روحل فقير
روُح الله (روحل ) فقير ولد شاهو خان زنگيجو: (ولادت سنه 34 يا
1733ع وفات 1804ع) پنهنجي زماني جو هڪ اهل دل
درويش ۽ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس اصل ڳوٺ عمر
ڪوٽ جي ڀرسان هڪ ڀٽ تي هو. ڪلهوڙن جي حڪومت ۾
توشاخاني جو ناظر هو. شاهي درٻار ۾ سازشون ڏسي
دنيا تان دل کڄي ويس ۽ نوڪري ڇڏي جهوڪ ميرانپور ۾
وڃي مخدوم عزت الله جو مريد ٿيو. مير سهراب خان
کيس ڪوٽلي جي ڳوٺ ۾ رهايو، جتي ڪجهه وقت رهي
موجوده ڪنڊڙيءَ جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺو. اتي ئي وفات
ڪيائين. روحل فقير وڏو عالم هو. سندس ڪلام ۾ قلب
جي صفائي، اخلاق جي عظمت ۽ حقيقي محبت جي ترجماني
ملي ٿي. سندس تصنيفن مان سنڌي، سرائڪيءَ ۾ بيت ۽
ڪافيون موجود آهن. پاڻ هندي زبان ۾ به شعر چيو اٿس
بيت
جي صحيح سڃاڻي پاڻ اٿئي قيمت سندو قطرو
ڪوري ڪڍ قلوب مان مدائي جو ماڻ
پري نهارڻ پرِکي سندو ڄٽن ڄاڻ
نه ته سائين توسين ساڻ راتيان ڏينهن روحل چوي
_____
پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾ وڏو فرق ڦير
ڪاڏي منهن محبوب جو ڪاڏي اکر اير
ساڻ سهاڻي سچ جي ڇا موافق ٿيندو مير
جن صحيح سڃاتو پير روحل رات نه تن کي
_____
نه مون جن نه ڪن اچي عشق اٿاريو اوچتو
روحل چوي روح ۾ محبت محبوبن
سيئي سڄڻ آئيا تات جنين جي تن
جيءَ جڙ لڳي جن سي سائين ميڙيا سپرين
_____
پنهنجون اکيون پاڻ ۾ جوڙي رکيون جن
سي سوُ ڀيرا ساعت ۾ ٿا پلپل پرين پسن
تن تحصيلون تمام ڪيون محبت جنين جي من
روحل مٿئون تن لٿا حرف حساب جا
_____
نو نشانيون نور جون عاشقن آهين
هڪڙو ويهن واٽن تي ٻيو کائڻ نه کائين
ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان ٿا نميو نوائين
چوٿون ٻڌي ڪنن سان وري نه ورجائين
پنجون پهه پرين سان ٿا پڪو پچائين
ڇهون ڪڇن ڪين ڪي ٿا ناتو نباهين
ستون سڪ سڄڻن جي ٿا لنؤ لنؤ لڳائين
اٺون ڳالهه عجيب جي ٿا واري ورجائين
نائون ننڊ نيڻن کي ٿا جودئون جاڳائين
تڏهن سيبائين روحل روساڻي درٻار ۾
_____
نڪا سڪ سمهڻ ۾ نڪو جاڳڻ ۾ جَس
نڪي خير کلڻ ۾ نڪي روئڻ ۾ رس
ذاتي ذڪر رباني اهو به اوري ڏس
من جو مرشد پس ته روحل ملين روح الله سان
_____
ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾ پسان جان پيهي
نڪو ملڪ نڪا خلق نڪي آ سيئي
اسين ڳوليون جن کي سي پڻ اسيئي
ٻي وائي ويئي روحل هونگ پرينءَ جي هڪڙي
_____
جي ڀانئين جوڳي ٿيان ڇڏ جيئڻ هي جنجال
ڪارڻ قوت قرار جي هٿئون ڏيئن حال
