سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تسبيحِ محبت

صفحو :2

 

اختر هالائيءَ جي شاعري

 

رهن گوهر ٿا بيشڪ بادشاهن جي خزيني ۾،

دلِ حساس پيدا ڪئي خدا شاعر جي سيني ۾.

                                            اختر

خليفو محمد عمر اختر هالائي مرحوم، سرزمينِ هالا جي ادبي افق جو اهو وهائو تارو آهي، جيڪو جڏهن آسمانِ ادب تي پوري روشني ۽ نور سان ظهور پذير ٿيو ته هر ڪنهن نگاه جو مرڪز ۽ هر ڪنهن اک جو تارو بنجي نمودار ٿيو.، عالمِ پرڪيف جو هي شهنشاههِ خيال، جڏهن مطلع اهلِ سخن تي طلوع ٿيو ته هن جي فڪر جي مشعل جي شعاع سان، بزمِ بلاغت جگمگ جگمگ جرڪڻ لڳي. اختر جي شاعريءَ جو آواز ۽ انداز ٻين کان الڳ، سڀ کان جدا ۽ سڀ کان ممتاز هو. اختر جو شعر روايتي شاعريءَ ۾ هڪ نئين روايت جو آغاز هو. لفظ و معنيٰ ۽ جذبات و احساسات جو حسين امتزاج ۽ فڪر و تخيل جو بلند پرواز، اختر جي ذهنِ رسا جو اعجاز هو ۽ حلقئه شعرا کي اختر جي شاعريءَ تي بجا طور ناز هو.، آسمانِ ادب جو هي روشن ستارو فقط ٿوري دير اوجِ فلڪ تي منور رهي، اوچتو ئي اوچتو عدم جي اونداهين ۾ غروب ٿي ويو. اردو زبان جي عظيم شاعر اختر شيراني وانگر سنڌي شعر جو اختر هالائي به عين عالمِ شباب ۾ 44 سالن جي عمر ۾ رحلت ڪري ويو.

اختر صاحب، مروجه شاعريءَ جي تقريباً هر صنفِ سخن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، غزل ۽ نظم، اختر صاحب جا پسنديده صنفِ سخن آهن. هو غزل ۽ نظم جو هڪ وڏو ۽ شاندار ذخيرو اهلِ ادب جي خوشه چينيءَ لاءِ ڇڏي ويو آهي. ان کان سواءِ قطعا، رباعيون، مسدس ۽ سنڌي ڪافيءَ تي به اختر صاحب طبع آزمائي ڪئي آهي. غزل هجي يا نظم، يا قطعو، رباعي اختر صاحب جي شعر ۾ فڪر جي بلندي، خيال جي نذرت، زبان و بيان تي مڪمل عبور ۽ استادانه مهارت موجود آهي. ادائگي جو انداز اثرائتو ۽ دلڪش، الفاظ جي بندش ۽ علم عروض جي اصولن جي پابندي درجهء ڪمال تي پهتل آهي. اختر صاحب جا نظم سندس دؤر جي معاشرتي ماحول، ان دؤر جي سياسي سوچ ۽ تمدني فڪر جي صحيح عڪاسي ڪن ٿا. معاشرتي، اخلاقي ۽ معاشي موضوعن تي اختر صاحب جيڪي نظم لکيا آهن، انهن مان سندس قومي شعور ۽ سياسي سوچ ۽ ذهني رجحان جو واضح اظهار ٿئي ٿو. خدا شاعر جي سيني ۾ جا دلِ حساس پيدا ڪئي هئي، ناممڪن هو ته ان وقت جي آمر ۽ جابر قوتن جي ڏاڍ ۽ زور جي خلاف نفرت ۽ حقارت جا جذبات نه بيدار ٿين ۽ اهو شاعر ئي ڪهڙو، جو مظلومن ۽ هيڻن جي حمايت ۾ حق جو آواز نه بلند ڪري!

اختر صاحب اڄ کان 35 سال اڳ اعلان ڪري ويو ته:

اسين اڄ به ناهيون غلاميءَ کان آزاد،

جي آزادي آهي ته چورن ۽ ٺڳن کي.

دٻايون وڃن ٿيون اسان جون زبانون،

۽ روڪيو وڃي ٿو اسان جي هٿن کي.

زمانو اچي ويو عجب آهه ”اختر“،

چنو لائي وهڻو پوي ٿو چپن کي.

اڄ کان 35 سال اڳ جا لکيل هي شعر اڄ جي حالتن سان به بلڪل ٺهڪي اچن ٿا. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ شاعر بنهه اڄ ويهي اهي شعر لکيا آهن. عظيم شاعري جو اهڃاڻ به اهوئي آهي ته اها هر زماني ۽ هر دؤر جي حالتن تي ٺهڪي اچي.، شاهه لطيف ۽ شيڪسپيئر ۽ ڪلام ڪئين سَوَ سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان جي حالتن ۽ مزاج موافق رهنمائي ڪري ٿو.

اختر صاحب جي شاعريءَ ۾ اهڙا ”تازه ترين ڪلام“ بيشمار آهن. اليڪشن جو تماشو اسان جي قوم هاڻي تازو ڏٺو آهي. ان موضوع تي اختر صاحب 1954ع ۾ جيڪو نظم لکيو آهي، اهو ائين لڳي ٿو، ڄڻ اليڪشن 1990ع تي لکيو ويو آهي:

اليڪشن جو زمانو آ، وري ليڊر اچي بيٺا،

نوان رهزن اچي بيٺا، نوان رهبر اچي بيٺا.

طبيلن مان توائي ٿي هليا ويا اسپ تازي سڀ،

بٺارن جي ڪُڙهين مان هينگون ڏيندا خر اچي بيٺا.

مٿي هئا جن جا سر، ڪنهن وٽ هلڻ هلڪا ئي سمجهيائون،

ڪمينن جي درن تي ووٽ لئه هر هر اچي بيٺا.

فريبِ حسن و حرڪت جي گلي ۾ هار پاتائون،

محٻت جي جنازي تي کڻي نشتر اچي بيٺا.

ڪمي ڪانهي سياسي احمقن جي بزمِ دنيا ۾،

تماشو زور ٿي ويو جو ٻه بازيگر اچي بيٺا.

