سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تسبيحِ محبت

صفحو :1

تسبيحِ محبت

(شاعريءَ جو مجموعو)

محمد عمر ”اختر“ هالائي

ڇپائيندڙ پاران

 اختر هالائي هڪ پڪو پختو شاعر آهي. هن جي شاعريءَ تي هالا جي مڪتب فڪر جي گهري ڇاپ آهي. ان سان گڏوگڏ هالا جي مڪتب فڪر تي به اختر هالائي پنهنجي گهري ڇاپ ڇڏي آهي.

اختر هالائيءَ روايتي عروضي شاعريءَ جا سمورا لوازمات پورا ڪيا آهن، پر هن حشر، شرم، ختم، فرق، فهم کي سنڌي اُچار وانگي ڪتب آندو آهي. روايتي عروضِ شاعريءَ جي ڪٽر بندش کان اها بغاوت ئي کيس منفرد ڪري ٿي بيهاري. اهوئي ڪارڻ آهي، جو اختر جي شاعري رڳو بحر وزن جي تيڪي تي کنيل بوتو نه آهي، پر هن وٽ هڪ ڌڙڪندڙ دل به آهيِ:

دلِ حساس پيدا ڪئي خدا شاعر جي سيني ۾.

سياست سنڌ، غريب و غني، نماز، روزو، پوليس، ترقي...... جهڙا نظم ان ڏس ۾ ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿا. اختر وقت ۽ حالتن کان غافل نه آهي:

سياست سنڌ جي گهوڙن جو ميدان،

اڃا چالو نظارو آ ڊُڪڻ جو.

اهو نظارو اڄ به چالو آهي، نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار وانگر! ڇا هڪ شاعر جي اک ايترو پري تائين ڏسي سگهي ٿي! تڏهن ئي ته هو اِها بشارت ٿو ڏئي:

ٻڌو اٿم ته هتي ڪو مسيح اچڻو آه.

 

27-5-1992ع                         سيد امداد حسيني

ڄام شورو، سنڌ                سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

 

پيش لفظ

 

خليفو محمد عمر ’اختر‘ هالائي ولد خليفو الحاج حافظ عبدالرحمان ميمڻ المعروف ’متقي‘ هالا ۾ 27- ڊسمبر 1917ع تي پيدا ٿيو. حالانڪ سندس تاريخ ولادت ۾ اختلاف آهي، ڇاڪاڻ ته سندس يار_ غار ۽ ٿڃ شريڪ ڀاءُ ’سليم‘ هالائي 12- نومبر 1918ع تي ڄائو. سليم صاحب جو چوڻ آهي ته ’اختر‘ صاحب مون کان صرف ٽي مهينا وڏو هو، تنهن ڪري سندس ولادت جولاءِ 1918ع جي لڳ ڀڳ ٿي هوندي_ پر ڇاڪاڻ ته ان وقت ڄمڻ جي تاريخن لکڻ جو رواج ڪونه هو، اِن ڪري مٿين ولادت جي تاريخ قائم ڪئي وئي آهي. کين ’ملتقي‘ انهيءَ ڪري چوندا هئا، جو سندن خاندان پرهيزگار ۽ صوم و صلوات جو پابند هو. ’خليفي‘ جو لقب کين پنهنجي مرشد خياروي پيرن وٽان مليل هو، جنهن جا هو مريد هئا. سندن خاندان پشت به پشت انهيءَ زهد و تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ تي قائم رهندو پيو اچي. حڪمت سندس خانداني پيشو هو. ان وقت جي رائج مُلان مڪتبن ۾ سنڌي تعليم حاصل ڪيائين. اُن کان پوءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ مولوي مير محمد ’مادح‘ ۽ پنهنجي مامي حاجي محمد يعقوب ’مهمان‘ وٽ اڙدو، عربي ۽ فارسي پڙهيو، جنهن ڪري اِهي چارئي ٻوليون روانيءَ سان لکي پڙهي سگهندو هو. شروعات ۾ پاڻ گربيون ۽ سوسيون اُڻڻ جو ڪم ڪندو هو، بعد ۾ ان کي ترڪ ڪري پنهنجو اباڻو ڌنڌو حڪمت شروع ڪيائين ۽ ”چشمهء ڪوثر“ جي نالي سان هڪ دواخانو کوليائين. ان کان سواءِ هوميوپيٿي طريقِ علاج ۾ به سٺو ڄاڻو هو. شربت ۽ معجون سازيءَ ۾ به وڏو ماهر هو.

