(88)
چؤ چتائي سخن مَ ڪر لَڙ لَڙ
سالُ
سمجهي ادا نه ڪر بڙ بڙ
واءُ توڻي ڪ آه راَحَتَ روُحَ
وڻ پٽي جي لڳي ڪري جهَڙ جهڙ
مينهن دڙڪي2 جي مان نٿو ٿئي گاه
جو وسي سخت ٿو ڪرئو ڪڙ ڪڙ
ڀون مٿي هَلُ ادب سين پير ڀَري
دل سندي ڌيان سان م ڪر دَڙ دَڙ
اَڻَ پُڇي ڳالهه چوڻ نانهه صلاح
اڻ سڌيو ڪنهنجي گهر وڃڄڻ سڙ سڙ 3
ڪئن اُڏامي پکي کٿل کنڀن
توڻي ڦٿڪي توڻي ڪري ڦڙ ڦڙ
گل
ڪتو آه پاليل درجو
جي هڻو دوست جي ڪريو هَڙ هڙ 4
(89)
ڪين ٻڌَن جنگ ۾ جوان مرد اَڙَ
قرب ۾ ڪپيو ڪڍن ٿا ڪونڌ ڪَڙ2
جت اچن گرڙاٽ ڪيو گورا3 گُڙئو
ٿا پون عاشق اُتي ڪيو ڊانهن4 ٿَڙ
نارَ نيڻن جا وهن جر جال تت
جت ٺڪا ڪيو ڏين پاڻي پاڪ تڙ
راڳ ۾ چوري هڻن جي تند کي
ٿا هڻن پوءِ جوش ۾ سي جوان جهَڙَ5
پوٽـڙيون مصحف مٿي آهينِ پوش
پَرهيا6 قبرن مٿي پيرن جي پَڙ
پاڻ ڪر فاني خدا کي ڪر ثبوت
آه اَيُ احسان ڪَرِ وَڙ7 ساڻ وڙَ
مَن راَني8 قدريٰ الحق آه مام
گل
ڳجهارت اي ٻجهن ڪي مڙس ڀڙ9
(90)
جن کي حاصل پاڻ مان ٿيو پنهنجو رازُ
تنجو تن طنبور ٿيو سُرُ سوز سازُ
نفيءَ مان حاصل ٿيو جن کي فناءِ
حڪم ۾ ماروُ 2 ٿيو شَههُ دست باز
عشق سائينءَ کي ڪري ٻانهون غلام
ڏسُ ته ڪئن ٿيو شاه محمود و اياز
دين ملت عشق جو آهي جدا
وصل نيڪي ٿي مدائي امتياز3
گل جي توکي عشق مولا جو سچو
پؤ کلي پؤ ٻهر ڇڏ تون احتراز4
(91)
ڪين بس ڪن بکيا کِيَڻَ کان روز
پُر1 نه اُڃيا ٿين پيڻ کان روز
ٿا ته ورچن سخي بخشش کان
مڙس ڏاتار ڏن ڏيڻ کان روز
نانهن آرام صبر جميعت
عاشقن کي جهرڻ جهڄڻ کان روز
معشوقن کي ناهي قرب قرار
مان ۽ شان ۽ پُڻَڻَ 2 کان روز
سالڪن کي سلوڪ سير اندر
بس نه آهي وڃڻ ورڻ کان روز
منجهه صفت ذات آه شان ٻيو
عارفن کي ڏسڻ پسڻ کان روز
گل جو آهي سدا گلاب مدام
بس نه اُنکي کِڙڻ ٽِڙڻ کان روز
(92)
ٿو وڻي لات
۾ مٺو آواز
هر ڪنهين بات ۾ مٺو آواز
سر ڪلياڻ ۽ جمن ۾ جوڙ
پوءِ کنڀات ۾ مٺو آواز
منجهه سُر راڳ سامونڊي سهڻي
سسئيءَ اڌ رات ۾ مٺو آواز
جوڳ، بروو، کاهوڙي، رامڪلي
رِپ، پرڀات ۾ مٺو آواز
منجهه بلاول، ۽ مارئي، راڻي
گل
ڳواّت ۾ مٺو آواز
(93)
عاشق اُڀو چئي واه واه ٻولي ڙڙڙڙ
