سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تسبيحِ محبت

صفحو :5

 

غزل

 

 

ياس و حسرت جو مڪان ڳولي لڌم،

هڪ وڃايل ڪاروان ڳولي لڌم.

 

برق ديده آشيان ڳولي لڌم،

يعني هڪ دارالامان ڳولي لڌم.

 

رنج و غم کي مون ڪيو پنهنجو رفيق،

نيٺ هڪڙو رازدان ڳولي لڌم.

 

هوم سکڻو دردِ الفت جو سبق،

مڪتبِ آه و فغان ڳولي لڌم.

 

ٿيو اٿم حاصل هميشـﮧ جو ملال،

گويا هڪ گنجِ نهان ڳولي لڌم.

 

مون ڪئي مدت کان پئي پنهنجي تلاش،

پاڻ کي پنهنجي گهران ڳولي لڌم.

 

نيستيءَ مان ئي مليم هستيءَ جو راز،

”لا“ جي دم سان ”لامڪان“ڳولي لڌم.

 

جنهن سخن سان ماهرو مرڪي ملي،

اڄ سو انداز بيان ڳولي لڌم.

 

”طالب الموليٰ“ جي صحبت ڪيو اثر،

نڪته سنج ۽ نڪته دان ڳولي لڌم.

 

بي سر و سامان جو ٿيندو ڪير يار؟

”اختر“ بي خانمان ڳولي لڌم.

بزمِ ادب ٿي صلح ۾ فتنو بپا ڪري،

”اختر“ مشاعري ۾ اچي ڇا ڀلا ڪري؟

 

شل هن دماغ سوزي کان آجو خدا ڪري،

ڪنهن کي متان ڪا شاعري منهنجي خفا ڪري.

 

هڪدم ٽرِي وڃو اي خيالاتِ شاعري،

سمجهو اَٿوَ ڇا دل کي ڪا مهمان سرا ڪري؟

 

علم و ادب جو ڪنهن کي به اڄ قدر ڪونه آهه،

بغض و حسد اکين کي نه انڌو ادا ڪري.

 

ڪهڙو نه آ مزو جو رُسي يار عيد رات،

عاشق به ڪجهه ته هجر جي ويهي ثنا ڪري.

 

غيرن تي ڇا ميار ڀلي پاڻ موج ڪن،

افسوس هي جو ڪجهه به ڪري، آشنا ڪري.

 

عزت ۽ ذلت آه هميشـﮧ خدا جي وس،

ڪنهن کي امير ڪنهنکي حقير و گدا ڪري.

 

مايوس ڪيئن ڪندو هو ڀلا پنهنجي دوست کي،

دشمن مٿان جو روز ٿو لطف و عطا ڪري.

 

جيڪر ضرور آ ته فقط صبر جو ضرور،

آهسته ڪنهن جي آه ٿي قهرِ خدا ڪري.

 

آهي ڪو اهڙو مردِ سحر خيز جو ڪڏهن،

”اختر“ گناهگار جي حق ۾ دعا ڪري.

ان حسين جي عسَ ۾ اغيار سان تڪرار ٿيو،

عز و همت سان صفا ميدان آخرڪار ٿيو.

رفته رفته ان جفا پيشه سان منهنجو پيار ٿيو،

آشنا ٿيو دوست ٿيو محبوب ٿيو دلدار ٿيو.

آيو عاشق جي عيادت لئه هلي هيڪر حبيب،

رمز سان ڪيڏو نه آهي رتبهء بيمار ٿيو.

محتسب آيو جڏهن ميخانه ۾ مستن خلاف،

مست ساقيءَ جي نگاهِ مست سان سرشار ٿيو.

ڇا مقابل ٿي سگهي اهلِ جفا سان اهلِ درد،

جنهن جي سيني تي سياه چشمن جو آهي وار ٿيو.

مون بنايو پنهجي اکين ۾ برابر بتڪده!

اي حرمن جا راهرو! منهنجو اتيئي يار ٿيو.

جنهن جي ”اختر“ ٿو ڪرين دير و حرم ۾ جستجو،

چشمِ نرگس جي نزاڪت ۾ اچي نروار ٿيو.

·

وري ٿو زنده ٿي سگهي تکي ترار جو شهيد،

مگر ٿو خاڪ ٿي وڃي نگاهِ يار جو شهيد.

ٻڌاءِ اي طبيب تون ڀلا ڪو زنده ٿي سگهيو،

صنم جي تيز گهور جي شديد وار جو شهيد!