راتيان ڏينهان روح ۾ خام ڳڻين ٿو خيال
اڄ سڀاڻي ڪنڌ تي ڪڙڪي ايندئي ڪال
هي مڏيون هي مال ڪم نه ايندئي ڪڏهين
ڪافي
سڄڻ مون پاڻ پرکيو رهيو اندر روح
رهيو اندر روح سنئيان سنجهه صبوح
اڇو ڪنديس آن جيان تاري مٿان توهه
منهنجو من مٺي پيو ڇڏي کارا کوهه
وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي پريان جي پاٻوهه
سينگارينديس سنگ جان ڏيئي روغن روح
روحل رتو رنگ ۾ ويٺو ڪري وروهه
ڪافي
پوءِ پروڙيم پنڌوو جيجان جوڳيئڙن جو
نڪي ڊاهي هليا نڪي جوڙيائون هنڌ وؤ
نڪي وڄائن مرليون نڪي چوريائون چنگ وؤ
نڪي ڌوتائون ڌوتيون نڪي ڌوتائون لنگ وؤ
نانگا نڪتا ننگ مئون تن نانگن ڪهـڙو ننگ وؤ
لڳو لاهوتين جو روحل توکي رنگ وؤ
ڪافي
سانول تنهنجي سڪ ڏاڍي شهر ڀنڀور ۾
ڳجهيون ڳالهڙيون شهر ڀنڀور جون لوڪئون ڪري لِڪ لِڪ
راتيان ڏينهان روح ۾ چولي ڪيو چِڪ چِڪ
سر ڏئي سرڪي سي پين وٽي ءَ ۾ پِڪ پِڪ
روحل روح الله سان وڃي ٿيو هڪ هڪ
سچل سرمت
حافظ ميان عبدالوهاب عرف سچل سرمست ولد ميان صلاح الدين فاروقي
درازي: (ولادت 1739ع- وفات 1826ع) درازي درويشن ۾
سچل سائين هڪ وڏو ولي ۽ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي.
هو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ فيض وارو فقير هو.
پنهنجي چاچي ۽ مرشد ميان عبدالحق جو خليفو هو ۽
درگاهه جو سارو ڪاروبار سندس ذمي هوندو هو. سنڌي،
سرائڪي، ريختي ۽ فارسي کان سواءِ به ٻين زبانن ۾
سندس گهڻيون ئي تصنيفون موجود آهن. سچل سائين جو
ڪلام رندي ۽ بيباڪي جو آئينو آهي.
بيت
اول گمراهي آهه زباني راهه ۾
تهان پوءِ همراهي آهي، هدايت جي
_____
جي مڃن ٿا آدمي سي نه مڃان مان
”سچو“ آهيان آءُ جو ٻانهو ٻئي جو نه ٿيان
_____
حدين وڃي هرڪو لاحد وڃي پير
”سچو“ سو فقير جو حد لاحد لنگهي وڃي
_____
جهڙو ڀانيم پاڻ کي تهڙو آهيان آءُ
باقي رهيو نانءُ ”سچو“ مون صاحب جو
_____
مون ۾ آهين تون تو ۾ آهيان مان
بجلي بادل سان آهي جيئن سپرين
_____
قوس قزح ڪمان ابرو عجيبن جا
ضرب ظلم جي زور سان اڇلن اَلامان
سل هڻن ٿا سيني ۾ پنبڻين جا پيڪان
نيزا نينهن نشان ”سچل“ سر سهائيا
_____
مور نه محبت کان مڙان هتي اچي هاڻ
ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ ڳئون چاريندس ڳوٺ جون
_____
ڪجا ڪج محراب منهن تي محبوبن جا
ڏنگا ونگا واهه واهه مصحف جا اعراب
سٽون سيپارن جون پڙهڻ ٿيون ثواب
برهه سندا باب ”سچل“ سڀ ختم ڪيا
_____
چالي چشم چٽڪ ماريو محبوبن جي
