سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تسبيحِ محبت

صفحو :3

 

سئنيما

 ڇا ڏسين ٿو اي چريا تون پرده سيمين تي،

آهين تون مستانو سئنيما جي هڪ هڪ سين تي.

آهه توکي اي سڄڻ هر شام سئنيما جو خبط،

تنهنجي طبعِ نوجوان کي راڳ ۽ گاني سان ربط.

تنهنجي ديدن ۾ ڦري ٿو ”مِس ثريا“ جو جمال،

تنهنجي فهم و فڪر ۾ هيءَ قابلِ صنعت ڪمال.

بت پرستيءَ کي بنايو باعثِ تفريح تو!

دخترِ الحاد تي بيشڪ ڪئي تصحيح تو!

آهه! اي نوخيز آهين ڪيترو ڪوتاهه بين،

هاءِ ٿي توکي اچي هرچيز نظرن ۾ حسين؟

سايئه تصويرِ فاني کي ڏسي عاشق بنئين،

نفسِ نادان جي چوڻ تي فجار و فاسق بنئين.

کول اکيون ڏس حقيقي حسن کي هرچيز ۾،

پنهنجي پنهان سينئه، پر سوز جي ٽاڪيز ۾.

قلب جي پردي تي چالو نورِ يزدانيءَ جي فلم،

علم جي لائيٽ سان تڪميل انساني جي فلم.

تي تجلي ڏي هِئين تي حُسن، عريان جي جهلڪ،

نورِ يزدان جي جهلڪِ تنويرِ ايمان جي جهلڪ.

هوءَ اٿئي تقليدِ شيطان هي اٿئي تجديدِ دين،

هوءَ اٿئي وهم و گمان ۽ هي اٿئي عين اليقين.

 

 

استقبالِ آدم

(1)

 

تنهنجي تشريفِ تقدس آهه، فخرِ ڪوهسار،

تنهنجي قدمن کي چمڻ لئه موجِ دريا بي قرار.

 

آهي سدرة المنتهيٰ ۾ تنهنجو عالي آستان،

تنهنجي ئي اقدام لئه خلدِ برين کي انتظار.

 

اشرف المخلوق تون، قربان توتان ڪائنات،

برقِ جدوجهد تون، قدر و قضِا توتان نثار.

 

آهي هر ذري ۾ تنهنجو ئي سمايل نورِ عشق،

تنهنجي سيني ۾ رهي پنهان ٿو درِ آبدار.

 

تنهنجي استقبال جي لئه باادب عرشِ عظيم،

آ شبِ معراج تنهنجي شرڪتِ عزو وقار.

 

آهي تنهنجي پيشقدميءَ لاءِ پيدا جبرئيل،

تنهنجي عظمت جي اڳيان شاهانِ عالم شرمسار.

 

ڇا سبب تنهنجي اکين ۾ اڄ نه آهي آب و تاب؟

ڇو ستايو آهه توکي گردشِ ليل و نهار؟

 

مضطرب تنهنجي ملامت کان زمين و آسمان،

تنهنجي بي حاليءَ کان ٿيو بيتاب بحرِ بي ڪنار.

 

هاءِ تنهنجي عزت و عظمت جي قيمت ايتري؟

چند چانديءَ جي سِڪن لئه غير سان ايڏو پيار؟

 

تنهنجي لئه امواجِ رحمت نوح جو طوفان آهه،

آتش، نمرود آهي تنهنجي لئه باغ و بهار.

 

تون جوان آهين جگر ۾ جوش ايماني اٿئي؟
نسلِ مسلم مان تون آهين، پر مسلماني اٿئي؟

 

 

خاڪ _ حجاز

(2)

 

وصلِ جانان آهه ”اختر“ لذتِ ذوقِ حيات،

ماڻ تون محبوب سان ڪا محفلِ نازو نياز.

 

ٿورڙي مدت ۾ تون محمود ٿي ويندين مگر،

بي خبر! بي دل نه ٿيءُ سک رسمِ تهذيب اياز.

 

ديد کان بيديدو آهين ٻيا دوا خانا نه ڳول،

سرمئه نور البصر آ خوشترين خاڪر حجاز.

 

ماڙين تان هيٺ ڪيريايا ڪَئين ڪبرو غرور،

ڪر نه زاهد ايترو تون زهد ۽ تقويٰ تي ناز.

