خليفه گل محمد 1226 هجريءَ ۾ توليد ٿيو. سندس
ننڍپڻ جي حياتيءَ جي پوري خبر ڪانه ٿي ملي سگهي،
مگر سندس ديوان ۽ ٻين ڳالهين مان پروڙ پوي ٿي ته
هن جو علم ڏي تمام گهڻو خيال هو. علم عربيءَ جو
عالم هو ۽ پارسيءَ ۾ ڪامل دستگاه هيس. هن ان وقت
جي صوفين جي به صحبت ڪئي هئي ۽ پنهنجو طريقو به
صوفي ڏيکاريندو هو، پر شريعت جو پورو پورو پائبند
هو ۽ ڪابه ڳالهه شريعت جي حڪم کان ٻاهرنه ڪندو هو.
هي روهڙيءَ واري پير پاڳاري جو مريد ۽
خليفو هو ۽ اهو خلافت جو سلسلو اڃا تاءِ آخوندن ۾
قائم آهي. جئن دستور آهي ته پيرن جي پاران جيڪي
خليفا هوندا آهن، تن جي منزلت مريدن ۾ گهڻي هوندي
آهي، تنهن موجب هن جي به عزت مريدن ۾ گهڻي هئي. هو
صاحب قناعت جو هو، تنهن ڪري انهي اپت مان خيريت جو
وقت چڱو ۽ شان سان پيو گذاريندو هو. هن جو لهه
وچڙهه شهري ماڻهن کان ٻهراڙيءَ وارن ماڻهن سان
گهڻو ۽ گهاٽو هو، جيئن ته اهڙا اصطلاح ۽ جملا سندس
ديوان ۾ گهڻن جاين تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ديوان گل کان
سواءِ سندس ٻي ڪا تصنيف معلوم ڪانه ٿي ٿئي. سندس
غزلن ۾ ظاهري معنيٰ دنيوي ڪمن ۽ ڳالهين سان لاڳو
ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر جي غور سان ڏسبو ته سڄو ديوان
معرفت جي موتين سان مڙهيل ڏسڻ ۾ ايندو ۽ جا محبت،
نزاڪت، لذت، پاڪيزگي ۽ معتقدي سندس ڪلام مان بکي
ٿي، سا سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر جي ڪلام ۾ مشڪل ڏسڻ ۾
ايندي. هن کي آخر عمر ۾ اچي زيارت بيت الله ۽ حضور
اڪرم صلي الله عليه وآلـﮧ وسلم جن جي روضي مبارڪ
جي زيارت جو شوق دامنگير ٿيو. اهو شوق هن کي وٺي
بمبئيءَ ويو، جتي هن پنهنجو ديوان اکرن جي هجي جي
سمجهاڻين سان ڇپائي پڌرو ڪيو. اتان پوءِ روانو
عربستان ٿيو، جتي 1272 هجري ۾ وفات ڪئي. سندس عمر
47 ورهه ٿي.
خليفه گل محمد کي ٻه پٽ هئا، جن مان ننڍو
پٽ سندس حياتيءَ ۾ فوت ٿي ويو، باقي وڏو پٽ خليفه
احمد، پي کان پوءِ گهڻو وقت حيات هو. هلت چلت خواه
رهڻي ڪهڻي ۾ هو انهي وقت جي شريف ماڻهن مان هو.
زمين به ڳچ هيس، جنهن ڪري هو باعزت گذاريندو هو.
افسوس جو اهو به پٺيان نياڻيون ڇڏي واهي ملڪ بقا
ٿيو. مايون به جو وقت حيات هيون، سو مائٽن جي شان
موافق هلنديون هيون، مگر
ڪل من عليها فان
جي حڪم موجب اهي به راهه رباني وٺي ويون. رهي نالو
الله جو.
ديوان گل اصل پراڻي سنڌيءَ ۾ ڇپايل هو، جا
سنڌي هاڻوڪي سڌريل زماني ۾ نڪمي سمجهڻ ۾ اچي ٿي،
تنهن ڪري غزلن مان جا لذت ۽ ميٺاج پڙهندڙن کي ملڻ
گهرجي، تنهن کان محروم رهيا ٿي اها ڳالهه محسوس
ڪري سنڌي ساهت سوسائٽي ڪراچيءَ جي ديوان گل کي
هاڻوڪي مروج سنڌيءَ ۾ ڇپائي سنڌ تي ٿورو ڪيو، پر
اهو ڇاپو سوسائٽي جي سکانين جي سهو سببان اهڙو غلط
نڪتو، جو آرام جي بدران آزار ٿي پيو. سندس لفظن جي
ردبدل ۽ چوڪن کان غزلن جي نزاڪت ۽ مطلب فوت ٿي ويو
۽ شايد پڙهندڙ پريشان خاطر ڪتاب کي پڙهڻ ئي ڇڏي
ڏين ها.