سندس شاعريءَ جي ابتدا 35-1936ع ڌاري ٿي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد حاجي محمد يعقوب ’مهمان‘ هو. انهيءَ وقت ۾ هالا ۾ مشاعرن جون نجي محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ حافظ جان محمد ’جان‘، حاجي اسحاق نانوائي ۽ حاجي محمد يعقوب ’مهمان‘ حصو وٺندا هئا. اهڙي ادبي ۽ شاعراڻي ماحول ۾ ’اختر‘ صاحب جي شاعري به پروان چڙهڻ لڳي. ويهين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ اختر صاحب فلمي طرزن تي ڪجهه ڪلام لکيا، جيڪي هالا شهر ۾ گليءَ گليءَ ۽ ڪوچه ڪوچه ۾ ڳايا ويندا هئا. اهڙيءَ طرح مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، انجم هالائي، سليم هالائي، محمد عيسيٰ ’عاجز‘، محمد اسماعيل عرساڻي ’فدا‘ ۽ اختر هالائي شاعريءَ جي صنف ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا. منهنجي شاعريءَ جي شروعات به اِنهن محفلن جو رنگ ڏسي ٿي.

اختر هالائي هڪ رلڻو ملڻو، کلمک ۽ خوش طبع شخص هو، جنهن ڪري سندس ياري دوستيءَ ۾ گهڻي ئي شخصيتون شامل هيون. سندس دواخاني تي شام جو نهايت ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون، جن ۾ ڪيترائي اهلِ ادب ماڻهو اچي شريڪِ محفل ٿيندا هئا. اختر صاحب يارن جو يار هو. هن دوستيون وڌايون ۽ دشمن ڪونه پاليا. هرڪو ماڻهو سندس عزت ڪندو هو ۽ سندس علم ۽ دانائيءَ مان فيضياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

هالا ۾ مشاعرن جو باقاعدي آغاز 1946ع ۾ ٿيو. انهيءَ کان پوءِ ڪيترائي ادبي ادارا وجود ۾ آيا، جن جي اختر صاحب جان سمجهيو ويندو هو. ڪئين ديسي پرديسي شاعر انهن ادارن جي مشاعرن ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا. گهڻو ڪري انهن مشاعرن جي صدارت جناب قبله مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن ڪندا هئا، جنهن ڪري به محفلن ۽ مشاعرن ۾ رنگ پيدا ٿيندو هو. جڏهن هالا ۾ سروري اسلاميه ڪاليج قائم ٿيو، تڏهن اُنهيءَ جو پهريون پرنسپال مرحوم محبوب علي چنا جهڙي علمي ادبي شخصيت مقرر ٿيو ۽ سروري ڪاليج ۾ به بزمِ سروري جي نالي سان هڪ ادبي جماعت جو بنياد پيو. اُن کان سواءِ هالا ۾ انجمن علم و ادب، بزمِ فردوس ۽ بزمِ رفيق جهڙا ادبي ادارا به وجود ۾ آيا، جن جي محفلن ۾ اختر صاحب جا شعر وڏي شوق ۽ ذوق سان ٻڌا ويندا هئا. اختر صاحب جي دواخاني تي شام جي محفلن ۾ گهڻائي مبتدي ۽ صاحبِ ذوق شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ راقم الحروف، عبداللطيف ساقي، محبوب سروري ۽ شعبان بخت (پهرين ’خاڪ‘) قابلِ ذڪر آهن ۽ سندس علميت ۽ دانائيءَ کان مستفيض ٿيندا هئا. اختر صاحب شاعريءَ سان گڏ صحافت به ڪئي. هن 1951ع کان 1953ع تائين هفتيوار اخبار ”تعمير“ جاري ڪئي ۽ 1953ع کان 1957ع تائين هفتيوار ”ڪوثر“ جاري ڪئي. سندس شاعريءَ جا موضوع تصوف، اسلام، سماج، اخلاق ۽ سياست هوندا هئا. اختر صاحب جيتوڻيڪ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر اُنهن ۾ غزل ۽ نظم سندس پسنديده صنفون هيون. اختر صاحب جي شاعريءَ کان قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پڻ گهڻي قدر متاثر هئا. قبله مخدوم صاحب جن هڪ خط ۾ اختر صاحب کي هن طرح رقم طراز آهي ته:

”ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن ته وساري ڇڏيو اٿئي. شايد سرد مهري پيدا (خدا نه ڪري) ٿي آهي.“

مان دور رهڻ سان به سڄڻ توسان آهيان گڏ،

تون آهين به گڏ يار مگر دور رهين ٿو.

