سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تسبيحِ محبت

صفحو :8

·

زندگيءَ ۾ تون زندگاني ڪر،

يعني تحصيلِ جاوداني ڪر!

پاڻ کي پاڻ ئي نه ڪر نابود،

پاڻ سان پاڻ مهرباني ڪر!

پاڻ محڪوم آهين ۽ حاڪم پاڻ،

پنهنجي پاڻهي تون پاسباني ڪر!

ڀل هجين شاهِه هفتِ اقليم،

بي خبر! خوفِ آسماني ڪر!

غير موسم ۾ عزمِ گل چيني،

گلشنِ دل جي باغباني ڪر!

آهه دنيا ۾ امتحان ”اختر“،

ترڪ لذاتِ نوجواني ڪر!

 

·

آباد حسرتِ دل آهي دلِ جوان ۾،

حظ و سُرور پنهان منهنجي غمِ نهان ۾.

گلشن جي ڪر گلن کان اي مرغ موڪلاڻي،

صياد آگ لائي افسوس آشيان ۾.

وحدت پرست زاهد جلوت ۾ آڻ خلوت،

مون ڪيو صنم کي سجدو بتخانئه جهان ۾.

هر موج مثلِ طوفان! يا رب تون ڪر ڪا رحمت،

آڻي ڇڏيسون ڪشتي درياءِ بيڪران ۾.

فرقت جي فڪر و غم کان آزرده ٿي نه ”اختر“،

اميدِ وصل آهي محبوب مهربان ۾.

 

·

ساقيا هن ميڪده ۾ غير کي آزاد ڇو؟

ساغرِ اسلام ۾ اڄ باده الحاد ڇو؟

ناز و نزهت سان بپا ٿي محفلِ مرغانِ صبح،

باغبان بزمِ چمن ۾ صحبتِ صياد ڇو؟

توکي طمعِ آب و دانه ڪيو قفس خانه ۾ قيد،

بلبلِ بيتاب! هيءُ بي فائدو فريا دڇو؟

اڄ جڏهن مليو جهانِ غم ۾ تسڪين و قرار،

عيش ۽ عشرت جي دنيا کي ڪجي آباد ڇو؟

صبح ٿيو هر جاءِ پهتو نور جو روشن شعاع،

تنهنجي محفل ۾ اڃا شمعِ ثمود و عاد ڇو؟

چند لمحن تي لٽائين ٿو حياتِ جاودان،

هاءِ پاڻهي پاڻ سان ”اختر“ ائين بيداد ڇو؟

 

·

مفت جي مال و زر کان غربت جو موت بهتر،

”ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر“.

مسجد مان اچ ملا تون، حجري مان نڪر حافظ،

خلوت ۾ اڄ رهڻ کان، خدمت جو موت بهتر.

مسلم جا ناز مسلم، رحمت جا راز مسلم،

حسرت جي هن جيئڻ کان هجرت جو موت بهتر.

ناهي حيا ڪو توکي، اي نوجوان مسلم،

ورطت جي وارثيءَ کان، وقعت جو موت بهتر.

اسلام آهه اعليٰ، مسلم ٺهي ٿو حاڪم،

اسلام ۽ غلامي؟ غيرت جو موت بهتر.

دشمن جي ٿي مقابل، ميدان ۾ آءُ ”اختر“،

تلوار کڻ هٿن ۾ همت جو موت بهتر.

 

·

محفل ۾ حسن ديده بپا ٿي نٿو سگهي،

هي رنڳ خون رنگِ حنا ٿي نٿو سگهي.

منهنجو هي دردِ عشق فنا ٿي نٿو سگهي،

”الاء“ جو عزم آهه ته ”لا“ ٿي نٿو سگهي.

اي ره نورد راهِ محبت! ڪجهه اڳڀرو،

ڏس جستجوءِ يار ۾ ڇا ٿي نٿو سگهي.

ديدون ملائي دور ٿيڻ ۾ به هوندو راز،

اهلِ وفا ڪو اهلِ جفا ٿي نٿو سگهي.

”اختر“ کان جي صنم ٿو گذاري جدا ته ڇا؟

ليڪن خيالِ يار جدا ٿي نٿو سگهي.

 

·

 

اُن بت شوخ اڳيان شيخ جو ايمان نبه رهيو،

زهد و تقويٰ ته ٺهيو، پر ڪو مسلمان نه رهيو.