عاشق چوي ويو ساه ساه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ
توڻي ڪپي قطرا 2 ڪري عاشق وڍي ٽڪرا ڪري
پنهنجو جسو هڏ ماه ماه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ
جي دِل ڪڍي ڪانَون ڪُتن عاشق هِنيو ڏي سان هٿن
ڀؤن مان پٽي جئن لاه لاه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ
عاشق توڻي ڳرئو ڳري منجهه ساڙ سڪ ٻرئو ٻري
ڏک ۾ ڪري بُتُ پاه 3 پاه معشوق ٻولي
ڙڙڙڙ
جي ٿئين مٿي پيرن پڻي 4 تندون ڪرين تن
جي تڻي 5
گل
ٿئين مٿي گس گاه گاه معشوق ٻولي ڙڙڙڙ
(94)
آهي دل تي دلبر جي دائم اُداسَ
پرين جي پسڻ جي پرت کان پياس
هنئين ۾ سدا هيج هوتن سندو
اندر آنٽ اوساٽ ڪاڙهو اُڪاس1
درد دل مٿي سوز سيني اندر
سدا سور ساڙو وروهڻ وِماس2
سِڪي دل حبيبن جي هيڪاند لئي
پوري ڪَر تون پينار جي پِير آسَ
منجهان ديگ پنهنجي بکئي کي ڍئيو
ته پڻ پُر ٿئي جي چکايوس لاسَ3
لڳي جن خبر تن ٻئن نانهه سُڌِ
هنئي هنڌ، خبر پئي قدر پئي قياسَ
نه صورت مٿي گل جي ٿيو بيخبر
هنيو ڀولر کي بره جي بوءِ باس
(95)
جن چکي تنهنجي چپن مان يار چَسَ
چاه2 ڪيا چريا رُلايا ريجهه رَس
ناهه راحت رهٽ3 ڪک ۽ ريج تي
جِن چُنا آهين ساوا گاه وس
آه سڀڪنهن کي طمع ۾ تانگهه تات
لَڙَههَ مٿي لالچ وڃن ٿا لُرَ لَسَ
جنکي محبت حق جي من ۾ مدام
محو ڌاران منجهه ملڻ ڪن ماٺ مس
جي ويا ٿيا منجهه وڃي حق سان وصول
وٺ انهي جا گل گهمن گهٽ گهيڙ گس
(96)
اکين ۾ آءُ منهنجي وه اچي دوس1
ڏَجِڻ2 ڏک ۾ ڀلي پيئي ڪري ڊوس3
پرچ پنهنجو سڃاڻي پاڻ پريم
نه گهرجي يار يارن سان ڪرڻ روس4
اچي وَٽِ وِهُ ته اوريان حال توسان
مونکي آهي آزاريو لوڪ جي لوس5
سڙي کامي پچي شال کر ٿئي خوار
ڪري تَنهنجي ڪمائي رب مڙيئي کوس
محبت آه ٻارئو مچ مَن تي
اندر ۾ عشق جا آڙَهَ ٻرن اوس6
قريبن قربَ جا کوڙيا ڪينارا7
ڪلالن گَهر سدا قربانيون ڪوس
متارا مست ٿيا گل پي پيالا
ڏين سَٽ ۾ سِريون سانگا نه ڪَن سوسَ8
(97)
عاشقن کي عشق تنهنجو عيد عشرت
آه عيش
سُور سودو مُور محبت وڻج ووءِ ووءِ نفع نيش2
شوق شادي، سوز سڪ سينگار، ذلت 3 آه ذوق
4
وره واڌائي مبارڪ، رنج راحت، رحم ريشُ5
