سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تسبيحِ محبت

صفحو :4

 

 

دولت

 

سدائين آهه سڄڻن جو سلام دولت سان،

ٿئي ٿو دوست مان بنجي غلام دولت سان.

غـــريبِ حال ٿياسين ۽ يار پرکياسين،

زمانو زنده رهي ٿو دوام دولت سان.

وڃي ٿو بنجي حقيقت جهانِ حاضر ۾،

امير وقت جو سوداءِ خيام، دولت سان.

اگرچ آهه نه، دنـــيا ۾ دل کــــي چين، مگــــر،

رخِ حزين ٿو ٿئي خوش خرام دولت ساقن.

فراقِ يار جي فڪرات ۾ چيو هڪ دوست،

ٿو صبحِ غم کي ڪري سگهجي شام، دولت سان.

ملــــي ٿو بزمِ جهان ۾ مـدام اي ”اختر“،

شرابِ مهر و محبت جو جام دولت سان.

 

دين و دنيا

ڪيئن ڪندين آباد اي بي سمجهه گڏ دنيا سان دين؟
روح جو روزِ ازل کان نفس نادان سان نزاع.

نفس آ ترغيبِ دنيا، روح آ تڪميلِ دين،

آب ۽ آتش جو هرگز ڪين ٿيندو اجتماع.

اهلِ دين جي سمجهه ۾ اڄ آهه تاريڪيءَ جو دور،

اهلِ دنيا جي نظر ۾ شمس انور جو شعاع.

تنهن جي تعميلات ۽ اخلاق تقليدِ فرنگ،

منهن جي تعبيرات ۾ خير الامم جي اتباع.

عيش و عشرت، حظ و لذت، چهچٽو سڀ چار ڏينهن،

ڪر نڀاڳي نفس کان، اي بوالهوس تون الوداع.

رقص ۾ جو راڳ آڻي روز شب رندن جو روح،

مست ٿي ”اختر“ مچائي ويهه سا بزمِ سماع.

 

دولتِ تسليم

هر حال ۾ مدهوش ٿي هر رنج و بلا سان،

حاصل نه ٿئي حَظِ سڪون حرص و هوا سان.

ڪيئن شوقِ هَوَس ۾ ٿو رکين ذوق جي اميد،

شامل ڪيو شهيدن ۾ ٿيو رنگ حنا سان.

ميدان ۾ غيرن جا ڦرن اڄ ٿا ارڙ نانگ،

نابود ٿئي سحر ٿو عفت جي عصا سان.

ڪر دولتِ تسليم سان عقبيٰ جي تجارت،

سامانِ سعادت ٿو ملي نقدِ رضا سان.

هان! ڪُشتهءِ سيماب سان قارون جي دولت،

ٿو سونُ مِسِ دل ٿئي اڪسيرِ ادا سان.

تصويرِ فنا باعثِ تعبير بقا آهه،

فرصت ۾ فنا پاڻ کي ڪر فڪرِ فنا سان.

ڪر حجره خلوت کي بپا اي دل ”اختر“،

ڪي روح رهاڻيون ته ڪجن غارِ حرا سان.

 

ڊائري

 

عصاءِ عشق سان سڀ ازدهاءِ غير ٿيا نابود،

اڙي فرعونِ حرفت ٿو هلائين ساحري ڪهڙي؟

 

فلاح و فيضيابي آهه حاصل حسنِ باطن سان،

ڪرين ٿو زندگيءَ ۾ زيب و زينت ظاهري ڪهڙي؟

 

نگاهِ شمس اسبابِ هلاڪت جانِ شبنم آهه،

عدون جي اشارن تي خوش آمد خاطري ڪهڙي؟

 

چمن ۾ نازبو جو ناز آهي تخم ريزيءَ سان،

بنا پوکڻ جي تون لڻندين ٻنيءَ مان ٻاجهري ڪهڙي؟

 

ڪتابت تنهن جي قائم آ ڪرامآ ڪاتبين واري،

لکين ٿو سر گذشتِ سال و مـﮧ جي ڊائري ڪهڙي؟

 

سڏائين پاڻ کي ”اختر“ تون اهلِ شعر ڇا ٿي پيو؟

جگر ۾ جا نه ٻاري باهه، سا ٿي شاعري ڪهڙي؟

 

ڏسو يورپ جو بازيگر، ڪمالِ فن جو مالڪ آه،

بنا رسيءَ جي باندر کي نچائي ٿو اشارن سان.

_____

ڏسو ڏسو ته وڃن پيا نگار خانه ڏانهن،

صنم جي زلفِ گره گير جا هزارين اسير.