 

آهه خاطر خواهه توکي خواهشِ حورانِ خلد؟

خود غرض! ڇا طمع سان وابسته آ تنهنجي نماز؟

 

ياس و حسرت، اضطرابِ قلب و ارمان شرطِ عشق،

شمع و پرواني کان سک اندازو سوزو گذار.

 

آهه! تون آگاهه ناهين پنهنجي اصليت کان پاڻ،

علم و عرفان کان هميشه آهه توکي احتراز.

 

محفلِ اغيار ۾ آ شرڪ جي بربط جو شور،

نغمئه توحيد کان خاموش آهي تنهنجو ساز.

 

تون ٿو سمجهين مذهب و ملت جي پابندي فضول،

هاءِ! توکي حق ۽ باطل جو ڪونهي امتياز.

 

ڇا ٿيو تون جيڪڏهن ٿئين کڻي بيريسٽر،

آهين فطرت جي سياست کان صفا محرومِ راز.

 

ايم_ اي آهين مگر ڪو علم ڪامل ڪر تلاش،

محو نظاره ٿي حاصل ڪر سڪونِ قلب ڪاش!

 

زاهد ۽ شيطان

 

زاهدِ شب خيز هڪ ڀيري چيو شيطان کي،

لطفِ حق کان لوڌيل بدبخت بي ايمان کي.

 

تنهنجي علم و عقل جو هو عرش تي مذڪور عام،

پر تڪبر کان ٿئين لعنت جي قابل صبح و شام.

 

شان شوڪت عز و عظمت سان ڏسي دربارِ حق،

تون ڪر يافسوس ويٺين امر کان انڪار حق.

 

پنهنجي بدحالي کان بلڪل تون ته بدقسمت ٿئين،

امر جي انڪار باعث دور از رحمت ٿئين.

 

آهه انسان آيو دنيا ۾ گهڙي گهارڻ جي لاءِ،

آهين ڇو پٺيان پيو ان جي اچي کارڻ جي لاءِ.

 

ڇا نه تون سمجهين ته انسان اشرف المخلوق آهه؟

ابنِ آدم خود خداءِ پاڪ جو معشوق آهه.

 

ڇا اڪيلو کاري سگهندين نيڪ رو انسان کي؟

موت تائين پاڻ سان ويندين وٺي ارمان کي.

 

شوخ ٿي شيطان زاهد کي ٻڌايو هن طرح،

خار مان ٿي خنده زن کليو کلايو هن طرح.

 

ٻنُڌُ! ازل کان ئي وٺي آدم جو دشمن آهيان،

دائمي زنده ۽ ديده زيب، پُر فن آهيان.

 

مان اڪيلو ناهيان مون سان هزارين هم عنان،

بحر و بر ڇا هر جڳهه هر ماڳ تي منهنجو مڪان.

 

خلوت و جلوت کي حائل هر طرح منهنجو سپاهه،

پر خطر ايٽم کان اهي منهنجو افسونِ نگاه!

 

گر دماغ و دل تي منهنجو قبضهء قوت مدام،

هر خيال و فعل جي خود منهنجي هٿ ۾ ٿي زمام.

 

منهنجي ذڪر و فڪر ۾ اڄ خانقاهون خاص تر،

منبر و محراب تائين منهنجي جادوءَ جو اثر.

 

منهنجي منصوبن سان ميخانن ۾ هي اسڪاچ ڏس،

منهنجي هڪ ادنيٰ اشاري سان هي ننگا ناچ ڏس.

 

خونريزيون عام آهن منهنجي هڪ انداز سان،

محفلن ۾ شور و شر منهنجي سريلي ساز سان.

 

جيستائين آهه افرنگي نحوست جو نظام،

جيستائين آهه لاديني حڪومت جو نظام.

 

جيستائين آهه فاتح هي اميرن جو گروهه،

جيستائين ان تي محڪم عشرت و عورت جو موهه.

 

جيستائين هن جماعت ۾ رهي شهرت جو شوق،

جيستائين تن تي غالب شهوت و لذت جو ذوق.

 

مون کي رسمي زاهدِ شب خيز جي پرواهه ناهه،

صوفيانِ رقص و نغمه ريز جي پرواهه ناهه.

 

ناهه پرواهه مون کي خالي نعرهِ تڪبير جي،

ناهه پرواهه بي عمل علماء جي تحرير جي.

 

هان! مدامي ڊپ اٿم ڪنهن مردِ مومن جو ذرا،

جنهن جو هر فعل آ تابعِ سنتِ خير الو راءِ.