درد دنيا، دين دولت، هاءِ هيءِ هيهات هيج 6
نينهن نيت، برهه بيعت 7، ميل ملت
8، قرب ڪيش 9
علم عبرت، حلم حيرت، فڪر فرهي باب بره
دورُ دلبو سارَ سينو، عجز همت زير پيش
روح صورت باغ ٻوٽو، انگ عضوا گل ڦل
ياد مولا يار سنگت، خيال خطرا ڪُڻم 10
خويش
(98)
آءٌ ڏکيو ڇا جي هُئان تون شال هئين محبوب خوش
پوءِ مَٿي رندن
رُئان تون شال هئين محبوب خوش
سور ڏک تنهنجا وڃي ڪنهنکي چوان جاني مٺا
تنهنجا پڻ توکي چئان تون شال هئين محبوب خوش
جي ڌڪئين تون اي لُڏڻ 2 جي لاڏ مان مون
لوڌئين
پڻ پُٺيءَ تنهنجي پُئان تون شال هئين محبوب خوش
عرض منهنجا دل اڳي مونکان اچي آنکي چيا
جي سُئان يا ناسُئان تون شال هئين محبوب خوش
تنهنجي نيڻن جي خنجر خوني هڻي رت ڪيو جسو
واري سورَتَ سپن ڌُئان تون شال هئين محبوب خوش
تنهنجي چشمن سيني گل جي کي هڻي ڪيو چاڪ
3 چاڪ
سو سبئو ٿيندو تُئان4 تون شال هئين
محبوب خوش
(99)
هيج 1 مونکي حبيب تنهنجو عيش
قرب مونکي قريب تنهنجو عيش
آه آزار عيد سوُري سيج
ايج 2 مونکي عجيب تنهنجو عيش
ديد3 تنهنجو دوا ٻڪيون ڦڪيون
ترس مونکي طبيب تنهنجو عيش
آه نافع نظر تنهنجو سڀ نور
ناز مونکي نجيب 4 تنهنجو عيش
پڻ اڱڻ تي ٽلڻ وهڻ وَٽ ۾
لاڏُ مونکي لَبيب 5 تنهنجو عيش
سور سينگار آه شادي شؤق
رنج مونکي رقيب 6 تنهنجو عيش
پوءِ اکن تي رکڻ ڳنڌڻ خوشبوءِ
گل
مونکي غريب تنهنجو عيش
(100)
جي جيارين دوست مارين توتي چؤ ڪهڙو قصاص
خون بخشين ڇا جي هارين توتي چؤ ڪهڙو قصاص
دل ضعيفن جي هڻايو ٿو ڏئين ڏاڍن جي هٿ
پوءِ مٿي رَندن2 رُئارين توتي چؤ ڪهڙو
قصاص
ڪنکي ڪرٽن3 سان چرايو ڪنکي گهاڻن4
پيڙئين
ڪن جو سوريءَ سر اُتارين توتي چؤڪهڙو قصاص
سِنّ5 بالسّنّ و الجُروحُ آيو مڙوئي
تنهنجو حڪم
ڏند ڏئّو ڏيل ڏارين توتي چؤ ڪهڙو قصاص
من قَتَلُةُ6 ڪُهئو پوءِ اَنا ديُتـﮧ7
ٿئين بها
عاشقن جا رت اُجارين توتي چؤ ڪهڙو قصاص
پهرين گل کي ٺاه ڏاڍي سان کُلايو خوش ڪرين
پوءِ وجهيو باهن ۾ ٻارين توتي چؤ ڪهڙو قصاص
(101)
ٻانهو تنهنجو دلبر سڀ هوءِ عام خاص
توڻي ڪري خلق ۾ توڻي سلام خاص
ٿيو پاه تنهنجو پُڻيَلُ
تنهينجو
وَڻلُ2 وَني3
ميرن پيرن مڙن وٽ آهي مدام خاص