 

غلط ٿي شيخ چيو، قوم آ ضمير فروش،

ڪٿان وڪامي سگهي بي ضمير جو ٿو ضمير؟

 

تهذيبِ فرنگ

اي بت پرست تون ڪندين ڪهڙي تلاش، يار،

توکي تميز ناهه سفيد و سياهه جي.

بيگوش آهين حق جي قلم کان تون فيلسوف،

ديدن ۾ تنهن جي ٿي ڦري صورت گناهه جي.

مغرب جي روشنيءَ ۾ تون پلجي جوان ٿئين،

تنوير توکي ڇا ڪندي مشرق جي ماه جي.

تون حسنِ ظاهريءَ تي پريشان ٿو رهين،

توکي خبر نه عشق جي پوشيده راهه جي.

آهين تون سر برهنه اديبن سان عام ۾،

عظمت نه تنهن جي عين ۾ تاجِ ڪُلاهه جي.

افسوس ڪيترو ٿو ڀڄين بزمِ نور کان،

اکين کي آس ٿي رهي جنهن جلوه گاه جي.

”اختر“ اداءِ حسن تان قربان جان ڪر،

همت سان هن زمين کي خود آسمان ڪر.

 

سرمائيداري

هر ڌڻ مان ڌڪي ڪڍيو نئين دؤر ڌنارن کي،

ٻڪرين جي نگهباني بگهڙن جي حوالي ۾.

سچ سير سان لاڳو ٿي اڄ ڪوڙ جي لالائي،

ميٺاج مزي وارو مرچن جي مشالي ۾.

اي پير مغان تنهنجو معلوم ٿيو مذهب!

طاغوت جي طاعت آ، اسلام جي نالي ۾.

آرام طلب آهين اي راهه نورد! افسوس،

فطرت جي فياضي آ، ڪوشش ۽ ڪشالي ۾.

نڪري آ وئي ”اختر“ سا لذتِ مدهوشي،

مئخانه ٿيا خالي، گردش نه پيالي ۾.

 

شڪايت حال

 

بي نور هميشـﮧ ٿي رهي بزنِ غريبان،

صدين کان ڏسو بختِ سڪندر جي سياهي.

چاڪيءَ کي عوض چور جي جهٽ پٽ ۾ جهليائون،

بيڪار هجي شاه ته بيزار سپاهي.

جي ڏينهن کي چئي رات کڻي ملڪ جو والي،

تائيد ۾ سڀ ڏيندا عملدار گواهي.

ڪعبي ۽ ڪليسا ۾ رکن فرق نه ڪوئي،

محٻوبِ وطن مجلسِ اقوام جا راهي.

انگلنڊ مان آندائون وڃي قوم جي خاطر،

يورپو جو تمدن ۽ رسوماتِ تباهي.

سمجهن ٿا سچو قراتِ قرآن کي ليڪن،

آ لائقِ ترميم هي قانونِ الاهي.

ٻي مهل اڃا ٺهندو اسان لاءِ ڪو دستور،

هوندو نه جڏهن قوم مسلمان جو واهي.

بيهوش ٿيا بزم ۾ مستان مئي و جام،

اي پيرِ مغان کول تون پوشيده نگاهي.

آزاد اسين ملڪ به آزاد اسان جو،

هر شخص جي دل ۾ ٿي رهي شوڪتِ شاهي.

آيو آ زمانو هي وري اوج جو ”اختر“،

پرواز ڪندو عرش تي هر مور ۽ ماهي.

 

آزادي

 

جهالت آهه رسم و راهه سان تعبيرِ آزادي،

شقاوت آهه شمع، غير سان تنويرِ آزادي.

 

بنا ڪر اي جوان خوش خلق سان تعميرِ آزادي،

مٽائڻ سان نه مٽبي هيءَ ڪڏهن تصويرِ آزادي.

 

حرم جي حجرهِ سنت مان آيو باده خاني ۾،

مريدانِ مراسم سان اسان جو پيرِ آزادي.

 

اذان آئي سويرو سجده گاهِ اهلِ دولت ۾،

نمازِ عيش لئه آهي لڳي تڪبيرِ آزادي.

 

روا ظلم و ستم غارتگري هر روز آور کي،

نمايان آهه هر اخبار ۾ تفسيرِ آزادي.

 

اڳيان سرمايه دارن جي سرِ تسليم خم آهي،

هلي ٿي حلق تي مسڪين جي شَمشيرِ آزادي.

 

ڀتيون سونيون محل سونا ٿيا سيمابِ رشوت سان،

سنياسي واهه سيکاري ويو اڪسيرِ آزادي.