13- اپريل 1955ع                             طالب الموليٰ

اُن خط تي هيٺان نوٽ آهي ته، ”خط لکڻ وقت مٿيون پنهنجو شعر ياد اچي ويو، جو موقعي جي لحاظ کان لکيو ويو آهي.“ اُن خط جي هيٺان نوٽ بعد اختر صاحب هڪ شعر لکيو آهيِ:

طالب الموليٰ جي صحبت ڪيو اثر،

نڪته سنج و نڪته دان ڳولي لڌم.

                             (اختر هالائي)

اِهو اصلي خط اختر صاحب جي وارثن وٽ موجود آهي. بزمِ طالب الموليٰ جي مشاعرن ۾ به اختر صاحب کي وڏي اهميت حاصل هوندي هئي.

اختر صاحب جا جيترا به شاگرد هئا، مثال طور محمد رحيم ’فيروز‘، عبدالقيوم ’زخمي‘، عبدالستار ’عبد‘ ۽ راقم الحروف وغيره، اُنهن سڀني کان وڌيڪ مون کي ڀائيندو هو. ويهين صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ مون ۽ اختر صاحب جيڪب آباد کان وٺي ڪراچيءَ تائين ڪيترن ئي آل سنڌ ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ شرڪتون ڪيون. لاڳيتا ٻه سال آئون ۽ اختر صاحب اُڏيري لعل جي ميلي تي وياسين، جتي ٻنهي سالن ۾ اخر صاحب جيڪي شاهڪار نظم لکيا هڪ ”بولي واري“ ۽ ٻيو ”ناچڻي“، اُنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. مون کي افسوس آهي جو اُهي ٻئي نظم سندس وارثن وٽ موجود ڪونه آهن. مون کي ياد پوي ٿو ته ”ٻولي واري“ نظم سکر مان اُن وقت نڪرندڙ رسالي ”اهلِ قلم“ جي ڪنهن پرچي ۾ شايع ٿيو هو، پر اُهو پرچو هٿ نه اچي سگهيو آهي.

اختر هالائي هڪ عظيم شاعر هو، جنهن شاعريءَ جي هر صنف سان سٺو انصاف ڪيو آهي، پر غزل ۾ اُن وقت سنڌ اندر مرحوم غلام علي ’ڪاظم‘ ۽ اختر هالائي شهرت يافته غزل گو شاعر هئا، پر افسوس جو ٻنهي جي زندگيءَ وفا نه ڪئي. پهرين غلام علي ’ڪاظم‘ ۽ بعد ۾ 42 سالن جي عمر ۾ 27- آڪٽوبر 1959ع تي اختر صاحب وفات ڪئي.

زيرِ مطالع ڪتاب ۾ آئون اختر صاحب جي صنفن مان سندس غزل گوئيءَ کان گهڻو متاثر آهيان. غزل، نالو آهي احساسات جو. جذبات ۽ خيالات جڏهن چوٽ تي رسندا آهن، تڏهن غزل ايجاد ٿيندو آهي. انساني تاثرات ارتقائي منزلون طيءِ ڪندا، جڏهن انتها تي وڃي پهچن ٿا، تڏهن غزل جي ئي سانچي ۾ گهڙجي نروار ٿين ٿا. انساني خيالات ۽ احساسات جڏهن پنهنجي اوچاين ۽ بلندين کي وڃي ڇهن ٿا ته غزل جي شڪل اختيار ڪن ٿا. حيات و ڪائنات جا بنيادي توڙي مرڪزي حقائق انساني زندگيءَ کي جڏهن حد کان وڌيڪ متاثر ڪرڻ لڳن ته سمجهو ته انسان ۾ شاعراڻو شعور جنم وٺي چڪو آهي ۽ جيئن جيئن مرحلا ۽ منزلون طيءِ ڪندو رهندو تيئن تيئن ڪانه ڪا شڪل وٺندو رهندو، تان ته مهذب ترين شڪل وڃي اختيار ڪندو. شاعراڻي شعور جي اِنهيءَ مهذب ترين شڪل کي غزل جو نالو ڏنو ويو آهي.

