سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان گل

صفحو :3

(25)

الف الله قد[1] قامت منهنجي دلدار جي صورت

حقيقت ذات وجه 2 الله سهڻي يار جي صورت

آهي منهن والضحيٰ 3 والشمس 4 سج چنڊ کان گهڻو روشن

سورة والليل 5 ۾ ڀنڀرن وارن جي ڪار جي صورت

ڏنا زلفن 6 ۾ سهڻي سينڌ کيوڻ جئن عجب جهلڪا

ڪڪر اندر ٿي ظاهر يخطف الابصار7 جي صورت

پرون جاڙا ٿئا گڏ قاب 8 قوسين9 وانگ اوادنيٰ 10

خدا ظاهر ڪي منجهه معراج ان اسرار11جي صورت

اکيون چشمو حياتيءَ جو مئن جي ڪاڻ ڪالڪوثر12

پيالي پر طهورا13 جي نشي سرشار جي صورت

وِلِنِ تنرن ۾ ڪي ولفجر14 واليان عجب مظهر

آهي منجهه نورانور نور جي اظهار جي صورت

ٿئو نڪ شهد آنڱر شاهد اِلشق 15 القمر منهن ۾

ٻه ڦاريون چنڊ ڪئو اي معجزي سردار جي صورت

مڙاهيون ڏند ڳاڙها ۽ اڇا ڪاللو 16 لؤمرجان

ٿيا چپ لعل احمر 17 خنجر خونخوار جي صورت

بدن باغ بهشتي صوف ڏاڙهون گل منجهس قسمين

آهي جنات 18 عدن تحتهاالانهار جي صورت

نه ڪيو گل ڪوڙ دل جيڪي ڏٺو منجهه ديد دلبر جي

وما 19 ڪذب الفؤاد ما ايٰ مختار جي صورت

(26)

ويڻ[2] تنهنجو مون کي دلبر ٿيو مٺو ماکي جي ميٺ

ٻئن جي شاباس کان تنهنجي وڻي مون هيٺ ڦيٺ 2

تو ڦٽي آهي عاشقن جي دل هڻي چشمن جا تير

پوءِ رکي پنيون اُنهي کي تون اچي دلدار چيٺ 3

ٿيون وسن برسات جئن دائم اکيون آگم 4 ڪيو

تهڙيون منجهه آکاڙ سانوڻ تهڙيون ڪتي تهڙيون ڄيٺ

جي ڏئين توڻي نه ڏئين وجهه 5 پنهنجي ديد 6 جو

آئون تنهنجي نيهن جو نوڪر آهيان نروار نيٺ 7

جي آءٌ مسڪين عاجز آهيان پينو گدا

مونکي پرواه ناه منهنجو تون آهين سردار سيٺ

ڇا ڪريان قربان قاصد تان آيو جو دوست کون

ساه سِرُ صدقو ڪريان ٻيو ناه ڪي باالله 8 بيٺ 9

ٿيون اکيون رت هاري ڳاڙهيون تن سڄو ٿيو لعل رنگ

تو سان اي گل جنهن ڏهاڙي ٿي منهنجي آه ڏيٺ

(27)

رات ڏينهن رب ڳول ان لـﮧ لڙ تي لاٺ 1

گهورَ 2 ۾ وس 3 ڪر وڏو منجهه ووڙ 4 واٺ

ڪڍ اندر مان غير ڏي اوجر5 صفا

ساڻ ڦٽڪي ڦول ڦيري آب آٺ6

ڪر اڇيون روئي اکيون لاهي غبار7

پرت ۾ پرين جي پنهنجا نيڻ پاٺ8

جي تکو ٿئي نفس ظالم ڪاٺ جئن

پهڻ محنت جي مٿي منهن اُنجو ماٺ9

قيد آهي قرب ۽ پيوند بند

ٿي م سوگهو پاڻ کي وجهه ڪيم ڪاٺ

ڇڙت ٿي هسوار سانچي سنج رک

وجهه گهمائڻ ۾ م گل گهوڙي کي گاٺ 10

(28)

پاڪ رک دل مَ ڪر ڪتي جي چَٺِ

هڻ ڪتي کي ٻنهين هٿن سان لَٺِ

دل خدا لئي کپي خلاصي خاص

ٺڪر ٺوڪي م ڪر اُنهي تي تَٺِ [3]