                                       (1954ع)

قوم جي نام نهاد ليڊرن جي موقعه پرستي، منافقي، بزدلي، نااهلي ۽ رشوت خوريءَ تي اسان جي شاعرن، اديبن، صحافين ۽ ڪالم نگارن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. اچو ته ڏسون ته اختر صاحب اڄ کان 35 سال اڳ ان موضوع تي ڇا لکي ويو آهي:

اسان کي اڄ نه ڪنهن بيڪار ليڊر جي ضرورت آهه،

نه رهزن جي ضرورت آهه، نه رهبر جي ضرورت آهه.

اٿو! خنجر بڪف ٿي، هلو هاڻي اڄ سرِ ميدان،

ضرورت آ ته هڪ مضبوط پادر جي ضرورت آهه.

وطن وڪڻيو وڃن ٿا ذاتي ملڪيت وڌائيندا،

وڏي بٺي مان هڪڙي ڏينهن آخر ڌوڙ پائيندا.

رڳو رشوت جي روپين سان رمي جي روز و شب کيڏن،

اُهي ڪهڙا هلي نُڪتا سياست جا نڀائيندا.

رڳو ڳالهين سان ٿيڻي قوم جي تعمير ڪانهي ڪا،

نصيحت سان ڀلا بدچال ۽ لوفر سڌا ٿيندا؟

ڀڄي ويندا اهي بزدل ڪري ميدان کي خالي،

جڏهن هر طرف کان تلوارون ۽ خنجر سڌا ٿيندا.

_____

شاعر ۽ ليڊر ٿيڻ سولي ڳالهه ڪانهي. سڌڙيا شراب جون ڪوهه پچارون ڪن!! هتي ته رت ولوڙي ڀت ڪرڻو آهي. شاعر ٿيڻ يا ليڊر بنجڻ لاءِ خلوص و محٻت، ارادي جي پختگي، عمل جي پاڪيزگي، سچائي ۽ استقامت، نگاه بلند، سخن دلنواز ۽ جان پرسوز جي ضرورت آهي، پر اڄڪلهه جتي ڪٿي پئسي جي بازي آهي. نئين دؤر ۾ پئسي سان اديب ۽ شاعر ۽ پئسي سان ليڊر ۽ رهبر پيدا ٿين ٿا. اختر صاحب جو مشاهدو آهي ته:

 

پئسن سان پئي وڪامي اڄ قوم جي قيادت،

هر اهلِ زر جهان ۾ ليڊر ٿيڻ ٿو چاهي.

دولت پرست ويٺا محبوب قوم بنجي،

جيئن شاعريءَ ۾ هرڪو ’اختر‘ ٿيڻ ٿو چاهي.

اختر صاحب جي قومي شاعريءَ جو بهترين دؤر سنه 1950ع کان 1958ع تائين آهي. ان دوران اختر صاحب پهرين هفت روزه ”تعمير“ (1950ع کان 1952ع) ۽ پوءِ هفت روزه ”ڪوثر“ (1953ع _ 1957ع) هالا مان جاري ڪئي. انهن اخبارن جا فائيل شاهد آهن ته اختر صاحب ڪيئن نه تنِ تنها نثر ۽ نظم ۾ معاشري جي خرابين، حاڪمن جي بدڪردارين ۽ بيجا طرفدارين ۽ مظلوم عوام سان ٿيندڙ عقوبتن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ بي خوف ٿي جهاد ڪيو آهي. حديث شريف ۾ آهي ته بهترين جهاد جابر سلطان آڏو ڪلمهءِ حق بلند ڪرڻ آهي، ۽ ڪلمهءِ حق جي اظهار ۾ اختر صاحب نه ڪنهن وقتي مصلحت کي پيش رکيو ۽ نه ذاتي مفاد يا انديشهءِ نقصان کي خاطر ۾ آندو.، پوليس جي ڏاڍائي ۽ ارڏائي اهلِ سنڌ لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. سنڌي سٻاجهڙا پوليس جي ظلم ۽ ستم کي سدائين صبر و شڪر سان سهندا آيا آهن. پوليس جي باري ۾ اختر صاحب جو ارشاد آهي ته:

ظلم و ستم پوليس جو ظاهر ظهور آه،

ٻڪرين جو پاسبان بگهڙ بي شعور آه.

چوري به ڀاڳين جي ۽ ڪٽجن به ڀاڳيا!

قائم ڪٿي جهان ۾ اهڙو ڪلور آه.

آهي ڪو اهلِ فهم جو سمجهائي صاف صاف!

ظالم ترين پوليس جو ڪهڙو ضرور آه.

جمهوري راڄ جي پئي مٽي پليد ٿئي!

بس! آپيشاهي حڪم ۽ حاضر حضور آه

قهر و جفا ۾ صورتِ چنگيز آ پوليس!

يعني بجاءِ امن شر انگيز آ پوليس!

اسڪندر مرزا، پاڪستان جو اهو منحوس حاڪم آهي، جنهن جي هَوَس حڪومت هن ملڪ ۾ مارشل لا جي لعنت کي رائج ڪيو. سندس حڪومت جي جاه و جلال ۽ ظلم و ستم ۽ جوڙ توڙ جي سياست اسان جي تاريخ تي هڪ بدنما داغ آهي. اختر صاحب جي جرئتِ اظهار کي داد ٿا ڏيون، جنهن هن جابر حاڪم کي سندس عروج جي دور ۾ هن طرح سان مخاطب ڪرڻ ۾ ڪجهه به هٻڪ محسوس نه ڪئي.

اي سڪندر بخت! پاڪستان جا چشم و چراغ،

عزت و عظمت جي دولت، تنهن جو ڦيرايو دماغ.

تون جوان ٿيندو رهين هر حال حرص و آز ۾،

توکي ٿيو شرفِ صدارت آهه بزمِ ناز ۾.

عيش ۽ عشرت جو متوالو، رهين ٿو رات ڏينهن،

توتي غالب آهه اڪثر ناچ ۽ گاني جو نينهن.

قوم جي اصلاح جي تو ۾ لياقت ڪانه آهه،

ملڪ و ملت جي سنڀالڻ جي صداقت ڪانه آهه.