زندگيءَ جا جيڪي حقائق ۽ مسئلا غزل جا موضوع بڻجن ٿا، اُنهن ۾ وارداتِ عشق کي اوليت مليل آهي، ڇو ته اِهو وارداتِ عشق ئي آهي، جنهن کي انساني جبلت جو بُڻ بڻياد سڏيو ويو. اصل ۾ اها جبلت ئي هئي، جيڪا آدم جي شعور ۾ بهشت ۾ رهي ڪري، بيبي حوا جي وجود لاءِ خواهش جي صورت ۾ نمودار ٿي ۽ اِها ئي ساڳي جبلت هئي جنهن بيبي حوا جي دل کي ممنوع شجر جي ثمر چکڻ تي آماده ڪيو. اِهوئي سبب آهي جو انساني تهذيب جي ارتقاء ۾ عشق واري جبلت ۽ اُن مان پيدا ٿيندڙ ڪيفيتن کي وڏو دخل رهيو آهي. انساني تاريخ ۾ ان کي توازن بخشڻ جا انيڪ ڪارناما قلمبند ٿيل آهن. حيات و ڪائنات سان ڪيئن محبت ڪجي اُن جا بي انت درس انساني تاريخ جي سيني تي اُڪريل آهن ۽ اِهي ئي عالم آشڪارِ رس آهن، جيڪي زندگيءَ جي تکي تلوار کي ڪَٽ لڳڻ کان بچائڻ جا طريقا سيکارين ٿا. غزل انساني زندگيءَ کي اِنهيءَ فطري جبلت جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو ۽ اِها جبلت جڏهن داخلي ۽ غيبي تحريڪن ذريعي عشق جو مقام حاصل ڪري ٿي ته اِن عشق جي مدد سان غزل انسانيت جي تعمير جو ڏس ڏي ٿو. عشق جو پهريون محرڪ محبوب جي ذات آهي ۽ اِهوئي عشق حيات و ڪائنات سان لڳ لاڳاپي ۽ وابستگيءَ ڪارڻ جبلت جي حد اورانگهي عالمگيريت ۽ آفاقيت ۾ جذب ٿي وڃي ٿو.

عشقِ مجنون نيست اين کار، منِ است،

حسنِ ليليٰ عکس، رخسارِ منِ است.

اهڙيءَ طرح غزل جا عشقيه شعر بذاتِ خود به هڪ ڪائنات ٿين ٿا، جن جي ڪيفيت کي خيال، مضمون يا خارجي مواد جي گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪ وٺي ٿوري کان ٿورن لفظن ۾ خالص جذبات سان واسطو رکڻو پوي ٿو. غزل جي هر شعر جي ڪيفيت پنهنجي بيڪرانيءَ جو احساس ڏياري ٿي ۽ محويت جي هڪڙي اهڙي عالم ۾ وٺي وڃي ٿي، جتي جي ڪائنات ئي نرالي آهي، جيتوڻيڪ اُن جي پنهنجائپ کان انڪار نٿو ٿي سگهي، ڇو ته اُها ڄاتل سڃاتل پئي لڳندي آهي. غزل جي اهڙن شعرن جي داخليت خواهه اشاريت، خوابناڪي خواهه قلب جي بيداري، معنويت خواهه اڪمليت، ارتڪاز خواهه سادگي، بيخودي خواهه وجدان سڀ هڪ ئي رنگ ۾ قوس و قزح جيان مختلف النوع تاثرات پيش ڪندا رهندا آهن ۽ شعريت، نشتريت ۽ رمزيت کي آشڪار ڪري، شعر هڪٻئي پويان جڙندا ايندا آهن، اهڙيءَ طرح اهي دائمي ٿي وڃن ٿا ۽ غزل جو هرهڪ تاثر سرمدي بڻجي وڃي ٿو. ڪي خيال عملي مفهوم رکن ٿا ته ڪن خيالن ۾ ذهني مفهوم لڪل ٿئي ٿو. جيڪي خيال ذهني يا منطقي مفهوم جي ترجماني ڪن ٿا، سي ڪنهن نه ڪنهن جمالياتي يا وجداني ڪيفيت يا اثر، مَٽجي وڃن ٿا. اِهوئي ادراڪ محض يا عين علم يا علم ڪامل آهي. ڪابه واردات يا ڪوبه مشاهدو جڏهن وجد جي منزل کي رسي ٿو، معنويت بڻجي ٿو ۽ اِهائي معنويت حسن و جمال کي اُجاگر ڪري ٿي. حسن و جمال جو پردهِ ذهن تي ايندي ئي انساني وجود پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ جي طاقت کي پهچي ٿو. بس اِهائي طاقت، اِهائي قوت ۽ اِهائي هستي ڪائنات جي ذري ذري ۾ جاري ۽ ساري ۽ موجود ملندي آهي. وجد آفرينيءَ سبب تخيل ئي تخيل ۾ احساسِ جمال انسان کي لامحدود جا سحر آفرين سير ڪرائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح شاعر هجي يا فيلسوف، اديب هجي يا مفڪر، ولي هجي يا قطب، هرهڪ لامحدود يا لامڪان سان همڪنار ٿي، ڪائناتي قوت ۾ جذب ٿي وڃي ٿو.