انهيءَ ڇاپي جو نسخو مون کي 1930 ۾ مليو،
جهن جي مطالع مان مضمون بدليل ڏسي گهڻو ارمان ٿيم
۽ اصل بمبئيءَ واري ڇاپي تان صحيح ڪري ڏکين لفظن
جي معنيٰ لکڻ جو ارادو ڪيم.
ديوان ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آيل آهي، سا بلڪل
ٻهراڙيءَ جي ۽ لفظ جيڪي ڏنل آهن، سي بلڪل پراڻا.
مصنف کي وفات ڪئي به اسي ورهه گذري چڪا آهن،
انهيءَ ڊگهي وقت ۾ ٻولي ڪيترو نه مٽي سٽي هوندي.
گهڻيءَ تڪليف هوندي به ڪوشش وٺي معنيٰ لکي مسلم
ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي کي پيش ڪيم، جا سوسائٽي
هينئر سنڌيءَ جي اعليٰ خدمت پيئي ڪري. اميد ته اهو
سندس احسان آئنده نسل گهڻي عزت ۽ قرب سان قبول
ڪندو.
هالا نوان
25 جولاءِ 1933
خاڪسار عبدالغفور
هالائي
بسم الله الرحمان الرحيم
ديــــــوان
گــــــــل
بمعه معنيٰ
(1)
پيالو ميء
سندو ڏي پر2 ڪري محبوب متوالا 3
ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا 4
ڀَٽوُن5 آهينِ ايذائڻ ۾ دنيا جا مڙيئي
مائٽ
توڻي ڀائر سڳا چاچا توڻي ڪي سؤٽ ۽ سالا
اٿيئي اي دل ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق6 جي
محبت
دنيا جي عيش عشرت7 کي ڀيري8
هڻ تون کڻي ڀالا
اندر ۾ عشق جنهنجي جاءِ پنهنجو ٿو وهي جوڙي
وسن برسات جئن دائم9 تنين جا نيڻ ٿيا
آلا
جنين کي سڪ دلبر جي سدا ڏونگر وتن ڏوربون
پٿوُن10 ٿيا پير پهڻن ۾ ڇَپَرَ ۾ پيا
ڇلي11 ڇالا12
محبت جهڙو ناهي ڪو مٺو ٻيو ٽول13 عالم14
۾
خدا تنهنجي درد ۽ دُکه جو دل ۾ شوق هئي شالا
15
ڏسڻ مان تنهنجي اي باغ حسن مون کي سرئا16
ٽي گُلَ
تنهنجو مک17 گل زلف سنبل منهنجي دل
جيئن گل لالا18
(2)
دل ٿي پَچي پرت۾
توئيءِ پرين پيارا
آئين ڪين اڱڻ منهنجي محبوب جيءَ جيارا
راتيون لنگهئو وڃن جال2 ڏينهن ماه
گذريو سال
لنگهئو بهار آرهڙ سانوڻ وڃن سيارا
غمزا3 سوين هزارين ماڻا4
ڳڻڻ کون ٻاهر
نت نوع5 لک تنهينجا ناز6
نِت7 نيارا
بيهوش ٿيا بره8 ۾ نينهن نيا هڻي نره9
۾
ووءِ ووءِ ڪندا وره10 ۾ وئڙا هڄي11
هشيارا
ڏکئن جا ڏاج ڪهڙا رُلئن جا ڪهڙا روپ12
بکئن جا ڪهڙا ڀانڊا13 ولهن14
ڪهڙا ويارا 15
وڻ ماديون ٿين نَرَ گل ڇاڻيو جهلن ڦرَ
ميوا جهلين مند تي ليسوڙيون ليارا
(3)
خوب 1 خلقي تنهنجي صورت پاڪ خوش خاصي
2 خدا
منهن ملاحت 3 سونهن سلابت 4
سڀ ڪا سهڻي سدا
طالبن5 مولا جي منجهه مورت مٺيءَ
تنهنجي ڏٺو
صحي6 صورت حَقَ جي کي حَقَ7
باطل8 کان جدا
ياد ۾ ٿئا شاد9 تنهنجي پوءِ شاديءَ ۾
ڏکئا
وئا وچارن کانؤ وسري ماءُ پيءُ ڀيڻون ادا
جان جيءُ جند منهنجا جاني جان تنهنجي تان صدق