تون ٻڏڻ وارو، ٻين کي سِير مان تاريندين ڪيئن؟

شاهد تهذيب کي شوڪت سان سينگاريندين ڪيئن؟

پاڪستان جي جاگيردارانه ۽ وڏيرڪي سياست جون بدعنوانيون ڪامورن ۽ آفيسرن جي آپيشاهي، معاشري جي اجتماعي منافقي ۽ بي راه روي، عوام الناس جي دين ۽ مذهب کان دوري ۽ گمراهي، هي اهي موضوع آهن، جن تي اختر صاحب سڄي ڄمار پنهنجي قلم جي هٿيارن سان جنگ لڙندو رهيو آهي.

مذهبِ اسلام سان قلبي وابستگي، اختر صاحب جي ضمير ۾ شامل آهي. اختر صاحب هالا جي هڪ متقي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد محترم خليفو عبدالرحمان حافظِ قرآن، صوم و صلواة جو پابند، تهجد گذار ۽ پاڪيزه زندگي گذارڻ وارو بزرگ هو. سندس وڏو ڀاءُ الحاج مولوي مير محمد مادح هڪ تحصيل ڪرده عالمِ دين هڪ سنديافته مولوي ۽ مفتي، هڪ نيڪ ۽ پارسا انسان هو. اسلام سان محبت، اختر صاحب کي ورثي ۾ ملي آهي. اختر صاحب اسلام جي بلندي ۽ مسلمانن جي عظمت رفته کي دوباره حاصل ڪرڻ لاءِ قومِ مسلم ۾ نئون جوش، نئون جذبو ۽ نئون روح ڦوڪڻ چاهي ٿو. ان مقصد لاءِ هن بيشمار نظم لکيا آهن. ان ڏس ۾ اختر صاحب، شاعرِ مشرق علامه اقبال کان بيحد متاثر آهي. سندس نظمن جو آهنگ، خطابيه انداز، لفظن جي جوڙجڪ ۽ انتخاب ۽ قافيه جو امتزاج سڀ اقبال جي بانگِ دار، بالِ جبريل ۽ ضربِ ڪليم جي نظمن سان مماثلت رکن ٿا، اختر صاحب ان تاثر جو پاڻ به اعتراف ڪري ٿو ۽ پاڻ کي بجا طور ”سنڌ جو اقبال“ ڪوٺي ٿو:

 

عام ۾ افسوس ڪونهي، تنهن جي اقوالن جو قدر،

درحقيقت آهين ”اختر“ ”سنڌ جو اقبال“ تون.

”سنڌ جو اقبال“ شاعرِ مشرق علامه اقبال جي فڪر کان متاثر ضرور آهي، مگر متفق ۽ مقلد نه آهي، اقبال فلسفه ۽ خوديءَ جو پرچار ڪيو آهي، جنهن کي هو ايترو بلند ڪرڻ چاهي ٿو جو ان خوديءَ سان خدا به گرفتار ٿي سگهي!

يزدان به ڪمند آورد، اي همتِ مردانه!

اختر صاحب ان جي برعڪس سنڌ جي صوفي شاعر وانگر خوديءَ کي خدا ۾ گم ڪري ڇڏڻ جو قائل آهي. هو پاڻ کي پائمال ڪري ۽ پنهنجي هستيءَ کي نيستيءَ ۾ نابود ڪري فنا ۾ بقا جو راز ڳولڻ جو ڪوشان آهي.

”نيستيءَ مان ئي مليو هستيءَ جو راز،

لا جي دم سان لامڪان ڳولي لڌم.“

اي دل تون پاڪباز ٿي ڪر پاڻ پائمال،

بي سود بحث ڪر نه ٿي هرهڪ سان هم خيال.

لا طمع ٿي ته لوڪ ۾ تنهن جو وقار ٿئي،

”اختر“ نه ٿي تون غير جو منت پذيرِ مال.

دينِ اسلام کي اختر صاحب هڪ مڪمل دين، هڪ مڪمل ۽ جامع نظامِ زندگي تصور ڪري ٿو. عام ملن ۽ مولوين وانگر مذهبِ اسلام کي صرف چند عادتن، ريتن ۽ روايتن تي اکيون ٻوٽي انڌو اعتقاد رکڻ کي صحيح نٿو سمجهي. هو اسلام جي هر رڪن کي سوچي سمجهي ادا ڪرڻ ۽ ان جي صحيح روح کي راج ڪرڻ جو قائل آهي.

 

هر طرح سمجهي ادا ڪر رڪنِ دين،

آهه سمجهڻ کان سواءِ بيڪار ايمان و يقين.

نٿو سمجهين اي مُلا قرئتِ قرآن جي غايت تون،

مطالع ڪر مدامي مصحفِ فطرت جي آيت تون.

ڏٺو وڃي ٿو ته اڄ جو مسلمان نماز، روزو، تسبيح، قرباني ۽ ٻين ارڪانِ اسلام کي فقط هڪ رسم سمجهي، انهن جي معنيٰ ۽ مقصد کي سمجهڻ کان سواءِ هڪ ريت، هڪ روايت ۽ فقط ڪارِ ثواب سمجهي، انهن جي ادائگي ڪري ٿو. هڪ خدا کي سجدو ڪرڻ کان پوءِ دنيا جي ڪرت ۾ نه ڄاڻان ڪيترن بتن جي آڏو پرستش ڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ به احساسِ گناهه کان عاري رهي ٿو. اختر، اهل اسلام جي هن دو عمليءَ کان سخت شاڪي آهي. نماز جي باري ۾ سندس ايمان آهي ته:

زاهد نماز و نفل کي سمجهين ثواب ٿو،

افسوس آهين ان جي تقرر کان بيخبر.

صدين کان سجده گاهه ۾ تنهن جو سلام آهه،

پر آهين پنهنجي بختِ سڪندر کان بيخبر.

تنهن جي رباب مان هي آواز شرڪ ڇو؟

اي شيخ! آهين نغمئه حيدر کان بيخبر.

آهين اي بوالهوس! تون برابر قطار ۾،

پر وحدت الوجود جي منظر کان بيخبر.

روزي جي باري ۾ سندس قول آهي ته:

هوش رک اي عالمِ حاضر جا حضرت هوشيار،

تنهن جي بک جي ناهه پرواهه رب کي اي روزيدار.

نفس جي هرڪا طلب، ٺوڪر سان پرزا پرزا ڪر.

