مصري شاهه
سيد مصري شاهه ولد سيد بلند شاهه رضوي: (ولادت 1828ع وفات سنه 1906ع)
نصرپور جو ويٺل هو. سندس مزاج مصري جيان مٺو ۽ ٿڌو
هو. نوڙت ۽ نياز جو پتلو هو. راڳ رنگ سان محبت
هئس. سورهن سال جوڳين ۽ سناسين سان سفر ڪيائين.
چاليهن سالن جي عمر ۾ موٽي هڪ اوتاري ۾ گوشئه نشين
ٿي ويٺو. ساري عمر ڇڙو ٿي رهيو. هو ڪافيءَ جو
بادشاهه هو سندس ڪلام بي خبر انسان لاءِ سجاڳيءَ
جو سڏ آهي.
ڪافي
ڏاڍا ناز سڄڻ ڏيکارين ٿو
مون کي ماڻا ڪري ڇو مارين ٿو
1. تات جنين کي طلب تنهنجي
سي ورئو ڪين وسارين ٿو
2. جيڏانهن ڪيڏانهن کڻيو اکڙيون
محبت واريون مارين ٿو
3. اجل اويڙها نيڻ بَڇايو
پهت پرين پنهنجا پاڙين ٿو
4. ”مصري“ چئي ساڻ جو ماڻن
ميون دليون جيارين ٿو
ڪافي
ڀڳل سان ئي ڀير ڀير ڪت ته ڪوڙي ڪم اچئي
ڪوهه اڀاڳي ارٽ سان ويٺي وجهي آهين وير وير
اُتي آتڻ آءٌ سگهي ڪر ڪين ڪسي دم دير دير
ٽڪ ونگي جي ور گهڻيرا غافل تائين گهير گهير
سٽ صرافن سامهون ڪاپائتيون ڪنديون ڪير ڪير
محبت رکي من ۾ ”مصري“ في الحقيقت ڦير ڦير
ڪافي
ڪن ظالم زلف زنجير رانديون رنگي رخ تي
ور ور نانگ وسيهر وانگر بي صلح بي پير
ٻهڳڻ ٻار ٻچن تي مٽيا جادوگر جانگير
ڏنگي ڏيهه هڻي ڪيئي ڏاني ڦيريدار فقير
ٿيا مُطِيع انهن جا ”مصري“ وحدت وارا وير
ڪافي
زور آور توسان زاريون ڪهڙي حجت هيڻن جي هاڻ
پرين پيار رکيو ئي پهرئين پوءِ پري ڪيئي پاڻ
برهه بڇي بيراڳي ڪيڙئي ٻهڳڻ لائي ٻاڻ
تنهنجون هوت هزارين ٻانهيون منهنجي توسين تاڻ
ڪو نه ڪميڻيءَ توڙي تڪيو اصلئون توڙي هاڻ
شاهه رانجهن توڙي يوسف ”مصري“
مڙيان مٿي تنهنجون مانُ
ڪافي
زاري توسان زاري، محبت تنهنجي آهيان ماري
چاڪ چڪيءَ جا وئين چوري
1. هنيئي نيزا نينهن جا، جگر ۾ جاري،
وئين ڪاليجا ڪوري
2. سوا تنهنجي سپرين، ڀانيان قيامت ڪاري
آءٌ الله لڳ اوري
3. هوت منهنجي حال جي، توکي سڌ ساري
سگهان ڏونگر نٿي ڏوري
4. متان وجهين ”مصري“ سان، گهڙيءَ جي گهاري
جاني جدائي ٿي جهوري
ڪافي
ياد ڪر تان ياد ٿئين لائي نوان نت نينهڙا
ريءَ يادگيريءَ يار جي ڪوڙا ڪٽڻ هت ڏينهڙا
1. جي وساريندين ته وسري تون به ويندين ويسرا
فاذڪروني في الحقيقت سڻ اهي سنيهڙا
2. هٿ وٺي هل هوت جو پرين متان پنڌڙو ڪرين
ورنه انهيءَ ويڙهه ۾ سهسين سجهن سپ سنيهڙا
3. ڪري اکيون پير رڙهه راحت اٿئي رڙهڻ ۾
ڏيئي جفائون جان لهه پنهونءَ جا ڳنيهڙا