10
تون رهين باقي سلامت آءٌ مٿان تنهنجي فدا11
تات 12 تنهنجي ۾ ڪئي گل ترڪ 13
سڀڪا تانگهه 14 تات
تون آهين منهنجو شهنشاهه آءٌ تنهنجو پينو گدا15
(4)
ٿي سڪي ساري سدا دل منهنجي توليءِ سَيَدا
ڏک ۾ راتيون ڏينهن سڄا دل منهنجي توليءِ سيدا
تاب
1 تؤڙيءَ 2 سوڪ جي ۾ لاءِ
سرڪيءَ 3 آب جي
جيئن اُڃيا آهن سلا دل منهنجي توليءِ سيدا
پهوُن4 پَٽَ ۾ ڍور ڍَٽَ5 ۾
روه6 ۾ روجهون هَرَڻَ
جئن سڪايا مينهن لا دل منهنجي توليءِ سيدا
منجهه قرن7 منجهه شهر بازارن بکئا جئن
ٿا ڦرن
ٽڪر ٽيري ليءِ خدا دل منهنجي توليءِ سيدا
جيئن هڻي ٿو سئن سائل بيهو سڀڪنهن در مٿي
ڪي ڏهو نام خدا دل منهنجي توليءِ سيدا
جيئن چتون لاءِ باغ چانگاري8 ۽ بلبل
لاءِ گل
قيس ليليٰ ليءِ ليلا دل منهنجي توليءِ سيدا
(5)
آيو اڄ ڀار گهر پيهي وئا ڏکڙا وريا سکڙا
مليو پر
ڏيهه ۾
ڏيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
مليو محبوب متوالو2 وئو ڏک ڏرت3
هڪ ٺالو4
ڀڳي دلدار دل ريهي5 وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
ڪرم ڪئڙو ڪمينيءَ سان لائي دل دوست سيني سان
ڳجهاندر 7 ڳالهه ڪي ڪيهي 8
وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
ٿيو سُرتيا 9 سنگي 10 ساڄا
11 ڪريو واڄٽ کڙا واڄا
تننا تون چئو ويهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
کلئون اڄ باغ گل رنگي هزارو هيج 12 مان
زنگي
نباهيو13 نينهن نرنيهي14
وئا ڏکڙا ورئا سکڙا
(6)
دور 1 دليا جي مٿي اي دل ڪئين آيا ويا
سک مٿي سورن سٿي 2 اي دل ڪئين آيا ويا
ڪي سُوداگر راتو ڏينهان منجهه وٺڻ وڪڻڻ خراب
ڪوڙ دنيا جا ڪَٿي 3 اي دل ڪئين آيا ويا
ڪن ڪيون پوکون ٿيون ڀرپور4 پي پاڻي
جڏهن
پوءِ پڪي هنيئون هٿي5 اي دل ڪئين آيا
ويا
ٻانڊ6 ڪيئين بحر ۾ لڙهندا وتن پاڻيءَ
مٿي
پئا سڪي پاڻيءَ لٿي اي دل ڪئين آيا ويا
وئا دنيا جا شاه ڪئين دنيا ڇڏي منجهه هيٺ ڀوُن
8
پاڻ مهٽيندا کٿي9 اي دل ڪئين آيا ويا
گل حقيقت ٿو پڇين ڪهڙي دنيا جي دوُر جي
ڪا خبر ڪنهنکي اٿي اي دل ڪئين آيا ويا
(7)
اچ دوست ڀري
پريت پيرا
ٿِي وير2 وندر3، ورونهن4
ويرا
منجهه آس اکيون رهيون نهاري
ساجن تنهنجا سڀيئي سَيرا5
پستول پريت تنهنجي پائي
منجهه جان جگر چلايا ڇيرا
سورن سر تي ڪَتي ڪتائي
ڍيرن مان وٽي وٽي ڪيا ڍيرا
دليون دلدار تو بنا ڌوڙ
مَنَ محب بنا تنهنجي ميرا
مِهِتَن6 ۾ ملان پڙهن مسئلا7
واسين8 هندو بتن جا ڏيرا9
المست عشاق حق جا ٻارئو
ٿا دل تي وتن ڏکن جا ڄيرا 10
شيخن ۾ ڪباب ڪيو پچائين
جوشن ۾ جگر جوان جيرا
محبوب وڍئو تنهين جو هڏ ماه