زر جو جادو ته ڏسو ڪيتري جرئت ٿو رکي،

حسن ارزان ٿي پيو، عشق جي شايان نه رهيو.

حسن سَوَ توبـﮧ شڪن، زر سان ٿو پرزا ٿي پوي،

عشق بدنام سهي، بي سرو سامان نه رهيو.

اڄ رڳو عشق و محبت جون ڪهاڻيون آهن،

بزم و ساقي نه رهيا، ساغر و پيمان نه رهيو.

 

 

·

 

نه ٿيندو زر پرستيءَ سان ڪو حاصل جام ڪوثر جو،

ڀلا سونهي ٿو گڏ هن جي ڳچيءَ ۾ هار گوهر جو؟

اٿيئي گلٽ جا پئسا جواهر ڪيئن هلي وٺندين؟

نه بدلو سون چانديءَ سان ٿئي پتل ۽ ڪوپر جو.

نه وجهه صندوقِ دل ۾ غير جي صحبت جون سوغاتون،

ڪڏهن چانديءَ جي برتن ۾ ڪو ٿيندو شان گوبر جو.

مسافر! دور ٿي منزل سنڀالي هل کڻي سامان،

سهڻ ڪونهي سڄڻ تنهنجي انهن ٺڪرن ۾ ٺوڪر جو.

ڪندين ڇا اڄ هلي ”اختر“ گلستانِ نزاڪت ۾،

مزو ڪونهي اڳوڻو ڪو چمن ۾ گل صنوبر جو.

 

·

هاءِ بيدرد کان دل پنهنجي ڦرائي ويٺين،

دل ڏيئي درد و الم رنج پرائي ويٺين.

 

تير مزگان جا هڻي جنهن جي ڪمانِ ابرو،

افُ! اکيون اهڙي ستمگر سان اڙائي ويٺين.

 

شوخ چشمن جي رهي جنهن جي هٿن ۾ شمشير،

اهڙي قاتل جي اڳيان ڪنڌ نمائي ويٺين.

 

ڇا ڏسي پاڻ ڏي شهباز، نظر جو پروانو،

مرغِ دل هڪڙي اشاري تي اُڏائي ويٺين.

 

ڪيئن ٿئين حسن جي هٽلر سان مقابل افسوس،

سرحدِ صبر و سڪونت کي وڃائي ويٺين.

 

تون گرفتار ڪمندِ سرِ گيسو سان ٿئين،

پاڻ کي بند ۾ بيحال بنائي ويٺين.

 

بي سبب بزمِ صنم ۾ هي وڃڻ جو بدلو،

پير پنهنجي تي ڇري پاڻ وهائي ويٺين.

 

مدعا دل جي نه آڻين ها لبن تي هرگز،

دشمني پاڻ سان پاڻهي ئي پرائي ويٺين.

 

خانهء دل کي خيالات سان تعمير ڪري،

پنهنجي هٿ سان ئي وري آگ لڳائي ويٺين.

 

آتشِ عشق و محبت سان اُمالڪ ”اختر“،

خرمنِ صبر و ادب هوش جلائي ويٺين.

 

·

اي نگاهِ شوق! طلبِ يار ۾ ديوانه ٿي،

برعظيم، عشق ۾ مجنون صفت مستانه ٿي.

 

صبح کان صياد آهي توکي ڦاسائڻ ۾ چست،

بلبلِ بيتاب! تون لاطمعِ آب و دانه ٿي.

 

ڪئين پيا رهزن ڦِرن تنهنجي متاعِ صبر لاءِ،

اي دلِ مايوس! گنجِ سوز جو تهخانه ٿي.

 

مدعاءِ وصل تي بس مختصر مليو جواب!

”قصهء منصور ٿي يا طور جو افسانه ٿي.“

 

سوزِ فرقت ۾ سڙڻ ڌاران نه ٿيندو وصلِ يار،

بزمِ غم ۾ شمعِ دردِ هجر جو پروانه ٿي.

 

عشق جي شطرنج کيڏڻ ڇوڪرن جو ڪم نه آهه،

مرد جو پٽ مرد تون ميدان ۾ مردانه ٿي.

 

جن رکيو سر پنهنجو سَٽ ۾ سيئي منزل تي رسيا،

مقتلِ جانان ۾ ڪشتئه غمزه جانانه ٿي.