 

هن سان هم صحبت ٿيڻ جي مون ۾ ڪا طاقت نه آهه،

ڪيئن ٿيان هن سان مقابل جان ۾ جرات نه آهه.

 

هن جي اڳيان منهنجو هر جادو اثر کان بي اثر،

دائما معجزه نما جنهن جي نگاهِه چشم تر.

 

هو ۽ مان آهيون بهر صورت مثالِ گرگ و هيش،

منهنجي توبهه منهنجي بابي جي به توبهه هن جي پيش.

 

شرافت ۽ فيشن (حرف و حڪايت)

 

فيشن کي چيو شوخ ٿي هڪ ڏينهن شرافت،

قومن جي تنزل جو فقط آهين سبب تون.

 

تو ملڪ ۽ ملت جي ستياناس ڪرائي،

نازل ٿو ڪرين خاص غريبن تي غضب تون.

 

چُهڙن ۽ چڱن کي تو هڪ صف ۾ سڏايو،

پردي م ڪمينن جو ڪرين اصل و نسب تون.

 

تو ناس ڪئي عورتِ بي عقل جي عصمت،

هر قوم ۾ بس قاتلِ اخلاق و ادب تون.

 

هر صاحبِ دولت جي ڪرين خوب خوش آمد،

مفلس جي مگر شان ۾ لوفر جو لقب تون.

 

آ باده گلگون جو شرف توکي شب و روز،

محنت جي مقابل ٿو رهين عيش طلب تون.

 

تون آهين فقط حسن و جوانيءَ جو نظارو!

هر شام و سحر بزم گهِه رقص و طرب تون.

 

مان اصل کان آباد رهان بزمِ جهان ۾،

آدم کان مليو مون کي لقب شان و شرافت.

 

تاثيرِ وفا آهه سندم رنگِ حنا ۾،

صدين کان سندم آهه ٿي مقبول امامت.

 

مان محفلِ جانان ۾ رهان شمعِ شبستان،

پُرنور ڪريان خانـﮧ دل بَهر، اطاعت.

 

نگهت جو اثر منهنجي نسيمِ سَحَري ۾،

مان گلشنِ ايمان کي پهچايان تراوت.

 

آ منهنجي ادا صاحبِ لولاڪ جي تقليد،

آ منهنجي نگاهن ۾ اشاراتِ ڪرامت.

 

ممڪن ته ڪڏهن مان به ٿيان نذرِ حوادث،

اول ۾ غم و درد ۽ آخر ۾ عنايت.

 

ٻئي لازم و ملزوم ٿيا باد ۽ باران،

هر شام جي ظلمت ۾ نهان صبحِ سعادت.

 

ته به تنهنجا طلبگار زمانِ ۾ زيادهه؟

گهٽبي ئي وڃي روز سندم تاب ۽ طاقت.

 

جواب: فيشن:

بي خود ٿي شرافت کي چيو شوڪتِ فيشن،

آهين ته حقيقت ۾ تون هر گنج جو گوهر.

ليڪن هي جهان اهلِ زر و سيم جو آهي،

عزت نه لهي عالمِ حاضر ۾ ٿو بي زر.

تون هاڻي مقيم آهين غريبن جي مڪان ۾،

آهيان ته مان هر بزم ۾ نيشانِ تونگر.

حاصل:

جيتر هي جهان آهه اميرن جي پس و پيش،

پَڪَ ڄاڻ اهي تنهنجي قيادت جا پدانديش!

 

 

سگريٽ ۽ شمع

 

سگريٽ:

هڪ ڏينهن چيو شمع کي بيتاب ٿي سگريٽ،

فطرت ۾ سمايل ٿو رهي منهنجو رڳو سوز.

 

هر تشنهء الفت کي ڏيان بادهِ تسڪين،

تون نور ۾ بينور فقط آهين شب افروز.

 

مدهوش ڪريان مان تو مئي سوخت سان عالم،

ته به منهنجي شڪايت لبِ هر شخص شب و روز.

_____

 شمع:

 سگريٽ کي هن ريت چيو شمعِ فروزان،

ضندان ٿو ٿئي غنچـﮧ دل بادِ صبا تي.

 

تون محفلِ اُمراء تي رکين رتبـﮧ تشريف،

آهيان مان سڄو نور مزارِ غرباء تي.