جنونِ عشق ۾ وڌي مون هم بغل ٿيڻ گهريو،

ٿيس مان دم ۾ زلف جي سياه مار جو شهيد!

ڀلي تون شوخ ديد سان هزار بار قتل ڪر!

جهان ۾ مان به سڏجان شال ڪنهن نگار جو شهيد!

ڏسو! ڏسو! هي عاشقِ حزين جو لاش بي ڪفن،

که پاس و غم جي دشت ۾ جفا جي خار جو شهيد!

اگرچ ”اختر“_ حزين رهي ٿو حال ۾ حيات،

پڪارجي ٿو بزمِ يار ۾ پيار جو شهيد!

 

·

 

خوب ڄاڻن ٿا هي سهڻا سيم تن چوري ڪري،

هڪ نظر ۾ گوهرِ دل ٿا وڃن چوري ڪري.

 

هي نزاڪت، هي تبسم هي ادا هي حسن و ناز،

منهنجي سهڻي کان سکيو آهي گلن چوري ڪري.

 

ڇا به دنيا چئي مگر ان جو قسم هي رنگ و بَو،

آندي زلفِ يار کان مشڪِ ختن چوري ڪري.

 

بوالهوس آيا شهيدِ عشق جي مدفن تي رات،

ويا محبت جي جنازي تان ڪفن چوري ڪري.

 

ڇا ڪريان ساڙي ڇڏيو ڪاشانئهء صبر و قرار،

ويٺي ويٺي ئي نگاهِ شعلهء زن چوري ڪري.

 

بزمِ شعرا ۾ سڏائي پاڻ کي اهلِ سخن،

شعر ڪيئن ٿا پنهنجي نالي پيش ڪن چوري ڪري.

 

رفته رفته بي تڪلف ٿي رقيبِ رو سياه،

ويا صنم خانه مان .اختر“ حسنِ ظن چوري ڪري.

 

 

·

دلِ مست درد آشنا ٿي رهي آهه،

محبت ۾ جو مبتلا ٿي رهي آهه.

نگاهن سان نازڪ ادا ٿي رهي آهه،

قضا جي به شايد قضا ٿي رهي آهه.

وري تازه تر ڪربلا ٿي رهي آهه،

جو خونِ جگر سان حنا ٿي رهي آهي.

رڳو روز روز ان جي ها ٿي رهي آهه،

دعا جي بهاني دغا ٿي رهي آهه.

تمنا کي آيس ڪري ترجمان پر،

تمنا به صبر آزما ٿي رهي آهه.

مون ورتو وڃي آرزو جو سهارو،

مگر آرزو التجا ٿي رهي آهه.

شبِ هجر آئي ته بس عيد جي ڏينهن،

حسينن جي شايد ادا ٿي رهي آهه.

ڪئين فڪر دل تي لهن ۽ چڙهن ٿا،

دلِ زار مهمان سرا ٿي رهي آهه.

غمِ هجر ڏيئي رقيبن سان رغبت،

صنم جي عطا تي عطا ٿي رهي آهه.

ٽري ئي نٿي دردِ دل جي مصيبت،

مصيبت به بي دست و پا ٿي رهي آهه.

ڏسان نوح خوان ٿو هي مرغِ سحر جو،

مخالف چمن جي هوا ٿي رهي آهه.

جتي قتل ٿيندا رهن قرب وارا،

اتي تنهن جي ”اختر“ پڇا ٿي رهي آهه.

 

·

 

جي تيرِ نظر تيرِ قضا ٿيو ته بجا ٿيو،

مجروحِ قضا نذرِ ادا ٿيو ته بجا ٿيو.

هر شب ٿي تصور ۾ ڦري يار جي صورت،

هي قلبِ حزين مهمان سرا ٿيو ته بجا ٿيو.

محفل ۾ صنم آيو ڪري لال هٿن کي،

هي خونِ جگر رنگِ حنا ٿيو ته بجا ٿيو.

مون فرشِ رهِ يار ڪيو پنهنجي اکين کي،

سر يار جي قدمن تي فدا ٿيو ته بجا ٿيو.

 

·

اشڪِ خون غم ۾ ٿيا لعلِ بدخشان شڪريه!

ايتري رفعت تي پهتي چشمِ گرييان شڪريه!

ياس ۽ اميد ٿي دست و گريبان شڪريه!

منهنجو مشڪل هاڻي ٿي ويو بلڪل آسان شڪريه!