وائي تنهنجي واه واه ٻولي تنهنجي ٻاڻ
ٿيو حرف حرف سڀڪو تنهنجو ڪلام خاص
خط جي خبر حقيقت توڻي ڪ آه خوب
پرين جي پار کان پڻ آهي پيام خاص
ڪئن عام اُت اچي جت جهل پل ڪرين دربان
محبوب تنهنجي منزل آهي مقام خاص
ڪو ڪنهنجو آه نوڪر ڪو ڪنهنجو چاڪر آه
گل
تنهنجي دَرَ جو آهي گولو غلام خاص
(102)
ٿي خدا ساڻ حرص
ڇڏ حارص2
پس پنهنجو پاڻ حرص ڇڏ حارص
نانـﮧ ڪين ٻيو سواءِ سائينءَ جي
رک پڪو ڄاڻ حرص ڇڏ حارص
جيڪي ڀانئين ٿو پنهنجو ڀانئڻ تون
سو سڀوئي ڀاڻُ3 حرص ڇڏ حارص
اَن مان جو بچي ڪُٽئي ڇاڻئي
اُو چُنون ڇاڻ حرص ڇڏ حارص
سوئي اَن وڪڻندڙ ۽ ڳنهندڙ سو
سو مَئي ماڻ حرص ڇڏ حارص
تونهين کَٽَ، تون وِهين، تون واڻيندڙ
تون آهين واڻ حرص ڇڏ حارص
تونهين ٻج ٿڙ ۽ ٽارَ پن گل ڦَرَ
تونهين باغ وان حرص ڇڏ حارص
(103)
ڪهڙو معشوقن کي عاشق تنهنجو پروا ۽ غرض
جي ٻڌي ٻانهون ڪرين سو بار لک ڀيرا عرض
توتي سر تسليم 1 جو تفويض 2
مورا اِختيار
ڏي سِري تا ساب پئي پاڻا لهي توتان قرض
آه هي تڪبير اوليٰ3 فرض منجهه اول نياز
چؤ چتائي چيت سان ڪر پانهنجو پورو فرض
عشق جو آزار ڏاڍو چيو طبيبن لا دوا4
جو ڪري انجي ٻُڪي پاڻا وڌي ٻيڻو مرض
ٿو ڪڍي سر ٻهر ڪنڊن مان هڻي ڪئو لار ڦاڙ
گُلَ تنهنجي ديد جو گل کي پئو آهي غرض
(104)
آهه سڀڪنهن ٽول ۾ گڏيو خدا آهي غرض
طرح ٻيءَ ڀَتِ ٻيءَ سڀت جڙئو جدا آهي غرض
مائٽ کي اولاد ۾ اولاد کي مائٽ اندر
ڪنهنکي اُڄُهين آهه ڪنهن کي منجهه سُڀا آهي غرض
مڙس زالون پاڻ ۾ گڏ ٿا وتن ڌاريا عزيز
ڀائر ڀائيءَ کان ڀلو هِن هّنکا آهي غرض
مرض موڙو
مهٽ جت محبوب جي آهي مراد
اُت ڪرڻ دارون دوا، پنّڻ دعا آهي غرض
منجهه طلب جنکي دنيا ۾ آهه مقصد شوق ذوق
آخرت ۾ عيش جنت جو لقا2 آهي غرض
نفي ۾ جت نامرادي عين آهي سڀ فناءُ
گل
اُتي سَڌَ ديد جي ڳولڻ بقا آهي غرض
(105)
تو منجهان جڳ کي ڏنو رحمان فيض
جن مَلڪَ حيوان ۽ انسان فيض
سنڌ کي توکان سَرئو سڀڪين سخي
خوب وٺتو ساري هندستان فيض
لعل ٿيو لاهور لالن تو ڪنان
مفت نيو محبت منجهان ملتان فيض
سال ٿيو سرهند تنهنجي صدق ۾
تو ڏٺو تبريز ترڪستان فيض
ٿيا خراساني تنهنجا خالص خلوص
علم ۾ اُنکان ڊهيو 2 ايران فيض