نفس جي خيال ڪي پليت جا دل

نه ٿئي پاڪ جي ڌُئين منجهه ڳَٺِ2

آه قاصد خيال حق جو حق

آيو حق ڏانهن ورائي حق ڏانهن پَٺِ3

گل محمد سوئي سو گل احمد

سي آهن ٽي ويهون سا آهي سَٺِ

(29)

سِر[4] کئا سؤره سپاهي سينڱ ساهئل سخت سوٽ

چال ۾ چالاڪ چهرا چست چاڙهيو ڏئن چوٽ

وڌ وڌن جيهر ٻڌن صف ڪيو سنئين سنڀرن جڏهن

وير وانجي 2 مير مانجي 3 مڙس ڏين ڪين موٽ

آم سامهان صف بصف سينگار ڪيو سيلا 4 ٻڌيو

سال 5 سٽڪن 6 جال جهٽڪن 7 ڪان ڪن اڙ 8 آڏ اوٽ

باه جي باري بنايو روح سان ٿا راند ڪن

جئن سڙن تئن تئن لڙن ڪڍيو اندر مان ٻُهر کوٽ

دوستن جي دل وٺڻ لئي دشمنن کي ماريو

منجهه ترارن ۽ ڪٽارن ٿا ڪپئو ڪن ٽڪر ٽوٽ

حڪم ۾ هشيار قابو منجهه هلان همراه ٻيلهه

چاڙهيو توبون کٽن سوڀون ٿا وجهن ڪيرايو ڪوٽ

پاڻ فاني ڪيو فدا ٿا فتح ڪن في الحال ۾

جوان جنگي جئن فرنگي گهائجو 9 گل ٿِيِن گهوٽ 10

(30)

جوڳي وڃن جالٽ 1 کي ڇڏئو مڙيئي مائٽ مٽ

خوش نه ڪيا ڪنهنجي دعائن نا  ڏکويا ڪنهنجي پِٽَ

دونهين دردن جي دکائي دل ٿي ساڙي هوش عقل

ويا ويچارا وِرهه2 ڪنهن ۾ وار ٿيڙن ليڙ3 لٽ

اُنجي مڪتب ۾ رَهي ويراڳ ۽ بيراڳ ٿو

اَلف آين اڳ ۾ هوءَ جا پڙهيائون پهرين سِٽَ

پئا اندر ۾ پنهنجي پاهوڙيون ۽ ڪوڏاريون کڻي

ڪيئون ڀڃي ڀوري برابر صاف سڀ تودا4 ۽ اِٽَ5

وئا ڇڏي ناسوت6 کي لڙئا طرف لاهوت جي

بحر بيرنگيءَ جي ٻوڙيا محو7 ڪئائون رنگ چِٽَ

جي ڀائين جوڳي ٿيان گل ڇڏ تعلق8 پاءِ جوڳ

دل ۾ لوڙهج مڙس ٿي سڀ ڇڏ ڪوڙا کيٽا ۽ کِٽ

(31)

اُپاڙي[5] چاڙه عاشق عشق جو ايٽُ2

ڪتي پوکي وڌائي ڪر مٿس چيٽُ

وسي مينهن محبت ۽ موهبت3 جو

ٻڌي پوٺن تي بند پوءِ کيڙ تون کيٽ

کائي پاڻي ڪناري جو جڏهن ڪو

مٽر مهري ڇڏي ڀر ڪڻڪ سان ريٽ4

لهي درياه جت لانگها ڪري لس

ڇٽي ٻج ترت هلڪو پوک تون ٻيٽ

صفا وجهه ٻج نيت جو سڀت ۾

ڪنڌيون پوکي ڪنارا پوءِ م ڇڏ پيٽ

خدا ڏي وڄ خدا لئي ڇڏ خوديءَ5 کي

م لَبَ 6 ۽ لوڀ لالچ جي مٿي ليٽ 7

آهي هر جاءِ حق حاضر م ڪر سڏ

اڳيان بيهي ڪري جو ڪوڪ چؤ ڦيٽ 8

درد سان روئي ڪر صفا دل

مٿي پايو م وجهه گل مهٽئو ميٽ

(32)

وچ ۾ ڇڏ ڪيم ڪر نيئي راس[6] رِٿَ

ڪر طلب حق جي ڇڏي سڀ تار تٿ2

جمع رک دل پنهنجي جانب ساڻ جوڙ

جي چيري ڦاڙي ڪريئي ڇُتَ3 چِٿَ

من تنهنجي جي آه محبت منهن ۾ گهنج

سَرُ4 ۾ وجهه، سهه سر مٿي سڀ سِٺَ سِٿَ

ڳنڍجي پؤ دل ڳنڍي ٿي ڪيم ڇُرڙ5

پوءِ پوندهين جي پيئي ڪا وار وِٿَ6

کڻ مٿي تي بار باري بره جو

خوش کلي گل ٿي مٿي تون خوار کِٿ7

(33)