 

 

لغڙ

 

ڪالهه هو ڪن ٻالڪن چت چاهه مان چاڙهيو لغڙ،

تازو رُو ٿي طائر، بي جان کي بالاءِ بام.

 

حسنِ طفلان دلربا، نظاره، راحت نما،

واهه وا دلچسپ موسم واهه وا رنگين شام!

 

جوش جاڳيو آسمان کي آئي جُنبش ۾ هوا،

ڪاروان بادبان جو ٿيو فضا ۾ تيز گام.

 

بي تڪلف چند منٽن ۾ وڃي ورتائين چوٽ،

ڏور جي آڌار سان ٿيو عرش تي اُن جو قيام.

 

ان جي اهڙي اوج کان بيتاب صدها سر بلند،

هن جي رفعت کان ٿيون مجبرو چشمانِ عوام!

 

اوچتو ڪاهيندو آيو واءُ واچوڙي مثال،

ڏور پئي اڌ مان ٽٽي ڪيو لغڙ سڀني کي سلام.

 

ڦاسندو ۽ ڦاٽندو خود ڦڙڪندو ڦرندو هليو،

پنهنجي رخ پهتو سو برپٽ ۾ بحالِ ناتمام.

 

غور ڪر انسان آهي تنهنجي لاءِ هي هڪڙو مثال،

هاءِ فاني چيز جو ”اختر“ هميشه ههڙو حال!

 

 

آرٽ

 

اي سڪندر بخت پاڪستان جا چشم و چراغ،

عزت و عظمت جي دولت تنهنجو ڦيرايو دماغ.

 

تون جوان ٿيندو رهين هرحال حرص و آز ۾،

توکي ٿيو شرفِ صدارت آهه بزمِ ناز ۾.

 

تنهنجي مئخاني ۾ قائم محفلِ رقص و سرود!

تنهنجي صحبت ۾ ٿو سونهي صنفِ نازڪ جو وجود.

 

تنهنجي بزمِ شوق ۾ مشروط شب دن ڇوڪريون،

تنهنجي ڪسرت گاه ۾ هر وقت ڪمسن ڇوڪريون.

 

جن جي اکين جي اشارن تي ڪئي تو دل نثار،

توکي تڪميلِ هَوَس ۾ آهه ڪيڏو انتظار.

 

عيش ۽ عشرت جو متوالو رهين ٿو رات ڏينهن،

توتي غالب آهه اڪثر ناچ ۽ گاني جو نينهن.

 

ڇا ٿو ڇرڪين ڇوڪرين جي ڇم ڇمي ڇڻڪار تي؟

توکي حيراني هنن جي هار ۽ سينگار تي؟

 

جوش ۾ آيو تبسم جي ادائن تي جنون،

ناز نخرن تي ڦرائي ويٺين املاڪِ سڪون.

 

تنهنجي دل ۾ دائما زنده رهي ذوقِ طلب،

تون مدامي ٿو رهين ميلاپ جي لئه مضطرب.

 

حُسن جون ديويون ڪئين تنهنجي ڪلب ۾ همنشين،

تنهنجي پهلو ۾ نزاڪت سان نچن ٿيون نازنين.

 

تون ٿئين حلقـﮧ خواتين ۾ مشرف بالعموم،

شمع وانگر جنهن جي چوڌاري پتنگن جو هجوم.

 

غير محرم جي تون نيڻن ۾ نهاري تو سگهين،

قوم جي اخلاق کي پو ڪيئن سڌاري ٿو سگهين؟

 

قوم جي اصلاح جي تو ۾ لياقت ڪانه آهه،

ملڪ و ملت جي سنڀالڻ جي صداقت ڪانه آهه.

 

تون ٻڏڻ وارو ٻين کي سير مان تاريندين ڪيئن؟

شاهد تهذيب کي شوڪت سان سينگاريندين ڪيئن؟

 

 

تون ۽ مان

 تون جلوه گر رهين ٿو جهانِ حباب ۾،

مان همنظر رهان ٿو مڪانِ حجاب ۾.

 

تون بزمِ شور ۾ ٿو پئين جامِ انتشار،

توکي مزو اچي ٿو مئي اضطراب ۾.

 

مان محفلِ سڪون ۾ پيان شربت، سرور،

مون کي اچي ٿو لطف خموشي ۽ خواب ۾.

 

توپن آهين ائٽلي ۽ ٽرومن جو خواستگار،

منهنجي اميد يدِ عالي جناب ۾.

