سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلاسيڪي شاعري

صفحو :6

بيڪس

فقير محمد محسن بيڪس: (وفات 1882ع) هي روهڙي جي مشهور بزرگ شاعر ”بيدل“ فقير جو فرزند هو. پاڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو روهڙي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان آهي. سندس ڪلام ۾ سوز تمام گهڻو آهي .

 

ڪافي

اباڻن جي اڪير راتيون ڏينهن ٿي رئاري

1. آءُ هت ماندي تن مارن لئي کليو پين هو کير

ساهه سنگهارن ساري

2. قسمت واري ڪوٽ مان ڪڍ تون عمر ڄام امير

ڳاراڻو ٿو ڳاري

3. اباڻن جي آسري لوئي ٿيڙم ليڙ

پت پنهوارن جي پاري

4. ”بيڪس“ وس ناهي ويڙهيچن توڙئون هڻي تقدير

ڪير لکئي کي ٽاري

 

ڪافي

نت نهاريان راهه اديون اباڻن جي

جيئري ويڙهيچن وساريو جا وڻي سا واهه

ٻن عمر جا باغ باغيچا گلزاريون ڪيون گاهه

مارئي ماندي قسمت آندي سانگي ساري ساهه

”بيڪس“ قسمت قلم وهي ويو اهڙي ڪئي الله

 

ڪافي

عشق جهڙو آزار ڪونه ڏٺوسين جڳ ۾

دوا درمل ناهي تن جو جيڪي برهه ڪيا بيمار

ٻئي جهان ٻن ڏنائون هڪ دوست رکيائون درڪار

منصور جهڙي ڪئي مرداني سوريءَ تي هسوار

”بيڪس“ برهئون وچ بازار دي روئي زارون زار

 

ڪافي

ماريس وڇوڙي ور تون جيءَ جا جيارا جلدي

1. شب روز انتطاري ڪَئي برهه بيقراري

لک لک ڪريان ٿي زاري دل جي دوا نه ملندي

2. ماري فراق آهيان ڪو دم جيئري ناهيان

سڱ توسان ڪهڙو ساهيان ٻانهي توسان هلندي

3. ڪوڪان ڪريان پڪاريان ٻاڏايان ٿي ٻاڪاريان

توکي اکڙين منجهه ويهاريان ڪنهن کي نه سور سلندي

4. ”بيڪس“ فقير جون دانهون ٻڌندين الله لڳ آهون

ٻهڳڻ ڏيندين تون ٻانهون ٻيا در پوءِ ڇو رلندي

 

ڪافي

راز  محرم رس مَ يار آءُ ته پرچون پاڻ ۾

1.      ڇو ڪيئي جاني جدائي ڇو ڪيئي مون سان بيوفائي

نام موليٰ جي نهار آءُ ته پرچون پاڻ ۾

2.      حال واقف يار همدم هج هميشہ هم قدم

دم به هڪڙو ٿي نه ڌار آءُ ته پرچون پاڻ ۾

3.      هي رقيبن راهه ماري تن ۾ طلب تنهنجي تاري

اکيون تنهنجو گل انار آءُ ته پرچون پاڻ ۾

4.      ”بيڪس“ بيوس ڇا ڪري جو دمبدم تولئه ٿو مري

توتان صدقي وار وار آءُ ته پرچون پاڻ ۾

 

ڪافي

نصيب پنهنجي ڏانهن ٿي ڀانيان

ناهي مٺل ڪا ميار اوهان تي

 

سورهه وتن ڪيئي سلهاڙيا ناز اڳيان آءُ ڇاهيان

دمدم دلڙي ٿي ديواني ڪنهن کان توکي چوايان

ڦٽ فراتي چاڪ چڪن ٿا ڪنهن کي حال ٻڌايان

”بيڪس“ جيڪودم آءُ جيئندس ڳڻ اوهان جا ويٺي ڳايان

 

ڪافي

 

ڪونهي هوت ٻاجهئون ٻيو اجهو

جَت ڏير ڏيئي ويا مئيءَ کي ڏجهو

 

1. آءُ اوٺي الله لڳ، ڏس  ڏي پنهل ويو ڪهڙي دڳ،

اتي من ڪو سنگتي سچو

2. ڇوٿيون جهليو مون کي اديون، هرڪا ڏسي پنهنجون بديون

ڇو ٿيون اوهين  روح ۾ رجهو

3. ڪوڪان ڪيان ڪيهان گهڻيون، رندن مٿي رئندس رڙيون

لڳو درد دلبر جو ڳجهو

4. ننڊ ندوري لاچار ڪيو، پنهنجي پنهل کان ڌار ٿيو

هاڻي جبل جالڻ ٿيو ججهو

5. ”بيڪس“ چوي هن بحر مئون، ٽٻي ڏيئي ڏس لهر مئون

هاڻي مرڻ منهنجو تو وس ٿيو

 


 

نانڪ يوسف

فقير محمد يوسف ولد مولوي محمد هاشم کوکر عرف نانڪ يوسف: (ولادت 1697ع- وفات 1788ع) اصل شهر جهل بلوچستان جو هو. حق جي تلاش ۾ گهران نڪري درازن  ۾ آيو ۽ سچل سرمست جو مريد ٿيو. مريد ٿيڻ بعد مرشد جي حڪم سان رياست خيرپور جي ڳوٺ اڳڙن جي ڀرسان آستانو اڏي ويٺو. خيرپور جو والي مير علي مير خان سندس معتقد هو. سندس ڪلام سنڌي، سرائيڪي ۽ هندي ۾ آهي؛ بيتن ۽ ڪافين تي ٻڌل آهي. سندس سمورو شعر صوفياڻو آهي.

