريون ٿي رهيون هجن. دهشت کان هن جي لونءِ لونءِ ڏڪي ويندي هئي. ذبح ٿيندڙ ٻڪريءَ وانگر هن جو روح ڏڪي ويندو هو.۽ هوءَ سڄو ڏينهن پريشان خيالن جي ڄار ۾ ڦاسي پوندي هئي ۽ پوءِ اهي دٻيل گھٽيل خيال ڀؤ وارا بڻجي ڪارن ڪڪرن وانگر هن جي ذهن تي ڇائنجي ويندا هئا. هن ڏٺو ته اهي سڀ ماڻهو جيڪي مڱڻيءَ جي وقت هنن وٽ دعوت کائڻ آيا هئا، هاڻي تيزاب سان هن جي منهن جي ڪاراڻ ڌوئي رهيا آهن. هن جو جسم چيڀاٽي سنهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن جي کل لاهي هن جي ڍانچي تي نئين اڇي اجري کل چاڙهي وڃي رهيا آهن. هوءَ سخت تڪليف محسوس ڪندي، رڙيون ڪرڻ چاهي ٿي پر هر دفعي هن جو آواز گلي ۾ گھٽجي ويندو هو ۽ هوءَ اٿلي پٿلي جاڳي پوندي هئي. پنهنجي ٿيڻ واري مڙس کي ته هن ڪيترائي گھمرا ٻي شادي ڪندي ڏٺو هو.پنهنجن پهاڄن سان هوءَ اڪثر ڪري خواب ۾ جھڳڙو ڪندي هئي پر هن جي ان ذهني تڪليف ۾ پنهنجي قسمت جي باري ۾ بي اعتماديءَ جي باوجود سندس شاديءَ جي تاريخ دسهڙي جي ڏينهن پڪي ٿي وئي. جنهن ڏينهن انهن جو ٻائو شاديءَ جي تاريخ کڻي هنن جي گھر آيو، اهو ڏينهن هن تي قيامت جيان گذريو. ٻه منهين تلوار جھڙي سوچ هن جي دل ۽ دماغ کي چچري وڌو. ان رات هن هڪ خواب ڏٺو ته هوءَ عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيٺي آهي. سڀ ماڻهو نفرت وچان هن ڏانهن ڏسي رهيا هئا. جج پنهنجي پٺي هن ڏانهن ڪيو ويٺو هو. وڪيلن جا هٿ هن جي سامهون هوا ۾ اڏري رهيا آهن ۽ چؤطرف کان خوفزده آواز اچي رهيا آهن: ”طلاق- طلاق“!

هوءَ ڀڻڪندي اٿي.  هن جي دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي. هن کان پوءِ هن جي اکين مان ننڊ نڪري ويئي.خيالن جا ڌاڳا هن جي ذهن کي شدت سان چيڀاٽڻ لڳا. هِتي هُتي ۽ هُتي هِتي ۽ جڏهن وري صبح جو گھر کان تيار ٿي اسڪول ڏانهن رواني ٿي ته هن جا قدم بس اسٽاپ جي بجاءِ پنهنجو پاڻ اسٽيشن ڏانهن کڄڻ لڳا ۽ انهيءَ ڏينهن وانگر هوءَ هڪ دفعو ٻيهر گاڏيءَ تي سوار ٿي نئين دهلي ريلوي اسٽيشن تي وڃي لٿي ۽ ورانڊي جي در مان لنگھي چپ چاپ  ريزرويشن ڪائونٽر جي اڳيان وڃي بيٺي. ڊيوٽيءَ تي ويٺل گلشن هن ڏانهن عام دفتري لهجي ۾ چيو:

”توهان کي ڇا کپي؟“

”مون کي؟ نه ته ... کپي ته ڪجھ به نه. مان ... صرف توهان کي اهو ٻڌائڻ آئي آهيان ته جنهن ڇوڪريءَ سان توهان جو مڱڻو ٿيو آهي اها.... مان آهيان. هيءَ ڏس توهان جي گھر جي منڊي. منهنجو مطلب آهي شاديءَ کان پهريان توهان وري به پنهنجي فيصلي تي غور ڪريو. ائين نه ٿئي ته. ان کان اڳتي سوما ڪجھ به نه چئي سگھي. گلشن جي جواب جو انتظار به نه ڪيائين. بس جلديءَ ۾ اتان هلي وئي ۽ تيزيءَ سان قدم کڻندي اسڪول ڏانهن رواني ٿي. ان وقت هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪري رهي هئي. ٽئين ڏينهن تي هن جو سهڄ واپس آيو. بس گھر ۾ هلچل متي پئي هئي، پر سوما اطمينان جو هڪ ساھ کڻي ڪري اندر پنهنجي پلنگ تي ليٽي پيئي، ڄڻ هڪ تمام وڏو بار هن جي مٿان لهي ويو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com