قاتل فوج حسن جي آئي ڪاهون ڪاهه ڪٽڪ
اچي وڌائون اوچتو سيني سيف سٽڪ
عاشق ٽپي آئيا اٽڪ جي اٽڪ
اچي پيا وچ ۾ ٻٽڪو ڪري ٻٽڪ
جهٽ پٽ ۾ جهٽڪ سر ڏنائون سٽ ۾
_____
ڇٻيلن ڇلا مُو پکيڙيا منهن تي
نيم شبي مهتاب جان منهن ٻرن مشعلا
تاريڪي ۾ تيجارا تِکا تجلا
عاشق اُت اجهلا سر ڏين ٿا سٽ ۾
_____
مُو پکيڙيا منهن تي ڇٻيلن ڇلا
سنبل ڄڻ ڪي سلا صبح ڪڍيا ساجهري
_____
قطرا آب عرق سونهن سڄڻ منهن تي
جرڪن جهلڪن ٿا ائين جيئن پني ماڪ مرڪ
داڻا ڪن درڪ دل ۾ درديلن جي
_____
ابرو ڪنڍ قريب جا وار ڪنڍا ڪارا
اکيون ڪنڍيون عجيب جون ماڻڪ موچارا
محرابي مرغول ڪنڍا پيشاني پارا
مٺا موچارا سدا منهنجا سپرين
_____
ڪوئي خيال نه هوم هيس هيڪاندي مارئي
تان هي قدر پيوم جان جو وڇڙيس ويڙهه کان
_____
جارئون لکيم جو ڪاغذ قريبن ڏي
حقيقت جا حال جي واچڻ ويٺو ڪو
پڙهندي پنو سو تنهن کي آنديون آئيون
_____
مصحف پاڪ چوان منهڙو محبوبن جو
آيتون منجهه عشق جون مطالع ڪيان
قاري اچي ڪو پڙهي هجي هيءَ روان
حرف سڀ سنوان ڏنگو ڏسان ڪونه ڪو
_____
تون به ڄاين وارو آءُ ڀي ڪنهن ڄائي
عمر اچائي تو ناحق نياڻين ساڻ کنئي
_____
ڀينر ڪيئن ڀنو هيءُ جو نامو نينهن جو
خط خمار ڏنو جيڪس پڙهندي پرينءَ کي
_____
اڃا عبارت لکڻ لڳس پرينءَ ڏي
رئندي ڀريون رت اوتڻ ٻيئي اکيون
_____
پني ۾ پيغام لکي مڪائين سڄڻين
سي نه سمجهن عام جي آهن منجهه اشارتين
_____
اُلو هيڙي عشق جو ساٿي سان نيو
کامي پاڻ پيو هو خوني خط پرين جو
_____
مُنجهان ڪيئن لکي ڪتابت قريب ڏي
ساٿي واٽ سکي ٻڌائي نه ٻين کي
_____
ٻهه ٻهه ڪندا آئيا ٻيهر بڪروال
ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان ويا ٽهي مال
آهن ۾ اچي پئي چونگن سندي چال
مندائتي منڊل ڪيا جَرَ اُٺا جال
پلر سان پسي پيا پنهوارن پلال
جهري پيون جهوپيون جهانگيئڙن اجهال
ننگو ڪج نه نڌر کي نماڻن ننگٻال
جن جا ههڙا حال تن پرور پٽ رکيج تون
_____
هڪ وسڻ ٻيو وڄڻ ٽيون لهي پيو سيءُ
جهوري وڌئين جهوپيون ڇن وڌائين ڇيءُ
رنن جو رڻن ۾ والي وسيلو ٿيءُ
حال جنين جو هيءِ تن پرور رک پناهه ۾
زاغ نه ٿي زبون وئون اڏامي اوڏهين
نه ته خاصو پوندئي خون ڳچي پوندئي ڪانگڙا
_____
اڄ پڻ پورپ پار ڏي ڪڪر ڪڪوريا
سارنگ سُر سُرائتا ساجهري سوريا
سرمنڊل ۽ سارنگيون چنگ چڱا چوريا
اُڀ اُتي اوريا طبل تارون تيج سان
_____
اڄ پڻ پورپ پار ڏي ڪڪرن ڪڍيا ڪوڙهه
صبح ويل سويل جو سارنگ لاتي سوڙهه
وڄن واڄا واهه ڪيا مينگهه ٻڌا اڄ موڙ