 

بهادر ٿي ڀڳوسون نيٺ ”اختر“ قيدِ ملت کي،

ڄمڻ سان مادرِ مغرب پياريو شيرِ آزادي.

 

خدا خير ڪري

 

آيا سرِ ميدان خدا خير ڪري،

غارت گِر ايمان خدا خير ڪري!

قابل ٿيا آدابِ خط و خال سکي،

مغرب جا ٿي مهمان خدا خير ڪري!

يورپ جي يهودين کان ويا گوءِ کڻي،

مشرق جا مسلمان خدا خير ڪري!

محفل ۾ وٺيم آيا تمدن جا تجار،

عورت ڪري عُريان خدا خير ڪري!

هڪ ناز ۽ انداز سان مڙگان جا تير،

ٻيو زلفِ پريشان خدا خير ڪري!

هڪ عام ۾ عشاق اڳيان رقص ۽ راڳ،

ٻيو ساز ۽ سامان خدا خير ڪري!

پاڳل نه بنائي هي مونکي حُسن، بتان،

ٿيو چاڪِ گريبان خدا خير ڪري!

اهڙو ته اهو مرض نڀاڳو آهي،

دارون نڪو درمان خدا خير ڪري!

مشڪل سان ته واپس مون ورائي آخر،

هي دل بصد ارمان خدا خير ڪري!

هن دورِ ترقيءَ جو هي ادنيٰ تاثير،

انسان مان حيوان خدا خير ڪري!

تون ملڪ جي ماحول کان ”اختر“ ٿي پوي،

پڙهه قراتِ قرآن خدا خير ڪري!

 

پوليس

ظلم و ستم پوليس جو ظاهر ظهور آهه،

ٻڪرين جو پاسبان بگهڙ بي شعور آهه.

چوري به ڀاڳين جي ۽ ڪُٽجن به ڀاڳيا!

قائم ڪٿي جهان ۾ اهڙو ڪلور آهه؟

آهي ڪو اهلِ فهم جو سمجهائي صاف صاف،

ظاهر ترين پوليس جو ڪهڙو ضرور آهه؟

افسوس آهه اهڙي حڪومت جي حال تي!

جنهن جو ڌيان درد جي دانهن کان دور آهه.

آفيسرانِ اعليٰ اگر بي نگاهه ٿيا!

غفلت جي ڪاروبار ۾ ڪنهن جو قصور آهه؟

آهي غريب زار جي فرياد جو نه داد،

سرڪاري دفترن ۾ سراسر غرور آهه!

جمهوري راڄ جي پئي مٽي پليد ٿي،

بس! آپيشاهي حڪم ۽ حاضر حضور آهه!

قهر و جفا ۾ صورتِ چنگيز آ پوليس،

يعني بجاءِ امن شر انگيز آ پوليس.

قائداعظم ۽ پاڪستان

جهادِ عشَ ۾ پوشيده ضرب الا الله،

جدا جدا ٿي ويو مرڪزِ سفيد و سياه.

جمالِ يار جي جلوه سان ئي جميل اي دل،

جهان حُسن ۾ روشن مثالِ مهر و ماه.

نه هفته شوڪتِ ايمان ۾ جذبـﮧ تاثير،

دمِ مسيح کان ڪمتر نه مومنن جي نگاه.

نماز روزه و تسبيح نيڪ فال مگر،

نشانِ اهلِ دل و دين ترڪ رسم و راه.

چمن جي غنچي کي خزان ئي ڪيو نسيمِ بهار،

رهين ٿو هاڻ ڇو ”اختر“ ملول خواه مخواه.

 

ترغيبِ عمل

 

اي دل تون پاڪباز ٿي ڪر پاڻ پائمال،

بيسود بحث ڪر نه، ٿي هرهڪ سان همخيال.

 

پوشيده آهه ناز رسومِ نياز ۾،

قربِ قديم کي ٿو ڪري قتل قيل و قال.

 

دربان آستانه تسليم ٿي گذار،

تون خير خواهِ خصم ٿي ڪر شير کي شغال.

 

عيبن کي ڇڏ تون عام جي خوبي ڏي ڪر نگاه،

ساراه سڀ جي سيرت اخلاص نيڪ فال.

 

مشڪڻ سان هر مقام تي مقبول عام ٿي،

رهه خاص طور همدم و غمخوار خسته حال.

 

بطنِ صرف ۾ آهه نهان درِ آبدار،

ڪمتر نه ڪنهن کي ڄاڻ تون اي صاحبِ ڪمال.