 

الاٽمنٽ

حدودِ ملڪ مقرر ۾ پهتين ڪورِ نگاهه،

وڃائي ويٺين مهاجر ٿي جائدادِ فراغ.

 

هٿن ۾ غير جي افسوس! مثلِ بيگانه،

الاٽمنٽ ٿيو قومِ مسلمان جو دماغ.

 

رهي ٿو عقل و فهم تي فرنگ جو قبضو،

جلي جو خانـﮧ تدبير ۾ عدو جو چراغ.

 

عجيب تر تو ڪئي ملڪِ ذهن جي تقسيم،

تون مشرقي ٿي هلائين ٿو مغربي تنظيم.

 

قيامت

 اهلِ شيطان جي بهر طرف حمايت نزديڪ،

اهلِ ايمان سان عدون جي عداوت نزديڪ.

 

شاهِ اسلام چيا آخرِ دنيا جا نشان،

ٿيندي تبديل شرارت سان شرافت نزديڪ.

 

غير جي هٿ ۾ وڃي رزق اسان جو رسيو،

زور ٿيندي اچي دجال جي طاقت نزديڪ.

 

هي اميرن جو گروه آهه يقيناً يا جوج!

آئي سمجهو اثرِ غير جي آفت نزديڪ.

 

شمسِ تعليم جو ٿيو مطلعِ مغرب مان طلوع،

اُٿ! سحر خيز اٿئي روزِ قيامت نزديڪ.

 

آهه ايٽم جي ادا مَلَڪ اسرافيل جو،

زندگي ٿيڻي ختم آهه نهايت نزديڪ.

 

نسخـﮧء ڪيميا

وڃائي ننگ ۽ ناموس کي سوداءِ مهوس ۾،

وٺي ويٺين تون ساري عمر نوشادر جي گاري کي.

سنياسي واه نسخو ڪيميا جو صاف سيکاريو،

پچائي جُهدَ جي بوتي ۾ بيشڪ دل جي پاري کي.

اٿي ڪر معدنِ طاعت مان حاصل گوهرِ ايمان،

وئي تون ويهه الاالله جي ”اختر“ سهاري کي.

 

سهرا

ستارن مان بنائي موڪليا، چرخِ ڪَهن سهرا،

لڳايو بيٺا آهن بزم ۾ رنگِ چمن سهرا.

ٻَڌي محفل ۾ آيو آهي سهڻو سيم تن سهرا،

معطر ٿي سڄي محفل بنيا رشڪِ چمن سهرا.

مبارڪ ڏيندي ڏيندي ئي ٿا چهري کي چمن سهرا،

عزيزو ڪيئن نه اڄ محٻت مان گستاخي ٿا ڪن سهرا.

اهي هٿ ڀاڳ وارا ٿيا بنايا جن هٿن سهرا،

اهي هٿ ڀاڳ وارا ٿيا جي ور ڏيئي ٻڌن سهرا.

هي موتين کان منور جلوه گاهِ انجمن سهرا،

”رخِ دلدار تي ڪهڙا نه سهڻا ٿا سونهن سهرا“.

رهي ٿو ناز جن غنچن کي خود پنهنجي نزاڪت تي،

نيازيءَ سان نمي سي اڄ سلامتي ٿا ڏين سهرا.

جمالِ رخ جي جلوت کان قمر کي داغ ٿي بيٺو،

رقيبن جي نگداهن کان لڪايو ٿا وتن سهرا.

امين محمد جي شادي گويا گاديءَ جي ٿي آبادي،

هي آهي شان محبوبي، جو گهر گهر پيا چون سهرا.

مسرت موڪلي تقدير عالم آ مبارڪ طور،

عقيدت ۾ ڪيا اڄ پيش جيئن باغِ وطن سهرا.

اي ”اختر“ شاعري آسان ڪانهي سخت مشڪل آهه،

نڀائيندو غزل جي رنگ ۾ ڪو اهلِ فن سهرا.

 

جنت

ناصحا تنهن جي نصيحت جو اثر مون کي نه ٿيو،

عشق ۾ پهرين ڪيم نذرِ شرم عقل و شعور.

 

بتِ ڪافر جي پرستش ڪيو ڪافر مون کي،

مون کي دوزخ ئي سهي توکي هجن حور و قصور.

 

منهنجي نيڻڻ ۾ تون ڏس جلوه يار جو شان،

ڪهڙو مستن کي اڃا زاهدا! جنت جو ضرور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org