مرحبا صد مرحبا اي برقِ سوزان شڪريه!

ٿي ويو هڪ پل جي لئه گهر ۾ چراغان شڪريه!

يوسفِ ڪنعان جي سنت اڄ به زنده آه يار!

بنجي ويا منهنجا عدو چام زخندان شڪريه!

منهنجي حسرت تي هيءَ دنيا ئي فقط کلندي نه آه!

زخمِ دل خود آهه منهنجي غم تي خندان شڪريه!

بت پرستيءَ ۾ مليو اي شيخ وحدت جو سبق!

بنجي نڪتو دير مان ”اختر“ مسلمان شڪريه!

 

·

جنهن دور جهان ۾ غم نه هجي اهڙو ڪو جهان معلوم نه آهه،

اندازِ ستم معلوم نه آهه تاثير فغان معلوم نه آهه.

جنهن ريت ۽ رمز سان ريجهي صنم سا طرزِ بيان معلوم نه آهه،

پيمانِ وفا معلوم نه هو ۽ سوز نهان معلوم نه آهه.

جنهن سرڪ سان هو سرشار ڪيو سو پيرِ مغان معلوم نه آهه،

ميخانو سڄو خالي ٿو ڏسان ۽ رندِ جوان معلوم نه آهه.

مان ان جي مڪان جا پار پڇان پيو جنهن جو مڪان معلوم نه آهه،

”هڪ راه ڏکي ٻيو دور سفر منزل جو نشان معلوم نه آهه.

اي دوست! مبارڪباد نه ڏي، هي عيد جا تحفا توکي ئي بخش،

مان لذتِ درد کان واقف آهيان راحتِ جان معلوم نه آهه.

هي جنسِ محبت ورتي اٿم پر نقدِ دل و جان خرچ ڪري،

بازار بها پئي گهٽ وڌ ٿئي ڪجهه سود و زيان معلوم نه آهه.

مون خونِ جگر سان پاليا هئا، اميد جا غنچا ورهن کان،

هي باغِ تمنا ڪيئن ٿي ويو اڄ نذِر خزان معلوم نه آهه.

اڄ سهڻو صنم صياد ٿي پيو ويو آهوءِ دل کي زخمي ڪري،

ڪيئن تير ٿو مزگانن جا هڻي ابرن جي ڪمان معلوم نه آهه.

تسبيحِ محبت بنجي وڃي ان مـﮧ رخ جي قدمن ۾ پئي،

خاموش اکين مان اهڙي طرح ٿيا اشڪ روان معلوم نه آهه.

مون حسن جي سامهون هٿڙا ٻڌا هن شوخ نگاهن سان ٿي ڏٺو،

رخسار جو عنوان ڪير پڙهي ديدن جي زبان معلوم نه آهه.

مان يار جي منزل ڪنهن کان پڇان ۽ يار کي اختر ڳوليان ڪٿي،

افسوس! جڏهن مدت کان مون کي پنهنجو ئي مڪان معلوم نه آهه.

 

 

·

رسومِ عشق کان شل بيخبر خدا نه ڪري،

غريبِ زار جو برباد گهر خدا نه ڪري.

 

هزار منت و زاري سان آيو محفل ۾،

شبِ وصالِ صنم جو سحر خدا نه ڪري.

 

حسد کان داغ ٿي بيٺو قمر جي سيني ۾،

جمالِ يار تي ڪنهن جي نظر خدا نه ڪري.

 

·

فڪر کان هڪدم به فرقت ۾ نٿي فرحت اچي،

روز ٿي عرشِ برين تان اوچتو آفت اچي.

 

ساعتِ سوزِ محبت ۾ سڪونِ دل جو خير،

جوشِ الفت ۾ جنونِ عشق کي لذت اچي.

 

منهنجي ديدن مون کي دوکي ۾ رکيو وقتِ نگاه،

مون کي پاڻهي پاڻ ٿي هن حال تي حيرت اچي.

 

حزن ۽ حسرت جي حالت ۾ ٿئي همدرد ڪير؟

هن پريشانيءَ ۾ ڪنهن پر ڪم نه ٿي دولت اچي.

 

هڪ خدا ڄاڻي ٿو بيشڪ منهنجي بيتابيءَ جو حال،

شل نه ههڙي ريت ڪنهن نادان تي نوبت اچي.

 

ڪم قيامت کان نه آهي ڪنهن جو ”اختر“ انتظار،

پنهنجي اعمالن جي شايد ٿي اها شامت اچي.