 

تون خنده رُو ٿي خَلقَ سان خلقت کي پيش آءُ،

چشمن ۾ تنهن جي چمڪي سدا جلوه جلال.

 

هر حال آهه حلم و حيا حلِ مشڪلات،

آهي ڪليدِ صبر و رضا مقصدِ محال.

 

تون ڪنهن جو قدر ڪر ته ٻيا تنهنجو قدر ڪن،

خاطر ۾ آڻ خادم و مخدوم جو مثال.

 

لاطمع ٿي ته لوڪ ۾ تنهنجو وقار ٿئي،

”اختر“ نه ٿي تون غير جو منت پذير مال.

 

ڪوشش

 

مستقل ٿي رهه جهان ۾ نوجوان،

ڪاميابي نام استقلال جو.

آهه جدوجهد تعميلِ حيات،

سهيء پيهم طرز نيڪ و فال جو.

اڄ ۾ مضمر آ سڀاڻي جو سوال،

آهه مستقبل معاون حال جو.

پنهنجي پيرن کي وڍي ويٺين تون پاڻ،

ڏس نتيجو شامتِ اعمال جو.

بلبلِ بي پر قفس ۾ قيد آهه،

پُر خطر پرواز ٿيو بي بال جو.

سمجهه وارا ويا لڏي سنسار مان،

قدر ڪونهي گوهرِ اقوال جو.

 

ادائي عشق

 

ربابِ سوز جون تارون نه ڇيڙ اي مطرب،

فغانِ درد سوا نڪرندو نه سازو سرود.

نماز و نفل جي بادِ نسيم بي تاثير،

خزان رسيده هميشـﮧ هي گلستانِ درُود.

شعاعِ حسن سان پرنور ڪر شبِ تاريڪ،

وساڻو بزم جهان مان چراغِ عاد و ثمود.

اداءِ عشق ۾ مرموز امتحانِ عشق،

غمِ اياز تان قربان مسرتِ محمود.

 

سلامتي ڪائونسل

 

ڪيو دنيا کي دولتمند ايجاداتِ امريڪا،

دلِ مايوس مان اڄ درد و ارمان موڪلائي ويو.

 

فرنگن جي فقيهانه تمدن جا ٿيا طابع،

سلام و امن جي لالچ تي ايمان موڪلائي ويو.

 

کليو يورپ ۾ آهي مڪتبِ تعليم قرآني،

اسان جي مدرسن مان علم و عرفان موڪلائي ويو.

 

مروت، مهرباني خون ٿي وئي سرِ ميدان،

حياؤ شرم جو اکين مان مهمان موڪلائي ويو.

 

اڇل ساغر کي اي ساقي ختم ڪر بزمِ رندانه،

شرابِ عشق جو شوقين جانان موڪلائي ويو.

 

تقرير

 

اي شيخ نه ڪر امر و نهي حڪم خداوند،

هن وقت فضول آهه اها عام ۾ تقرير.

 

گڏ آهه جماعت ٿي ڪليسا جي حرمن ۾،

بيسود ٿي مسجد جي در و بام ۾ تقرير.

 

ملت جو اگر درد اٿئي قلبِ جوان ۾،

اٿ ڪر ڪا هلي مجلسِ اقوام ۾ تقرير.

 

اسلام جي مستن کي ڪندي مست ۽ مخمور،

اي پيرِ مغان! بزمن مئي و جام ۾ تقرير.

 

گرفتارِ دنيا

دور آهين گهڻو منزلِ مطلوب کان غافل،

توفيرق طلب جي نه اٿئي جسم ۽ جان ۾.

توهان هاءِ شب و روز ٿو غفلت ۾ رهين غرق،

پيري جو اثر آهه سندءِ قلبِ جوان ۾.

بي علم تون آزاديِ تعميل و يقين کان،

قيدي ٿي رهين ٿو قفسِ وهم و گمان ۾.

بالا ٿا رهن عرشِ معليٰ کان خدا لوڪ،

افسوس تون گم آهين فرو مايه جهان ۾.

 

تقدير

تنهن جي قسمت نه آسمانن ۾،

پاڻ آهين نوشتِهءِ تقدير.

اهلِ دل وٽ جهان مثلِ خواب،

جدوجهد آهه خواب جو تعبير!

مضطرب ٿي نه فڪرِ ماضي ۾،

پنهن جي دنيا کي ڪر وري تعمير!

حلقهءِ غير ۾ غلاميءَ جو،

تنهن جي گردن ۾ اڄ نه آ زنجير!

زورِ بازو سان شهر: آفاق،

فتحِ عالم تجليء شمشير!