منجهه شيخ ڪرئو هڻن ٿا ٻيرا 11
سؤ بار ڪرئو سچا صدق سر
گل
گهور ڏيو ڏين ٿا گهيرا 12
(8)
جي هوا ڪالهه ڏٺم اَڄ نه ڏسان مان سڀا
جوءَ
۾ جت جهجها آهن اَي 2 اَليا 3
وره 4 ويراڳ 5 وندر منجهه
رلائي سسئي
ڪيچ کي رات جو چاڙهي جت ويا پنهنجو ڀا
پئو اُلو عشق سندو اَوس 6 اُٺايو آتش
جهنگ کاڻو پٽ ٿئو پٽ لڳي باه اَڀا 7
واه تلوار سندي عشق ڪري هيڪ هزار
رُڪَ جِي ٻن مان ڪري چار ڪپي ٽڪر ڳڀا 8
وصل ۾ آه ڏسڻ هيڪ ٿيڻ پوءِ ڇڄڻ9
سڪ سانڍڻ ۽ سڙڻ گل ڪڇڻ ڪين ڄڀا 10
(9)
آءُ پيهي محب مٺا منهنجي اڱڻ مهر منجها
نانهن ڪو ٽول منهنجي گهر ۾ تنهنجي سوُر سوا
سک ٿيو سور جنهين سور سڄڻ ڪئو سينڌو
عيش آزار پرين ٻاجهه آهي درد دوا
حب تنهنجي حل2 ٿي منهنجي هنئين ۾ هادي
نانهن ڪي ٻهر اندر تنهنجي بنا پٺ اڳ کا
آه مؤجود سڀت صورت سڀ ۾ سهڻو
لامڪاني نه رکي جاءِ آهي هر ڪنهن جا
محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فاني
ويا لنگهي برپٽ رڻ لڌائون باغ بقا3
وصل ۾ دوست جي گل ٿيو گلذار کلي
گل
کي گل نه وڻن بهشت سندي باغ سندا
(10)
ٿا پين عاشق خوشيءَ ۾ شوق جي رت جو شراب
ٿا پچائن پاڻ پنهنجو ڪيو جگر جيرو ڪباب
نفيء1 ۾ ڪيئون پاڻ فاني ٿيا فنا ۾ لا
الله2
وئا نه الا الله3 کي اوڏا گنهه تنکي
ثواب
لوڪ طالب ذؤق 4 جو شادي خوشيءَ جو
سيڪڙو 5
اُنکي دائم سور سکه ٿيو عيش عشرت ٿيو عذاب
ڪين هڻّن تند طنبوري جي اُوهٿ تي کڻي
جان جسو سنڌ سنڌ رڳ رڳ اُنهيجي ٿي رباب
درد جي لوساٽ 6 اُڃ ۾ پاڻي چشمن جو ڪڍي
دفع تپ جي ليءِ گڏئو رت اُن ۾ ٿا جوڙن لعاب 7
اُن جيون اکيون حؤض ڪوثر آب خضر
رت رحيق 8 روح راحت جان جو ٿئو جئن
گل آب
(11)
حسن تنهنجي نئو هڻي هينئڙو حبيب
لنؤ وڌو لاسين لڻي لاهي لبيب
يار سڀ اغيار2 ٿيا جيڏا جدا
زهر قاتل جيئن ڪڙا قربا قريب
ميٺ ۾ محبوب تنهنجي ٿيا مٺا
رلج روهن3 ۾ رفيقن ۾ رقيب4
تنهنجي صحبت ۾ سلامت ٿيا سقيم5
ٿيا نظر سين تنهنجي نافع6 بي نصيب
جي پليتن7 ڪيا پري پر تان سڏي
پير ڪيا تو پاڪ پاڪيزا نجيب8
ٿيا سُرُوڻا9 سُرتيا ٻوڙا گنگا
عيد ڪي انڌن ڏسي توکي عجيب
ڪيا غني10 تنهنجي غنا11
مسڪين سڀ
گنج مان ٿئا گنج وارا گل گريب
(12)
جنين کي شؤق حق جو سي نه ڦرن مشرق
و مغرب 2
خدا دل ۾ محمد دل ۾ اُت مڪو اُتي يثرب 3
پنهون ٿيا پاڻ سسئيءَ جئن نه رلن روه ۾ هرگز
منجهيئي ڪيچي منجهيئي آتڻ منجهيئي ويڙيون4
منجهيئي هب5
جنين کان غير 6 ويو ٿيا عين 7
ٿيا عريان 8 عالم ۾
نڪو خالق رکن پنهنجو نڪو مولا نڪو تن رب 9
چون جئن سو ٿئي تئن جيڪو ٻولن ٻول ٻولائي
اَمر آهي قلم اُنجو ٿيو سو ڪن جئن چورن لب 11
