پير علي گوهر شاهه راشدي
پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ (ولادت 1815ع_وفات 1846ع) پير ڳوٺ جي راشدي خاندان
جو ٽيون پير صاحب پاڳارو هو، وڏو سخي ۽ توڪل جو
صاحب هو. ڪافيءَ جو هڪ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي.
سندس ڪلام فڪر توڙي فن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جو
آهي.
ڪافي
ڪونهي مئيءَ جو وس هاڙهي منهنجو هوت وٺي ويا
ڏير ڏکي کي ڏک ڏيئي ويا اڳ جو هين ڪو عڪس
انگ ازل ۾ اڳي جو لکيا ها ناهي ڪا ميٽڻ جي مس
ڪڍ ڪيچين جي آءُ ڪاهيندس منهنجي ڀنڀور کان بس
”اصغر“ عاشق جي حال جو پِيڙن ڪون ترس
ڪافي
ساهه ۾ ساهيڻو جيءَ ۾ ڀينر ڙي
چوري ٻيا چاڪ چڪن وو، سور پريان جا
دونهان دوست ميهار جا دل ۾ روز دکن ٿا
ڇڙن چوريو چتڙو ٻيلي پلس ٻُرن ٿا
ماٺ ڪيان تان مامرو ڪڇان تان به ڪئرن ٿا
”اصغر“ چوي عشق جا پلپل پور پون ٿا
ڪافي
ڦٽن آءُ ڦٽي ڪين ڇُٽي دوا اچي دوست ڪندو
سوين ويڄ ورسئا ڪانه ڏٺي عشق گهٽي
تنهنجو نور نوراني آهي گهورن آءُ گهٽي
”اصغر“ چوي عشق مئون قربن آءُ ڪُٺي
ڪافي
ڪاٿئون ڳولي لهان جو هينئڙي منهنجي يار سنڀاليو
ازل مون سان ائين ڪيو ڪنهن تي ڏوهه ڏيان
بخت ڀرائن ڀوريءَ جا سندن رؤ رهان
هيءَ حقيقت حال جي ڪاڪيون ڪنهن سان ڪهان
”اصغر“ چوي عشق جا ويٺي سور سهان
ڪافي
رمزان رانول منهنجي روح ۾ اڄ ڪي وري لاتئي نيون
ڦٽڙا درد فراق جا تن ۾ وڌئي وهه جون وٽيون
سي تاءَ ڏاڍي کان تتيون جيئن تيل جو ٽچڪن ٿيون
طوفان نوح جو ويو سڪي اڙيون جهڄڻ کان نه جهڪيون
سي پلئو پسائي ٿيون ٽمن نينن وهائي رت جون نيون
وٽ ٿي ورهه جي ويرهائجي ماهي محب ڏئي ٿو ميون
سي ورهه وارا ٿا وٺن جن عشق جو عيدان ڪيون
ڏک سور سوز فراق جو شوقئون منجهان تنها شيون
پائي پلئو ٿي رسي جي ڏکيءَ ڏاکڙا ويو ڏيون
ڦٽيس فوجن درد جي مان تان وري وهلو ويون
سانگاڙي سهسين ساهه ۾ هادي ويو هٿ سان هنيون
”اصغر“ عاشق عشق جون ڳالهيون چوي ٿو سڀ سنيون
قاصد ڪجان منهنجي يار سان جيڪي چري توکي چيون
حمل فقير
حمل فقير ولد رحيم خان لغاري: (وفات 2- صفر 1296هه) ڳوٺ مير خان لغاري رياست
خيرپور ۾ ڄائو. جتان لڏي سڪرنڊ تعلقي ۾ اچي ويٺو.
لنواري جي بزرگن جو مريد هو. خيرپور جي ميرن ۽ پير
ڳوٺ جي پيرن سان سـٺا تعلقات هئس. هڪ سنجيدو، صلح
پسند ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ مجلس
جو مور هوندو هو. شاعري جي موضوع کي عام فهم، سليس
۽ دلچسپ نموني سان پيش ڪندو هو.