تون سڄو آهين گوهرِ ناياب،

تنهن جي پيرن جي خاڪ خود اڪسير.

طاعتِ حق ۾ رهه سدا حاضر،

ڪر نه ”اختر“ اطاعتِ بي پير!

 

فقير و امير

 آهيان ته مان فقير جهان حيات ۾،

تون عالمِ فنا ۾ زر وسيم جو اسير!

فقر و غنا ۾ آهه فقط فرق ايترو،

تون بندهُ هَوَس ۽ هَوَس بنده فقير!

جنهن فقر ۾ خوديءَ جي تجلي جو تاب آهه،

سو في الحقيقت آهه شهنشاهِ باج گير!

۽ جنهن غنا ۾ آهه غرورِ جلال و رعب،

دنياءِ معرفت جي مقامت ۾ حقير!

 

تنقيد و اصلاح

ڪيو ديوانو توکي حسنِ دنيا؟

ذرا پنهنجي نزاڪت تي نظر ڪر!

بنايو رات کي تو ڏينهن ڇا ٿيو؟

شبِ ظلماتِ غفلت کي سحر ڪر!

گهمين غيرن جون ڇا ٿو بزم گاهون؟

تون پنهنجي قدر و قسمت جو سفر ڪر!

وئي تقسيم ٿي هئي تنهنجي ويٺي،

موالي! پنهنجي همت تي حشر ڪر!

ڊڄين ٿو موت جي غوغا کان ”اختر“؟

فغانِ دردمندان کان حذر ڪر!

تون آهين اشرف المخلوق انسان،

اٿي ڪر پاڻ هر مشڪل کي آسان.

 

ذواءِ طرب

 حيات و زيست جي سرحد جا حاڪمِ مختار،

ستم سان صوبـﮧ دل کي زبونِ حال نه ڪر.

تون آهين ملڪِ ترقيءَ جو بادشاه! مگر،

جنوب و شرق کي اڄ مغرب و شمال نه ڪر!

رهين ٿو غرق شب و روز فڪرِ ملڪيت ۾،

سنڀال دولتِ ايمان خيالِ مال نه ڪر.

چمن ۾ آئي نسيمِ بهار اي گلچين،

خفا ٿي غنچـﮧ گل سرخ پائمال نه ڪر.

سراءِ دهر ۾ مهمان آهين اي ”اختر“،

سدائين ان ۾ سڪونت جو ڪو خيال نه ڪر!

 

تصوف

لاهوت کان آيو آ، اڄ قافلـﮧ قاصد،

ڪجهه غور طلب ان جو پيغامِ نظر آيو.

ڪثرت ۾ نهان وحدت، وحدت ۾ عيان ڪثرت،

آغاز جي پردي ۾ انجام نظر آيو.

تعميل جي نشي ۾ مينوش ٿيا مدهوش،

مئخانـﮧ وحدت ۾ پُر جام نظر آيو.

وحدت ۾ ٿيا واصُل، تعميل تصور سان،

بتخانهء باطل ۾، اسلام نظر آيو.

عادت ٿي وئي ”اختر“ غمهاءِ مسلسل جي،

آلام محبت ۾ آرام نظر آيو.

 

ترقي

 

ڇا ٿيو جي آئي دنيا ۾ ترقيءَ جي بهار،

گلشنِ اخلاق ۾ بادِ خزان ساڳي طرح.

 

ڇا ٿيو جي ٿيا جهانِ سيم و زر ۾ سرفراز،

دولتِ اخلاص کان بي خانمان ساڳي طرح.

 

ڇا ٿيو جي توکي حاصل ٿيو هوا تي اقتدار،

قوم جو هلندو رهي ٿو ڪاروان ساڳي طرح.

 

ڇا ٿيو جو تنهنجي محفل جي رهي روشن ٿي رات،

نورِ حق کان بي اثر بزمِ جهان ساڳي طرح.

 

واءِ حسرت! آهه ”تعليمِ يقين“ جي باوجود،

تنهنجو نصب العين ”تقديرِ گمان“ ساڳي طرح.

 

غور ڪونهي ڪو غريبن جي غمِ جا نڪاه جو،

آهه زر دارن جي سر تي سائبان ساڳي طرح.

 

 

 

حسنِ عريان

 

آيو محفل ۾ صنم سونهن سان سينگار ڪري،

دل ويو زلفِ گره گير گرفتار ڪري.

جنبش، ابروءِ خدا جو ناهي ڪو مثال،

زخمِ دل اهڙي طرح تير نه تلوار ڪري.

هاءِ مئخانـﮧ يورپ مان يگانه ساقي،

هڪ ئي ساغر سان ويو بزم کي سرشار ڪري.