هل سنئون حق ڏي ڇڏي گهه گوٿَ1

منجهه سڌن ڪيم کاءُ ٿاٻا ٿوٿَ

ڪر مَلائي ترار لا2 جي هٿ

نفس باري بلا سُڄي ٿي لوٿ3

سنگتي دين جا سڀيئي کڻ ساڻ

آه موذيءَ جي فوج ڏاڍي روٿ4

ساڻ همٿ حبيب حيدر جي

مار دشمن ڪپي ٽڪر ڪر چوٿَ5

پوک ملت متابعت6 جي گل

آه سائي سليم7 ٻي سڀ کوٿَ8

(34)

تنهنجي دلبر جاءِ هر جا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

تون سڀت ۾ سڀڪو توکا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

قال[7] الرحمان علي العرش استوي ڏَسُ تو ڏنو

قلب ۾ پڻ ٿاڪ2 تنهنجا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

 تو چيو آهي خدا منجهه ڀون ۽ فرمايوءِ پڻ

اَڀ ۾ آهي رب اعليٰ آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

گهر تنهنجو بيت المقدس ٿا چون ۽ ڪعبو پڻ

چون ٽئون معمور3 گهر ٿا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

لک نبين پڻ مٿس واڌو ٻيا چويهه هزار

ديــــن مــلـــت پنــهنجي وارا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

آيو منجهه توريت احمد پوءِ محمد ٿيو نبي

منجهه حقيقت احد آيا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

لم يلد4 پنهنجي صفت ڪيو پاڻ کي لا مثل5 چئين

پوءِ يدالله 6 ڏئين اشارا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

ذات پنهنجي غيب چائين پوءِ چوي ٿو اينما7

ثم8 وجه الله اي ڇا آءُ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

منجهه ملاحت9 منهن ڏيکاريو منجهه صباحت10 ٿو وٺين

ڪٿهين ڪبرا ڪٿ11 زليخا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

تون ڏيکاريو حسن گل جو ٿو هڻين بلبل جي دل

منجهه هڻڻ هڻندڙ ڏسان يا آءٌ ڏسان چؤ توکي ڪٿ

(35)

دنيا ۾ دين ڳولڻ آهي عبث آهي عبث

کدڙن ۾ مڙس ڦولڻ آهي عبث آهي عبت

ريءَ درد سور دقت[8] ريءَ ريجهه رحم رقت2

ڇپرن ۾ پاڻ ڇولڻ3 آهي عبث آهي عبث

تُرهي سوا طلب جي اوڪار ريءَ ادبَ جي

منجهه بحر ٽنگ ٽولڻ آهي عبث آهي عبث

صنعانَ4 جي ذلت5 جي منصور6 جي ملت7 جي

مُلّن سين مام8 ٻولڻ آهي عبث آهي عبث

گل ريءَ وصال حق جي لاهڻ حجاب شڪ جي

ساڌن جو سرُ9 کولڻ آهي عبث آهي عبث

(36)

محبت بنا ڳولڻ خدا آهي عبث آهي عبث

محبت ڇڏي ٿيڻ جدا آهي عبث آهي عبث

ڏک کان ٿو حاصل سک ٿئي ري ڏک ڪهڙو منهن مک[9]  ٿئي

حاصل جفا2 ڌار صفا3 آهي عبث آهي عبث

ڌاران لڇڻ کامڻ پچڻ هاڃي 4 هڄڻ 5 جهوري جهڄڻ

محبوب وٽ ڪا التجا 6 آهي عبث آهي عبث

محبت وٽڻ پڙهين ڪنا مصلحت 7 پڇڻ چرين ڪنا

ٻارڻ ڏيو انڌن اڳيا آهي عبث آهي عٻث

پاڻي پڇائڻ رُڃ ۾ سانگي ڏسائڻ سڃ ۾

ريءَ مينهن سانوڻ جي بنا آهي عبث آهي عبث

جنهنجي سخن کي نانهه سچ وعدا ڪري جي قؤل ڳچ

ڦولڻ وفا 8 ڪوڙن ڪنا آهي عبث آهي عبث

گل ٿي فناتا  آبٿئيي خوشبوءِ ۽ رنگ تاب 10 ٿئيئي

مرڻ بنا ماڻڻ لقا 11 آهي  عبث آهي عبث

(37)