 

بت پرستيءَ ۾ گذر ٿي وئي ”اختر“ سڀ ڄمار،

بت شڪن محمود هو تون فاتحِ بتخانه ٿي.

 

·

اي دلِ پرجوش عقل و هوش کان بيگانه ٿي،

داما دربارِ جانان ۾ هلي دوزانه ٿي.

 

باده ذوق، جنون سان زينتِ خمخانه ٿي،

”قِصهء منصور ٿي يا طور جو افسانه ٿي.“

 

سوز جي لذت جي توکي ڇا خبر اي هوشور،

شوق مان شمعِ رخِ جانان تي پروانه ٿي.

 

هوشمنديءَ سان ڪڏهن حاصل نه ٿئي تڪميلِ عشق،

ليليِ فطرت جي حسنِ ديد تي ديوانه ٿي.

 

محفلِ رندان ۾ حاضر ٿي هلي مستانه وار،

مست ساقي جي نگاهِ مست سان مستانه ٿي.

 

عام ڪئي پير، مغان اڄ مئي سان تقسيمِ سڪون،

سرڪ سان سرشار ٿي دلداده پيمانه ٿي.

 

شوقِ شهرت ۾ نه ايڏو بوالهوس ٿي بيقرار،

ڪنج، خلوت ۾ تون طالب منظر، عرفانه ٿي.

 

ڪئي بپا اڄ ناز پرور ناز وارن بزمِ ناز،

ناز سان همناز ٿي خود ناز محبوبانه ٿي.

 

نينهن ۾ نروار ٿي ”اختر“ ملامت کان نه ڊڄ،

ڪار زارِ عشق ۾ هر تير جو نيشانه ٿي.

 

·

طلوعِ شمس سان ويو منتشر ٿي روح شبنم جو،

سناٽو ڇانئجي ويو محفلِ گلشن ۾ ماتم جو.

 

ويا خاموش ٿي اهلِ تصوف معرفت وارا،

اثر کان آهه خالي وعظ علامه مڪرم جو.

 

دلِ بيجان وئي مدفون ٿي شاعر جي سيني ۾،

مزارِ شعر تي ڪونهي ڪو نيشان چشم پُرنم جو.

 

شرافت ٿي وئي تبديل دنيا ۾ شرارت سان،

خدا ڄاڻي ڇا ٿيندو حشر هن اولادِ آدم جو.

 

دلين ۾ اضطراب و غ۾ تن آساني جون تدبيرون،

عجب تر عقل و هوش آهي هنرمندانِ عالم جو.

 

اچي طرفن کان پيو طوفان تجلي برق جي بنجي،

سلام و امن سان پيو سَر ٿئي اسرار ائٽم جو.

 

اڙي نادان! نه ڪر علم و هنر تي تون غرور اهڙو،

شرف تختِ سڪندر کان نه ڪمتر گردنِ خم جو.

 

نسيمِ دردِ الفت ۾ سڪونِ قلب جو تاثير،

نه آهي عشق جو مجروح ڪو محتاج مرهم جو.

 

سراءِ دهر ۾ ”اختر“ ڪئين آيا ڪئين ايندا،

هتي هرڪو مسافرخانه ۾ مهمان ڪنهن دم جو.

 

·

 

افسوس سندءِ دل اهلِ نزاڪت، حال جي هر آرام تي آهه،

هي شوق، هَوَس جو طوق اٿئي، عاقل جي نظڙ انجام تي آهه.

 

ملڪيت کي ڏسي مغرور نه ٿي، هستيءَ جي نشي ۾ ههڙي طرح،

هي صبحِ تجمل سمجهه ته پهتو ظلمت و شڪلِ شام تي آهه.

 

هي وقت اٿئي مهلت جو مليو، ڪر پنهنجي حياتي وقفِ عمل،

هان! عالمِ بو ۾ ڪهڙو سڄڻ، اقرار دمِ بي نام تي آهه.

 

دشمن جي صفِ حائل کي ڏسي اي فخرِ وطن بزدل ٿو ٿئين؟

هر قوم جي تعميرات و ترقي خنجرِ خون آشام تي آهه.

 

همت جي ٻڌي مضبوط ڪمر ميخانه ڇڏي ميدان ۾ آءُ،

چؤطرف چڙهائي اڄ ٿو ڏسان خصمن جي خمارِ جام تي آهه.