اهڙو بدمست ڪيو باده مغرب جي خمار،

رقص ٿي عفت و عصمت سر بازار ڪري.

حسنِ عريان جي جهلڪ عام تجلي پيئي ڏي،

اهل، دولت ڪو ڀلي شوق سان ديدار ڪري.

آهه ارزان ٿي وئي جا بجا جنسِ لطيف،

اهلِ دولت ڪو اچي شوق سان واپار ڪري.

نازنينن جي نمائش ۾ نمائش توبه!

چشمِ نرگس ٿي دلِ زار سان تڪرار ڪري.

باده و ساغر و مينا جون ڪهاڻيون ڪهڙيون،

بزمِ خلوت به ٿي زاهد کي گنهگار ڪري.

واه تعليم و ادب! واه خيالاتِ عروج،

بي حيائي ٿي سڏي ننڊ مان بيدار ڪري.

ابتدا آهه اها دورِ ترقيءَ جي اڃا،

ڪهڙو غم ”اختر“ بي يارو مددگار ڪري.

 

 

ماءُ

 

مدفپون دلِ مادر ۾ محبت جو خزانو،

شوڪت جو خزانو ۽ شفقت جو خزانو.

 

پيرن جي تريءَ هيٺ رهي ماءُ جي محفوظ،

اولاد جي لاءِ شرف و سعادت جو خزانو.

 

ننڍپڻ کان وٺي ناز نزاڪت سان نپائي،

جا خرچ ڪري رات جي راحت جو خزانو.

 

وٺ نقدِ رضِا ماءُ جي محبوب هٿن مان،

کُٽجي نه سگهي خير ۽ برڪت جو خزانو.

 

”اختر“ ٿي چيو مون کي امان وقتِ مبارڪ،

فردوس اٿئي ماءُ جي خدمت جو خزانو.

 

 

قطعه تاريخ تذڪره شعراء هالا

 

اسان جو اڄ وطن ٿي ويو دوبالا،

طبع ٿيو ”تذڪرهء شعراءِ هالا.“

    1944ع

اسان جو شهر ٿيو دارالبلاغت،

چڙهيا غيرن جي دروازن تي تالا.

 

خصوصاً سنڌ ۾ سرمايه ناز،

محافظ ٿيو سندس باري تعاليٰ.

 

گلستان، بلاغت آهي جنهن ۾،

شگفته شهر جا سُنبل ۽ لالا.

 

ڪمال شاعري هئي جن جي شايان،

نوشته ٿيا انهن هستين جا نالا.

 

حسودن جي هيئين تي آهه خنجر،

شريرن جي شڪم تي تيز ڀالا.

 

رهي شل صاحب، تصنيف شادان،

جمع ڪيو جنهن ڪڍي ڪيڏا ڪشالا.

 

در شعرا جو خامد خاص اختر،

الاهي لطف جي تنهن تي نظر ڪر.

 

 

قطعات

 

  

لمحات اختر

 

چڙهيو طرفن کان طوفان شر انگيز،

سياه ٿي ويو صفا نجتِ سڪندر،

نهان ٿيو نور آ شمس و قمر جو،

عيان ٿيا عرش تان لمحاتِ اختر.

 

سنڌ جو اقبال

 

ذوالجلال پاڪ جي خلقت ۾ خوشتر حال تون،

پنهنجي قسمت کي نه پاڻهي پاڻ ڪر پامال تون.

 

عام ۾ افسوس ڪونهي تنهن جي اقوالن جو قدر،

در حقيقت آهين اختر سنڌ جو اقبال تون.

 

دنيا

 

اٿئي گلشنِ عالم فقط نظر جو فريب،

گلِ بهار ۾ پوشيده صورتِ صياد.

 

قدم قدم تي نظر ڪر اي بلبلِ_ لاهوت،

ازل کان مرغ سحر سان خصوصيت، صياد.

 

 

محبت دنيا

 

عزم گلچيني نه ڪر گلچين خوف خار آهه،

واس وٺ گلدستهء فطرت مان شاخ، گل کان دور.

 

خود جهنم کي جلائي ٿو جهان، اضطراب،

محفلِ تسڪين بپاڪر، بزم شرر و غل کان دور.

 

فيلسوف

 

آهين گردابِ هَوسَ ۾ تون سراپا غرقِ فڪر،

پاڻ کي سمجهين ٿو فنڪار، اعليَ فيلسوف.

 

چئن پهرن لاءِ روشن آهه بزمِ زندگي،

پنهنجي هستيءَ تي تون هيڏو ڪر نه بانور بيوقوف.