غزل، شاعريءَ جي ٻين صنفن کان اِن ڪري ممتاز ۽ مٿاهون آهي، جو اُن جي هر شعر جو موضوع ٿوري کان ٿورن لفظن ۾ گهڻي کان گهڻو بلڪ لامحدود ۾ آڻڻ جي استطاعت رکي ٿو ۽ ائين وجداني، جمالياتي، تخيلي يا معنوي لحاظ کان درد يا راحت، غم يا خوشي، مانوسيت يا حيرت، ادراڪ يا طمانيت جهڙو لافاني سرمايو عطا ٿئي ٿو، جنهن جي جڏهن خارجي سرمايي سان پيوند ڪاري ٿئي ٿي ته غزل بڻجي پوي ٿو. ٿورن کان ٿورن لفظن ۾ گهڻي کان گهڻو پيش ڪرڻ غزل جو روح ٿيندو آهي، اِهوئي روحِ غزل ڪوزي ۾ درياء کي يا قطري ۾ درياء کي بند ڪرڻ جي مترادف ٿيندو آهي.

غزل ۾ استعمال ٿيندڙ قافيا، رديف، بحر ۽ وزن بيڪار شيون نه آهن، اِهي غزل کي غزل بنائڻ جا اهڙا پرزا آهن، جن مان صوتي هم آهنگي کان علاوه معنوي هم آهنگي پڻ ڀانپي سگهجي ٿي. غزل جي هرهڪ شعر ۾ شاعر پنهنجي سموري شخصيت ۽ صلاحيت ڀري ڇڏيندو آهي ۽ شعر جي ٻن سٽن ۾ تخيل کي گهربل معنيٰ جو ويس ڍڪائي پيش ڪرڻ شاعر جو نه رڳو هڪ عظيم ڪمال آهي، پر اُن کي هڪ فني ڪارنامو پڻ چئي سگهجي ٿو. اُهو شخص جيڪو شاعريءَ کان ئي واقف نه هجي، تنهن لاءِ شاعري اوتري ئي بي معنيٰ ۽ بي مقصد ٿيندي، جهڙيءَ طرح هڪ خر جي آڏو زر و جواهر ڪا معنيٰ يا قدر و قيمت نٿا رکن.

بحيثيت شاعر اختر هالائي ڪُنهنه مشق شاعرن جي صف جو هڪ منفرد، سنجيدو ۽ باصلاحيت شاعر هو. شاعريءَ جي پل صراط کي هن جنهن همت، جوانمرديءَ، اول العزميءَ ۽ خوش گفتاريءَ سان پار ڪيو، تنهن جو عڪس سندس مجموعو ڪلام ”تسبيحِ محبت“ مان بخوبي جهلڪندو نظر ايندو. بقول سندس:

هڪدم ٽري وڃو اي خيالاتِ شاعري!

سمجهيو اٿوَ ڇا دل کي ڪا مهمان سرا ڪري؟!