ناهه بک ڪاٽڻ جو روزي ۾ رڳو شرطِ مدا.

فلسفو روزي جو آهي دين ۽ ايمان جي پوک،

ڇڏ نه تنهن ۾ ڇوٽ تون شتر، زبان کي بي مهار.

ساڳي طرح قربانيءَ جي باري ۾ فرمايو اٿس:

ڍڳي ڍورن ڪهڻ مان ڇا بنا مفهوم مطلب جي،

فقط صدين کان هلندي ٿي اچي رسمِ مسلماني.

اٿيئي اي جوان! قربان ڪرڻو نفس جو گابو،

کڻي اڄ عرش تان پيغام آئي عيد قرباني.

الغرض اختر صاحب ڪنهن به طرح رسمي مسلماني جو قائل نه آهي.

نماز و روزه و تسبيحِ نيڪ فال مگر،

نشانِ اهلِ دل و دين ترڪِ رسم و راءِ.

اختر صاحب جي شاعريءَ جو گهڻو تڻو حصو غزل تي مشتمل آهي. اختر صاحب بنيادي طور تي غزل گو شاعر آهي. هن جا اڪثر نظم پڻ غزل جو رنگ ۽ انداز رکن ٿا. اختر صاحب جا موجود سڀ غزل سنه 1944ع کان 1958ع جي دؤر سان تعلق رکن ٿا. سنڌي ادب ۾ هي دؤر شاعري ۾ روايت پسندي جو دؤر سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ يا ادب براءِ زندگيءَ جو انداز 1955ع کان پوءِ شروع ٿيو ۽ غزل ۾ ته اها تحريڪ بنهه هاڻوڪي زماني جي ڳالهه آهي. غزل، شاعريءَ جي اها نازڪ ادا صنف آهي، جنهن ۾ صرف حسن و عشق جي باهمي آويزش جو بيان ئي سونهي ٿو.

حسنِ يار جون ڳالهيون، زلف ۽ رخسار جون ڳاليهون. هجرِ يار جا قصا ۽ وصلِ يار جا موضوع، درد جا داستان ۽ غ۾ و الم جا عنوان، الغرض ته غزل جو موضوع سخن آهي ئي فقط عشق ۽ وارداتِ عشق، پوءِ چاهي عشق مجازي هجي يا عشق حقيقي ۽ ان ڪري ئي تصوف جا اسرار بيان ڪرڻ پڻ غزل جو هڪ مرغوب موضوع آهي. رمزيت ۽ ايمائيت غزل جي جان آهن. ٻن سٽن چي هڪ شعر ۾ غزل جي شاعر کي پنهنجي دل جي سموري واردات بيان ڪرڻي پوي ٿي ۽ اها به ان زبان ۾ جيڪا غزل جي قبيلي سان تعلق رکندي هجي. غزل جا موضوع به مخصوص آهن، ته انهن کي بيان ڪرڻ لاءِ زبان ۽ لفظ به مخصوص آهن. استعارا ۽ تشبيهون، اشارا ۽ علامتون سڀ مخصوص آهن. غزل جي عصبيت ان ڳالهه جي اجازت نٿي ڏي ته ان ۾ نامانوس لفظ ۽ غير متعلق موضوع داخل ڪيا وڃن، ان سان غزل جي شاعري جو سمورو حسنِ بيان ضِايع ٿي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو فقط استاد شاعر ئي غزل جي شاعريءَ سان انصاف ڪري سگهن ٿا. زماني جون محروميون هجن يا معاشري جون ناهمواريون، حاڪمن جون ناانصافيون هجن يا عوام جون مجبوريون. مطلب ته غمِ دوران جي هر مسئلي کي شاعر جڏهن غمِ جانان ۾ بدلائڻ جي قدرت رکندو هجي، تڏهن ئي هو هڪ حسين غزل جي تخليق ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. اختر صاحب کي قدرت شاعرانه صلاحيت بدرجه اتم عطا ڪئي هئي ۽ هن جو غزل صرف غم جانان جو اظهار ئي ڪونهي، پر درحقيقت ان ۾ ان دور جي سڀني محرومين، ناانصافين، معاشري جي ارڏائي ۽ اڍنگي چال، غريبن جي بيڪسي ۽ اميرن جي بيحسيءَ جو احوال علامتن ۽ استعارن جي زبان ۾ بخوبي بيان ڪيل آهي. حسن و عشق جا هي مرقع غزل، حقيقت ۾ پنهنجي دؤر جي مرصع تصوير پڻ آهن. هو گل و بلبل ۽ شمع پرواني جي علامتي پردي تي پنهنجي ماحول ۽ معاشري جي تضاد کي واضح ڪري ٿو. هن جي ڪلام ۾ ڪيترا اهڙا شعر آهن، جيڪي پنهنجي سر هڪ مڪمل نظم جي حيثيت رکن ٿا:

قفس جي قيد کان حاصل ٿي ڪهڙي آزادي،

چمن جو صحن ته مليو آڪ بال و پر نه مليو.

_____

هي آيو زمانو عجب آهه ”اختر“،

چنو لائي وهڻو پوي ٿو چپن کي.

_____

وئي تقسيم ٿي مئي تنهنجي ويٺي،

موالي! پنهنجي همت تي حشر ڪر!

_____

بوالهوس آيا شهيدِ عشق جي مدقن تي رات،

ويا محٻت جي جنازي تان ڪفن چوري ڪري.

_____

عزيزو رات ميخاني جي مهمانن سان ڏاڍي ٿي،

صنم خنجر ڪڍي بيٺو، ثناخوانن سان ڏاڍي ٿي.

_____

سنڀالي پير رک ”اختر“ گلستان جي احاطي ۾،

گلن جي آرزو ۾ اڄ گريبانن سان ڏاڍي ٿي.

_____

ڪجهه ته عملن جون شامتون آهن،

نه ته ڌڪا ڏيئي ڌار ڪير ڪري.

_____

هڪڙو ”اختر“ ڇا ٻيا به ننڊ ۾ هئا،

ننڊ مان هوشيار ڪير ڪري.

_____

باده و ساغر و مينا جون ڪهاڻيون ڪهڙيون،

بزمِ خلوت به ٿي زاهد کي گنهگار ڪري.