سدا گل جئن وتن سنرا 12 ٿيا رنگ
روپ ۾ بنرا 13
اندر ٻاهر هڪو جهڙا تهڙا منجهه ڏينهن تهڙا شب
14
(13)
آه سهڻي ستُر سان سٿڻ مٿي چادر جي ڏاٻ 1
منجهه کيڻ چيٺي چٻاڙي ڏاٺ ڏند کي ڏيڻ چاٻ 2
جيڪو پنهنجي ريج کي ٿو ڪين اٽڪل 3 ۾
رکي
اُنجي ڌرتي کي ڊڪي ڊوڙي ڪريندا ڍور کاٻ 4
جي خزانا سؤ لٽي ڪو اهل دنيا جو هزار
ناهي تهڙو جهڙو ڏي مسڪين ٿو ڪا هڪڙي ڊاٻ5
عاشقن جي درد جي ناهي دوا ڪا وصل6 ري
پر دلاسو دوست جو آهِ جئن پاڻيءَ کي ڇاٻ7
ساريو ساريو ٿي سڙي دل دوست جي ديدار لئي
درد کان دانهون ڪري هئي هئي ڪريو آهون اُٻاٻ
8
باه محبت جي توکي اي گل پچائي لعل ڪيو
جئن رچي هڪرنگ ٿيا منجهه اوس 9 ڪُشتن
جي ۾ داٻ
(14)
سُخن کي جنجي سچ ناهي وڃائي وات ڪيو لٻ لٻ
ٽويي ۾ ناه هڪ داڻو ڌنيو بيٺو ڌ نئي دٻ دٻ
ڪلر کاڌي بنا
جنهنجي آهي ري ٿنب ري ٿوڻي
ڪري اوءَ اوچتي ڪڏهين مٿا ڪن پئي ڪري ڍٻ ڍٻ
پيئي جا ٽُڪر ٿو ٻي ٿي چاڙهيو اُنکي تون دوٻين2
ٿي
هن ۽ هن کي ڇو لوئين3
ٿي ڀڃئو هٿ سان ڪريو ٿٻ ٿٻ
جنهنجا ويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيهه ٿيا سانگي
مٿي تي او ٻڌئو ڪانگي 4 پڇي پهرون
5 خبر پٻ پٻ
ڏيکاري گرهه ڏوران ٿو نه ڏي هٿ ۾ سو موران ٿو
کڻئو اکيون ڏي گهوران ٿو چوي بيٺو چريا چٻ چٻ
آهين جي مڙس گل تون درس6 گهڙ
منجهه تار ڏي تاريون
ڇاکي ٿو ڇوڪرن جئن ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڪرين ڇٻ ڇٻ
(15)
نِيرُ رنگ واڌو ڪڍي منجهه جهڳه
جهُٻ
عشق وارو وڌ وڌي منجهه لوس2 لٻ3
پاڻيءَ تي ٽهڪي تپي جئن جئن ڪنو
ٿو رجهي تي کاڄ جئن سانڀينِ4 اُٻ
ڀون مٺيءَ تي ٿا ٿين پوکون پُڙا
گاهه وِي ٻيلا ڪلر ۾ ٿُٻ ٿُٻ
ٿي پڪي عادت وڏي جا پيئي ننڍي
لئا پڪي پختا ڪچي پيا جنهنکي ڪٻ
ڪين نڪرن ٿا سلا سالم اتي
جت هجي ڀون گاهه کڙرو کٻ کٻ
تڙ تڪڙ ۾ ڪئن وجهي وک ترت ۾
پير ۾ گل جنهنجي نڪتي آه گهٻ،
(16)
دل جي توکي سور ساجن جو ته سکن لي مَ کَپُ 1
هيج 2 لئي هيڻي3 مَ ٿي هم
غم ڏسي هرگز مَ هَپُ4
ڏي سري عاشق اڳيان معشوق جي تا ٿئين شهيد
جي ڪوٺي توکي ڪهن سين قرب ڏيئي ڪنڌِ ڪپ
پي سروُ5 ٿي پيش تون مخمور 6
حق جي ذوق ۾
پوءِ مڇڻ 7 ڪو اوچتو کائي وجهيئي نانگ
سپ 8
جنکي محبت ياد مولا جي اندر ۾ آه آنٽ 9
تانگهه تن کي تات تاري تَنَ مٿي تاريڪ 10
تپ
ٿئو وظيفو جنکي روزي رات ڏينهن رويت 11
حبيب 12
سي ٺهن ڪئن ٺاهه ڪنهنجي، پئي انهينکي ٺام 13
ٺپ
جيڪي راضي ٿئا رضا تي صبر مان تن سرئو 14
سود 15
توڻي چاڙهن انکي سوري16 پڻ نٿا چورين
چپ
سور سانڍڻ سوز سيني ۾ جنين کي سرئو سِر17