لوڪان لاٿي لوڙ مولا پنهنجي مهر سان
_____
هڪ جوءِ ٻي جُوءِ ڇڏن ڪين جوان
اهي ڀي انسان جي ننگن تان نثار ٿيا
_____
سوڍا هن سڙيءَ جو لهي وڃ سماءُ
ويرين وڌو وچ ۾ آهي وير وڌاءُ
مون تي لڳندو ڪو نه ڪو پيارا پاڻيءَ پاءُ
هيڪر هيڏي آءُ ته پيرولي پڌر ٿئي
_____
حرف حلال هيڪڙو ٻيا حرف سڀ حرام
عاشقن انجلم اِهو آهي عجيب سان
ڪافي
اديون اُهي اڄ آيا جن ڪاريم الله الله
سيئي گڏيا سپرئين ڏينهن گهڻا جن لايا
ويٺا ويڙهي وچ ۾ جن لاءِ پنڌ پڇايا
ڏينهان راتيان ڏک جا مون ٿي مينهن وسايا
جن جي ڪارڻ جيڏيون ڪوڙ ئين مون ڪانگ اڏيا
هيڏي هوڏي ڏس نه ”سچو“ تون سيني وچ سمايا
ڪافي
مون ۾ عيب اپار سڄڻ تنهنجي ٻانهڙي آهيان
ٻانهن جي آءُ ٻانهي آهيان ساري سڀ ڄمار
هئان هميشہ هوت سان ميان شال نه ٿيان ڌار
اوڇڻ ڪنديس اکيون پٿر ڪنديس وار
ساهه ”سچو“ جو سوگهو ڪيڙئي رکي يارانو يار
ڪافي
مون سان تو ڪيون ڪيون سهڻا اهي ڳالهيون ڳالهيون
سي نه وڃن وسري ڀلوميان، چڱيون اوهان جي چيون چيون
اوهان ٻاجهون اکڙين، نينهن وهايون نيون نيون
لڪون ڪيونسين لوڪ کنئون، پڌر اچي اهي پيون پيون
ڳجهيون سي ڳالهيون يار ”سچو“ کئون، ڪين وسري سي ويون ويون
ڪافي
سانول ڪنهين سانگ سان اڱڻ اسان جي ايندين
اهو اٿئون آسرو بديون تان بخشندين
ڪنهن ڏينهن هن ڏکي ءَ کي دوست دلاسو ڏيندين
پرين نيندين پاڻ سان ڇپر تان نه ڇڏيندين
ٿوري گهڻي ڏينهڙئين گولي سان گڏيندين
پکا پکن سامهون اوري آڻي اڏيندين
سو ڏينهن ٿيندو ڪهڙو ”سچو“ ڪري سڏيندين
ڪافي
پنهنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان
ظاهر ڪريان ذات کي تان هي بت ڀڃايان
منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان
واديءَ ۾ محبت جي ٿو سرگهوري گهمايان
اعليٰ اعظم شان جي نوبت نينهن وڄايان
ظاهر باطن هڪڙو آءُ نان حڪم هلايان
”سچو“ سارو سچ ٿيو هي حڪمت چلايان
ڪافي
محبوب ڳولي ڏس من ۾ الا، من ۾ تون ڏس دل ۾ تون
واهه ڪاريگر بازي بڻائي ”ڪُن فيڪون“ جي ڪن ۾ الا
بيفائدو بازار گهمي ٿو گل ڦل باغ بدن ۾ الا
چوري چوري سير ڪرين ٿو تنهنجو چاهه چمن ۾ الا
”سچل“ سائين صحيح ڪري ڄاتم يار گڏيو ڪک پن ۾ الا
ڪافي
اصل اسان جو آهي ننگ ٻاروچل توتي
ڇڏڻ مناسب ناهي ننگ ٻاروچل توتي
ذرڙو جنهن کي ذوق تنهنجي جو، ڇپر تنهن کي ڇاهي
جاڏي گهمائين تاڏي گهمون ٿا، ڏور وڌي تو ڏاهي
جيهو تيهو يار اوهان جو، ڇڏڻ مناسب ناهي
ٿرن برن ۾ يار ٿڪي کي، رسو ڪوهيارل ڪاهي
ساهه ”سچو“ جو در تنهنجي تي، هڏ نه آسرو لاهي |