ڏيکاريو منهن لڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪهڙي باعث[10]

سڪاين کي سڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪهڙي باعث

ڪنهين کي هنج ۾ پنهنجي وهاري ٿو ڏئين عزت

ڌڪئو ڪن کي ڌڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪهڙي باعث

اڳيان پنهنجي اٿارئو ڪن کي تڙئو ٿو ڪڍين ٻاهر

ڪوٺيو ڪن کي ٽڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪهڙي باعث

هئڻ 2 جي ڪيو، هڻيو 3 تن کي ڪريو هيڻو ڀڃيو حجت 4

اڳيان پنهنجي ڍڪائين 5 ٿو سڄڻ چؤ تون ڪهڙي باعث

صبح ٿيو سوار مَهرِن تي ڏين جي هر طرف واهون

سانجهيءَ تنکي جهڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪهڙي باعث

کُلايو گلَ کي ڏئو آب پنهنجي باغ ۾ خوش ڪيو

ورئو تنهنکي چڪائين ٿو سڄڻ چؤ تون ڪهڙي باعث

(38)

ڏک ڏنا ڏاتر وجهي ڏکين[11] کي ڏوليءَ2 پائي ڏاج

سُور سهمن سوز سُوٽن جا سڀيئي سينگاري ساج

عاشقن جي هٿ هٿوڙيون ٻيا ڪڙو لا قرب جا

خوب سونهن ٻانهن محبوبن جي ٻانهيون صاف عاج

آهن ڪوڏئا جنگ اڪبر جا سدا عاشق امير

پايو پنهنجي سِر وتن پهريا طلب جا طوق3 تاج4

پاڻهي ٿئڙا سوُر پنهنجو پاڻ پنهنجو ڪئئون مريض

پاڻهي پنهنجي مرض جا ويٺا ڪرن دارو علاج

مئي ڪيا مخمور مولا جي سدا گِهڏندا وتن

گهوٽ گُلُ ٿيو گل وڃائي سڀ اوسيئڙا6 احتياج

 (39)

سور ٿيو سينگار جنجو ڏک تنيجو آه ڏيج

وره ووءِ ووءِ ٿئو وروهڻ1 هاءِ هئي هئي آهي هيج2

مرض محبت جو اندر ۾ ڪوه ڪندو تنکي طبيب

درد ٿيو دارون دوا ٻڪيون ڦڪيون آزار ايج3

جوش جذبي4 ۾ زياده، منجهه طلب واڌو وڌن

ڪونه ڪن ٿا ٺاه ٺرئي جئن تپن ڪن تاءُ تيج

پوک تنجي پرت پڄرڻ هيج هرلو نينهن نار

بره باهيون ڪُهڙ ڪاڍو آب اکين آه ريج

ٿئا سُڪي سرها سدا آباد ۾ ارها مدام

ٿا وتن گلزار گل کاڻن کٽئون ڪو کوب6 کيج7

(40)

تاڻئو جئن ٻڏن ٿا تن منجهه تَينج [12]

ٿا اُٺائين تئن کڻئو منجهه هنجَ

ٿئو ڍرو پئي ڊهيو ٻڌل ٻائِڙُ2

ٿو اُڀو  ٿئي ڊٺل کڙو منجهه کنجَ3

الف4 بي جيم دال هي پنج حرف

هڪ ٻه ٽي چار پوئِيون ٿيو پنج

مئي محبت جي ٿي حلال، حرام

خُمر افيون6 ٿيو ٿي ڀڙوي ڀنج7

ٻَڌُ سپاهي صلاح جا هٿيار

چڙهه گهوڙي تي رکي سچائيءَ سنج

منجهه کٽئي خوش م ٿئي ۾ ڏک هارئي

گل آهن گاه8 رنج گاهي گنج

(41)

سڏ سڻي سيد سچا سيگهون رسيج

جو کهي1 دشمن دَڙي2 دوٻي دسيج

کَرُ کهي تو هَڻُ کلو کر کي کڻي

جي ڦُرئا کر ٽول سي کر کان کسيج

واٽ وٿڙي مون هٿان اَوَجهڙ 3 پئس

واٽ تي چاڙهي سنئون ڏَسڙو ڏسيج

تون ڪرامت جو ڪڪر محبت جو مينهن

رحمتي ريلو ڪري مون تي وسيج

پرت ۾ عاشق پچي ٿئا تنهنجي پاه 4

پَرَ ڪنان پاسو ڪري پنهنجا پسيج

بلبلون عاشق گلن تي ٽوتي گل

گل اچي گلزار ۾ گل سان هسيج 6

(42)