توڻي ڦٽجن سام سٽجن گل تا اُنکي گهاءُ گهپ
18
(17)
براه
جي پيئي جنهنتي باري ڇيپَ ڇِپَ
چور2 ٿيئڙو چوڙ3 منجهه
چيپاٽ چپَ
نينهن جا پيا منجهه نِرن4 جنهنکي نير
تئن ٽڪر ٿئي تنگ جيئن ڏي ٽيڙ5 ٽِپ
درد منجهه دل دوست تئن دُرُ6 درس ٿئي
جئن ڦڙو موتي ٿئي منجهه پيٽ سپ
عشق پڌرو ڄاڻ ڄيري جي ڄڀي7
پوءِ ڳجهو تلوار جئن منجهه کل کپ 8
جا مڪي ٻاري جڏهن لب9 تي رکن
ٻهر ساڙئو پون ٿا تنـﮧ ٽير لپ
زهر افعيٰ کي اکن ۾ آه اور
جو ڏسي ڏورا اُٿي ڏي ساه لپ11
ڪين پرچن پَٽَ12 تي گل پي سرو13
جي پيا ڪا ٿا14 پين پُر پوڄ15
پپ16
(18)
ماريو ماريو جنکي مارين تنجو پئڙو توتي پاپ
ڏاريو ڏاريو جنکي ڏارين تنجو پئڙو توتي پاپ
لوڻ جئن پاڻيءَ ۾ وجهيو پوءِ گهمائي آڱريون
درد سان دلڙيون ٿو ڳارين تنجو پئڙو توتي پاپ
ڄيرو ٻاريو عشقجو جنجو ٿو کائين هوش عقل
پوءِ نه واريو انکي ٺارين تنجو پئڙو توتي پاپ
واعدا ڏيو وصل جا دلڙيون وجهين ٿو شؤق ۾
قول ڪيو جن سان نه پارين تنجو پئڙو توتي پاپ
ڪنکي ڏنءِ دؤق
دنيا ۾ ڪنين کي آخرت
جن کي ٻنهين کان ٿو کارين تنجو پئڙو توتي پاپ
چاڙهيو چاڙهيو آب2 عزت ۾ مٿان چوٽيءَ
جي
واريو واريو هيٺ ڍارين تنجو پئڙو توتي پاپ
پهرين ڏيو آبرو گل جئن ڳچيءَ پنهنجي وجهين
پوءِ ڪنڊن جئن ٿو ٻارين تنجو پئڙو توتي پاپ
(19)
ديد
تنهنجو دوستن لئي ٿوڀ 2 ٿاهر 3
ٿوڻيون ٿنڀ
دشمنن جي حق ۾ ڏينڀو ڏنگ ڏاٽا آه ڏنڀ
چشم تنهنجا آهن چشمو لاءِ تاسئل 4 عشق
جي
آب ڪوثر جو اُڃين لئي حاسدن ليءِ ٺار ٺنڀ
شؤق تنهنجي ۾ هڻيو هٿڙا ڄنگهون ٻانهون هڻان
ڪين پهچان ٿي پريم 5 کُسي سڀ کنبڙ کنڀ
ديد تنهنجي لاءِ دلبر دل ڦاٽئون دانهون ڪري
جئن گابو ڳئون لاءِ ڳئون لئي ڦر ڪري ٿي راڙ رنڀ
لاهه گهونگهٽ وِهُ کلي گل عاشقن جي پيش تون
مکري وانگر منهن لڪايو ڇو ڪرين ٿو چار ڇنڀ6
(20)
اي تون مالڪ ملڪ جو توکي سريو سردار سڀ
تولئي پيدا عرش ڪرسي ٿيو تولئي ڀون ۽ اَڀ
آه تنهنجي امر ۾ لوح و قلم جئن ڪئن لکي
جوڙ تنهنجي مان جُڙيو سڀ ٽول 1 ڇاجي
ڳوڀ 2 ڳڀ 3
يا محمد آءُ تون ٻئو سڀڪين خلقيم لاءِ تو
چيو خدا منجهه شان تنهنجي تنهنجو شاني 4
ٿئو الڀ 5
تنهنجو تابع 6 ڇا جي مسلم تنهنجو هندو
ٿيو مطيع 7
امر ڌاران تنهنجي عالم ۾ نه چري ڍور ڊڀ
گنج احمد جو لٽئو پينون پني ٿيا پادشاه
اي ادا گل تون به وڃ ڪاهي اُنهي تي پوءِ
چُڀ 8
(21)
ڏي مَ هِنَ هُن کي هنيون حق ساڻ پنهنجي رهج رُڀُ
شڪر ڪر منجهه نعمتن 2 پوءِ منجهن بلائن
ڪيم ڏڀ 3
وجهه وک واڌو وڌائي دل رکي سين ڌيان درس
ڪرم پاسو هيڏي هوڏي وڃ سئون منجهه چال چڀ
رک خدا جو خيال هڪ دل تي ڪڍي خطرا خلل 4