اختر هالائي پنهنجي عظمت ۽ انفراديت باعث نهايت عظيم شخصيت جو مالڪ هو. سندس مطالعو ۽ مشاهدو، تصور ۽ تخيل، علم ۽ فن، فهم ۽ ادراڪ سڀ محض اتفاقي يا غير تجرباتي نوعيت جا نه هئا، پر پيار ۽ پياس، سوچ ۽ لوچ، سوز ۽ تڙپ، آدم ۽ اُمنگ، حدت ۽ تپش جو لازمي نتيجو هئا. سندس اساسِ شاعري ورتل نه پر موروثي هئي. سندس ڄاڻ جي بساط وسعت ۽ رفت جي لحاظ کان ناقابلِ شڪست هئي. جيتوڻيڪ اختر هالائي ڪو عالم يا عارف ڪونه هو، پر منجهس اُهي سموريون خوبيون اُتم درجي تي موجود هيون جيڪي ڪنهن شخص کي عالم يا عارف بنائڻ لاءِ ڪافي هوندوين آهن. جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته سندس عشق عالماڻو عشق هو ۽ سندس سوز عارفاڻو سوز هو ته ڪنهن به صورت ۾ وڌاءُ نه سمجهبو، ڇو ته هن جيڪا ڪجهه ٿوري ڪي گهڻي ڄاڻ علم دين يعني فقـﮧ ۽ ڪلام، تفسير ۽ حديث، تصوف ۽ طريقت، معاشرت ۽ سياست متعلق حاصل ڪئي هئي، تنهن سندس شاعريءَ ۾ اُها ترنگ ۽ تابناڪي پيدا ڪئي، جيڪا اُن وقت جي مذهبي ٺيڪيدارن جي ڳل تي هڪ ڀرپور چماٽ هئي. معرفت جا مشتاق ۽ حق جا حامي هميشـﮧ باطل کان بيزار ۽ تقليد کان تنگ ڏٺا ويا آهن. اختر هالائي به اُنهن منجهان هڪ هو. هن به اهڙي ئي ڪنهن حقيقت جو مشاهدو ڪيو ٿو ڏسجي، جنهن ڪري چئي ويٺو:

علماءِ وقت جو ته هي عزمِ سفر ڏسو،

گهر جي خبر نه آهه، قمر جي تلاش آهه.

ٻئي هڪ هنڌ ساڳئي خيال کي هيئن پيش ڪيو اٿس، چوي ٿو:

جنهن جي جمالِ ديد سان روشن جهان ٿيو،

تنهنجي برابريءَ ۾ ڇا شمس و قمر ڪبو.

هن جو نظريو ’جز‘ ۽ ’ڪل‘ جي نظريي ۾ رتل هو. وحدت  الوجود سان همڪنار ٿيل هو. تقليد ۾ مذهب کي بالاءِ طاق رکي ڇڏيائين ۽ رنداڻو مسلڪ اختيار ڪري، فقيري واٽ تي گامزن ٿي ويو. کيس يقين هو ته اِهائي واٽ آهي، جنهن جي ذريعي الله جو قرب حاصل ڪري سگهجي ٿو. اِن لاءِ چوي ٿو ته:

اڙي نادان! نه ڪر علم و هنر تي تون غرور اهڙو،

شرف تختِ سڪندر کان نه ڪم تر گردنِ خم جو.

هاڻي جتي اِهو امر آهي ته کُل شَيءٌ يَرجِع اُلا اصلـﮧٖ (سڀ شيون پنهنجي اصل ڏي ئي موٽن ٿيون) اُتي اختر هالائي جي هن خيال کي ماسٽر پيس (Master Piece) ئي چئي ٿو سگهجي. ملاحظه فرمايو، چوي ٿوِ:

مون صدا هنئي ته گنجِ عشق مليو،

بينوا کي نواب ٿيڻو پيو.

ڄڻڪ عشق جي حديث کي واشگاف ڪري ڇڏيئين ۽ پنهنجو پاڻ کي مُلن، مفتين، واعظن، زاهدن ۽ محتسبن جي صف کان الڳ ڪري، رندن ۽ ميڪشن جي صف ۾ بيهي ببانگِ دهل ڀير تي ڏونڪو هڻي اعلان ڪيائين ته:

مون ساري زندگي ڪئي ميخانه ۾ بسر،

يارب! جڳهه ڏئين ته مزارِ شراب ۾.

ڄڻ ته اقبال واري ’خودي‘ منجهس جذب هئي، جنهن باعث بيخود ٿي اختر هالائي پنهنجي ’رضا‘ جو اظهار ڪري ويٺو.