دل ڇڏي در دوستن جو هيڏي هوڏي ڪيم اُجههُ [13]

جيڪي آيو سر تي سه، ڏي ڏيل2 ڏک کي، ڪيم ڏُجههُ3

فهم4 جي توکي آهي فرهي فڪر جي پڙهه کڻي

لوح5 ۾ تنهنجي لکيو ڇا، ڪو ته اُن مان حرف ٻُجههُ 6

تنهنجي صورت سِرُ7 حق جو ٿي حقيقت سِرُ سِرُ

چيو خدا انسان ڳجهه منهنجو آهيان آءٌ اُنجو ڳجهه

توکي رب قوت ڏني قدرت8 مٿي مخلوق9 سڀ

پؤ مَ هيڻو، ڪر همت، هاريا10 اُٿي ڪي لوچ لجهه11

پاڻ ۾ ڏس پاڻکي تا پاڻ مان پاڻهي لهين

هيڏي هوڏي ٿي م اولون12 روح پنهنجي ساڻ رجهه13

گل تون مکري ٿئو ٽڙين ڳاڙهو ٿيو رت ۾ سڄو

پوءِ ڳرئو پاڻي ٿئين ڪا ڏي حقيقت مون کي ڪجهه

(43)

وون وڃڻ ۾ م ڳول وارو [14] وَجههُ

ڪرم سِلَ 2 ٿئي سگهو جو سرڻو سَجههُ 3

ڇَرر 4 ٿي ڪيم ڇوڙ ٻڌ ۾ ڇالڊ5

منجهه ٻڌڻ ٻانڌ 6 ٻول 7 پنهنجي ٻجهه 8

پؤ پَڌرُ 9 واسري 10 چڙهي وس ٿي

روح خوش ڪر م روڪِ رُگهه ۾ رجهه

عشق جو علم عرف 11 اور بيان

ڪين سمجهي تهين کي قاضي ججهه

گل جتي ڪم اچي ٿو ڦول صفا

اُت اچي ڪهڙي ڪار ڪيرو 12 ڪجهه

(44)

پؤل پڻ جاڳ، جاڳ سهڻا سنجهه 2

ٿا اچن سمجهه مان ڏکئن کي ڏنجهه 3

سر4 سڄي ۾ پکي سوين سهڻا

سوڌ5 سالم سچا همه6 ۾ هنجهه

وٽ ڪلالن7 ڪسڻ قبول ڪري

ڪنڌ نائڻ چڱو، نه گهرجي ڪنجهه 8

جت ڇِڪي سِيرَ، ڪُن ڪري ڪَڙَڪا

وِهُ سکاني9 م وار10 وانجهي ونجهه

آه وحدت وصال عرياني11

گل سمجهه رک مَ ڏي ملن کي منجهه 12

(45)

ڪالهه ويئي گذري نهاري ڪي تون ساجن آءُ اَڄ

اکيون عيدون ڪن ڏس توکي ڪري ڪو روحُ رَڄ [15]

تون وتين آرام جمعيت ۽ شادي ذوق سين

مونکي حاصل درد ٿيو ٻيو بره ٽيو بيراڳ هڄ2

صبر ڪر اي دل مٿي حق جي رضا مشڪور3 ٿي

ووءِ ووءِ ووءِ واءِ4 ڪرئو واءِ واڄٽ جئن م وڄ

ڪر تحمل، ٿيء جبل، چُرُ ڪيم ڪنهنجي چورئي

هيڏي هوڏي ڦوڪ تي ۽ واو تي ڪک جئن م کڄ

جنهن ڏنيهءِ دل ڏي تون اُنکي، دل م تون دنيا کي ڏي

تا ٿئي دل پاڪ تنهنجي نه ته وڃي وجهه ڌوڙ ڇڄ

گل ادا ڏي دل خدا کي پاڻ ڪنڊن سان م روڙ 6

سڀ ڇڏي گل ڦل تماشا باغ ۽ بستان ڀڃ

(46)