منجهه وڃڻ ڏس ڪيم ڪيڏنهنه منجه ورڻ وٺ سال سڀ
نفيءَ ۾ ڪر پاڻ ثابت منجهه عدم موجود ٿي
رنجڪي 5 کي ريج ڏي وڍ جو وڌي ٿو لاڀ لڀ
باغ بيرنگيءَ 6 جو ٻوٽو تون وجودي واه
گل
واس تنهنجي واسئو گل عرش ڪرسي ڀون اُڀ
(22)
آءُ منهنجي من ۾ دلبر تنهنجي تاري تنهنجي تات
ٻي نه ٻولي ڪاٿي اُڄهي ووءِ ووءِ ووءِ وائي وات
ڪيو اکيون آگم وسن هاريو هنجون هم غم ۾
ڪين اوڪارين 1 سانوڻ مينهن جئن منجهه
ڏينهن رات
جئن ڪري تاڙو تنوارون ڪوئل ڪڇ ۾ ڪونج روه
لاءِ تو عاشق پڪارن هنڌ سنڌ ڪابل قلات
جن کي آهي شوق سڪ سيني ۾ ثابت يار جي
سي نه منهن موڙين محبت کان ڪهن جي تنکي ڪات
درد آهي دل ۾ دائم درد مندن کي ضرور
صبر وارا پاڻ پيڙن ڪين وجهن ڪنهن سين چات 2
گل
جنين کي شوق مولا جو ٿيا شادان سي
ريءَ حسب اُن ريءَ نسب 4 ڏوري لڌي ڏاتر
کان ڏات
(23)
قول جي تو ڪيا پريم سي پار پنهنجا پنهنجي پت
جئن ڪئائي تئن ڪري تڪرار سان تنهن ڀير ڀَتَ
تون به دل رک ڌيان تنهنجي جت چيئون توکي الست
2
ٿي بليٰ 3 توتي بلا ڪر فهم 4
دان 5 ٿي مدت
سور ساجن جا اٿيئي سارور 6 ۽ سينگار
ساج 7
کڻ مٿي تي ٿي مَ هيڻي پؤ مَ ڪنهنجي سام 8
ست
جي کلن تو سين خوشيءَ مان جي وهارن هنج ۾
ٿي م سرهي سهج 9 ماڻي سڀ مڻي ڇڏ لاڏ
10 رت
ٿي مڙهيءَ 11 ۾ ڪيم ماندي مهت 12
۾ محفوظ 13 ڪيم
منجهه محبت ڪرم ماڻو وٺ چڱي هيءَ منهنجي مت
ٿو وجهي ڦاهي شڪاري منجهه رسيءَ رکيو ڌيان
ٿو چڙهي مٽ تي مهاڻو هٿ رکي ٿو ڇاڙ 14
ڇت
ٿو ٽڙي گل ويل جنهن بلبل ڪري تنهن وقت دانهن
ماٺ منجهه ماڻي15 ڪري گل سڻ
چڱيان هي ڳالهه ڳت
(24)
مئا جي محبت ۾ ماريا نه موت
وتن جال
جئرا فنا ڪيا نه فوت
رَڏئو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻيءَ
هڻن جئن ٿا هاري کراڙا ۽ روت
سدا سبز ساوا هِتي پڻ هُتي
منجهان پاڻ پاڻي پين اوت 2 اوت
منجهان پاڻ پنهنجو پرين ڦولهه 3 پس
آهين تون توهين تون مَ ڏي ٻهر جهوت 4
ڪپه سٽ ٿيو سٽ ڦري ٿيو ڪپڙ
ڪپڙ مان ٿيا پٽڪا ۽ پيرهن پوت 5
پائي پيچ تاڃي ۾ پيرن پڌار
ٿيا ڳنڍجي گل مڙيئي ڳوپ ڳوت
فڪر هٺ ٿيو هٿ ملن جوڙ گلَ
جوڙيندڙ منجهان جوڙ ڏس ڪير ڪوت
(1)
1- شراب، محبت 2- ڀري 3- بي پرواه 4- حال کان
5- وڇون 6- قرب، ڪاڍو 7- خوشي 8- ورائي 9-
سدائين 10- ذرا ذرا، ڦٽ 11- هلي، رلي 12-
ڦوڦينڊا.
13- وٿ 14- جهان 15- هميشه
16- مليا 17- وات 18- لالا جو گل
(2)
1- قرب 2- گهڻا 3- اک جو اشارو 4- ناٽ 5-
نمونا 6- اشارا 7- سدائين 8- محبت 9- نااميدي،
ڏک 10- يادگيري 11- تڪليف ۾ اچي 12- حالت 13-
مار رکڻ جون جايون 14- غريب، سکڻن 15- ڪڙم.