اختر هالائي هرقسم جي ماڻهن سان نه رڳو اُٿيو ۽ ويٺو، پر اُنهن جي طور طريقن، ڍنگن ۽ لاڙن، فطرتن ۽ طبيعتن جو اجمالي جائزو پڻ ورتو. نه رڳو ايترو، پر معاشري جي هر طبقي تي سندس طائرانه نظر رهي هئي. خاص طرح سان ملن واري طبقي کي هن جنهن زاويي کان پرکيو ۽ پروڙيو، تنهن سندس حساس دل کي لوڏي وڌو. اِن طبقي جي ناانصافين ۽ اڻ برابرين، رياڪارين ۽ طرفدارين، اقربا پرورين ۽ حق تلفين کيس سوچڻ تي مجبور ڪيو ته معاشرتي زندگيءَ جي اهڙن ويڇن ۽ ايڏن فرقن جو اصل ذميوار ڪير آهي؟ اِنهيءَ احساس جي پيدا ٿيندي ئي مٿس ڪيئي راز ۽ اسرار کُلي پيا. اندر جا اُڌما نڪري نروار ٿيا. دل جا جذبا شاعريءَ جو روپ ڌاري، سندس ذهن تي ضياپاشي ڪرڻ لڳا. چئي ويٺو ته:

برهم به ٿو مئي سان ٿئي لالچ به ٿو مي جي ڏئي،

مولانا جي جنت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

ڪيڏي نه حسن خيالي آهي سندس سوچ ۾، فڪر جي بلندين تي پهچي ملن کي صياد جو لقب ڏيندي، ڏسو ته اختر هالائي پنهنجي تخيل جي پکيءَ کي ڪٿي ٿو وڃي پرواز ڪرائي، ملاحظه فرمايو:

مرغِ ازل! تون گلشنِ لذت کي ترڪ ڪر،

صياد جي حوالي نه هي بال و پر ڪبو.

کيس پنهنجي آزادي ڪيڏي نه عزيز هئي. اُها آزادي جيڪا کيس زندگيءَ جي ٻه_ واٽي تي آڻڻ بدران هڪ اهڙو گس ڏسي ٿي، جنهن تي هلڻ سان جيڪو ماڳ کيس ملڻو ٿيندو، سو کيس نه رڳو جاوداني عطا ڪندو، پر هڪ اهڙو موڙ ماڻائيندو، جتي منصور جهڙا ڪئين عاشق سوريءَ تي چڙهندي ڏٺا ويا، چوي ٿو:

جتي قتل ٿيندا رهن قرب وارا،

اُتي تنهنجي اختر پڇا ٿي رهي آهه.

ڪيڏو نه اعزاز هو، جيڪو اختر هالائي پنهنجو پاڻ کي سونپي ويو، جتي هو هيئن چوي ٿو ته:

قفس جي قيد مان حاصل ٿي ڪهڙي آزادي!

چمن جو صحن مليو آهه بال و پر نه مليو.

اُتي سندس هيءُ تخيل به مطالع فرمايو:

”اختر“ کان جي صنم ٿو گذاري جدا ته ڇا!

ليڪن خيالِ يار جدا ٿي نٿو سگهي.

عشق جي صداقت ڪئين نه جهلڪا پئي ڏي! سندس عاشقاڻي طبع عشق جي لذت مان چشڪا وٺي رهي آهي. جدائيءَ جا لمحا اذيت ناڪ به ٿين ٿا ته روح کي ڏنگيندڙ به ٿيندا آهن. هجر جي شدت ۽ محبوب جي بي وفائيءَ جي اپٽار لُڀائيندڙ لفظن ۾ ڪئي اٿس، چوي ٿو ته:

 ڪئين رنگ ڏيئي ٺاهي مون تصويرِ يار نيٺ،

بس هڪ ئي رنگِ مهر و نظر جي تلاش آهه.

اختر هالائيءَ جي شاعريءَ ۾ ڪئين رنگ ڏسڻ ۾ ايندا. سندس شاعريءَ ۾ وڇوڙي جا ورلاپ به آهن ته ميلاپ جا ميلا به آهن. ويڄن جا ويچار به آهن ته غم جا غبار به آهن. ڏک جا ڏار به آهن ته سک جا سنيها به آهن. وجود جو ويساهه به آهي ته دلبر جا ديدار به آهن. محبت جا مچ به آهن ته نفرت جا نانگ به آهن. رهاڻ جي رُت به آهي ته اڪيلائيءَ جا آڙاهه به آهن. رُڃ جا رنج به آهن ته ساڳ جا مزا به آهن. سوريءَ جا ساٺ به آهن ته چمن جا چهچٽا به آهن. مطلب ته اختر هالائيءَ جي رنگينِ سخن رنگ آميزي سندس هن شعر مان ئي عيان آهي، چوي ٿو ته:

مدعاءِ وصل تي پس مختصر مليو جواب،

قصهءِ منصور ٿي يا طور جو افسانه ٿي.