·

وٺ محتسب حساب وڃي مئي فروش کان،

ڪيئن ترڪِ جرم ٿي ٿو سگهي باده نوش کان.

بڇ تون حقوقِ خلقِ خدا تاج پوش کان،

ڪهڙو پڇين ٿو حال مون خانئه بدوش کان.

راه ادب تان گم ٿي ويو ڪاروانِ صبر،

جانان جي حسنِ ديد تي گم گشته هوش کان.

لائيندو رنگِ سوز ڇا؟ واعظ زبان دراز،

سک درسِ اضطراب تون سازِ خموش کان.

مون پنهنجو حالِ زر ڪيو پيش يار جي،

ڪهڙو حيا ڪريان مان انهيءَ پرده پوش کان.

جنهن جي جفا ۾ آهه سدائين وفا جو رنگ،

بهتر ٿو ان جو نيش لڳي ڪنهن بي نجوش کان.

”اختر“ ڇو تنهنجي نظم مان ڪنهن کي اثر نه ٿيو؟

ٻُڙا هئا سڀئي ڇا صفا دل جي گوش کان.

·

دلِ عشاق ۾ ”اختر“ اداءِ عشق پيدا ڪر،

تون هر ذره کي صحرا ڪر تون هر قطره کي دريا ڪر.

اجڙ ٿي ويو جهالت جي خزان سان گلشنِ اخلاص،

نسيمِ علم سان خندان تون گلزارِ تمنا ڪر.

عدم مان عالمِ هستي ۾ بنجي نور تون آئين،

نگاهِ حسن سان آئينه افرنگ پرزا ڪر.

اٿي ڪر اي جوان ايجاد الاالله جو ايٽم،

ختم غيرن جو غوغا ڪر نمودِ حق کي هرجا ڪر.

اٿيئي پاڻ سان ڪرڻو جهاد في سبيل الله،

مٽائي ”لا“ جي صورت هر طرف موجود ”الا“ ڪر.

 

·

 

عزيزؤ! رات مئخانه جي مهمانن سان ڏاڍي ٿي!

صنم خنجر ڪڍي بيٺو ثنا خوانن سان ڏاڍي ٿي!

 

هٽايو رخ تان هن پرده کي پروانن سان ڏاڍي ٿي!

فقيـﮧ و زاهد و واعظ جي ايمانن سان ڏاڍي ٿي!

 

هو سهڻو بزمِ شعرا ۾ سراپا شعر ٿي آيو!

خموشي ڇانئجي ويئي سخندانن سان ڏاڍي ٿي!

 

عمامه کي اڇل ڏيئي هو آخوند ئي نچڻ بيٺو!

خٿابي خودبخود کسڪيا جو نادانن سان ڏاڍي ٿي!

 

ڪتابِ رخ جو هڪ:ڙو ورق شايد آهه شايع ٿيو!

اديبن جي ادب آموز افسانن سان ڏاڍي ٿي!

 

قد و قامت ۾ محبوبه ۽ خال و خط ۾ شهزادو!

حسين حورن سان ڏاڍي ٿي يا غلمانن سان ڏاڍي ٿي!

 

کڻي آيس هزارين حسرتون جانان جي خذمت ۾!

رقيبن کي ڏسي گڏ دل جي ارمانن سان ڏاڍي ٿي!

 

حسينانِ جهان سڀ سرنگون ٿيا حسنِ جانان وٽ!

پرستارن سان ڏاڍي ٿي صنم خانن سان ڏاڍي ٿي!

 

سنڀالي پير رک ”اختر“ گلستان جي احاطي ۾!

گلن جَي آرزو ۾ اڄ گريبانن سان ڏاڍي ٿي!

 

 

·

 

اي صنم ڪر ڪا عطا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف،

در تي گڏ ٿيا ڪئين گدا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

مشعلِ رخ جي ضيا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف،

ڪيئي پروانه فدا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

شاخِ گل تي نو شگفته گل ڏسي ڪئين بلبليون،

ٿيون اچي نغمه سرا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

موت ٿيو سر تي سوار ۽ مهل سر آيو مسيح،

هو مريضِ لا دوا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

گويا ڪڪرن ۾ لڪي ويو ماهِ ڪامل اوچتو،

”يار جا زلفِ دُوتا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.“

 

رقص ڪن جوڳين اڳيان جئن نانگ ڪارا ڦڻِ ڪڍيو،

”يار جا زلف دُوتا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.“

 

جيئن چمڻ جي ڪئي رخِ جانان کي مون ويڙهي ويا،

”يار جا زلفِ دُوتا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.“

 

 

هڪ نظr سان ئي ٿي ديدن جي ڪمانن مان ڪئين،

تير مزگان جا ڇٽا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

توکي ذوقِ خود نمائي مون کي شوقِ رنگ و بُو،

شڪوه مهر و وفا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

قافلو نڪري ويو مان پوئتي رهجي ويس،

ڪئين لڳا پيا هئا مزا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

عشق، گل بلبل کي ۽ صياد کي ترغيبِ قتل،.