 

ڇا ٿيو جي کڻي دولت جي ڪري مقبول تون بزمِ خاص ۾ ٿئين،

اقبال ۽ عزت، شان شرف، رغبت ۽ رسوخ عام تي آهه.

 

حسرت کان ڪري هيءَ منهنجي زبان ڪيئن ضبطِ غم و فرياد و فغان،

اُف! ياس و الم جو بار گران ”اختر“ جي دل ناڪام تي آهه.

 

 

 

·

بي درد بنجي بزم ۾ قاتل تمام رات،

خنجر بڪف ٿي بيٺو مقابل تمام رات.

مان هوس حسرتن سان حمائل تمام رات،

کلندو رهيو مٿان مـﮧ ڪامل تمام رات.

اڄ منهنجي غم ڪده ۾ رهيو مون سان ٻيو رفيق،

ڳوڙها وهائي شمع ٿي شامل تمام رات.

رندن جي تشنگيءَ کان صراحي ٿي سجده ريز!

ميخانه ٿيو نماز جي قابل تمام رات.

هن جي نگاهِ مست سان مدهوش ٿي ويس،

دنيا جي دار و گير کان غافل تمام رات.

بي اختيار ٿي صنم جي مون رخسار کي چميو،

زلفن جو طوق ٿي ويو حائل تمام رات.

اُڻ شاطرِ حريف کان بازي کٽي اٿم!

ڏيئي ڪي ضبطِ غم جا دلائل تمام رات.

درياءِ درد و غم کي ڏسي شيخ بو الهوس،

پي ڀٽڪندو رهيو لبِ ساحل تمام رات.

خلوت نشين زاهدِ شب خيز خوش رهي،

حورن جي آسري ۾ جو غافل تمام رات.

جوشِ جنون سان طيءِ ٿي سگهي ٿي سبيلِ عشق،

چاڪيءَ جي گهاڻي جيئن ڦري عاقل تمام رات.

اڄ ڪنهن جي انتظار ۾ تارا ٿڪي ويا،

تارن ڏي منهنجي دل رهي مائل تمام رات.

مومن سو آهه جنهن ڪئي دل جي يقين سان،

ان بُت اڳيان پرستشِ باطل تمام رات.

”اختر“ اسان جو پيرِ حرم اڄ اچي ٿيو،

بتخانهءِ ضمير ۾ شامل تمام رات.

 

·

 

دردِ فرقت جي هيءَ فراواني،

يا خدا ڪر تون مشڪل آساني.

 

باوجودو يڪ باده نوشيءَ جي،

نه ٽٽو درد و غثم پريشاني.

 

مان ڪيان ان تان جان پيو قربان،

هو وتي غير کي ڪندو جاني.

 

مون کي هردم نياز ۽ نوڙت،

هن کي هر وقت ناز سلطاني.

 

ان ڪيو اڄ نقدِ دل کان انڪار،

مون کي ڪرڻي پوي نه ديواني.

 

رنگ لائيندي بزمِ جانان ۾،

تنهنجي ”اختر“ اها غزل خواني.

 

 

 

·

عريان ٿيو حسنِ ڪيف نگارِ شراب ۾،

صدها ويا ٿي مست جوارِ شراب ۾.

پرواني جو هي سوز ۽ هي شمع جو گداز،

جان و جگر نثار وقارِ شراب ۾.

خندان ٿئي ٿو خاص طرح غنچئه خودي،

اي عندليب زار بهارِ شراب ۾.

سداقي ڏي اهڙو جام جو بيخود ڪري ڇڏي!

مستي جو شان آهه خمارِ شراب ۾.

صحراءِ عقل ۾ چريا! مستن جو ڪهڙو ڪم،

ڇو اي جنون نه هلجي ديارِ شراب ۾.

مون ساري زندگي ڪئي مئخانه ۾ بسر،

يا رب! جڳهه ڏئين ته مزارِ شراب ۾.

پيئندين اي شيخ ڪيئن مئي ڪوثر کي تون جڏهن،

هڪ ڀيرو ڀي نه آئين ديارِ شراب ۾.

”اختر“ سرور وٺ تون مئي عشق مان مگن،

بدمستي آهه ڪفر خمارِ شراب ۾.