 

ڪافي

درد حسن ديوان ڪيوسي ڀلا يار، موج انهيءَ مستان ڪيوسي

1 -     مرڪ ڏسي محبوب مٺي جي ڀلا يار،

جان جسم قربان ڪيوسي

2-     مدد علي شاهه مرشد هادي ڀلا يار،

عشق سندو فرمان ڪيوسي

3 -    هي سر سوليءَ تي حاضر ڀلا يار،

نينهن نظر نيشان ڪيوسي

4 -    ”نانڪ يوسف“ يار سدائين ڀلا يار،

سر صحيح سلطان ڪيوسي

 

ڪافي

 

دلبر درد مندن کي دلداريون ته ڏجن

ٻيڙي چاڙهي سپرين، ڇر م نه ڇڏجن

جيها تيها پرين پانهنجا، پير ڀري پڇجن

اڻ لائق سان سپرين، پنهنجا قرب ڪجن

يار ”يوسف“ جون عاجزيون عرض قبول ڪجن


 

ڪافي

آندو عشق الله جيجان جوڳيئڙن جي سرها ٿيڙا ساز

سامين ساز سنوان ڪيا مرليون مست مدام

وڄن طنبورا طلب جا آڳهه منجهئون آڙاهه

ذاتي ذڪر الله سان لا الله الا الله

”نانڪ يوسف“ يار بهارا مرشد نور نگاهه

 

ڪافي

تنهنجي تار تڳا تن ۾ منهنجو ملڪ تون

هندو مومن هر مظهر ۾ صحيح سڃاتو مون

آل اولاد کي عشق اوهان جو تڪيو تو هٿئون

پن ٻوڙين پاتار ۾ پاهڻ تارين تون

حيف تنين ارواحن آهي جيڪي ڀانئن ڏون

”نانڪ يوسف“ يار سچل جا آهن هٿ مٿئون

 

ڪافي

اسان تي الله نبي ٿيندا راضي راضي

ڪوهه ڪندا هڪ ملان ٻيا قاضي قاضي

1. هير ماڻهن کئون مصلحت پڇندي،

ٺاهه کيڙيان تون مول نه ٺهندي

رانجهو دي رمزين نال جو هوندي

عشق بنائي اها بازي بازي

2. عشق عقل جو جهٽ پٽ جهيڙو

هير ڇڏي وئي خير جو ويڙهو

هت هت ٿيندو محمد ميڙو

غوث لڏي ويا غازي غازي

3. عشق پرين جي مچ مچايا

درد سڄڻ جي دونهان دکايا

سور ته پنهنجا ڪين سلن ٿا

اڳيان عشق عقل جي آزي آزي

4. آکي ميان ”يوسف“ وتي ويڳائي

درد سڄڻ جي ڪيس ديواني

لڳو عشق ٿيس مستاني

طلب لڳي اسان نون تازي تازي

 

ڪافي

منهنجا مطلب ٿيڙا ائين ائين، جڏهن وِڌُوُ نگاهه نگاهه ۾

1. اثباتي مون آڻي ڪيڙو، نينهن وٺيون ٿي نيون نيون

عينن سندي آڙاهه ۾

2. لولي لنؤ لنؤ ۾ ڏني هئي، مهرئون مرشد مئين مئين

اُهي سانول سدا منهنجي ساهه ۾

3. لا لنگهي هت محو ٿياسين، جيڏيون ميان جئين جيئن

آيس هلي الله ۾

4. پاڻ ڇڏي هت گم ٿياسين، اتي ”يوسف“ وئين وئين

ديدن سندي درياهه ۾

 

ڪافي

سڻ يار ياري توسان اسان جي زاري

1.      مسڪين هيءَ نماڻي پرتي اوهان آرياڻي

ڄاڻي سو يار نه ڄاڻي پنهنجي وس نه ويچاري

2.      ديوانا درد ڪياسي بيخود خوديءَ کئون ٿيا سي

موتوا قبل مري جيا سي زاري هزار واري

3.      اختيار مون نه ڪوئي اسرار يار تون ئي

ڪنهن کي سڻايان روئي تنهنجي فراق ماري

4.      ”يوسف“ يتيم ياري نانڪ نگاهه واري

ڪئي مرشد سچي سچاري محبن جي مهر ستاري

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org