طرفداري ڪئي قضا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

گوهر، مقصود هو دريا جي وچ مان آڻڻو،

سست ڏسندا ئي رهيا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

هو رُسي ويهي رهيو ۽ مون کي پيو پرچائڻو،

در حقيقت هئي خطا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

هڪ سدان ٿي ويو پيار آ هڪ جي حوالي هوس اڳئي،

ڪيئن نڀائيندين ڀلا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

ان جي رخسارن کي هر هر ٿي چميو گستاخ ٿي،

شوق مان بادِ صبا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

تنهن جا عاشق تنهن جي بزمِ ناز ۾ سڀ ٿيا شهيد،

سيفِ ابرو سان ڪُٺا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

آيو اهڙي شان سان پي يارُ، جو بت بنجي پيا،

آشنا غير آشنا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

ڪعبه ۾ وحدت جو شان بتخانه ۾ ڪثرت جو رنگ،

مظهر، نور، خدا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

ڪيو جدا غيرن غلط فهمي وجهي طرفين کي،

ٿي ويو ماتم بپا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

واعظ ۽ پير، مغان ڪيئن با جماعت صلح ڪن،

هي جدا ۽ هو جدا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

ڏک ۽ سک ”اختر“ اٿئي ردِعمل هڪ ٻئي جو ٻئي

پاڻ کي ڪر آشنا ڪجهه هِنَ طرف ڪجهه هُنَ طرف.

 

 

·

 

ناصح نه ڪر اسان سان تون حجت وري وري،

نادان کي ڪندي ڇا نصيحت وري وري.

ڀانيان ته ان جي پيو ڏسان صورت وري وري،

آڻيان ڪٿان نگاه جي همت وري وري.

جيڪر رکي ٿو غير سان رغبت وري وري،

آهي بجا پوءِ منهنجي شڪايت وري وري.

حاصل ڪريان ڪا وصل جي لذت وري وري،

”ساقي پيار شوقِ دل سان تلاوت وري وري.“

خواهش اٿم ته مصحفِ رخسار جي ڪريان،

شب روز شوقِ دل سان تلاوت وري وري.

اڄ مون سان منهن جو يار هم آغوش ٿي ويو،

مان پڻ ادا ڪندس اها سنت وري وري.

جاه و جلال حسن جي تعريف ڇا چوان،

طاري ڏسان ٿو پاڻ تي هيبت وري وري.

جرم، وفا جي اڄ ئي صفائي ڪري وٺان،

ملزم کي ملندي ناه ڪا مهلت وري وري.

اي يار هوندي منهن جي جواني به چند روز،

تنهن جي رخ تي ايندي نه رنگت وري وري.

هڪ ڀيرو ڪين بهر، عيادت به آئين ڪالهه،

ڇا ٿيو جي ايندين اڄ سر، تربت وري وري.

آهن تماشا گاهِ جهان جا هزارين رنگ،

”اختر“ تون کول ديدهء عبرت وري وري.

 

·

 

ڪنهن جي جلوت کي ڏسي جلوه نما ياد آيو،

هوش ته هو ڪونه مگر هو شربا ياد آيو.

 

صورت، بت کي ڏسڻ سان ئي خدا ياد آيو،

بستڪده ۾ شرف، ڪعبه، عملا ياد آيو.

 

ڪالهه منصور کي پي دار تي لڙڪايائون،

مون نهاريو ته مون کي زلفِ دوتا ياد آيو.

 

مون چميا ٿي هن شمشير، بڪف جا ٻئي هٿ،

رنگِ خون ياد نه پيو رنگِ حنا ياد آيو.

 

 

·

اچو ته عشق جي مذهب کي اختيار ڪريون،

اچو ته حسن جو بتخانه برقرار ڪريون.