چاهه تنهنجي ۾ ٿيا چشتي چڱا
ياد تنهنجي ۾ لڌو يونان فيض
ڪئو عجم توکان عرب سڀ عيد عيش
گل
کٽيو منجهه باغ ۾ بستان فيض
(106)
اُڄ اچي قاصد ڏنو دلدار آڻي تنهنجو خط
ڏيئي لفافا پوٽڙيون سينگار آڻي تنهنجو خط
ڪي نياپا ٻيا زباني ۽ ڳجهّيون ڳالهيون
سڀ ڏنئي ساري نشانيون پار1 آڻي تنهنجو
خط
لوڪ کان آيو لڪي سالم2 سياڻو هوش ورُ
مونکي پڻ ڪوٺي ڏناءِ ڌار آڻي تنهنجو خط
خط ڏنئين مونکي نئين منهنجو ڦُري سڀ هوش عقل
ڏک ڏنئي منجهه ڏيل سڪ ۽ سار 3 آڻي
تنهنجو خط
ويئي خوشيءَ ۾ محو4 ٿي دل ذوق لذت ۾
جُسو
سڀ وساريئي يار ۽ گهر ٻار آڻي تنهنجو خط
منجهه ڏسڻ شادي سَري5 ۽ منجهه پڙهڻ
اندوه درد
پوءِ جڏهن ڪيئي حڪم سڀ نروار 6 آڻي
تنهنجو خط
گل
ڏسي شرمائِيو منجهه قول فعلن پانهنجي
ڦولي ڳولي سڀ ڏٺئين جنهن وار 7 آڻي
تنهنجو خط
(107)
حق اَڻ پڇيو ڪنهنکي چوڻ آهي غلط
آهي غلط
اَڻ ڪوٺيو پٺ ۾ پوڻ آهي غلط آهي غلط
دلجي ڌيان بنا ڏُجهڻ 2 آهي اَنڌاري ۾
اُجهڻ 3
ري باهه ڦلير کي ڌَوَڻَ آهي غلط آهي غلط
منجهه تار ريءَ 4 ٽـُڙهي ترڻ منجهه
جهنگ ري سونهي ٽُرڻ
پاڻي بنان ڄيرو جَهوَڻ 5 آهي غلط آهي
غلط
ڪيئن قرب ري پيوند ٿئي پيوند ريءَ سنڌ بند ٿئي
ري ماپ مُٺِن سين مَوَڻ آهي غلط آهي غلط
مرشد اڳيان ٻانهون ٻڌي هِن هُن ڪنان واڌو وڌي
نيت سچيءَ ڌاران نَوَڻ آهي غلط آهي غلط
سُڌ ٻُڌّ ريءَ سينو ڪڍي گل ڪوڙ تي وٺيو وڍي
منجهه لات ڪانگل جي لَوَڻ آهي غلط آهي غلط
(108)
دين لئي دنيا ۾ آهي دل ٿيڻ ديوان
شرط
هاج ۾ دنيا جي آهي پوءِ هجڻ حيوان شرط
لئي طلب مؤليٰ جي مرشد سان رکڻ آهي ضرور
هڪ ادب، ٻي دوستي، ٽيو ساڻ سچ ايمان شرط
معرفت حاصل ڪرڻ لئي عارفن جي پيش آههِ
علم سان جاهل هئڻ ۽ عقل سان نادان شرط
نانهه هن صورت مٿي اِنسان جي حق جو عذاب
پر ٿيڻ صورت ۾ سيرت 2 سان اول اِنسان
شرط
جت هڻي دلدار ٿو چيٺي چڱا چشمن جا تير
اُت کپي دلبر اڳيان دل سان ٿيڻ نيشان شرط
ميء هٿان محبوب جي پيڻ وڏي آهي مراد
پر ٽِڙيل مهندا اکن گل لاله و ريحان شرط
(109)
منجهه ديد تنهنجي دلبر آهي مدام خط1
منجهه قول تنهنجي ڪامل آهي ڪلام حظ
مجلس ۾ دوستن جي آهي حضور نعمت