4. ٻول ٻاروچل ڪيا پاڙيندو پاڻهي پٻ ڌڻي
وندر ۾ وسندا وري ”مصري“ محبت مينهڙا
ڪافي
عاشق ڇڏي تون اولا پاءِ پڙ ۾ پير پورا
لاهي لياڪا لوڪ جا لٽ سر لڄون سمورا
1. سرمو ته سڀڪو پائي اک اک جو ڦير آهي
نت نيڻ دل نمائي ڏس ڏک ۽ سک کي ڏورا
2. جز ڪل جي جاءِ هيڪڙي آهي لڪ لڪوٽي لڪڙي
کائي پان پرت پڪڙي وڌي پرينءَ ڪنهن پروڙا
3. مخلوق ناهي خالق محبوب ملڪ مالڪ
سڀ سلوڪ سلوڪ ڏي اڪنڊ جا اجورا
4. ”مصري“ مَ مڙ مرڻ کان ڊڄ ڪيم ڪي جيئڻ کان
پٽ پاڪ جي پيئڻ کان طالب ملي ظهورا
ڪافي
ياقي يگانا يار ڇا کي رهين ڌار و ڌار
1. درد وندن جي دلبر سان دلاسن وي ميان،
ڌوئي دليون ڏي ديدار
2. آهن انهن جا اصلي ازلئون اوهان سان وي ميان،
قالوا بلى جا قرار
3. لاءِ سڏي سهجؤن سڪندن سهڻا سائين وي ميان،
سيني سين سؤ سؤ وار
4. مينهن ميڙائي جا ”مصري“ وري وسندا وي ميان،
محبت وارا ملهار
ڪافي
ڀلايار توکان ڌار ڏٺم ڏينهن حشر جو
1. هن درياهه بي پرواهه سندو سيڻاهه نه سنڌ ڪو
صد لاچار پريون پار ڪونهي ڪُن ڪپر جو
2. وٺي وير لنگهيا سير پلئه تنهنجو اولو آهه
سنڌو ناهه بيشڪ برهه جي بحر جو
3. تنهنجي نينهن جهلي جيئن ٻڪري شينهن سان ٻڌي
تنهنجي حراس ۾ وماس سدا سراب سٻر جو
4. ڄاڻي ڄاڻ ننگ سڃاڻ ”مصري“ ساڻ مل اچي
پرو پاڻ لهج هاڻ ڌڻيءَ ناءُ نڌر جو
وائي
سڏڙا شال سڻندو پلئه لائي نال نيندو
پنهل پازياڻيون پنهنجون ڇپر ڪين
ڇڏيندو
مشفق مرهم مرض سڃاڻي سهجن ساڻ سڃيندو
نازڪ نيڻ ڪيبر ڪيٺي گولي ساڻ گڏيندو
”مصري“ محبت جون ميخون من ۾ جاني جوڙي جڙيندو
وائي
وڃي ويڙهه وٿاڻ ڏوري ڏوٿيئڙن ڪيا
رهن سدائين رڃ ۾ اهڙا ان اهڃاڻ
نڪي پرجهن پاڻ کي نڪي ڄاڻن ڄاڻ
ويهڪون واريءِ وچ ۾ ڀٽن پاسي ڀاڻ
آندي اڏلڙن ۾ لوئيارن لاڏاڻ
نوان اڏيائون نجهرا ريلن راڄ رهاڻ
ڏسي لاهيان ڏکڙا ملي ”مصري“ مارون ساڻ
وائي
ساڙيهه منهنجا سيڻ جن جا پال پٽن تي
ماکئان مٺا ڀانئيان ويڙهيچن ويڻ
صبح ساٺيڪن تي نڪڙا وارين تيڻ
کهه کاٽونبا کنڀيون خاصا سندن کيڻ
”مصري“ مارؤ سامهان نت فت منهنجا نيڻ
وائي
آءٌ ڄٽي اوهان ڄام ڀلو يار ميان
هوت پنهون پنهنجا هٿڙا مَ لاهج
1 ٻيا بلوچي بات جي، مون نه پروڙي مام
2 پائي اوگڻ پاند ۾، لڳينس اوهان جي لام
3 غافل آهيان گدلي، الا، سائينم تنهنجي سام
4 ٻاجهه سٻاجها سپرين، ڪچي ڦولج ڪام
5. ميي مهارون ”مصري“ تي واري وريام |