بيت
ڪانگل چئج قريب کي گڏ ويهي گوڏي
راتيان ڏينهان روح ايڏانهين تاڻي تو ڏي
ڪري هوڏ ”حمل“ سان هئي ويٺئو هوڏي
ٿو ٻانهن هلين لوڏي مون کي ماريو سپرين
_____
ڪانگل چئج قريب کي تون عرض ڪري آهون
ڏج روئي تون ڏک مئون دردن جون دانهون
تنهنجي حب ”حمل“ چئي روز ڏسان راهون
ٻاجهه ڀريون ٻانهون اچي مون ڳل ڏي منهنجا پرين
_____
ڪانگل چئج قريب کي نوڙي ساڻ نياز
مون کي عشق اوهان جي اندرئون ڪيو آواز
نه ڪا عبادت اجهي نه ڪا نفل نماز
ڏسي حال ”حمل“ کي تون کڻي نيڻ نواز
تنهنجي محب مجاز پيڃاري جيان پڃيو
_____
جهڙا هئڙا ڪالهه اڄ نه اهڙا سپرين
نا سو کلڻ خوشي جو نا سا چلڻ چال
منهنجي اڄ عيبن جي ڪنهن ڳجهي سڻايان ڳالهه
”حمل“ اهڙي حال مون کئون منهن مٽي ويا
_____
سڪندي ٿيڙم سال تو سڪ نه لاٿي سپرين
اٺئي پهر اندر ۾ آ تنهنجي سڪ سنڀال
اچين هوند ”حمل“ چئي ڪري ڀلائي ڀال
ته ملڪ مڏيون سڀ مال سر سوڌو صدقي ڪريان
_____
ڪيهي ڏوهه ڏمر ٿو مون سان ڪرين منهنجا پرين
تنهنجي باهه برهه جي جا آهي آڳ اندر
ڪڍان هوند ”حمل“ چئي تنهن مئون ٻاڦ ٻهر
ته وڻ ٽڻ شجر شهر ساعت منجهه سڙي وڃن
_____
سڪ مڙوئي سور پر سور به سرجيا سڪ مئون
صبر سڪ وڃائيو ماٺ نه اچي مور
دانهون درد فراق جون ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏور
”حمل“ هي ڪلور جو ساجن سڻيئي ڪين ڪي
_____
آيم اڄ اورڻ ساجن سنهڙيون ڳالهڙيون
اچي ويٺا وت ۾ درد ڪلئي ڪورڻ
سڻندي سک سرير مئون ٿيا مهل تهين مورڻ
گهور ڪيو گهورڻ ”حمل“ سر حبيب تئون
_____
جڏهانڪر جاني مون کي منهن ڏيکاريو
وري وسري ڪين ڪي اها پرينءَ پيشاني
پسي هوت ”حمل“ چئي ٿي هينئڙي حبراني
اها نقش نشاني رهي آهي روح ۾
_____
”حمل“ چئي هن حال جو ويهي ڪيم ويچار
ته دل لڳي دوست جو ڇا ملهه آهي مقدر
ته اندر مان عقل چيو نڪتو هي نروار
وڃي لڳي ته لک هزار ٽٽي نه ٽڪو ئي نه لهي
_____
مخدوم امين محمد
مخدوم امين محمد عرف ”پکن ڌڻي“ ولد مخدوم محمد زمان چوٿون: (ولادت 1254
مطابق 1838ع وفات 1303هه مطابق 1886ع) سنڌ جي
مشهور بزرگ مخدوم نوح هالائيءَ جي اولاد مان هو.
پاڻ هڪ وڏو درويش ۽ بزرگ هو. سندس ڪيترائي مريد ۽
عقيدتمند سنڌ جا وڏا شاعر ٿي گذاريا آهن. جن ۾ سيد
حيدر شاهه اجناڻي، سيد فاضل شاهه ۽ منٺار فقير جا
نالا قابل ذڪر آهن. هو تصوف جي مسئلن جو وڏو شارح
هو.
ڪافي
وڇوڙي جي ويل ڪيچي مون سان قهر ڪري ويا
آيل اوٺيئڙن سان هئا هيڪاندا ٻيل
سج سپريئن ري اُلهي ڪئي اويل
هلڻ ڪارڻ هوت جي دل ڪيڙم ڍيل
پيرين پاهڻ پٻ جا رائو ڀانيان ريل
”امين“ اندر ويا هڻي سڀني اندر سيل
ڪافي
ڇاڳاڌي ڇا ڳِٽڪار ڇا اسان جو ارٽ وهي آڌار تي
1. وهندا روز وڃن ٿا يارو ٻڌائون ڏاند بگو ٻيو ڪارو
پاڻي پاڙڇ ڀرئو نيسارو آئي آنڌيءَ جي وار
ڇا اسين ڪاهي ٻياسين ڪوڏار تي
2. نوان نائڪا ٻنا ٻهاري ٻروڻي ٿي هرهڪ ٻاري
هارين هر هٿ چونيا داري سلن جو سينگار
ڇا اسين ڪوڏيا جوئر جي ڪار تي
3. پنهنجي پوک رسيائون راهي هرهڪ هاري سينو ساهي
ڊڍي چونڪ ڪيئان پيا ڪاهي لڳو واءُ وڻڪار
ڇا اسين موڙين ٻڌڻ جي مار تي
4. آخر ڪي سنگ نسري آيا مٿان مڪڙن مورچا لايا
هيٺان هارين هل مچايا دانهن جا دڌڪار
ڇا سڀ ٿيا سٺن جي سار تي
5. پوک پرت جي ثابت هوندي ڌڪو ڌومو مَور نه کيندي
هر برک کان بازي نيندي پاڻيءَ جا پلتار
ڇا رک نيڻن واري نار تي
ڪافي
تنهنجي نيڻن جادو لايو يار
رمزن رمزون رليون يار
1. اکڙيون تنهنجون ڪجليون ڪاريون ڌاڙي ڪاڻ دلبر ڌاريون
هو گهر اجاڙن ڳليون، يار.
2. دليون دلبر ڪارڻ سڌايون ووڙڻ ويئون وري نه آيون
آو گهٽ نهارن گهٽيون، يار.
3. آکڙيون آيون اکڙين آري وارن ور ور وڌڙا واري
هو جت ڀڳيون تت جهليون، يار.
4. جانب جنگي جادو لايو سر ڏيڻ جو تن ڪيو سعيو
هردم حاضر هليون، يار
5. ”امين محمد“ اکڙيون اڙيون زلف زنجير قلابين ڪڙيون
وهه ڪين ڇٽن سي جهليون، يار
ڪافي
سڄڻن جا ساري سانگ آءٌ ويٺي روز رئان
1. لست بربڪم آواز اهوئي
برهه جي پڙهايم بانگ
2. قالو ابلى جا قول ڪياسين
سا طالب اٿم ڏاڍي تانگهه
3. عاشق ”امين محمد“ برهه آهي باري
نينهن جي کاڌم نانگ |