_____

الله ئي ڄاڻي ٿو هي ڪهڙو معمو آه،

اڄ تائين به عورت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

_____

برهم به ٿو مئي سان ٿئي، لالچ به ٿو مئي جي ڏئي،

مولانا جي جنت کي سمجهي نه سگهيو آهيان.

هي چند اشعار صرف ان ڳالهه جو اشارو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته اختر صاحب جهڙو بيباڪ شاعر، غزل چوندي به پنهنجي ماحول کان بيخبر نٿو رهي ۽ زماني جي ارڏاين ۽ ستم شعارين کي استعاري جي صورت ۾ آشڪار ڪندو رهي ٿو ۽ ان جي شاعرانه صلاحيت جو ان کان وڌيڪ ثبوت ڪهڙو ٿيندو ته زماني جي ارهه زوراين جو احوال اهڙي دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو اٿس، جو غزل جو هر شعر دل پذير به آهي ته اثر پذير به آهي ۽ حقيقت حال جي هڪ زنده تصوير به آهي ۽ استاد شاعر ”اختر“ هالائي جي استادي به اهائي آهي ۽ شاعري به اهائي آهي ته شاعر جي دل زماني سان گڏ ڌڙڪي رهي آهي ۽ شاعر جي زبان زماني جي زبان بنجي اسان سڀني جي احساسن جي ترجمانِ بنجي رهي آهي.

گوهرِ مقصود هو دريا جي وچ مان آڻڻو،

سست ڏسندا ئي رهيا ڪجهه هن طرف ڪجهه هن طرف.

_____

ماٺ ڪر ”اختر“ ڪڇڻ جو وقت ناهه،

هرڪو خوش آ شوڪتِ شاهانه تي.

_____

اکيون ته عام طور ڏسڻ لئه مليون مگر،

دنيا ۾ ڪنهن کي ڪنهن کي ڏسڻ ٿو نصيب ٿئي.

_____

انڪار ڪائنات ڪيو دردِ عشق کان،

”اختر“ حزين تي بار هي سارو ٽٽي پيو.

_____

زمينِ زندگيءَ مان اڄ اٿيو آ شور هيڪاندو،

فضا تي رقص ٿيو طاري الا! عرشن تي ڇا گذري.

_____

هر صبح غم و افڪار نوان، هر شام ڏک ۽ آزار نوان،

تنهن جي ئي محبت جا ٿو ڏسان روز روز هي دعويدار نوان.

_____

آشناءِ خزان گهڻن ئي ڪيو،

آشناءِ بهار ڪير ڪري.

_____

هم نظر کان حجاب ڪهڙو آهه،

دوستن سان حساب ڪهڙو آهه.

 

عبدالحميد شهيد ابنِ ”اختر“

هالا 16-3-91ع

 

 

 

ڪَتبو

 

واٽ ويندڙ! پَٽ اکيون، هيڏي نهار!

ناه بي معنيٰ ڪا هيءَ منهنجي مزار!

مان به زنده هوس تو وانگر ڪڏهن،

منهنجي محفل ۾ به هئا ڪئين دوست يار!

موت کان پوءِ هڪ به ٿيو همراه ڪونه،

آهي دنيا بي وفا، نا پائيدار!

مغفرت ٿي نيڪ عملن سان ٿئي،

ڪم نه ايندا، ڀل هجن ڪئين لک هزار!

ڪر هتان حاصل تون عبرت جو سبق،

قبرِ ”اختر“ تي پڙهي اڄ قُل ٻه چار!


مزار ”اختر“ تي مٿيون ڪتبو ڪاشيءَ جي سر تي لکيل آهي.

 

 

تسبيحِ محبت

 

 

مناجات

 

يا رب! شعورِ زيست ۽ عقلِ سليم ڏي،

حق جي ادائگي ۾ دلِ مستقيم ڏي!

 

محتاج غير جو نه ڪر، اي ربِ ڪائنات،

ڏي! ڏي! تون پنهنجي گنج مان رزق ڪريم ڏي!

 

بي عزتي جو مون کي کپي ڪونه ڌن ۽ مال،

ايمان ۽ دين سان گڏ تون ڀلي زر ۽ سيم ڏي!

 

بيمار ٿو رهان مان هميشه حزين طبع،

يا رب! شفا طفيلِ رسولِ ڪريم صه ڏي!

_____

جنهن کي گهرايو ڪبريا عرشِ عظيم تي،

اهڙو رسولِ پاڪ، بشر ٿي نه ٿو سگهي.

 

نعت

 

نازل فلڪ تان ارض مقدس تي نور ٿيو،

يعني حرم مان نورِ نبوتِ ظهور ٿيو.

 

هڪڙي نظر سان رنگ، جهالت جو دور ٿيو،

بس طالبانِ حق کي حاصل حضور ٿيو.

 

”اختر“ انهي تي آهي شفاعت رسول جي،

جنهن ڪئي يقينِ دل سان اطاعت رسول جي.

 

نعت

 

هر چيز پنهنجي پنهنجي جڳـﮧ تي رکي ٿي شان،

هرڪو پٿر، ڪو لعل و گوهر ٿي نه ٿو سگهي!

 

تارا ته آسمان ۾ روشن گهڻئي آهن،

پر ڪوبه تارو ڪيئن به قمر ٿي نه ٿو سگهي!

 

ڀل تون کڻي هزارها روشن چراغ ڪر،

پر وقت شام وقتِ سحر ٿي نه ٿو سگهي!

 

اکيون ته عام طور ڏسڻ لئه مليون مگر،

هر اهلِ چشم، اهلِ نظر ٿي نه ٿو سگهي!

 

جنهن کي سڏايو ڪبريا، عرشِ عظيم تي،

اهڙو رسولِ پاڪ، بشر ٿي نه ٿو سگهي!

 

نعت

 

لفظن ۾ مشڪل آه چوڻ مصَطفيٰ جو شان،

”ڪيئن ٿئي ادا زبان سان رسولِ خدا جو شان“.

 

هر جلوهِ مدينه ۾ نورِ هديٰ جو شان،

هر ذره، حجاز ۾ ارض و سما جو شان.

 

ڀانيان وڃي حرم جي گلن کي چئُميون ڏيان،

يا رب! تون مونکي ڪر عطا بادِ صبا جو شان.