 

·

نه ڇڏ همت کي هٿ کان هاڻ ساحل کي اچي ويجهو،

مسافر ڪيم تون گهٻراءِ منزل کي اچي ويجهو.

ڪيو مخمور ساقي اهلِ محفل کي اچي ويجهو،

نظر سان نور بخشي ديده دل کي اچي ويجهو.

هي منهنجي آه جو شعلو فلڪ کي ساڙي اڳتي ٿيو،

مان سمجهان ٿو هو پهتو ماهِ ڪامل کي اچي ويجهو.

مئي جو جام پيتم پئي سڏي واعظ ته سمجهايو،

مون پڇتايو گهڻئي پوءِ اهڙي جاهل کي اچي ويجهو.

حسينن جي رخِ تابان سان گستاخي نه ڪر ”اختر“،

بچي سگهندو سو ڪيئن زلف مسلسل کي اچي ويجهو.

 

·

صنم سينگارجي آيو عجب زربفت زيور سان،

قمر کي ڪانه هئي تشبيهه ان جي رخ منور سان.

جڏهن هن شوق جي خاطر ٿي ڇوڙيو پنهنجي زلفن کي،

ويو ٿي واسجي ميدان سارو مشڪ عنبر سان.

نگاهِ ناز جي سامهون نهاريندي بصد حسرت،

ڪمندِ زلف ۾ ڦاٿس ڪٺس ابرو جي خنجر سان.

ڪئي دنيا ٿي هن جي حۡم جي تعميل هر حالت،

هنيائين ٿي دم حڪومت جو شهنشاهِ سڪندر سان.

فقط چشمن جي هڪ بم سان فرانسِ دل فتح ڪيئين،

مقابل ٿي نه سگهيو حسن جي سالار هٽلر سان.

نه هوندو حسن جو غلبو هميشه يار هي تنهنجو،

نه ڪر ناراضپو تون ناز وارا نيڪ ”اختر“ سدان.

 

·

ان جي هر رمز رازو نياز کي نيٺ،

هڪ مڪمل ڪتاب ٿيڻُ پيو.

ان جي هڪ ئي نظر سان شوق وڌيو،

شوق کي اضطراب ٿيڻُ پيو.

ان جي ذره نوازيءَ کي ته ڏسو،

”ذره کي آفتاب ٿيڻُ پيو.“

مون صدا هنئي ته گنجِ عشق مليو،

بينوا کي نواب ٿيڻو پيو.

نهر تي آهي آيو پيرِ مغان،

آبِ جُو کي شراب ٿيڻُ پيو.

ماهِ ڪامل ڏسڻ سان منهنجو صنم،

رشڪ ۾ بينقاب ٿيڻُ پيو.

نيٺ ”اختر“ کي بزم طالب مان،

هر طرح فيضياب ٿيڻو پيو.

 

·

اڄ جڏهن هرڪو رهي ٿو اي صنم خوشدل الڳ،

اچ ته ٻئي پاڻ به مچايون پنهنجي ڪا محفل الڳ.

 

منهنجي عظمت وئي ته رل مل ٿيا رقيبن سان رفيق،

خود مقدر ٿي ويو اغيار سان شامل الڳ.

 

کلندي کلندي مون چميو پي اُن جي رخ کي بار بار،

پر مٿان کلندو رهيو هر هر مـﮧ ڪامل الڳ.

 

ٿي پري دربان در تان بي مهل مون کي نه روڪ،

بزم مان ڪرڻُ اٿم هو غير ناقابل الڳ.

 

زاهدا! طعنه نه ڏي چاڪِ گريبان کي ڏسي،

وحشتِ جوش، جنون ۾ عشق جي منزل الڳ.

 

توسان ڪئن منهنجو سفر ٿئي اي رقيب رو سياه،

تنهنجو آب و گل الڳ ۽ منهنجو آب و گل الڳ.

 

مون ته راهِ عشق کي سمجهيو ٿي آسان تر مگر،

ڪنهن به صورت ۾ نٿو مقصد ک.ئان ٿئي مشڪل الڳ.

 

منهنجي مدفن تي اچي ٿيا نوح خوان مرغانِ صبح،

گل الڳ بلبل الڳ قمري الڳ ڪوئل الڳ.

 

آهي هيءَ ڪهڙي نه دنيا جا رهي ڪنهن سان نه راس،

عالم و عاقل الڳ ۽ ”اخترِ“ جاهل الڳ.