ٿا چون گِهڙ بَحَر ۾، پُسُ ڪيم پاڻيءَ ۾، مِ ڀڄُ

بار کڻ باري برهه جو جيءَ پنهنجي تي م جهِڄُ

جي ڀائين هورو[16] هئان هلڪو پسان پڻ ڪين ڪي

ڳنڍ ۾ ٿيءُ ڌار، جملي ۾ جدا، منجهه ڌار ڇڄُ

جي طلب توکي خدا جي منجهه اُڀت 2 پئي ٿي سڀت 3

خؤف ۾ خوش بي ڊپو ٿي رک خوشيءَ ۾ ڊاءُ 4 ڊڄ

رنگ هڪ ۾ روپ ڪئين آهن تجليون سؤ هزار

منجهه ڪڪر لڙ واچ آهي مينهن آهي گاج وڄ

گل ته ڏس ڪئن ڏينهن مان ٿي رات ٿئي ڪاري سياه

رات مان ڪئن ٿو ٿئي ڏينهن ڪئن ورئو اڀري ٿو سڄ

(47)

وسن جئن مينهن ڇَرؤن ڇيڄَ1

پچن پوکون پين سانگي پلر2 پيڄَ3

اکوڙي ننڊ، سنجهي جاڳ رب لئي

ڀڄائي ڀنجُر4 پَر بَرُ5 جئن ڀڄي ڀيڄ6

محبت جو جَنين کي مرض جاڳيو

وئا ورچي مٿا تن ڊب کڻي ويڄ7

پرابت8 پرت جو پولير پسارو

پڇاڙي ڏين پيڙون9 مهڙ ۾ هيڄ10

ڏکن ۾ جي سدا سنرا11 وتن گل

سکن جي سي سچا ماڻين ٿا سيڄ

(48)

آه جانب ريءَ جيڻ جک جاڙ[17] سڀ سؤنسار سڃَ

شهر بازو ڀينگ بيدي بحر بر ٿئو ريل2 رُڃ

درد ڌاران دانهن ناهي سڪ ٻاجهون  ناهه سوز

منجهه طمع4 تعظيم ناهي منجهه محبت مان مُڃ

تَرڪ 6 ڌاران ناهه طاعت 7، ناهه طاعت ريءِ طلب

کاڄ ٻاجهون ڪيئن وڃي بک، ڪيئن لهي ريءَ آب اُڃ

جي طلب توکي ادا وجهه نفس کي تڪبير ترت

درد ۾ دل داڳ ڪر سالم رکي منجهه لاس ڀڃ

وِجهه ڇڙي چانور چڱائن جا سڻڀ سچ جو گڏي

پوءِ وڌي ڏي جال بکين کي ته ڪن ڪي جوان بڃ

گل آهي گلزار ۾ ڪڏهين خزان ڪڏهين بهار

ٿيءُ ٽڙي خوش ڪيم، ڪومائي م منهن ۾ پاءِ ڳُڃَ

(49)

پنڌ پؤ، وڃه ساڻ ويندڙ، وهُ م وڃ

پڇ خبر ۽ چار ايندڙ وه ۾ وڃ

هل م پنهنجي هوش تي ڇڏ حجتون[18]

لاڙ2 نيست نال3 نيندڙ وه ۾ رڃ

ٽول تي ٿئي ڪيم سرهو سمجهه رک

سرت 4 سان ڏس ڏانهن ڏيندڙ وه م وڃ

ميٺ لقمي5 جي ۾ ڏس تون بورچي

کاڄ ٿي ٿيء خوش م کيندڙ وه م وڃ

گل ته ڏس ڇا اُڃ پاڻي ڇا هي پاڻ

پاڻ ۾ پِهه6 پاڻي پيندڙ وه م وڃ

(50)

جي وئا ڪالهه اڄ نه وريا اَڃَ1

ڏِس اَسُونهيء2 وئا نه ڪئائون سَڃَ3

جي پُٺيءَ پئا پئا پئي نه پٺيا4

وئا وئا تا ورئا وئا منجهه وَڃَ

ترت تڪڙا تکا وڃن تاڻا5

تاءَ تَوَ ۾ پون نه لانجها6 لَڃَ

ڇاٽ7 ڇوهي ملار محبت جي

ڪئا مَڃر8 ڳاه9 گهوٽئا ات ڳَڃَ10

گهوٽ ٿيا گهوٽ ڪئا ڪنوارن ڪاڄ

ٿئا ملي گل ڦل موتي ڃَڃَ

(51)