 

ڇاسيم و زر سان گنبذِ خضرا جو شان ٿئي،

خاڪِ درِ نبي ٿي رکي ڪيميا جو شان.

 

اي ڪاش منهنجون هي ٻه اکيون فرشِ راه ٿين.

ڪنهن جي گذر سان من ملي اهلِ ادا جو شان!

 

شاهد جهان ۾ آهي محمد جي حسن جو،

رنگِ حنا جو شان ۽ زلفِ دوتا جو شان.

 

”اختر“ جي التجا ٿي رهي روز و شب اها،

شل ٿئي عطا اطاعتِ خير الورا جو شان.

 

غمِ حُسين رضه

 

نبي جي آل جو عزمِ سفر قضا ٿي پيو،

الاهي! راهِ محبت ۾ ڇا مان ڇا ٿي پيو!

 

زبان کان ڪهڙي طرح تشنه لب جو ذڪر ٿئي،

حشر جي ڏينهن کان اڳ ئي حشر بپا ٿي پيو.

 

ڪئي حُسين (رضه) ادا سنتِ ذبيح الله،

ڪو سوزِ عشق، غمِ عشق جي دوا ٿي پيو.

 

غمِ حسين (رضه) ۾ اشڪن مٽايا جرم جا داغ،

هي قطره قطره خون، لعلِ بي بها ٿي پيو.

 

ستارا بنجي فلڪ تي هميشه لئه ”اختر“،

ازل کان عقدِ ثريا ذرا ذرا ٿي پيو!

 

عظمتِ حسين رضه

 

اعليٰ عظيم عرش کان عظمت حسين جي،

شاهد ڪلام پاڪ ۾ شوڪت حسين جي.

 

مومن جي لاءِ محشرِ عقبيٰ ۾ ناز آهه،

ميدانِ ڪارزار ۾ همت حسين جي.

 

اُسريا مدينه پاڪ مان آل و عيال سان،

آئي قضا جو وار ٿي هجرت حسين جي.

 

صد آفرين وقتِ شهادت ادائي فرض،

قائم قرار گاه ۾ قرئت حسين جي.

 

سجدي ۾ سر وڍڻ جي لئه آيو شمر پليد،

دشمن تي طاري ٿي وئي دهشت حسين جي.

 

سر ڏيئي دشمنن کي، بچايائين دينِ حق،

ٿي امتِ نبيءَ تي شفقت حسين جي.

 

قربان ڪربلا ۾ ڪيائين سڄو ڪٽنب،

ڪهڙي نه هئي خدا سان محبت حسين جي.

 

صبر و رضا سان وقتِ مصيبت نڀائجي،

”اختر“ اُجار صدق مان سنت حسين جي.

 

نظم

  

تعارف

 

حلقئهِ شعرا ۾ مون کي شاعري تي ناز آه،

منهنجي هن قلمِ ادب کي حرڪتِ اعجاز آه.

 

مطلعِ اهلِ سخن تي شمسِ گويا جي شفق،

منهنجي هن مَهرِ تخيل جو اهو اعزاز آه.

 

عالمِ پرڪيف ۾ آهيان شهنشاهِ خيال،

تختِ منظر، تاجِ مضمون، منهنجي لئه ممتاز آه.

 

ڇو نه سدرة منتهيٰ ۾ منهنجو سونهي آشيان،

طائرِ دل واسطي غم شهپرِ پرواز آه.

 

معرفت جو نور آهي منهنجي هستگيءَ ۾ نهان،

منهنجي فطرت ۾ سمايل زندگيءَ جو راز آه.

 

منهنجي خود تصوير ۾ پوشيده آ تصوير يار،

”فالنظرو“ فرمان هر تارِ نفس جو سازُ آه.

 

فڪر جي مشعل جو آبزمِ بلاغت ۾ شعاع،

جلوه و لمعاتِ ”اختر“ جو اڃا آغاز آه.

 

 

شاعر

 

جڏهن ٿيو لفظِ ”ڪُن“ سان گلستانِ رنگ و بُو پيدا،

طيورِ نغمه خوان جي لئه بهارِ آرزو پيدا.

 

گلن ۾ حسن پيدا ٿيو ڪشش پيدا ٿي بلبل ۾،

عيان ٿيو جذبئهِ عشق و محبت فرد ۽ ڪُل ۾.

 

شعاعِ شمعِ محفل ڪئي تڙپ پرواني ۾ پيدا،

چمڪ ٿي ابرِ گريان سان دُرِ يڪداني ۾ پيدا.

 

رهن گوهر ٿا بيشڪ بادشاهن جي خزيني ۾،

دل حساس پيدا ڪئي خدا شاعر جي سيني ۾.

 

اهو شاعر، چمن کي ناز آ جنهن جي نگاهن تي،

اهو شاعر، وطن کي ناز آ جنهن جي ئي آهُن تي.

 

اهو شاعر، ٿي قدرت کي تقاضا جنهن جي خلقڻ جي،

اهو شاعر، ٿي فطرت کي تمنا جنهن جي تڙپڻ جي.

 

اهو شاعر، براءِ هر قضا و قدر جو مشتاق،

اهو شاعر، اداءِ حسن ۾ ناموسِ هر عشاق.

 

اها دل، جا سپاس وياس ۾ گنجينهء احساس،

اها دل، جنهن تان ڪوهِ نور جهڙا گهورجن الماس.

 

هالا

 

هر طرح علم ۾ بي مثل ٿو هالا چئجي،

سنڌ ڇا، هند ڇا، دنيا ۾ به يڪتا چئجي!

 

گرچ اغيار کڻي رشڪ کان تسليم نه ڪن،

پيش منصف جي مگر علم جو دريا چئجي.

 

هنر و حڪمت ۾ ٿيو غيرتِ يونان بيشڪ،

باليقين بحرِ ادب، مرڪزِ شعرا چئجي.

 

باعثِ فيض ٿي مخدوم جي عالي درگاه،

نورِ يزدان ۾ منور سا سراپا چئجي.

 

مخزنِ گوهرِ اسرارِ تصوفِ اعليٰ،

چشمئهِ بزم سخن، مجمعِ علما چئجي.

 

شان شايان آ عجب شهر اسان جو ”اختر“

قابليت ۾ ڀلي منظرِ دنيا چئجي.

 

 

عشق جي ادنيٰ اشاري آه سيکاريو ادب،

جذبئه دل موجبِ افڪار بالا ٿي پيو.