 

 

 

ڪافيون

  

 

ڪافي

 

ٿل:    ڇو ٿو پکيئڙا گهارين دور،

پهچ وري پرديسي وطن ۾.

1- پاڻ پتوڙيئي حرص و هَوَس ۾،

ڦاٿئين بلبل قيد قفس ۾،

ناهه اُڏامڻ تنهنجي وس ۾،

معاف نٿو ٿئي اهڙو قصور،

مرغِ چمن کي بزمِ چمن ۾.

2- باغ و بهار تي شاد نه ٿئين ها،

عيش ڏسي آزاد نه ٿئين ها،

اهڙيءَ طرح برباد نه ٿئين ها،

تنهنجو ڪمينو ڪبر و غرور،

ڦوڪ ٿو ڏئي صياد جي ڪن ۾.

3- بند ڪري فرياد و جرس کي،

ضربِ عمل سان ٽوڙ قفس کي،

گلشنِ حق جي ڳول تون گس کي،

آهين اگر ٿيو اهلِ شعور،

فهم و فراسست فڪر ۽ فن ۾.

4- غم نه اجايو ڪر تون ”اختر“،

ٿي نه ويڳاڻو ٿيندي واهر،

شافعِ محشر پاڪ پيغمبر،

آسون اُميدون آهن ضرور،

حضرت هوت حسين حسن ۾.

 

ڪافي

 

ٿل:    پنهنجو وڃائي پاڻ وجود،

فڪر فنا ۾ پاڻ فنا ڪر.

 

1- اوکي اٿيئي بره جي بازي،

ناز جي اڳيان ڪر تون نيازي،

 

سوز سيکاريو آهه سجود،

سامهون سڄڻ جي عشق ادا ڪر.

 

2- ڪر نه اجايا عيش تون انسان،

قلب مان ڪڍ تون نڀاڳ کي نادان،

 

ڇڏ تون ندورو نام و نمود،

مست ٿي محبت جو پنڌ پڇا ڪر.

 

3- ملڪ مجاز مان پاڻ مٽائي،

عالمِ عشق جو جامون پائي،

 

نفس نحوست ڪر نابود،

حق سان حق ٿي حق کي بجا ڪر.

 

4- ورق ورائي وحدت وارو،

عبد ۽ احمد جو سمجهه اشارو،

 

الاالله سو حق موجود،

ويهي ”اختر“ ورد وفا ڪر.

 

ڪافي

 

ٿل:    دنيا کان منهن مٽائي،         پرين ڏي هل پڇائي،

سالڪ سڏائي سمجهي،               صوفين جو پوش پائي.

1- ڇڏ يار هوڏ هستي،

مايا تي ڪر نه مستي،

بيڪار آهه بستي،

صحرا کي وِهُ وسائي.

2- عاشق ٿي عمر ساري،

ڪر ڪا طلب تياري،

سک رمز راز واري،

بيحال جا بنائي.

3- ٿي بي نياز بلڪل،

ڪر فيض حق حاصل،

بنجي فقير ڪامل،

دونهون وڏو دکائي.

4- اڳيان اٿئي محشر،

ٿيندين ملول مضطر،

ريجهاءِ رب کي ”اختر“،

سجدي ۾ سر نمائي.

 

 

 

 

ڪافي

 

ٿل:    سک سمجهه ٿي سياڻو،

سر تي سفر سٽاڻو،

سامان کڻ سنڀالي،

نه ته هوندي هُت نماڻو.

 

1- ڪفني ڪلهن تي پائي،   سامي صفا سڏائي،

پهـــتا سگهــــو پڇائــــي،        پنهنجو وطن اباڻو.

 

2- ڪئين عقل جا اڪابر،     هن گس مُنجهن ٿا ماهر،

موڳو نــــه ٿــــي مسافر،  کڻ ساڻ ڪو سڃاڻو.

 

3- هوشيار ٿي هليو هل،       جهاڳي جبل ۽ جهنگل،

اڳتــي اڃا ٿــــي منزل،  ٿيندو جتي ٺِڪاڻو.

 

4- هِت هُت نه هل اجايو،      ڪر تون سفر جو سعيو،

جيڪـــو اڳيئــــي آيو،   ”اختر“ اهو اگهاڻو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org