 

عورت

 

عورت ڏسي مڙي ٿا وڃڻ نوجوان ڪيئن،

پروانه جيئن اچي ٿا ٿين گڏ چراغ تي.

 

دوشِ صبا تي ٿي ٿئي جيئن بوءِ گل سوار،

عورت سوار ٿي رهي قلب و دماغ تي.

 

ماحول

 

ڇا حسنِ حشر خيز ۽ ڇا قصِ فسون ساز،

دلڪش ٿئي معلوم ٿي هر صورتِ ماحول.

 

محفوظ رهي ڪيئن ٿو سگهي اهڙي فضا ۾،

ايمان و حيا غيرتِ دين عصمتِ ماحول.

 

سڪون قلب

 

هَوسَ جي قيد ۾ آهين، تونگر ٿئين ته ڇا ٿي پيو،

قناعت پيشه ٿيا فڪرات صبح و شام کان فارغ.

 

حصولِ منزلِ تسڪين و اطمينان لئه اختر،

دلِ بيتاب کي ڪر تون غمِ ايام کان فارغ.

 

عيد قرباني

 

ڍڳن ڍورن ڪهڻ مان ڇا بنا مفهوم مطلب جي،

فقط صدين کان هلندي ٿي اچي رسمِ مسلماني.

 

اٿئي اي جوان قربان ڪرڻو نفس جو گابو،

کڻي اڄ عرش تان پيغام آئي عيد قرباني.

 

جلوه گاهه

 

سرخم سدا ٿو سندم رهي هن جلوه گاهه مجاز ۾،

جو مزو پرستشِ بت ۾ آ سو مزو ڪٿي آ نماز ۾.

 

دمِ وصل خوب تر اثر شبِ انتظار جو لطف،

نه ٻڌم روايت سوز ۾ نه پڙهيم حديث گداز ۾.

 

غم و درد عشق جي ماجرا دلِ غزنوي کان پڇي ڏسو!

ڪو ته رنگِ حسن ضرور هو پس پرده زلفِ اياز ۾.

 

عشق و خرد

 

ذوق نظر ٿو سر ٿئي حِد نگاه کان،

عقل ۽ خرد ڪٿي ٿو هم آغوش ٿي سگهي!

 

ساقي به هوند سرڪ پياري کڻي ڇڏي،

زاهد جو ضِابطي ۾ اگر هوش ٿي سگهي.

 

حجام ۽ حڪيم

 

رهيو ڪهڙو فرق آهي حجامن ۽ حڪيمن ۾،

هو پاڪيءَ کي کڻي آيو هُو نشتر کي کڻي آيو.

 

ڪو اختر سنگِ در بنيو ڪو منظور نظر بنيو،

ڪوئي سر کي کڻي آيو ڪوئي زر کي کڻي آيو.

 

ڪاليج جي ڪِڪِي

 

ڪڇ ۽ ڪتاب چشمو اکين تي بصد خرام،

مائٽ انهيءَ ۾ خوش ته ٿي نينگر پڙهڻ وڃي.

 

ڪنهن جو رهي ٿو دل کي سِر راه انتظار،

ڪاليج جي ڪِڪِي ڀلا ڪنهن سان گهمڻ وڃي.

 

مصحف فطرت

 

هي صبحِ ترقي ۾ نهان شامِ تباهي،

ڪاهيندو اچي غرب کان طوفانِ سياهي،

آهي ته چڱي قرات قرآن مگر دوست،

پڙهه مصحفِ فطرت مان ڪي آيات الاهي.

 

مستي

 

مال و ملڪيت تي ڪڏهن مستي نه ڪر،

هوڏ ڇڏ هوشيار ٿي هستي نه ڪر،

ناس ٿيندو نيٺ دنيا جو نظام،

اف! ضعيفن سان زبردستي نه ڪر.

 

 

 

دربار ناز

 

محمود پيو غلام ٿي دربارِ ناز ۾،

اهڙو ته رنگِ حسن هو زلفِ اياز ۾،

آيس مان حسرتن کي وٺي پيش يار جي،

گويا هلي امام ٿي بيٺس نماز ۾.

 

سدايئه ديوار

 

غير کان اصلاح ۽ اميدِ خير،

بيوقوفيء جو نه ٻيو اهڙو مثال،

سدايئهِ ديوار کان اي بيوقوف!

ٿو رکين تون آرزوءِ اتصال؟

 

بيحال

 

صياد جي سختيءَ کان ڏس اي باغ جا مالهي،

هر شاخ تي مرغانِ چمن بي پروبي بال،

پرواز جي طاقت نه رهي جن جي پرن ۾،

سي قيد قفس ۾ ٿو ڏسان حال کان بيحال.