اچو ته صورت جانان کي همڪنار ڪريون،

اميد، وصل ۾ اکين کي انتظار ڪريون.

اچو ته دشتِ محبت ۾ ٿيون قدم انداز،

اچو ته پيرهنِ عقل تار تار ڪريون.

هي قطره قطره خونِ جگر ٿي لعلون وڃن،

اکين کي اهڙي طرح غم ۾ اشڪبار ڪريون.

گلن کي جيئن ٿي ڦِري بلبل، چمن بيتاب،

طواف، ڪعبهء رخ هڪ نه بار بار ڪريون.

بنايون عزم سان صحرا کي غيرت، چمن،

اچو ته تيشه سان تسخير ڪوهسار ڪريون.

اسان جو پير، مغان اڄ بزم ۾ آيو آه،

حرم کي باده، گلگون سان داغدار ڪريون.

هلي ٿي بزمِ چمن ۾ عجب نمائشِ حُسن،

اچو ته خود ئي طلب ٿي تلاشِ يار ڪريون.

ويو ٿي دفن محبت جو لاش مدت کان،

اچو ته شمع کي روشن سر، مزار ڪريون.

هي باغِ حسن و ادا ناه آب جو محتاج،

جگر جي خون سان غنچن کي لاله زار ڪريون.

·

نماز عشق جي ترتيب بي رڪوع و سُجود،

اچو ته ڪعبهء تسليم پائدار ڪريون.

رهي ٿي هجر، صنم ۾ هزار گونه خلش،

اچو ته خنجر، ابرو سان جانثار ڪريون.

ڏسان ٿو عشرت، امروز ۾ فقط حسرت،

”اچو ته وعده فردا ئي اعتبار ڪريون“،

هي داستان، محبت کُٽڻ جو ناه ”اختر“

اچو ته محفل، شُعرا ۾ اختيار ڪريون.

 

·

 

ڇو متو آ گوڙ هن ميخانه تي؟

جام تي يا جذبئه رندانه تي؟

 

پيءُ، پيڻ کان منع ڪانهي هوش ڌار،

غم ۽ غصو غير جي پيمانه تي!

 

تون جوان آهين، اکيون پٽ هوش ڌار،

سنگِ جرئت، سو به هڪ ديوانه تي.

 

غير کي ٻاهر ڇڪي ڪڍ بزم مان،

جوشِ غيرت ڪر ته ڪنهن بيگانه تي.

 

تو ۾ سوزش ناه آهين سرد و تر،

جرمِ ناحق ٿو رکين پروانه تي!

 

تون ڪندين ڇا؟ تو ۾ خود داري ڪٿي؟

تون جهڪيل آهين درِ بتخانه تي.

 

آهين زنجير خوش آمد ۾ اسير،

حيف ههڙي همتِ مردانه تي.

 

ماٺ ڪر ”اختر“ چوڻ جو وقت ناه،

هرڪو خوش آ شوڪت شاهانه تي.

 

·

گرداب مان بچيس ته ڪنارو ڦٽي پيو،

اميد، دل جو باقي سهارو ٽٽي پيو.

 

چمڪيو پي نجم، عشق سٻر شام عرش تي،

ليڪن سحر کان اڳ سو ستارو ٽٽي پيو.

 

مون ٿي بنايو عهد، محبت جو زائچو،

اڇليم جو قرعه فال ته ڍارو ٽٽي پيو.

 

مدت کان پوءِ پري کان صنم کي ڏٺم مگر،

آڏو رقيب ٿيو ته اشارو ٽٽي پيو.

 

مون ڪيو بچاءُ ڪشمڪشِ حسن ۾ گهڻئي،

پر منهن جو هڪ نظر ۾ ئي وارو ٽٽي پيو.

 

دڪل دڪ ٿي بار هجر کان اڄ دل تي اوچتو،

گويا غم و الم جو غبارو ٽٽي پيو.

 

اڄ منهنجو يار مونسان تصور ۾ ٿيو ڪين،

ڪوشش جي باوجود نظارو ٽٽي پيو.

 

هو آرزو جو سر بفلڪ خوشنما محل،

طوفان، بيڪسيءَ ۾ منارو ٽٽي پيو.

 

اڄ ڪارزار عشق جو ويو جهٽ بدلجي رنگ،

نزديڪ فتح هئي ته نقارو ٽٽي پيو.

 

انڪار ڪائنات ڪيو دردِ عشق کان،

”اختر“ حزين تي بار هي سارو ٽٽي پيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org