ٻي هڪ هنڌ هن طرح پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو اٿس، ملاحظه فرمايو:

نه ڪليسا ۾ مليو ۽ نه حرم ۾ ئي مليو،

هر طرف حسرتِ ديدار ته ماشاء الله.

اختر هالائيءَ وٽ موضوعن جي کوٽ ڪانهي. غزل هجي يا نظم، هر صنف ۾ هن متعدد موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جتي هن ’موت و حيات‘ جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي هو ’دين و دنيا‘ جو تذڪرو به ڪري ٿو. جتي هو ’تهذيبِ فرنگ‘ تي روشني وجهي ٿو، اُتي هن ’سلامتي ڪائونسل‘ تي به گهڻو ڪجهه ڳالهايو آهي. جتي هن ’اليڪشن‘ تي قلم کنيو آهي، اتي هو ’ليڊر‘ تي به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري ٿو. جتي هو ’سائنس‘ تي به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري ٿو. جتي هو ’سائنس‘ تي ٻه_ اکر نظم ڪري ٿو، اُتي هن ’ترقي‘ تي به ڪجهه نه ڪجهه لکيو آهي. مطلب ته ڪٿي ’آئينه_ اعمال‘ پيش ڪيو اٿس ته ڪٿي ’ترغيب_ عمل‘ جو اشارو پيو ڏي. ڪٿي ’حسنِ عريان‘ جا چشڪا وٺايا اٿس ته ڪٿي ’نواءِ طرب‘ جون ٻوليون پيو ٻولي. ڪٿي ’استقبال_ آدم‘ جو اهتمام ڪيو اٿس ته ڪٿي ’اداءِ عشق‘ جو استدراڪ پيو ڪرائي. ڪٿي ’فقير و امير‘ جو قصو بيان ڪيو اٿس ته ڪٿي ’غريب ۽ غني‘ جي ڪهاڻي پيو ٻڌائي. ڪٿي ’نسخئه_ ڪيميا‘ ڏسيو اٿس ته ڪٿي ’گرفتار_ دنيا‘ جو نقشو پيو چٽي. هر طرح سان سندس اسلوبِ بيان دلپذير ۽ وڻندڙ پيو لڳي. ’شاعر‘ تي سندس لکيل نظم ۾ هيئن رقمطراز آهي، چوي ٿو ته:

رهن گوهر ٿا بيشڪ بادشاهن جي خزيني ۾،

دلِ حساس پيدا ڪئي خدا شاعر جي سيني ۾.

’سياستِ سنڌ‘ تي سندس هي خيال قابلِ توجهه آهي، ملاحظه فرمايو:

سياست سنڌ جي گهوڙن جو ميدان،

اڃا چالو نظارو آ ڊُڪڻ جو.

متضاد نظرين کي پيش ڪرڻ ۾ به اختر هالائيءَ کي عبور حاصل آهي. سندس هيءُ شعر ملاحظه فرمايو:

ڪو اختر سنگ_ در بنير ڪو منظورِ نظر بنيو،

ڪوئي سر کي کڻي آيو ڪوئي زر کي کڻي آيو.

اِنهيءَ ساڳئي بحر وزن ۽ قافيي رديف تي اختر هالائيءَ جون ٻه سٽون مون وٽ لکيل لڌيون آهن، جيڪي پيشِ خدمت آهن: (نوٽ: سندس ڪلام ۾ ڄاڻايل نه آهن.)

هي بازارِ نمائش آ هتي سڀ ڪجهه نظر ايندو،

ڪو پٿر کي کڻي آيو ڪو گوهر کي کڻي آيو.

المختصر ته اختر هالائي پنهنجي ٿوري عمر هوندي به علم و عرفان جو ايڏو خزانو ڇڏي ويو آهي، جنهن کي بار بار پڙهڻ سان به ڍءُ نٿو ٿئي. واقعي اِهو هن پنهنجي لاءِ سچ لکيو آهي ته:

جلال و جلوهِ تاج جهانگيري شرف منهنجو،

يقين جي گنج جو الماسِ استقلال مان آهيان.

 

         هالا

6- فيبروري 1992ع                       انور هالائي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),