۽ پڻ سڻي سڻائڻ آهي سلام حظ
جي هوءِ خط هٿن جو لکيل ته لک ڀلايون
محبوب جي مُها2 پُڻ آهي پيام حظ
تسبيح توبهه تقويٰ3 لئي عابدن4
موچاري
مجلس ۾ عاشقن ٿي ميء حرام حظ
تنهنجو وهڻ وڻي واه اُٿيڻ به عيد عاشق
آهي ٽلڻ اڱڻ تي وهه خوش خرام5 حظ
مُکُ تنهننجو ٿيو سدا گل، گل تنهنجو تانهه ڪين تل
6
گل
کي وٺڻ مڪرّر7 ٿيو تنهنجو نام حظ
(110)
دوست تنهنجو سدا ڌڻي حافظ
هيِسَ2 ۽ ريس3 کا ڌڻي حافظ
ساج سينگار سونهن تنهنجي جو
اکِ ميريءَ4 ڪنا ڌڻي حافظ
صالحن کي چڱن ڪماين ۾
منجهه عقل ۽ جَزا5 ڌڻي حافظ
زهد وارن کي منجهه ڏکن سرن
منجهه جفا6 ۽ صفا ڌڻي حافظ
سالڪن کي سلوڪ7 سير اندر
منجهه قدر ۽ قضا ڌڻي حافظ
جذب وارن کي سير ذاتي ۾
منجهه فنا ۽ بقا ڌڻي حافظ
عاشقن کي فراق وصلت8 ۾
منجهه خوشي ۽ بلا ڌڻي حافظ
گل
تنهنجي جمال جوت سندو
منجهه صبوح ۽ مسا9 ڌڻي حافظ
4- خيال 3- ڀاڱا 4- هل 5- لاهه
(88)
1- پورو 2- جلدي
3- اجايو 4- لوڌيو
(89)
1- آڏ 2- سنڌو يا حد 3- گولا 4- فنا 5- تڪڙو
وڄائڻ 6- ڍڪيل
7- مهرباني
8- جنهن مون کي ڏٺو تنهن ڏٺو حق کي 9- ڏاها
(90)
1- ڳجهه 2- شڪار ڪندڙ 3- جدائي 4- بچاءُ يا
پاسو
(93)
1- ويچارا ڏيڻ 2- ٽڪرا 3- فنا يا چوُر 4- کهه
5- پردو
3- ٿورو ذرو
(95)
1- لذت 2- شوق 3- گاه جي پاڙ
4- رسڻ5 - طعنه 6- سخت گرمي 7- گوشت ٽنگڻ جو
اوزار 8- ڪنجوسائي
(97)
1- خوشي 2- ڏنگ يا تڪليف 3- بيعزتي 4- مزو 5-
ڦٽ 6- خوشي
7- وفادار رهڻ جو انجام 8- شريعت 9- عادت
10- قبيلو
(98)
1- گس 2- لاڏ وارا 3- ڦٽ 4- توکان
2- ڏک 3- ديدار 4- بزرگ 5- عقلمند 6- دشمن
5- ڏند جي عيوض ڏند ۽ ڦٽ جي عيوض ڦٽ
6- جنهن کي مون ڪٺو 7- آءٌ هنجو عوض آهيان 8-
روشن ڪرين
(101)
1- ڇنڊيل يا چونڊيل 2- وڻندڙ 3- ڪنئار
(102)
1- لوڀ 2- لالچي 3- جو سائي کي سڪائي
3- پهرين 4- جنهن جو علاج نه ٿي سگهي
(104)
1- هڪ بيماري جو قسم 2- ديدار
(105)
1- فائدو 2- مليو
(106)
1- نشان
2- سڄو 3- سارڻ 4- گم 5- حاصل ٿي 6- ظاهر 7-
وقت
(107)
1- نادرست 2- طلب ڪرڻ 3- ڳولڻ 4- وڏو پاڻي 5-
وسائڻ
2- واتان 3- پرهيزگاري 4- عبادت ڪندڙ 5- ٽلندڙ
6- مٽ 7- هر هر، وري وري.
|