اڱڻ منهنجي ٽلي[19] دلدار تون اَچُ

ڀلي منجهه حاسدن جي دل پئي ڦَچُ2

ويهي ڪي اور3 مونسان نام ربَ جي

ته تو سان اوريان آءٌ ڳالهين ڳچ

درد تنهنجي جو دونهون ٿو دُکي روز

محبت جو ٻري من ۾ منهنجي مچ

سوري 4 سينگار آهي عاشقن جو

صبر ۽ سڪ ساڙو سوز ۽ سچ

محبت آهه موتي امل ماڻڪ

سڌون5 آهينِ ڪائو ڪوڙ ۽ ڪچ

محبت بحر اونهون عشق حق جو

گهڙي گل لعل ٿي اِن عشق ۾ رچ

(52)

ڪڍ رُخا گهوڙا پڌر تي شاه پنهنجو ڪيم آنچ1

ڌيان رک دشمن اندر مُهرا مڙيئي جوڙ جانچ

پوک ۾ رک پاڪ نيت منجهه امانت مان شان

ٿو بچي جيڪي بٽائيءَ کان ڪري گڏ ڦالٽ2 ڦانچ

جيڪي ڀاڱي ۾ اچي وٺ شڪر ڪر جاني جوان

ڏي اول ڀاڱو خدا جو پوءِ نيئي ٻيو سانپ3 سانچ

چيٽ ڪيو ڪتيون مگر پوءِ رک م آڌاون تي آرُ

رات ڏينهن ان لڙ م لڳ ڪي لَڙ 4 ڌڻي جي لوچ لانچ5

گل ادا گوشو 6 چڱو هنجي ڳچي هنجي ۾ پؤ

هنجي گوڏي هيٺ هنجي هي م هاريا پاڻ گهانچ


(25) 1- بيهڪ 2- ذات الله جي 3- ڏيڍ پهر 4- سج 5- رات  6- ڇتڙا 7- اکيون هڻندڙ 8- زهه 9- گوشا ڪمان جا 10- ويجهو 11- ڳجهه 12- تلاءُ 13- شراب جنهن ۾ نشو نه ٿئي 14- سورت قرآن شريف 15- چنڊ جو چيرجڻ 16- اڇا ۽ ڳاڙها 17- ڳاڙها 18- عدن جو باغ

19- جيڪي ڏٺو سو دل ٿي و سهيو.

(26) 1- مهڻو 2- ڦٺ جٺ 3- ڇٽاءِ 4- جهڙ 5- موقعو 6- ديدار 7- ظاهر 8- قسم الله جو 9- هڙ

(27) 1- قابو 2- ڳولڻ 3- ڪوشش 4- نهارڻ

5- صافي 6- ٺار 7- ٻيائي جو ڌنڌ 8- وجهه 9- تکائي مارڻ 10- چٽو

(28) ٺڪرن جي جاءِ 2- ناليءَ 3- منهن ڪر يا شڪل

  (29) 1- چونڊيل 2- جوان مرد 3- پهلوان 4- ڪمر 5- پورا 6- جنگ ڪن
 7- حملو ڪن 8- جهلو   9- ڦٽجو 10- ڳاڙها

(30) 1- ميلو 2- غم 3- منجهيل

4- هيٺاهين 5- دڙا 6- دنيا 7- ميٽيائون 8- لاڳاپا

(31) 1- مٿي ڪري 2- نار 3- بخشش 4- دريا جي ڇڏيل زمين 5- هٺ
 
6- فائدي 7- لاڙو ڪر

8- چوڌاري

(32) 1- پوري 2- تجويز 3- ذرا ذرا 4- منهن نه گهنجاءِ 5- اڪيلو 6- تفاوت 7- حيران

(33) 1- نٽائڻ

2- نه 3- وڏي 4- وڏي 5- چارٽڪر 6- تابعداري 7- ڪامل 8- کٿل

(34) 1- الله پاڪ جو تختگاه عرش آهي 2- جاءِ 3- بيت المعمور

(34) شاعر سڄي غزل ۾ جل جلالـﮧ جي ذات جي تعريف ٿو ڪري ته اي پروردگار ڪٿي چوين ٿو ته منهنجو تخت عرش آهي ته ڪٿي چوين ٿو ته ماڻهو جي دل آهي، ڪٿي پاڻکي پاڪ ۽ بي مثل چئين ٿو ته ڪٿي وري الله جو هٿ چئي جسم جو اشارو ڪرين ٿو. 4- نه ڄڻيائين 5- بي مثل 6- هٿ الله جو 7- جتي ڪٿي منهنجي ذات آهي 8- الله جي ذات جي جاءِ 9- حضرت محمد 10- حضرت يوسف 11 بيبي خديجة الڪبريٰ