 

شاعري، موسيقي ۽ علم و ادب کي گڏ ڪري،

هڪڙي مرڪز تي وٺي آيس ته ”هالا“ ٿي پيو.

 

ترانو

 

مستيءَ ۾ جڏهن ايندو جوشِ جنون اسان جو،

خوش بخت ٿيندو آخر حال، زبون اسان جو.

ظلم و ستم تي غالب آه و فغان جو تاثير،

ساڙيندو آسمان کي سوزِ درون اسان جو.

آهيون نظر ۾ نازڪ همت شڪن نه آهيون،

برپا ڪندو قيامت خود رنگِ خون اسان جو.

ويٺاسون سڀ وڃائي دولت اداءِ حق جي،

دربان درحقيقت اُڀ نيلگون اسان جو.

”اختر“ کي ناهه پرواه دنياءِ بي بقا جي،

ڪافي مدد ۾ هڪڙو الله تون اسان جو.

 

سلام

 

اي عشق هاڻ تنهنجي سروڪار کي سلام،

اي حسن تنهنجي جَلوهِ جنسار کي سلام.

 

اي شوقِ وصل تنهنجي تمنا جو خاتمو،

اي ذوق ياس! لذتِ آزار کي سلام.

 

اي دردِ دل شگاف! پري کان ئي الوداع،

اي دل! فراقِ يار جي افڪار کي سلام.

 

اي باغبان باغِ محبت جا، الفراق!

اي بلبلِ دَهن! گلِ رخسار کي سلام.

 

اي لطفِ انتظار! اٿئي موڪلاڻي هاڻ،

اي رشڪِ غم! رقابتِ اغيار کي سلام.

 

اي ”اختر“ اديب! نه آ قدر قوم ۾،

اي شاعري! ڪتابتِ اشعار کي سلام.

 

”ترانه پاڪستان“ (التجا)

 

الاهي غيرتِ فردوس ڪر گلزار پاڪستان،

ثمر آور هجن هر وقت اشجار پاڪستان.

 

وري پنهنجي محبت جو وسائج مينهن اي مولا!

ڪري سرسبز صحرا، ابر، گوهر بارِ پاڪستان.

 

وڃن مرعوب و مدفون ٿي مخالف ملڪ و ملت جا،

رهي دنيا ۾ بالاتر شرف دربارِ پاڪستان.

 

اسيرانِ قفس جي لئه، مريضانِ وطن جي لئه،

يدِ بيضا، دمِ عيسيٰ فقط ديدارِ پاڪستان.

 

دعاگو دم بدم آهيون خدايا ڪر ڪراچيءَ کي،

تجارت گاهِ عالم، بهترين بازارِ پاڪستان.

 

رعايا سان رهن يا رب! رفاقت ۾ سڀئي رهبر،

هجي هردم ڪرم فرما سدا سرڪارِ پاڪستان.

 

غلاميءَ کان ڪري آزاد ”اختر“ قائدِ اعظم،

وڃي آغوشِ رحمت ۾ پيو معمارِ پاڪستان.

 

 

اليڪشن

 

اليڪشن جو زمانو آ، وري ليڊر اچي بيٺا،

نوان رهزن اچي بيٺا، نوان رهبر اچي بيٺا.

 

طنبيلن مان توائي ٿي هليا ويا اسپ تازي سڀ،

بٺارن جي ڪُڙهين مان هينگون ڏيندا خر اچي بيٺا.

 

مٿي هئا جن جا سَر، ڪنهن وٽ هلڻ هلڪا ئي سمجهائون،

ڪمينن جي درن تي ووٽ لئه هرهر اچي بيٺا.

 

فريبِ حسن و حرفت جي گلي ۾ هار پاتائون،

محبت جي جنازي تي کڻي نشتر اچي بيٺا.

 

ڪِمي ڪانهي سياسي احمقن جي بزمِ دنيا ۾،

تماشو زور ٿي ويو جو ٻه بازيگر اچي بيٺا.

 

ليڊر

 

اسان کي اڄ نه ڪنهن بيڪار ليڊر جي ضرورت آه،

نه رهزن جي ضرورت آه، نه رهبر جي ضرورت آه.

اُٿو! خنجر بڪف ٿي اڄ سرِ ميدان،

ضرورت آ ته هڪ مضبوط پادر جي ضرورت آ.

·

وطن وڪڻيو وڃن ٿا ذاتي ملڪيت وڌائيندا،

وڏي بُٺي مان هڪڙي ڏينهن آخر ڌوڙ پائيندا،

جي رشوت جي روپين سان ٿا رَمي هر روز شب کيڏن،

اُهي ڪهڙا هلي نُڪتا سياست جا نڀائيندا.

·

سنيهو هي سندم ساري هلي گهر گهر ۾ پهچايو،

وڃي گهر ۾ پهچايو، مڙهي مندر ۾ پهچايو!

اهي ديوانا ٿيا آهن، ويو ٿن عقل و مت کسجي،

چرين کي چاڙهي گاڏيءَ ۾ گدوبندر ۾ پهچايو!

 

تعميرِ ملت

 

گهڻي محنت سان رشوت جا هي پيشه ور سڌا ٿيندا،

وڏي مشڪ سان ئي مينوشي جا خوگر سڌا ٿيندا.

 

رڳو ڳالهين سان ٿيڻي قوم جي تعمير ڪانهي ڪا،

نصيحت سان ڀلا بدچال ۽ لوفر سڌا ٿيندا؟

 

ڀڄي ويندا اهي بزدل ڪري ميدان کي خالي،

جڏهن هر طرف کان تلوارون ۽ خنجر سڌا ٿيندا.

 

اها پهتي اَٿوَ برڪت محض تهذيبِ مغرب جي،

ڪَڙي نگراني سان ڪاليج جا ڇوڪر سڌا ٿيندا.

 

اهي تهذيب نو جا جانور اخلاق ڇا ڄاڻن؟

لٺين سان ”ڊارون“ جي نسل جا باندر سڌا ٿيندا.

 

ترقي تي ڪڏهن پهچي نه سگهنداسون ائين ”اختر“،

تڏهن پرواز ٿيڻو آ جڏهن ٻئي پَرَ سڌا ٿيندا.