5- ڳولائن 6- پوري يا سچي 7- سچ 8- ڪوڙ 9- خوش
10- گهور
11- گهورجي 12- يادگيري 13- ڇڏي 14- خيال 15-
سوال ڪندڙ
(4)
1- گرمي 2- تاءُ ۽ تکائي 3- ذري 4- رڍون 5-
چاري جي جاءِ 6- برپٽ
7- ڳوٺڙن
8- ڪاڍو ڪري.
(5)
1- محبوب يا ماڪي 2- بي پرواه 3- ڏک 4- گهڻو
5- ڳنڍي
6- مهرباني 7- ڳجهي 8- واه جي 9- خبردار 10-
ساز وڄائيندڙ 11- تيار 12- خوشي
13- پورو ڪيو 14- پهلوان
4- چڱي طرح 5- هٿن سان وڃايل 6- بنڊ 7- پاڻي،
دريا
8- زمين
9- ارمان ڪندا
(7)
1- هلي 2- بهادر، عقل وارو 3- دل پرڀائيندڙ 4-
دل جو حال ٻڌندڙ 5- رستا،، گهمڻ جون جايون
6- مسجد 7- سمجهه جون ڳالهيون 8- خوشبوءِ ڪرڻ
9- جايون 10- باه
11- ٽڪر، ذرا 12- ورور
(8)
1- ملڪ 2- دوست 3- نه لڀندڙ 4- ڏک 5- دنيا کي
ڇڏڻ
6- سخت باه 7- آسمان 8- ڀاڱا
9- جدا ٿيڻ 10- زبان
(9)
1- واقف 2- سمجهڻ 3- هميشه وارو
4- شوق يا لذت 5- ڳولائو 6- سخت اڃ 7- مغز يا
پاڻي 8- بهشتي شراب
9- ٻڌندڙ
10- شاهوڪار 11- تونگري
(12)
1- اوڀر 2- اولهه
3- مدينه شريف جو نالو 4- سٽ جون ڦوريون
5- رڻ پٽ 6- ٻيائي 7- اک وارا (ڏسندڙ) 8-
ظاهر، اگهاڙا 9- پاليندڙ 10- حڪم 11- چپ 12-
خوش 13- گهوٽ 14- رات
(13)
1- گوڏ 2- چٻاڙڻ
3- نظر 4- خراب، کٻ 5- دمڙي 6- ملاپ 7- روڪ يا
جهلو 8- بيوس 9- گرمي
(14)
1- بنياد 2- سخت باه ڏيڻ 3- ڏوه ڏيڻ
4- ڪپڙي ٽڪر 5- ماڻهو
6- برابر
(15)
1- لتاڙڻ يا گهمائڻ 2- ڇينڀ 3- ٿڪ ڙپ 4- سوگهو
5- خدائي محبت جو شراب 6- متوالو، نشڻي 7-
متان 8- بلا 9- جوش 10- سخت 11- منهن 12- دوست
13- فرحت 14- حاصل ٿيو 15- فائدو 16- ڦاسي
17- ڳجهه يا رمز 18- اونهو
9- چپ 10- ڪارو ن انگ
11- يڪدم 12- ٿوو ذرو 13- شراب 14- پيئندڙ 15-
ڍؤ تي 16- دنگ
(18) 1- خوشي 2- مان
(19)
1- ديدار 2- پٺيان آڌر 3- فرحت واري
4- اڃايل 5- دوست 6- پکڙيون
6- مڃيندڙ
7- ڪنڌ نوائيندڙ
8-
منجهه وڃ
(21)
1- رنڀيل 2- مهرباني 3- پريشان 4- ٻيائي 5-
فڪرات 6- هڪ سمان
2- دشمني 3- خانداني درجو 4- ذاتي وڏائي
(23)
1- رب پاڪ جڏهن سڀ روح خلقيا، تڏهن روحن کي
امر فرمايائين ته ”الست بربڪم“ اوهان جو رب نه
آهيان ڇا؟ روحن عرض ڪيو ”بليٰ!“ هائو. شاعر ان
تي چوي ٿو ته جو بليٰ چئي پاڻ تي بلا وڌي تنهن
تي ڪو ويچار ڪيو اٿئي؟ 2- نه آهيان (اوهان جو
رب)؟ 3- هائو 4- خيال 5- ڏاهو 6- نازڪ ڪپڙو 7-
سامان 8- پناري 9- خوشي 10- انگل
11- مندر 12- مسجد 13- پناه وارو
14- شڪار جي ڪاٺي 15- بي پرواهي
(24)
1- هميشه
2- گهڻو 3- ڳول 4- رُل 5- چنيون 6- ماڻهو
|