(35) 1- تڪليف 2- نازڪي، باريڪي 3- پتوڙڻ

4- نالو 5- خواري 6- نالو 7- مذهب 8- رمز 9- راز

            شيخ صنعان رحمة الله هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. هڪ ڏينهن حضرت پير دستگير رحمة الله ارشاد  فرمايو ته جنهن وليءَ تي اسان جو قدم نه هوندو، تنهن تي سوئر جو هوندو. شيخ صنعان انهي ارشاد کان انڪاري ٿيو. ٿوري وقت بعد هڪ يهوديءَ جي ڌيءَ تي عاشق ٿي پيو؛ نتيجو اهو ٿيو جو اسلام ئي کان خارج ٿي ويو. سندس مريدن حضرت پيرجن کي اچي التجا ڪئي، جن جي توجهه سان توبهه تائب ٿيو ۽ وري ساڳيو درجو عنايت ٿيس.

            حضرت منصور رحمة الله ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. الاهي عشق جي جذبي ۾ ”آءٌ الله آهيان“ جو نعرو هڻڻ لڳو. شريعت جي صاحبن چيو ته هي ڪفر ٿو ڳالهائي، تنهن ڪري مٿس تعزير آيو ۽ کيس سوريءَ تي چاڙهيائون. سندس رت جي هر هڪ ڦڙي به زمين تي ساڳيو لفظ لکيو.

(36) 1- منهن مهاڙ 2- تڪليف 3- دل جي صفائي  4- مصيبت 5- ڳرڻ 6- سوال

7- صلاح 8- وفاداري 9- عزت 10- چلڪو 11- خدا جو ديدار

(37) 1- سبب 2- هٺ 3- تڪليف 4- گستاخي 5- گيسيون ڪرائڻ

  (38) 1- سوريتن 2- ڦرنڊ 3- هسلي يا هار 4- ڇٽ 5- جهولندا 6- انتظار

(29) 1- اورڻ 2- خوشي 3- ڏک 4- بي اختياري

[12] 5- ٻرڻ 6- چڱو 7- سوڀ

(40) 1- تنجڻ 2- نار جو ائٽ 3- ڇڪ 4- ابجد 5- شراب 6- آفيم 7- ڀنگ 8- ڪڏهن

(41) 1- دشمني رکي يا کونسي 2- وڙهي

3- ٽي واٽو 4- فنا 5- ڌاريون 6- کلج

(42) 1- رُلُ 2- بت 3- اَوات 4- سمجهه 5- نصيب يا اصل 6- پروڙ 7- ڳجهه 8- طاقت 9- خلقت 10- هارايل  11- خيال رک

12- رول 13- مشغول رهه

(43) 1- وقت يا مهل 2- دير يا گيسر 3- موقعه 4- ڌار 5- اڪيلو 6- ٻڌي
 7- اقرار 8- مضبوط ٿي 9-  ظاهر 10- طرف 11- مشهور 12- گڏيل ان

(44) 1- آخر 2- سمجهو 3- ڏک

4- پکين جو ملڪ 5- سهڻا 6- سڀني 7- شراب وڪڻندڙ 8- ڏرمائڻ، ڪنجهڻ 9- سکان جهليندڙ 10- وراءِ 11- ظاهر 12- حال

(45) 1- ڍؤ 2- اوسيڙو 3- شڪرگذار 4- گهوڙا گهوڙا

5- کان 6- ڦٽ

(46) 1- بي ڊپو، ٿوري بار 2- اوجهڙ 3- سنئون 4- ڊپ

(47) 1- گهڻو پاڻي 2- پاڻي برسات جو لڙاٽيل 3- گهڻو 4- اکين جون پنبڻيون 5- ميدان 6- صبح ٿئي

7- طبيب 8- حاصلات 9- سور 10- قرب 11- راضي

(48) 1- اجايو 2- ويران پوٺو 3- کامڻ 4- لوڀ 5- ناس  6- ڇڏڻ 7- عبادت

  (49) 1- اميدون 2- هلاءِ 3- سان 4- خيال 5- گراهه6- اندر وڃ

(50) 1- اڃا 2- جنهن هنڌ جي خبر نه هجي 3- صلاح 4- موٽيا 5- جيسين جيسين 6- گهٽ ۽ پوئتي 7- مينهن 8- پن ٻوٽو  9- ڍڳ 10- جهجها

(51) 1- ناز مان هلي 2- ڦٽ 3- ڳالهاءِ 4- ڦاسي 5- اجايا خيال

(52) ڦاساءِ 2- ورهاءِ يا پتيون ڪر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org