 

عرضِ حال

 

نه وڃ منهنجي مدفن تي چاڙهي گلن کي،

لڳي آگ آ منهنجي گوررو ڪفن کي!

 

ملي اڄ ئي عزت رڳو احمقن کي،

سلامي ٿئي ڪونه ڪو اهلِ فن کي!

 

دٻايون وڃن ٿيون اسان جون زبانون،

۽ روڪيو وڃي ٿو اسان جي هٿن کي!

 

اسين اڄ به ناهيون غلامي کان آزاد،

جي آزادي آهي ته چورن ٺڳن کي!

 

بنايوسون هالا کي غنچو ادب جو،

مگر غير ٽوڙي ٿو شاخِ چمن کي!

 

هي آيو زمانو عجب آهي ”اختر“،

چُنو لاهي وهڻو پوي ٿو چپن کي!

 

سياستِ سنڌ

 

اٿي غافل نه وقت آهي سمهڻ جو،

وٺي ڏس لطف گهٽين جي گهمڻ جو!

 

سياست سنڌ جي گهوڙن جو ميدان،

اڃا چالو نظارو آ ڊُڪڻ جو!

 

سراسر طاقتن ۾ آهه تڪرار،

رئيسن ۾ رڳو جذبو رُسڻ جو!

ٻڌائيندين تون ڪنهن کي دردِ دل؟ آهه!

نه آهي گوش ٻوڙن ۾ ٻُڌڻ جو!

سددا ره اي دلِ بيتاب خاموش،

زبان کي حڪم ناهي ڪو ڪُڇڻ جو!

وساري سُوٽ کي وهُه هاڻ ”اختر“

رواج آيو وري ساڳيو سٿڻ جو!

 

غريب و غني

 

اُمراء شراب و بزمِ جهنم جي تلاش ۾،

غربا رهن ملول ٿا فڪرِ معاش ۾.

 

سوداءِ عيش آهي اميرن کي صبح و شام،

آهن فقط غريب ئي سوداءِ آش ۾.

 

سرمائيدار عيش و مسرت ۾ مست و محو،

مفلس وهن مدام ٿا اُميد و ڪاش ۾.

 

ڪهڙو ڪندا سي غور غريبن جي حال تي،

گذري جِنين جي شام ٿي شطرنج و تاش ۾؟

 

بيجان قوم آهه اڄ جمجمه مثال،

دم ڦوڪ اي مسيح ڪو امت جي لاش ۾!

 

 

موت و حيات

 

زندگيءَ تي ڪر نه باور بيوقوف!

زندگي خود موت جو پيغام آهه.

موت ئي آهي حياتِ جاو دان،

صبح صادق شوڪتِ هر شام آهه.

آهه بي ترتيب سازِ زندگي،

زندگيءَ جو هر نفس بي نام آهه.

صورتِ غم هُوبهو نقشِ حيات،

هم رفيقِ حزن خاص و عام آهه.

حزن ۾ پوشيده آ حِظ و سرور،

هر خوشي خطبئه غم و آلام آهه.

اهلِ عالم ٿيا جراثيم جهان،

هڪ ٻئي جو هرڪو خون آ شام آهه.

زندگيءَ جو راز پرواني کان سک،

جنهن کي آيو سوز ۾ آرام آهه.

ٿيو نفي اثٻات خود موت و حيات،

عشق جو آغاز ۽ انجام آهه.

لااِلله پيوست اِلا الله سان،

ڪفر تمهيدِ سرِ اسلام آهه.

زندگيءَ ۾ بي سرو سامانِ عشق،

اف! سڪونِ قلب؟ سودا خام آهه!

 

 

نماز

 

زاهد نماز و نفل کي سمجهين ثواب ٿو،

افسوس آهين ان جي تقرر کان بيخبر!

صدين کان سجده گاهه ۾ تنهنجو سلام آهه،

پر آهين پنهنجي بختِ سڪندر کان بيخبر.

توحيد جي رباب مان آوازِ شرڪ ڇو؟

اي شيخ آهين نغمئهِ حيدر کان بيخبر.

بيشڪ تون آهين بزمِ اطاعت ۾ باده نوش،

ليڪن تون لاالله جي ساغر کان بيخبر.

مومن کي ٿو نماز ۾ معراج ٿئي نصيب،

اي پرخلوص شانِ تصور کان بي خبر.

آهين اي بوالهوس تون برابر قطار ۾،

پر وحدت الوجود جي منظر کان بي خبر!

مدهوش آهين نشئه تقليد ۾ مدام،

دراصل آهين سنتِ سرور کان بي خبر.

مسجد ۾ آهه توکي امامت جو احترام،

آهين قيام گاهه قلندر کان بي خبر!

پابند ڪر فصل الربڪ تي پاڻ کي،

هرگز نه رهه اشارو والنصر کان بي خبر!

قدر و قضا نثار ٿي تنهنجي نياز تان،

تون پنهنجو پاڻ طالعِ ”اختر“ کان بي خبر.

گهرجي ٿو ذوقِ عشق حقيقت جي راهه ۾،

محمود ۽ اياز برابر نگاهه ۾.

 

روزو

 

هوش رک اي عالمِ حاضر جا حضرت هوشيار،

تنهنجي بک جي ناهه پرواه رب کي اي روزه دار.

 

نفس جي هر ڪا طلب ٺوڪر سان پرزا پرزا ڪر،

باهه بک ڪاٽڻ جو روزي ۾ رڳو شرطِ مدار.

 

فلسفو روزي جو آهي دين ۽ ايمان جي پوک،

ڇڏ نه تنهن ۾ ڇوٽ تون شترِ زبان کي بي مهار.

 

بک جي عسرت سان برابر پاڪ ٿيندو تنهنجو پيٽ،

قلب ڪٽيل کي تون موڳا صاف ڪر آئينه دار.

 

تنهنجي رسمي روزي جي افطار لاءِ موجود آهه،

خاص دسترخوان تي عمدن طعامن جي قطار.

 

ڪونه ٿيو افسوس توکي قدر محتاج و يتيم،

پنهنجي بيتابيءَ جو بيشڪ آهه توکي انتظار.

 

هر قدم تي هر طرح سمجهي ادا ڪر رڪن دين،

آهه سمجهڻ کان سواءِ بيڪار ايمان و يقين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org