  

 

بي ضمير

 

نه جنهن کي ڪو ضمير آهي ته ان جي زندگي ناهي،

سو ڪهڙو ويهي سوچيندو جهانِ دل بنائڻ ۾.

سمايل آهه منهنجي بي خوديءَ ۾ محفلِ عالم،

مناسب ناهه ڪا خود داري جي محفل بنائڻ ۾.

 

امير

 

باغِ جهان جا ٻڌ تون اي باغبان دلشاد،

مظلوم عندليب مسڪين جو آهه و فرياد،

صياد جي هٿن ۾ تير و ڪمان آهي،

مرغانِ صبح ٿي ويا اڄ بي گناهه برباد.

 

اقربا نوازي

 

تعليم شرط ناهي وقعت جي آهه بازي،

دولت اڳيان نه آهي غربت جي چاره سازي،

سندون ۽ شخصيت، صلاحيت فضول آهي،

سمجهايو ڪيئن ٿيندي، ٻيو اقربا نوازي.

 

 

 

 

ادب ۽ قوم

 

ادب ۽ علم کان جيڪي هجن هر وقت اڻ واقف،

انهن جو صبح ٿيندي ئي سويري سج لٿو بيشڪ،

جهالت ٿي ڪري جنهن قوم کي بينور اي ”اختر“،

اهائي قوم ٿي ڏسجي پٽيندي منهن مٿو بيشڪ.

 

هوائي جهاز

 

ويٺين تون وڃائي دل دنيا جي ادائن ۾،

اف! ڌار ٿين ڌڪجي صحرا جي سوارن کان،

ڇا ٿيو تون ڪرين جيڪر پرواز هوائن ۾،

تنهنجي ته اڃا اڳتي منزل ٿي ستارن کان.

 

دل

 

آٿئي عالمِ اصغر ۾ ”اختر“ امتحانِ دل،

اُٿي آباد ڪر اي بوالهوس بهتر جهانِ دل،

روان ڪر ڪاروان پنهنجو سنجهي مان پنهنجي منزل ڏي،

بُروجِ حق شناسيءَ سان منور آسمانِ دل.

 

 

عيد

ميخانهء پندار جا ميخوار ۽ مينوش!

اڄ بادهُ عشرت ۾ ٿيا مست ۽ مدهوش،

ڇا! ڏيندو جفاڪش جي دلِ زار کي تسڪين،

محٻوب جي ميدان ۾ اڄ عيد جو آغوش.

 

هلال عيد

هلالِ عيد ۾ پوشيده آ سُرور و حضور،

شراب و عيش، تقاضاءِ نفس، امير جي عيد،

جهانِ عشق ۾ منظور، طالب و مطلوب،

رضاؤ شڪر و سلامِ خدا فقير جي عيد.

 

زندگي

منظرِ قدرت کي ”اختر“ زندگي تي ناز آهه،

خود خدائي جو سمايل زندگي ۾ راز آهه،

زندگي آهي متاعِ نيڪ و بد جو ڪاروان،

”انما الاعمال“ تارِ زندگي جو ساز آهه.

 

مقابلو

حرفت تي ڪر تون نفس سان هر هر مقابلو،

دارا سان جيئن ڪيو ٿي سڪندر مقابلو،

زور آزمائي ڪر نه ضعيفن سان زوردار،

شير آهين ڪر تون شير سان ”اختر“ مقابلو.

 

مقامِ سڪون

 

تباهيءَ جو لڳو طوفان ڀڳي ٻيڙي ٻڏو سامان،

مگر امواجِ رحمت اوچتو ساحل تي پهچايو،

دلِ بيتاب کي ”اختر“ جتي تسڪين حاصل ٿئي!

ڪمالِ ياس و غم مون کي انهيءَ منزل تي پهچايو.

 

ڪلب

 

بي پرده حسن و عشق جي مستي ۽ ڪشمڪش،

ابليس ٿو عجب ۾ گذاري تمام رات!

وسري وڃنس هوند تمنائون حُلد جون،

زاهد اگر ڪِلب ۾ گذاري تمام رات.

 

عشق

 

عشق ويچارو رهي منت ڪشِ مخمورِ ناز،

حسن سؤ فتنه سهي، زردار جي زيرِ اثر،

هڪڙي اڇلي سَر ڏنو ۽ هڪڙي اڇلي زر ڏني،

هڪڙو سنگِ در بنيو ۽ هڪڙو منظورِ نظر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org